ڄار
ليکڪ: عبدالقادر جوڻيجو | پڙهڻ جو وقت: 17 منٽ
جڏهن ماڻھوءَ جي زندگي جي جهنگ ۾ جوانيءَ ۽ قوت جا وڏا وڏا وڻ وقت جي هوائن جي سٽن ۾ اچي، پاڙان اُکڙي پٽ اچي جهليندا آهن، تڏهن ماڻھو يا تہ ڇنل کٽ جو پاڳو بڻبو آهي يا چُلھہ جو مارنگ. ڇو تہ وڃائجي ويل گرميءَ جو ساءُ چلھہ ۾ ٻرندڙ باھہ مان ئي ملندو آهي.
کمونءَ بہ پنھنجي قوت ۽ جوانيءَ جا بچيل سڪا پير جي آڱوٺي هيٺ رکي، هٿن جي ترين کي زمين سان چڱيءَ طرح گسائي، پٽ تي پيل داڻا ريڙهي، دٻليءَ ۾ وڌائين ۽ دٻليءَ سان زمين تي ٻہ زورائتا ڌڪ هڻي، ٻہ ٽي ڇمڪا ڪرائي، هٿ مٿي کڻي، ٻانھن کي گهمرو ڏيئي دٻليءَ کي کڻي اونڌو ڪيائين.
زبان مان ’’آ ڇڪو‘‘ جو لفظ نڪتس _ کن پل لاءِ داڻا سندس قسمت وانگر پٽ تي رڙهندا ويا ۽ جڏهن هڪ هنڌ بيٺا تہ تري هيس __ ميدان خالي هو. کمون تِريءَ جي داڻي وانگر ڌڌڙ ۾ گڏيو پيو هو، ڪو وقت تہ گوڏن تي هٿ ڏيئي، هيٺ زمين ڏانھن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ٿڌو شوڪارو ڀري، ڀرئي پڙ کي ائين ڇڏي آيو، جيئن ڪجهہ وقت اڳي کيس جواني ڇڏي ويئي هئي.
پر حياتيءَ جي ليکن ۾ جڏهن ماڻھو هلي هلي ميدانن تان مٽي اچي ڏونگر جي پاڙ جهليندو آهي، تڏهن نہ چاهيندي بہ کيس ڏونگر تي چڙهڻ لاءِ هٿ پير هڻڻا پوندا آهن. حياتيءَ جي پنڌ ۾ ڏونگر تڏهن اڳيان ايندا آهن، جڏهن ڪو کمونءَ جي وهي ۾ پڄندو آهي.
ٻارن جي گهل پويان هيس. جوڻس هئي تہ صفا شڪل ۾ ڪارڙي؛ اهڙي جھڙي پن جي تازي نڪتل پاڙ، جيڪا پاڻيءَ ۾ پئي سڙي ڪاري ٿي ويندي آهي. ان هوندي بہ ٻار ايترا تہ ڄڻيا هئائين، جھڙو گينگهن جو ٽولو. گهر ۾ توڙي ٻاهر ريھو رڙ لڳي پئي هوندي هئي. هڪڙا ملا ٻيون بکون ــ ٻاهر بہ سور اندر بہ سور هجي ڪو يار تہ رٺل پرچي پئي، پر ڪو ڏر رُسي تہ ڪپر پرچائيس ـــ لوھہ جو ٽڪر جو ٿيو .
جڏهن ڪنھن جي ٻانھن جون مشڪون ڦٿڪڻ بند ڪنديون آهن، تڏهن ذهن ڦٿڪڻ لڳندو آهي. هيءَ اٽڪل هو ءَ اٽڪل، هيءُ ڌنڌو ... سو کمونءَ بہ سوچي سوچي وڌو هٿ ڏور ۾ ۽ ٺاهڻ ويٺو ڄار، جنھن ۾ تتر ڦاٿا تہ ڀاڳ بہ ضرور ڦاسندو. چار تتر ڦاٿا تہ بہ چار رپيا تاريخ جا کڙا.کمونءَ چار رپيا کڙا ڪرڻ لاءِ ڄار کڻِي تر جي سيم ۾ ڍري پيو. سيمون بہ تر جي ماڻھن جي قسمت وانگر چئن چڱن ۾ ورهايل هيون. هن لاءِ سولي ۽ ويجهي ۾ ويجهي سيم هئي وڏيري احمد خان جي. سڄي عمر تہ ڏني هئائين وڏري جي ٻنين کي ۽ پيٽ کي. بزگيريون ڪري اچي پوڙهو ٿيو هو. وڏيرو بہ ڪو ويل ڪو نہ هو . دنيا لاڪائنس ڀلي ڇا بہ چوي پر پنھنجي راڄ تي اهڙو هٿ هئس، جو مجال آهي جو ڪو ڀاڙيو ڀتو تر جي ڪنھن غريب غربي جي ڪُک ۾ ڪاٺي هڻي ڪڍي. وڏيري کي پيرن کان اچي باھہ وٺندي هئي ٽانڊن وانگر وات مان اچي نڪرندي هيس، پھرين تہ ڄاڙي هڻي هڻِي کٿ ٿيندو، پوءِ ايندو چئن چڱن تي ــ فيصلا هلندا، کٽون ڀڄنديون (۽ دليون بہ )، وات ٽُڪاڻي ٿيندي هڪڙا رُسي اٿندا تہ ٻيا پٽڪا پلاند ڪري وهاريندا، جنھن جي در تي فيصلو هوندو، انھيءَ جي چانھن کنڊ کُٽندي. انھيءَ سڄيءَ هڻ هڻان ۾ احمد خان ايئن پيو لڳندو ڄڻ ککريون ڦري آيون هجنس. مڙس ڳالھائڻ جو تکر. رُسي بہ سگهو تہ پرچي بہ سگهو ـــ راڄ هلائڻا آهن ڪا چرجي جي بات نہ آهي. ڀلا جي مڙس هڻي هڻي ٿڪا ۽ ڳالھہ پير تي نہ بيٺي تہ پوءِ ٻڌندو سندرو. يا فقير چٽ يا سارنگي چٽ. خير ڇا بہ هجي. پر احمد خان پنھنجي راڄ جي ڪولھيءَ کي مارائڻ ڪو نہ ڏيندو. ڀائي ڪنھن کي ڪا بک ماري وجهي تہ ٻي ڳالھہ آهي چڱ مڙسيءَ ۽ زمينداريءَ جو اهو مطلب ڪونھي تہ ماڻھو اُڇلون ڪري پراوا بُر ڀريندو وتي. ٻي سيم هئي وڏيري جانيءَ جي. اهو مڙس مڙئي کھرو هو. لکن تي مٿو ڌوئڻ وارو، پرائو ڪک بہ نہ سھندو هو. شل نہ ڪو اڙيو ٿڙيو سندس سيم مان مٽي وڃي. ٻيو تہ ٺھيو پرمال ڀٽاري ٻہ پن ڪتريا نہ آهن تہ مال تہ وڃي ڊهڙ ۾ پوي، پر مال جي ڌڻي، ڌڻين جا راڄ اچي ڦاسندا. پيرن هيٺان زمين جي ٽڪر کي تپائي ڇڏيندو. ماڻھو بندوق جي منھن ۾ وڃي تہ ڀلي وڃي، پر جانيءَ خان جي منھن ۾ نہ وڃي . پھرين تہ وجهندو پٽڪي ۾ هٿ ۽ پٽڪي ۾ هوندو دم خم تہ هلندي قانون جي بازي ۽ ڏوڪڙن جو زور اهڙيون ڪڙڪايون ڪري ڪري اٺ ست فصل اهڙا کنيا هئائين جو مڙس آرن مان نڪري ويو هو، هڪڙي بہ نہ پر پوريون ٽي ٽويو ٽآئون جيپون در تي ڀونڀٽ ڪنديون هيس ٽوياٽا جيپ ۽ ڀلو گهوڙو جڏهن ڪچي رستي تي چڙهندا آهن تڏهن سوار کي زندگيءَ جا پڪا رستا ڏيکاري ڇڏيندا آهن. گاڏيءَ جون بريڪون ڀلي کڻي آرڊر ۾ هجن، پر سوار جون بريڪون ڪم ڇڏي ڏينديون آهن. ۽ سوار سلپ ٿيندو رهند وآهي. ڪير چپجي تہ ڇا، ڪنھن جي دل ٽٽي تہ ڇا ــ گاڏي هلندي رهندي آهي.جانيءَ جي مقابلي ۾ احمد خان پوءِ بہ ماڻھنئان ماڻھو هو. ماريندو تہ بہ ڇانءُ ۾ رکندو، جيئري کي تہ اُس ۾ رکڻ جو رواج جتي ڪٿي آهي.
اهو سڄو ڏينھن ــ صبح جي ٿڌين ۽ ميرانجهڙين روشنين کان وٺي شام جي لڙهندڙ پاڇولن تائين، کمون ڏورين ۽ ڌيان جو ڄار وڇائي اوسيئڙو ڪڍندو رهيو . ٺنڍ ٿي، ٻھڙن ۾ اونگڙو ويھي ويھي گوڏن ۽ چيلھہ ۾ اچي سور پيس، پر چار تہ ڇا هڪ رپيو بہ کڙو ٿي نہ سگهيو .
جڏهن گهر موٽيو تہ تترن جي جاءِ تي پاڻ ڳڻتين جي ڄار ۾ ڦاٿل هو. پکين جا پراڻا کوٽاڙا تہ جام هئا، پر احمد خان کي ڪير جهلي! چريءَ جا يار گهڻا، جيڪو گهر مان ٿو رسي، سو بندوق جو ڪاٺ ڪلھي تي رکيو ٽُٽو اچي - ڏي سيم ۾، جھڙي پڻس جي بادشاهي هجي، اصل ٽاڙهيا. پکين کي بہ بندوقن جي باھہ اچي تپائي کنيو، سو ڏٺن تہ ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا، ڀڄ پري، هونئين جو کنڀڙاٽون ڪڍائي ويھي رهون. ماڻھن جي ديڳڙن تان هونئين سدائين ڍڪڻ لٿا پيا آهن رڳو ڪاري لٺ هٿ ۾ ڌٺي نہ اٿن تہ کڻي ڀڙڪو کائيندا، جھڙي بندوق مان گولي ڇٽي نڪتي. ان ڪري تترن بہ احمد خان جو تر ڇڏي وڃي ڏيي مڙس جانيءَ جي سيم وسائي هئي. پنھنجن ڪوٽن مٿان پکي پکڻ هڪلڻ جو ڪم تہ هر ڏاڍو مڙس ڪندو آهي، پر پکين مٿان ماڻھو اڏائڻ جو ڪم وڏيرو جاني ڪندو هو. ڪنھن سڀري سنگتيءَ يا ڍڳ ڪاموري جي ٻي ڳالھہ آهي. رهي لِڪَ ۾ شمار ڪرڻ جي ڳالھہ سو تہ وڏن وڏن جي گهرن کي ائين کاٽ لڳيو وڃن جو ڳالھہ ٿورو بہ ڦاٽ نہ کائيندي آهي . اها تہ ٿي اک جي چوري، پر هت هٿ جي چوري بہ لڪي ويندي آهي. ڀلا ڌڻي سڄو ڏينھن لٺ کڻيو جهنگ جهڙيندو تہ ڪو نہ وتندو. اها سنھي ريڙهي ائين پيئي هلندي آهي . راڄ پاڻ ۾ گڏيا ويٺا آهن – عمر اٿڻو وهڻو آهي ، سو هرو ڀرو ڪو سڀ ليڪا لنگهي، جانيءَ وڏيري وٽ وڃِي چغلي هڻندو تہ ڪو وڏيرو گهران کڻي ڪو نہ ڏيندس. اٽلو اهو مھڻو ملندس، تہ: ’مڙس هئين يا ڪڪڙ حراميءَ کي جهلي ڄنڊن مان مون وٽ وٺي اچينس ها ٿُڪ اٿئي! راڄ ڀاڙيا ڏٺاسين، پر تو جھڙو ردي ڳولھيو ڪو نہ لڀندو. جاني خان جو هاري هئين. ڪنھن لَلوُ پنجوءَ جو نوڪر ڪونہ هئين. ڪارو اٿئي منھن. ڏاڙهيون اچي لڄايون اٿان.‘‘ ــ انھن اکرن کان پوءِ ڀونڊو ڏيڻ يا نہ ڏيڻ جو مدار سامھينءَ ڌُر تي آهي؛ ڇو تہ اڄڪلھہ خلق جو ٿورو ٿورو مٿو بہ ڦريل آهي. هجي ڪو مٿي اگهاڙو، ڪري ڪا بڇڙائي ويھي رهي.
سو انھن ڳالھين جي ڪري ڪير هروڀرو منھن پئي ڪنھن جي چورت ڪو نہ ڪندو هو. ٽڪي جي ڳالھہ لاءِ ماڻھو راڄن ۾ بڇڙو ٿئي. کمون، هونئن تہ احمد خان جو رٽائرڊ هاري هو پر ڀت ڀوت، مرڻي پرڻي ۾ راڄن جي پرائيويٽ پارليامنٽ جو معزز رڪن هو تنھن ڪري ... خير.
اهي سڀ آڳا پيڇا سوچي، کمونءَ جاني خان جي سيم ۾ پير رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي تترن ڦاسڻ جا امڪان گهڻا ۽ سندس پيرن ڦاسڻ جا امڪان گهٽ هئا. ڀلا جي هلندن ڀاڳن ٿيڙ کاڌو تہ ﷲ مالڪ آهي، احمد خان جيئرو ويٺو آهي. وسين لڳي مارڻ ڪو نہ ڏيندو .
وڏيري جانيءَ وٽ ٻني بہ گهڻي آهي، هلندي بہ گهڻي اٿس، پر احمد خان وٽ مڙسيءَ جا ڀل گهڻا آهن. سندس هينئون ڀليءَ ڦٽيءَ وانگر سدائين ٽڙيو بيٺو هوندو هو . ڦٽي جسم جو ڍڪ تہ احمد خان هارين جو ڍڪ هو.
سڄي رات اوندھہ جو وسندڙ مينھن اڪامڻ لڳو هو ۽ روشنين ڀنڀورين وانگر اڏرڻ شروع ڪيو هو. گهرن ۾ چلھين اک پٽڻ شروع ڪئي هئي. وڏي اسر جو جيستائين چانھن جو ڳڙهاڻو ڳارو نصيب نہ ٿئي، تيستائين ماڻھو تہ ڇا، پر ڏينھن بہ اک ڪو نہ پٽي. کمونءَ چانھن جا ٻہ ڪوپ چاڙهي، جڏهن سلڦيءَ کي ڌڪ ڪيو ، تڏهن چيلھہ ۾ ڪجهہ ساروڻي آيس. سلڦيءَ کي انديشن سان گڏ گوڏ جي ور ۾ هڻي، ڄار کي ٽوال ۾ ويڙهي، ڪلھي تي رکي لانڍيءَ مان ٻاهر نڪتو. ٿڌيءَ هوا جي جهوٽن تي ٿڌا ساھہ کنيائين. پري کان وڻن جا دفڪ ڏسڻ ۾ آيس، ڄڻ سندس مسقبل جا اڻ چٽا نشان هجن. آوازن ۾ اڃا ننڊاکا جهوٽا سمايل هئا. سھڻيءَ جي آخري رڙين وانگر ڀڙڀانگ ٿي ويل پراڻ ٽپي، ڪسيءَ جي ڪنڌي اچي ورتائين، جنھن جي آسپاس مورن ۽ ڄارين جا گهاٽا ويڙھہ هئا، ان ڪري پري کان ايندڙ ماڻھوءَ جي نظر گهٽ پئي ٿي سگهي. جهنگ تہ ﷲ سائين جو آهي، پر ڪنھن جي نظر نہ پوي تہ چڱو آهي. ڪھڙي خبر تہ ڪنھن جيءَ دل ۾ ڪا لنڊي ويٺل هجي ۽ جانيءَ وٽ چغلي هڻي ويھي رهي ۽ ڪو مسڪين واٽ ويندي جهڙجي پوي، پوءِ ڀلي پيو وڏيرو احمد خان جهاڙون رکي، زهر الائي ڪٿي وڃي ڇيھہ ڪري لنڊيءَ جو زهر تہ وڌ ۾ وڌ هڪڙي ماڻھوءَ تي چڙهندو آهي، پر چغليءَ جو زهر گهر جي ستن ڀاتين تي چڙهندي دير نہ ڪندو.
ڪسيءَ تان ٽپ ڏيڻ تي هو تہ .....
’’ڪير مڙس آهين؟‘‘ سندس پير سندس ذهن وانگر هڪ هنڌ ڄمي ويا.
’’کمون‘‘
’’وڏي اسر جو ڪٿي ڪاھہ ڪئي اٿئي؟ خير تہ آهي!‘‘ سانوڻ جو ڄاتل سڃاتل آواز سندس نبضن ۾ چڙهي ويو ۽ ٿڌو ساھہ ڀري، دل تان بار لاهي ڇڏيائين.
’’ير تو تہ ذري گهٽ هينئون ڦاڙيو هو.‘‘
’’ڇو ٽوال جي هڙ ۾ چوري کڻيو وڃين ڇا؟‘‘
’’ابا ، ڪھڙيون چوريون. جندڙِيءَ جو ميلو هونئين ٽٽڻ وارو آهي مڙئي ٿيو پيٽ ڀرڻو‘‘.
’’ٽوال ۾ ڇا کنيو اٿئي؟‘‘
’’گهر جي ستن ڀاتين جو نصيب.‘‘ هن ٽوال کولي سانوڻ اڳيان پنھنجيءَ دل وانگر رکي ڇڏيو.
’’چاچا وڏيري جانيءَ جي سم اٿئي، سنڀالي پير کڻج. اصيل جو کاڌل بچي پوندو، پر جانيءَ جو کاڌل ڪو نہ بچندو.‘‘
’’ابا جتي حياتيءَ جا ڌڪ پچايو هلون، اتي وڏيري جو ڌڪ بہ پٺن تي چاڙهي وينداسين .پر تو کي پارت آهي.
تون ڪنھن کي نہ ٻڌائج. پوءِ اسان جو ساجن اسان سان.
’’منھنجون اکيون آن ڪو نہ ڦٿيون هن ، جو هروڀرو وڃي چغلي چائي ڪريان. پر پرائو بزگير آهيان. اسان کي چيل اٿس تہ ڪو سيم ۾ شڪار ڪندو ڏسو تہ جهلي ڏاڙهيءَ مان مون وٽ وٺي اچوس. مورڳو اسان کي مٽي مٿي ۾ وجهرائيندين . اسان تہ ٻنھين پاسي ڦاٿل آهيون. هڪڙي پاسي راڄ، ٻئي پاسي روزيءَ جو سوال.‘‘
’’پر ابا تون چپ رهج.‘‘
’’چپ تہ رهندس، پر ڳالھہ ڦاٽ کاڌو تہ تون مرندين پر اسان کي بہ مارائيندين. جھڙو آهين تھڙو ٽري ٽارو ڪر.‘‘
’’تون بہ ٿو ائين ڪرين!‘‘
’’آءُ ڪو نہ ٿو ڪريان، وڏيري جو هاري ٿو ڪري. منھنجي ابي جي ملڪيت ڪونھي. ڏٺم تہ ڳالھہ ماٺ ماٺوڙيءَ ۾ لڪي ٿي وڃي ٿي تہ واھہ، نہ تہ اسان کي پنھنجو سر بچائڻو پوندو.‘‘
’’خير ....‘‘ کمونءَ ٿڌو شوڪارو ڀريو.
’’وڌيڪ مرضيءَ جو مالڪ. ‘‘ ــــ ۽ مرضيءَ جي مالڪ کمونءَ ڪسيءَ تان ائين ٽپ ڏنو ڄڻ بک جي کاهيءَ تان ٽپ ڏنائين ۽ پرائيءَ سيم ۾ اچي ڍريو، تاريخ جا چار رپيا کڙا ڪرڻ لاءِ.
سيم شاهوڪار هئي، مال جام هو، تاريخ کڙي هئي، پکين جون ٻليون ماڻھن جي آواز کان مٺيون هيون. مڙس لئہ ۾ هو، چئن جي جاءِ تي ڏھہ تتر ڦاسايا هئائين . شام جي لڙهندڙ رنگن ۾ ڄار ويڙهيندي مٿي نگاھہ ڪيائين، رحيمداد ڪمدار مٿائينس بندوق کنيو بيٺو هو. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ پاڻ بہ تتر هو.
* * *
سڄي ڳالھہ ٻڌي، احمد خان ڪو وقت تہ آرام ڪرسيءَ ۾ ائين ڦاٿو ماٺار ۾ پيو هو ڄڻ مينھوڳيءَ جي ڀريل منجهند هجي جيڪا ڦاٽڻ تي هجي. پھرين آهستي آهستي پير ڏڪڻ لڳس، پوءِ ڏڪڻي مٿي چڙهندي ويئي، مٿي چڙهندي ويئي سڄي ڪرسي ڌڏڻ لڳي، ڪرسي ڪانہ هئي آسپاس جا راڄ هئا. اوچتو ڀڙڪو کاڌائين جھڙو ڀريل واھہ ٽٽو.
’’ماڻھو آهن ڪوچڙا! هي بہ چوندا تہ اسين زميندار ٿيا آهيون. روز روز ڏس تہ ڪانہ ڪا کوس ڦٽائي ڪريو ويٺا آهن. اڄ فلاڻي جي اٺ کي ڀيل ڪندي بندوق جي منھن ۾ ڏيئي ڇڏين ، اڄ فلاڻي کي موچڙا مليا. پنھنجي بابي جي بادشاهي ڪريو ويٺا آهن. جيڪو ٿو ور چڙهين تنھن کي پيا سٽين . هي ماڻھو تہ سڀاڻ ڪنھن جي لڄ ۾ هٿ وجهندي ڪو نہ گسندا. کٿي اٿن اچي. ماڻھو بہ تہ ردي آهن. ڏين نہ لٺيون منھن ۾ تہ خبر پوين تہ ڪيترين ويھين سو ٿو ٿئي! پر پڇان ٿو تہ اسان جاني خان جو ڇا بگاڙيو آهي؟ ڀائي ڏيڻي نہ وٺڻي، ماٺ ڪريو پنھنجو مٿو جهليو پيا آهيون، اسين ڇو اچي فاٿا آهيون، کمونءَ تتر ڦاسايا ڪو خون تہ ڪونہ ڪيو اٿس. جيئن ماٺ ڪئيسين تئين مڙس مٿي تي چڙهندا وڃن پڻھن جي بادشاهي آهي! اسان کي گهران ڪو نہ ٿا کارائين، ڪومڙس ڪو نہ گڏيو اٿن.
اسين پيا چئون تہ ٺھيو ٻيلي راڄ آهيون، گڏيا ويٺا آهيون، ڏکيو سکيو ويندو وقت گذري. سنھي ٿلھي ڳالھہ کي اک ۾ ڪو نہ رکبو .پويان اچي اهو تہ ڪونہ چوندا تہ؛ ٻيلي وڏا رڳو وڙهڻ ۾ پورا هئا، پاڙي جو حيا ڪو نہ پين. پر هي همراھہ ڏس تہ مٺ کان مٿي پيا لڻن. ٽپ ڏيو اُڀ تي پيا چڙهن. نواب جا پٽ اچي ٿيا آهن. اڙي جاني توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان . ٻہ پئسا کيسي ۾ ڏٺا اٿئي تہ ڀانئين ٿو تہ ويٺو راڄن جا ڪنڌ مروٽيندس ۽ ڪو پڇندو بہ ڪو نہ.
ڀئي ڪا سنھي ٿلھي ڪنھن کان چڪ ٿي وئي آهي تہ راڄ ويٺا آهن، انھن کان فيصلو ڪرايو. ڏوهيءَ بيڏوهيءَ جي پرک ڪڍو چئن چڱن ۾ منھن مٿي ڪري ڳالھايو . ڪو چور چور جو پٽ هوندو تہ جهلي ڄنڊن مان هڻبس پٽ تي. پر ڪا ڳالھہ راڄن ۾ ٿئي ڪين، نہ پڇڻو نہ ڳاڇڻو، پنھنجي ليکي فيصلا ڪري آلا سڪا باھہ ۾ ڏيڻا ڙي خدا کان ڊڄو خدا کان! پر ڏوھہ بہ ڪو مار ڏيڻ جھڙو هجي تہ مار ڏيو. هلندي انڌي ڪتيءَ سھو جهليو. کک پوڙهي مڙس کي اچي ورتو اٿن، سو هڻي مڙس کي سٽي، رت ۾ ڳاڙهو ڪري، مٽيءَ ۾ بڇڙو ڪري، گڏھہ وانگر ماريو اٿن. اڙي ڪجهہ اڇي ڏاڙهيءَ ڏانھن ڏسين ها! مسڪين کي ماري کيج کٽيون اٿن، ڀائو جي اوهان کي زورآزمائي ڪرڻي آهي تہ ڪنھن پاڻ جھڙي ۾ هٿ وجهو تہ پوءِ مڙسيءَ، نہ مڙسيءَ جون خبرون پون. ڪمدارن ۽ چمچن جي پٽڪي تہ هونئين ڏيڍ فوٽ تي پيئي لامار ڏي، پر تون هيڏو سارو ماڻھو ــــ ڪجهہ کمي کاءِ. ملڪيت جي ڌڍ تي چِپَ نہ ڪر.
پر آءُ چوان ٿو تہ هنن کي همت ڪيئن ٿي ، جو منھنجي ماڻھوءَ جي پٽڪي ۾ هٿ وڌو اٿن. ايتريون هلنديون اسان جون بہ آهن. جهنگ مان اسان کي بہ کڻي ڪو نہ آيا آهن. اهڙا چار ماڻھو اسان کي بہ سڃاڻن ٿا. ڏھہ بندوقون جانيءَ وٽ هونديون تہ پنج اسان جي گهر ۾ بہ نڪري پونديون. پوتيون اوڍيو اسين بہ ڪو نہ هلون.
چيوسين تہ ٻيلي مِٺي بہ ماٺ تہ مُٺي بہ ماٺ. هي پيا ڪندا، اسين پيا سھنداسين. پر هي تہ صفا سڀ ليڪا لنگهي ويا آهن. مورڳو لڏائڻ جي پويان اچي پيا آهن پر اهڙا ڀاڙيا اسين بہ ڪونہ آهيون. اڄ کمونءَ جي پٽڪي ۾ هٿ پيو آهي، سڀاڻِي اسان جي ۾ پوندو. تنھن کان اڳ ۾ ڇو نہ اهڙي ٻوٿ ۾ ڏيون، جو پاڻ تہ ياد ڪن پر پوين کي بہ ڏس ڏئي وڃن تہ ها ٻيلي ڪي مڙس گڏيا هئا. ماٺ ڪري ويٺاسين تہ هڪلي گهرن مان ڪڍندا . هيڪا هيڪي ڪبي. يا اسين پڙ تي هونداسين يا جاني پڙ تي هوندو . احمد خان چوٽ تي پھچندي هيٺ ويٺلن کي چيو، ’’اڙي اوهان سڀني منھن زمين ۾ ڇو هنيو آهي؟‘‘
’’سائين، جيئن چئو تيئن ڪريون‘‘ ڍولڻ وڏيري جي لفظن جي وسندڙ پٿرن جي وچ مان ڪنڌ ڪڍندي چيو.
’’تون هينئر جو هينئر گهوڙو سنج. پھرين وڃ علڻ وارن جي راڄ ۾، پوءِ حاجي خاڪوءَ وٽ. منھنجي پاران چئين تہ هجو مڙس ۽ ڪي ٿورا هجنو ياد تہ، ٻيلي ڪو وڏيري احمد خان سڏ ڏنو هو يا ٻہ پير ڀريا هئائين تہ پوءِ لٺيون ڪھاڙيون، بندوقون کڻي اوطاق ۾ پھچو. جيڪو هٿين خالي آيو تہ مٿي ۾ مٽي وجهندو سان.‘‘
ڍولڻ اٿي هلڻ لڳو .
’’۽ ٻڌ، ٻيو ماڻھو موڪل ٿاڻيِ تي، صوبيدار کي چئہ تہ بيٺي پير مون سان ڳالھائي وڃي؛
ماٺ ڪري ڪري ٿڪاسين. ڪا ڳالھہ آهي!‘‘
احمد خان ڪرسيءَ تي اهلي پيو، ڄڻ پنھنجو سڄو زهر هاري ساڻو ٿي پيو هجي.
وڏيري احمد خان جي اوطاق ڀري پيئي هئي، ڪھاڙي ڪھاڙيءَ سان لٺ لٺ سان، پٽڪو پٽڪي سان ڳنڍيو پيو هو. پٽڪن جي اڇ پئي پيئي. مڙس ڀريا ويٺا هئا، رڳو وڏيري جي ٻن اکرن جي ڇھنڊ جي ضرورت هئي. راڄن سان رهايل هئس. مڙس مڙسن کي ڪم ايندا آهن.
’’ادا ، جيڪو وقت تي ڪنڌ ڪڍائي، انھيءَ جھڙو ذليل وري ٻيو نہ آهي. هيءُ تہ وڏيري جهيڙي لاءِ سڏ ڏنو آهي، پر جي ڪو انھيءَ کان بہ ڪو وڏو ڪم چوندو تہ بہ ڪنڌ ڪو نہ ڪڍائيداسين.‘‘
’’اڄ خبر پوندي تہ مڙس ڪير آهي، ڀاڙيو ڪير !‘‘
’’ادا خبر ڇا پوندي! جنھن ۾ ٻہ ٽڪا پاڻِيءَ جا هوندا، اهو سر کي اڏيءَ تي رکندي دير ڪونہ ڪندو‘‘
”پر ير هڪڙي ڳالھہ آهي!“
’’ڪھڙي؟‘‘
’’چڱي ماڻھوءَ جو ڪم آهي ٻن ڌرين کي پاڻ ۾ ٺاهڻ. چار چڱا وچ ۾ پون تہ ڪو ڳالھہ ايتري واڌ ڪو نہ کائي.‘‘
’’پر اها بہ ڪا سُرت هجي جانيءَ ۾، صفا کت تان کڻيو هلي. احمد خان سھي سھي ٿڪو.‘‘
’’ها، پر جي ٻہ ڏاڙهيون وچ ۾ پون تہ ڪو ڪنھن کي ٽو ٽو ڪو نہ ٿو پوي.‘‘
’’تہ پوءِ وڃي ٺاهين. چڙھہ وڃِي جانيءَ جي ور تہ خبر پوئي.‘‘
’’خير اها تہ ڳالھہ ڪونھي. پھرين سر احمد خان جو، پوءِ ٻيون ڳالھيون پر ...‘‘
’’وڏيرو پيو اچي .... وڏيرو پيو اچي ....‘‘ آوازن جو جهڪو ڀڻڪو چرش جي بوءِ وانگر سڄي اڱڻ ۾ پکڙجي ويو.
احمد خان پستول ڪنڌ ۾ وجهي تکو تکو اوطاق ۾ ڍريو، في الحال تہ وڏيري جي رعب تي هلڪا آواز بہ ڊهي پيا. ايستائين ماٺ لڳي پئيي هئي، جيستائين وڏيرو کٽ تي وڃي نہ ويٺو.
’’وڏيرا، اسين تنھنجي حڪم جي انتظار ۾ ويٺا آهيون، رڳو هڪل ڪر، پوءِ ڏس مئليون.‘‘ هڪڙي همراھہ ڦاٽ کاڌو.
’’بابا، راڄ ڪم نہ ايندو تہ ٻيو ڪير ايندو! راڄن جي ڏڍ تي تہ جنن سان منھن اٽڪايو اٿئون.‘‘
’’سرڪار، پوءِ دير نہ ڪريو.‘‘
’’راڄ ! هاڻ ڳالھہ هيءَ آهي تہ ...‘‘ احمد خان ٿورو گهچرڪو کاڌو؛ ’’لک لک ٿورا اوهان جا، جو سڏ تي هليا آيئو. مون کي هڪل ڪئي هوندان تہ مون بہ ڪنڌ ڪو نہ ڪڍايو هوندو.‘‘ احمد خان ڪنڌ مٿي کڻي ماڻھن ڏانھن نھاريو، ڄڻ پنھنجا ڪيل ٿورا ماڻھن جي اکين ۾ ٿي ڏٺائين. ’’جهيڙي کي منھن ڏيڻ مڙسن جو ڪم. پر هڪڙا ماڻھو اهڙا ٿيندا آهن جيڪي جهيڙو ٽاريندا آهن ــ اهو بہ مڙسيءَ جو ڪم . پر ڪي ماڻھو اهڙا ٿيندا آهن جيڪي ....‘‘ وڏيري ٻيھر ماڻھن ڏانھن نھاريو. ماڻھن جي چھرن تي سوالن جا پاڇولا ٿڙڪي رهيا هئا. ’’ .... ٻيا ماڻھو اهي ٿيندا آهن، جيڪي وساڻل کي ڦوڪون ڏيئي ٻارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. چئن چڱن کي پاڻ ۾ ويڙهائي سِرن جي ڀيل ڪرائيندا آهن. چوندا آهن تہ ’اصيل جو کاڌل بچي پر چغلي ءَ جو کاڌل نہ بچي.‘ مون هن معاملي جي چڱيءَ طرح پڇا ڪئي آهي. هيءَ جنھن ماڻھوءَ جي ڪري ٿي آهي اسان سان، انھيءَ جون ۽ منھنجون خبرون آهن. پورن ڏهن ڪيسن جي منھن ۾ نہ ڏيانس تہ پٽ لڳانس. هتان مڙس ٽٽو آهي سو ويھہ وجهي وڃي جانيءَ کي ٻڌايو اٿس. ڀئي تنھنجو ڪھڙو ڪم پاڙي جي چڱن ماڻھن کي ٿو ويڙهائين.‘‘
’پر سائين... ‘‘ کمونءَ جو ڏڪندڙ آواز.
’’سائينءَ جا ٻچا چپ ڪر، نہ تہ توکي بہ ڪيان سانوڻ جھڙو‘‘
’’سانوڻ!‘‘
’’سانوڻ؟‘‘
’’سانوڻ!‘‘
’’سانوڻ!؟‘‘
کمونءَ کي ائين محسوس ٿيو، چڻ پاڻ ۽ سانوڻ چُلھہ جون ڪاٺيون آهن. ڀت کائڻ واري تہ خلق ٻي آهي.