ڪاري
ليکڪ: ماڻڪ | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ
انجام پاڙڻ لاءِ: وقت ۾ واجهہ وڌل، وقت ڄميل، رڙهي نٿو، ڳجها ٿڌا ساھہ، اتاولو من، اماڙيون اندر ۾، پچي راس ٿيندڙ آس، آسائتيون اکيون، ڊانوان ڊول ڪندڙ مانڌاڻ، اڻ پورا جواب گٿل وراڻيون، منڊيل مئو وقت رڙهي ئي نٿو!
جهرمر تارا، اُڀ ۾ اکيون، اندر ۾ مانڌاڻ، چوڦير اوندھہ جون ڇوليون، لڏندڙ لمندڙ آسائتو من، بک ۾ پاھہ، پوءِ بہ اجهل وکن کي هونش جا ٻيڙا وڌل، متان؛ ٻوريل آس جهوٽي تي ڇڻي پوي.
اوندھہ جون ڇوليون، ٻڏل لوڪ، ٻرٻر ٿڌڪار جي ورکا ۾ دفن ٿيل، آسائتيون اکيون اڀ ۾ کتل، اجهل وکون ٻيڙا ڇڏائيندڙ، اٿل آيل: چوڦير نگاھہ، ساھہ مٺ ۾، پوءِ بہ جوکو پيرن هيٺان لٽاڙيندڙ، وقت تي لانگ ورايل، اٽڪيل ساھہ، اَجهل وکون، يار ڏاهن، رئي جو پٽڪو، مڙداني همٿ وک وک ۾ اندر جي اڌمي جي ڇير تي آجهل وکون پير پير ۾ اوندھہ جو اٿاھہ سمند جهاڳيندڙ من جي اک سان هر گس چلڪندڙ ڪئين ڀيرا لتاڙيل، تنھنڪري ڄاتل سڃاتل اجهل وکون ديري ۾، آس مروٽيل، اٻاڻڪو من، جو، ڪاريءَ وارا ڪک، اڃان نہ آيو!
اوسيڙي ۾ اکيون ڀنل منڌل من. هتي هن هنڌ ڪئين ڀيرا ماڻيل وڃايل وڃائي ماڻيل، ماڻي- وڃايل گهڙين جي سڳنڌ ۾ ٽٻيون، اُڊڪو: اڃان نہ آيو!
هورا – کورا اٽڪيل ساھہ جي.
آوس ايندو.
اٿت من کي
مڄاڻ،
کٽڪو، پر شڪ جو گس نہ انڌو ويساھہ انڌي من وانگر، اجهوڪي پوياڙي جو پھر..
اوندھہ جي اپاتال ۾ اوسيڙي ڀنل نيڻ آسائتا، اُڻ تڻ هورا کورا.
کڙ – کڙ سڪل پن لتڙ هيٺ آيل، اٿاھہ سرهائي هيٺ، اوسيڙي جو عذاب گهٽيل، انگل، ڪوڙو روسامو؛
دير ڪيئي؟
اک لڳي وئي هئي
منھنجي اک نہ لڳي. سومھڻيءَ کان وٺي پئي واجهايم، پرجاءُ، ايلاز، ميٺيون ايلازن جون، ميڙن منٿن سان.
ٽونڪر: شابس ٿئي.
وري نہ ٿيندو،
انجام
ڏاڙهي
رهاڻ، اڻ – کُٽ ڳالھڙيون
ٻوريل آس ڇڻي پئي، متل مانڌاڻ ۾ اٿل، ويرچنڊ کي ڇھڻ لاءِ تڙپڻ لڳي ڌرتي کي ڀوانٽي آئي.
ڄڀن جو اٽڪاءُ:
اچ تہ پڄايون
اچ
ساهي ڪاري ناهي
اٽڪيل ڄڀون، جهاڪا کائيندڙ ساھہ، ڪڇن جي پگهر جي بوءِ ۽ ٻيڙين پيتل ساھہ ۾ بولاٽيون
بس!
ساهي وٺان
وٺ نہ ڏيندي سانءِ
اڊمبر وچان اڀام
وري ساڳي ڪار، هر لوچ سپڻ جي بولاٽي هر بولاٽي، سپڻ جو ڏنگ، هر ڏنگ اُڊيڙيندڙ ساھہ، بولاٽي جي هر لوڏ، حياتي جي جوت جلائيندڙ، تارن جي اک ٻوٽ، جهرمر تارا، اوندھہ جي ساگر ۾ ڇوليون، ڇوليون ڊهندڙ ٺھندڙ، اڻ– کُٽ سلسلو ڇولين جو.
ڪپ کي رسڻ لاءِ آتيون، لانگ، لانگ تي، وقت تي لانگ ورايل، وقت بيٺل، ڌرتي بيٺل، ديرو بيٺل، سڀ ڪجهہ وڃايل، اوجهل، پاڻ بہ.
اُڊڙيل ساھہ پولار ۾ ٿيڙ کائيندڙ، وير چنڊ کي ڇھي واپس ورندڙ، ۽ پوءِ ٺاپر.چو ڦير سانت، ساڻي ڌرتي، ساڻو ديرو، هلڪي ٿڌڙي هير، ساڻن لڱن کي ڪتڪائي ڪندڙ اُڊڙيل ساهن کي سنواريندڙ.
ڪا مھل ائين...
موڪلايون
وري انجام
سڀاڻ هن ويل؟
نہ..
پر هينءَ
روز روز نہ کڙڪ نہ پوي
هتي؟
ڀلي
نہ ڪينچي واري پل تي
پر
چنچلتا:
چهءُ
اک نہ لڳي وڃئي
دٻيل ٽھڪڙو، ڀاڪر، ساڻيون مٺيون، ننڊا کڙيون.
موڪلاڻي:
وک، وک ۾، دہڪو دل جو، جوکو پيرن هيٺان لتاڙيل، پر وقت جي لانگ ورايل، اڊڪي ساڻ: ڪا مھل نہ، ڪنھن جھڙي، هوشائتيون وکون، تن ۾ ٻيڙا وڌل، سجاڳ من جا سانتيڪا چوڪس حواس، وک، وک ۾ نہ وچڙي.
سڀ سک.
پوءِ: ماڻيل گهڙين جي اولڙن تي اڏيل، سامائيل سپنا.
ٻور جهليندڙ، جهوٽن لاءِ آسائتا ڇڻجڻ لاءِ.
وقت ۾ واجهہ وڌل، وقت ڄميل، رڙهي نٿو، ڳجها ٿڌا ساھہ. اتاولو من، اماڙيون اندر ۾، پچي راس ٿيندڙ آس، آسائتيون اکيون، ڊانون ڊول ڪندڙ مانڌاڻ...
منڊيل مئو وقت رڙهي ئي نٿو!
جهرمر تارا، اڀ ۾ اکيون، اندر ۾ مانڌاڻ، چوڦير اوندھہ جون ڇوليون، لڏندر لمندڙ آسائتو من، بک ۾ پاھہ، پوءِ بہ اجهل وکن کي هونش جا ٻيڙا وڌل، متان: ٻوريل آس جهوٽي تي ڇڻي پوي.
اوندھہ جون ڇوليون، ٻڌل لوڪ، ٻرٻر ٿڌڪار جي ورکا ۾، دفن ٿيل، آسائتيون اکيون اڀ ۾ کتل، اَجهل وکون ٻيڙا ڇڏائيندڙ، اٿل آيل: چوڦير نگاھہ، مٺ ۾ ساھہ، پوءِ بہ جوکو پيرن هيٺان لتاڙجندڙ، وقت تي لانگ ورايل، وقت پيرن هيٺان اٽڪيل ساھہ، اجهل وکون، يار ڏانھن، رئي جو پٽڪو، مڙداني همٿ، وک، وک ۾، اندر جي اڌمي جي ڇير تي اجهل وکون، پير، پير ۾.
اوندھہ جو اٿاھہ سمنڊ جهاڳندڙ، من جي اک سان هر گس چلڪندڙ ڪئين ڀيرا لتاڙيل، تنھنڪري ڄاتل سڃاتل...
يار اڳ، اوسيڙو ڪندڙ.
اوتجي آيل ڀوڳ جو خيال من ۾:
مڙدانو آواز ٺاهي؛
متان ويو آهين!
سراپيل همراھہ، ٽٻيءَ ۾ پيل، پوءِ، امالڪ ڀاڄ
دٻيل ٽھڪڙن جي ڦوهار، ٻانھن کان جهلي، ڀاڪر ۾ پڪڙ، گيدي آهين،
بلي، تون هئين،
”ڪيڏانھن پئي ڀڳين؟“
”مون سمجهيو..،
”تو سمجهيو اجهو ڌڻي اچي پڳا“
”نہ، تڏهن بہ هوشيار تہ رهجي!“
ڏاهپ جا ٻول؛
”ڊڄين ٿو؟“
“نہ جاني تڏهن بہ کٽڪو تہ ...“
ٽٻي ۾ پيل:
”جي اهڙي مھل اچي..“
اونھي کوھہ مان جهيڻو آواز.
”سر لڳي!“
”پڪو انجام!“
”مڙساڻي ڏاڙهي!“
”پُٺي نہ ڏيندين؟“
” اهو لعنتي ٿئي.“
وريل ويساھہ، اڻ مئي خوشي ۾ اوتيل، پاٻوھہ جا گل پکڙيل ڳلن تي، ڳچي ٻانھن جو هار چمين جي ورکا.
اَڊمبر ۾ ڀريل، لوچ کائيندڙ آواز:
”جاني-“
ڄڀن جو اٽڪاءُ، ٻوريل آس ڇڻيل، متل مانڌاڻ ۾ اُٿل، وير جي چنڊ کي ڇھڻ لاءِ تڙپ، ڌرتيءَ کي ڀنواٽي، اٽڪيل ڄڀون، جهاڪا کائيندڙ ساھہ، ڪڇن جي پگهر جي بوءِ ۽ ٻيڙين پيتل ساھہ ۾ بولاٽيون.
وٺ نہ ڏيندي سانءِ.....
اَڊمپر مان اڀام.
هر لوچ سپڻ جي بولاٽي، هر بولاٽي سپڻ جو ڏنگ، هر ڏنگ اُڊيڙيندڙ ساھہ، بولاٽي جي هر لوڏ، حياتي جي جوت جلائيندڙ، تارن جي اک ٻوٽ، جهرمر تارا، اوندھہ جي ساگر ۾ ڇوليون، ڊهندڙ – ٺھندڙ اڻ – کُٽ سلسلو ڇولين جو، ڪپ کي رسڻ لاءِ آتيون آتيون ڇوليون. لانگ لانگ تي، وقت تي لانگ ورايل، بيٺل وقت پيرن هيٺان چيپاٽيل، ڌرتي بيٺل، سڀ ڪجهہ وڃايل، اوجهل، پاڻ بہ پاڻ کان.
اُڊڙيل ساھہ پولار ۾ ٿيڙ کائيندڙ، ويرون چنڊ کي ڇھي واپس ورندڙ ٿڪل، ساڻيون، جو زوم سان ڪريل، ۽ پوءِ ٺاپر. سانت، ساڻي ڌرتي، ساڻو واھہ، هلڪي ٿڌڙي هير ساڻن لڱن کي ڪتڪائي ڪندڙ، اُڊڙيل ساهن کي سنواريندڙ، ماڻيل گهڙين جي ڇولين جي هندوري ۾ ٿڦڪيون کائيندڙ لڱ.ڪنھن سمي امالڪ ڪن وڄيا.
ڌت هڻي پيل. جهليل ساھہ وس ۾ ڪيل.
جائي بہ، ٻہ پاڇولا اڳتي وڌندڙ.
سرٻاٽ ۾: پيو هج، نہ اٿجانءِ.کيڪار ٿي:
”متان ويا آهيون.“
اوندھہ جي ماٺي سمنڊ ۾ ڀينڊ پئي.
هوڪار:
”متان –“
مڙس ٽپ ڏئي اٿيل گولي.
”وڃئي ٿو جهل ڪجانءِ“
هيئين ۾ چگهہ، اکين آڏو اوندھہ، اکين جي هيريل روشني انڌي ٿيل، هڪ پاڇو ڀڄندڙ.
يار جي ڀاڄ جي وک وک، گهوٻاٽو، هنياءَ تي ڦھڪو ٿي لڳندڙ.
ڪوماٽيل ذهن، ڪوماٽيل حواس، سر تي آئي، منھن ڏبو، ڪوماٽيل ذهن ۾ سوچ جو ترورو، پاڻ سنڀاليل: ”حيف اٿس“
”نہ وئي آهين رن“
پولار ۾ بولاٽيون کائيندڙ آواز کي سڃاڻڻ لاءِ:
ادو؟
امالڪ چوٽيءَ ۾ هٿ، سٽ: کريل رن، ڪتي ڪيڏانھن ڀڳئي يار؟
اوسان خطا. ڪُڇي جھڙي ڀت.
يار جو لفظ بت بڻيل لڱن تي ڇنڊو ئي لڳل، تتل، ٻڙڪا ڏيندڙ پاڻي جو ڇنڊو: روح ۾ ڦلڪڻو ٿيل.
”آ – اچي ٿو–“
چمڪاٽ، وڄ ڪريل ڪنڌ لڙيل، ڌڪ مٿان ڌڪ، بت ڌرتي تي زپڪو ڪري ڪريل، ڳڙڪايل ڪيڪراٽ، رات جي اونداهين سانتيڪي سمنڊ جي پيٽ اندر، ۽ پوءِ ساڳي سانت.
ٻئي ڏينھن، سج اڀرئي راڄ ڏٺل؛ واھہ ۾ لڙهندڙ لاش سڃاڻپ وڃايل، چيائون ”ڪاري!“
۽ پوءِ سڀ پنھنجي ڪرت سان لڳل.