App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

۽ منھنجو من

ليکڪ: بيدل مسرور | پڙهڻ جو وقت: 28 منٽ

تنگ ٿي نيٺ هو گهران نڪتو آهي.
واچ ۾ وقت ڏسي ٿو. گهر مان نڪرڻ کان اڳ بہ هن وقت ڏٺو هو. کيس آفيس کڻي وڃڻ واري گاڏي بہ اڄ الائي ڇو دير ڪئي آهي. گهٽي مان هلندي هو سوچي ٿو. ”روڊ وٺي وڃان. نہ وچان ٿو وڃان. وچان نہ ٿو وڃان- گاڏي روڊ وٺيو ايندي آهي، گهٽي مان نڪري هو پڪي رستي تي نڪري آيو آهي، سندس گاڏي بہ هيڏانھن نہ هوڏانھن اچڻ واري هوندي، هو بيھي ٿو، فيصلو ڪرڻ ٿو چاهي.
”گهڙي کن آرام مس ٿو ڪريان تہ ٻار اچي ٿا ننڊ ڦٽائن، مٿان نوڪري تي پھچڻ جي تڪڙ روزانو سورنھن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ کانپوءِ رات جون ٻہ گهڙيون بہ آرام نٿو ملي. دير سان گهر ۾ پير پائڻ سان مومل جي ننڊ خراب ٿي ٿئي. در کولڻ لاءِ گهنٽي ٻڌندي ئي بگڙيل منھن سان اچي ٿي در کولي، عام استعمال ۾ نہ ايندڙ لفظن جو استعمال اڻوڻندڙ لھجو. آجيان ۾ نيٺ ملي ڇا ٿو؟ ڪينٽين جي ماني بہ ان آسري تي نہ کائجي تہ گهر وڃي مومل جي هٿن جي پڪل کاڌي مان چشڪو وٺجي، پر ان جي ابتڙ، ٿڌا چانور، ٿڌي دال،ٿڌا تريل پٽاٽا، گرھہ گرھہ تي پاڻي جو ڍڪ، جنھن جو بہ بندوبست پاڻ کي ئي ڪرڻو پوي ۽ ڪڏهن تہ ماني کان ئي جواب در کولڻ واري تڪليف ئي الائي ڪيئن ٿي ڪري روز ٻہ ٽي بيھودا اکر چئي وڃي هنڌ ۾ ڪرندي جي ڪجهہ چئبس تہ اڌ رات جو گهرمٿي تي کڻندي، چوندي:
سارو ڏينھن تہ تنھنجي گهر جو ڪم ٿي ڪريان. تنھنجي ٻارن کي ٿي سنڀاليان، جيتوڻيڪ ڄڻيا پاڻ اٿس. سڪ بہ پاڻ کي هئس.
سارو ڏينھن ٿي هڄان تہ بہ گهڙي کن چيلھہ سڌي ڪرڻ تي مانڌاڻ ٿو مچائين، جيتوڻيڪ مانڌاڻ پاڻ مچائيندي آهي.
مان توکان ٿي پڇان تہ تون جو سارو ڏينھن آفيس ۾ ڄنگهہ ڄنگهہ تي چاڙهيو ويٺو هوندو آهين تہ لکڻ کان سواءِ ڪندو ڇاهين، اڪ ڪارا ڪري ٿو اچين، مون کي ڄڻ خبر ئي ڪانھي، مان پڇان ٿي تہ اها اڌ رات تائين ڪھڙي آفيس کليل هوندي آهي؟
حالانڪ کيس هزار ڀيرا ٻڌائي ۽ سمجهائي چڪو آهيان تہ مومل، پنھنجي کاتي ۾مون کي ٽيبل جو نہ، ذهني ۽ جسماني ولوڙ جو ڪم ڪرڻو پوندو آهي، ڪڏهن جي دير بہ ٿئي ٿي تہ ان جو معاوضو پگهار کان علاوہ ملي ٿو، جيڪو بہ نيٺ گهرجي ئي تہ ڪم اچي ٿو. پر منھنجي مومل کي ڳالھہ ڪٿي ٿي سمجهہ ۾ اچي. جي ڪاوڙ سرس هونديس تہ صبح جي بدران ان وقت ئي منھنجي غير ذميدارين جي لسٽ هٿ ۾ ڏيندي.
ننڍڙي کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻو آهي.
بيبي کي سئي هڻائڻي آهي.
گهر جو فلاڻو فلاڻو سيڌو آڻڻو آهي.
اڄ گاسليٽ کپي ويو آهي.
ڪالھہ صابڻ بہ ڪونہ هو.
ٻہ درجا ڇا پڙهايا مانس، منھنجو دماغ ئي خراب ڪري ڇڏيو اٿس، هاڻي تہ زباني ڪاروائي سان گڏ ڪاغذي ڪاروائي بہ شروع ٿي وئي آهي، ڪجهہ غير ذميدار تہ مان بہ آهيان، جا غير ذميداري مان ڄاڻي واڻي نہ ٿو ڪريان پر جتي ملازمت ڪريان ٿو، اتي جو ڪم ئي اهڙو آهي جو مھيني ماس ئي ڪا سوير واندڪائي ٿيندي آهي، نہ تہ خير،
ڪا گاڏي سندس اڳيان گهٽي ۾ لنگهي وئي آهي، هيڏي ساري مصروف شھر ۾ پنھنجي باري ۾ سوچڻ بہ ڪيڏي نہ ڏکي ڳالھہ آهي، الائي ڪھڙي گاڏي هئي؟ اسان جي آفيس جي نہ هوندي، هجي ها تہ مون کي ڏسي ها – ڪو هارن ڏئي ها– مان مڃان ٿو تہ ٻارن جي صحت تي بہ پورو ڌيان نٿو ڏيان پر سيڌو تہ آڻيان ٿو. هڪ ڏينھن اڳ ۾ مومل بہ گاسليٽ لاءِ ٻڌائي تہ جيڪر نيرن تي گهٽ ۾ گهٽ چانھہ ئي تہ ملي پويم، پر ٻڌائيندي ان وقت جنھن وقت رات جا ٻارنھن ٿيندا هوندا يا جڏهن مان چانھہ گهرندس، بک ۾ نوڪري تي وڃڻ بہ ڪيڏو نہ اهم مسئلو آهي، ۽ اڄ ساڳيو مسئلو مون سان لاڳو آهي - ۽ ان کان وڏو مسئلو آهي ڪپڙن جو، جيڪي ڪالھہ صابڻ نہ هئڻ سب ميرائي رهجي ويا. ڪابہ ملازمت ڪرڻ لاءِ ظاهري ڏيک رکڻو ٿو پوي پر هي مومل ڪٿي ٿي سھي. دراصل هن جو بہ ڏوھہ ڪونھي، سڄي غلطي منھنجي آهي. مھيني جي پگهار تي هڪ ئي وقت سڀ ڪجهہ آڻي رکجي تہ جيڪر روز جي پٽڪي کان بچي پئجي. صلاح تہ واھہ جي آهي، بس آئيندي ائين ئي ڪبو. تہ ڇا ائين ڪري بہ سگهندس يا هر مھيني جيان ٿورو سيڌو آڻي ٿڪجي پوندس. نہ، هن ڀيري پڪ سان سڄو سيڌو آڻبو، پر هيءَ روز جي سئي – اُف – ٻار هئڻ بہ آهي مصيبت. منھنجي خيال ۾ تہ شادي ڪجي ئي نہ، نہ شادي ڪجي نہ ايڏا جنجل ٿي پون.
ها، تہ آئندي شادي نہ ڪندس ٻي شادي ڪرڻ لاءِ سوچيندس بہ نہ.
ٻي شادي وري ڪيئن ڪندس؟ افورڊ ڪٿان ڪندس؟ رکندو مانس ڪٿي؟ هڪ منجهان ئي ڦاٿو آهيان کيس ڪڍي بہ تہ نٿو سگهان نہ! پر ويندي ڪيڏانھن؟ مائٽ ئي مري ويا اٿس. پر مان ڇو سڄي ڄمار ايڏو بار ساڻ کنيو هلان.
مون کي زال نہ گهرجي. پڙهيل لکيل سمجهدار بہ نہ، اصل زال گهرجي ئي نہ. مون کي ٻارن جي ضرورت ناهي.
مان اڪيلو ٺيڪ آهيان. گهٽ ۾ گهٽ رات جون ٻہ گهڙيون تہ سڪون سان سمھي سگهندس.
هو هلي ٿو، هلي رستو ڇڏي وچان ميدان مان هلڻ لڳي ٿو، سندس من ۾ اٿل پٿل جاري آهي-
”مان چينج ڇو ٿو چاهيان؟“
هرڪو ماڻھو چينج ٿو چاهي.
مان ڪھڙي تبديلي آڻيان؟ ڪيئن آڻيان؟ ڇا ڪريان؟
سڄو سارو مجبور آهيان، مجبورين ۾ جڪڙيل آهيان، سر اپا مجبوري آهيان. گهر هلائڻو آهي – مجبوري آهي.
جيڪي ڪمائڻو آهي – گهر ۾ خرچ ڪرڻو آهي – مجبوري.
سوسائٽي ۾ موو نٿو ڪري سگهجي، جو پئسو ناهي.
دوست ناهن، دوست آهن پر دوستڙيون ناهن، پر دوست بہ آهن تہ ڪھڙا آهن، انھن کي ڇا دوست چئبو جيڪي پاڻ تہ هر هفتي سنڊي نائيٽ ملھائن ۽ مون کي صلاح بہ نہ هڻن. ٺيڪ آهي، صلاح نٿا هڻن تہ پاڻ کي وري ضرورت ڪھڙي آهي. ضرورت ڇو نہ آهي – پاڻ وٽ بہ پئسا هجن تہ جيڪر هفتي جي هڪ رات تہ مومل جي جيءَ جلائڻ واري رويي کان جان آزاد ٿي پوي ۽ ڪنھن خوبصورت ڀريل بدن جي سرهاڻ ۽ سندس ساهن جو واس وٺجي، ڪو ولائتي شراب پيئجي.
اهي اجايا خيال مون کي نہ ڪرڻ گهرجن. خيال ئي تہ ڪيان ٿو – ڪھڙو عمل پيو ڪريان. پر جي ڪري بہ ورتم تہ ڇا ٿي پوندو.
ايندڙ پھرين تاريخ جاني واڪر ريڊليبل وٺبو، نہ بلئڪ لئبل وٺبو، هت تہ ڏاڍو مھانگو آهي، ٻاهران گهرائبو پنھنجي پراڻي واقفڪار جھازن تي هوسٽيس آهي، پر آڻي ڪڏهن نہ ڏيندي، الٽو دنيا جهان جون پابنديون مون تي ئي مڙهيندي. پاڻ پنھنجي پر ۾ ڇا فارورڊ نہ هوندي؟ ڇو نہ هوندي، مسافرن کي ڇا شراب هٿن سان نہ پيئاريندي هوندي يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪنھن سان ڪمپني نہ ڏيندي هوندي؟ ڇو نہ ڏيندي هوندي. مڙئي، سڄي جهل پل رڳو مون لاءِ اٿس – چوندي: توکي نہ شراب پيئڻو آهي نہ ئي سگريٽ ڇڪيندو ڪر. نيٺ ڇو، اها سڄي پابندي مون تي ئي ڇو؟ مان هن جو ڇا لڳان! پر مان انھن معمولي مسئلن تي ايترو پريشان ڇو ٿو ٿيان، نٿو ٿيان بس.
مان هر ٻار سان انھن حالتن ۾ ٺيڪ آهيان، شادي شدہ آهيان ۽ ڇوڪريون لفٽ ڏين ٿيون ڪنوارن کي . تہ ڇا مان ڏسڻ ۾ ڪنوارو نٿو لڳان. ڪنوارن کي ڇا هوندو آهي جو ڪنوارا لڳندا آهن؟ چال ۾ فرق هوندن، ڪيئن هلندا هوندا؟
هو پنھنجي هلڻ تي غور ڪري ٿو، ڪنوارن ڇوڪرن جيان هلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هلي ڪو نہ ٿو، سمجهي ٿو تہ هلان ٿو-
پويان هلڪڙو ٽھڪڙو سندس ڪنن تي پيو آهي – هو پوئتي ڏسڻ چاهي ٿو، پر هو ڏسي نٿو.
” آواز ڇوڪرين جو آهي، پاڙي جون ڇوڪريون هونديون، مرد جو مڙي ڇوڪرين کي ڏسڻ ڪيڏو نہ خراب لڳندوآهي – سو بہ پاڙي جي ڇوڪرين کي جيڪي پاڙي جي مردن سان عشق ڪرڻ لاءِ ڪڏهن بہ تيار نہ ٿينديون. ڇو؟ ڇو تہ سندن ماءُ پيءُ کي خبر پوندي. سندن پاڙي وارن کي خبر پوندي ۽ ڇو تہ پاڙي وارا بہ انھن وانگر غريب هوندا آهن، جن وٽ نہ گاڏي هوندي آهي نہ ڏيڻ لاءِ رقم. گاڏي ۽ رقم وارا پاڻ ٻين جي پاڙي جون عورتون آڻيندا آهن، ۽ اهڙي طرح پاڙي وارن جي رد بدل ٿيندي رهندي آهي، حالانڪ عورتن توڙي ڇوڪرين کي پھرين پاڙي وارن مردن ۽ ڇوڪرن سان عشق ڪرڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ رقم تہ پاڙي جو پاڙي ۾ رهندي. ۽ هونئن بہ پھرين محلي وارن جو حق هئڻ گهرجي. پر هاءِ بدنامي- بدنامي بہ کڻجي تہ ڪنھن شينھن ڪلھي تہ هججي، ڪُتو بہ کائجي ڪُک بہ نہ ڀرجي. ٻن ڏجي اهڙي عشق کي پر مون مومل سان ڪھڙو عشق ڪري شادي ڪئي آهي، جو بک ٿي ماري، خدا جي مار پويس.“
هن جو ڌيان وري ڇوڪرين ڏانھن ٿو ڦري اچي.
” آهن ڪير؟“ پاڻ کان پڇي ٿو.
”الائي ڪير آهن.“ پاڻ کي جواب ڏئي ٿو.
”پاڙي ۾ بہ الائي ڪير ڪير ٿا رهن“
هڪڙو تہ فلاڻو ٿو رهي، نالو بہ ڇا اٿس، مومل ٻڌائيندي آهي تہ کيس ڇھہ ڌيئر آهن، مون تہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺيون آهن، پر هي مومل وڏي واڪي چوندي آهي؛ اهي ڇھہ ڇوڪريون پرائيويٽ ٿيون هلن. سڀئي منھن ڪارو ٿيون ڪرائن، تہ مون کي بہ ضرور ڏٺو هوندائون. مون اڳي تہ ڌيان نہ ڏنو آهي، سڀاڻي گاڏي ۾ چڙهندي ان جاءِ جي درين ڏانھن تڪيندس ضرور ڪانہ ڪا ڇوڪري مون کي روز گاڏي ۾ چڙهندي ڏسي مستقبل جا پائيدار خواب جوڙي ويٺي هوندي، پر هاڻي تہ شايد تنگ بہ ٿي وئي هوندي، ڪير ٿو ڪنھن جو ايڏو انتظار ڪري، سو بہ مون شادي شدہ جو، بھر حال سڀاڻي ڏسبو تہ ضرور. متان ان جاءِ تي ڪا ٻي ڇوڪري بيھندي هجي؟
ڇوڪريون پاڻ ۾ ڳالھائن ٿيون.
”ڇا ٿيون ڳالھائن؟“ هو پاڻ کان پڇي ٿو ۽ منھن کي ٿورو کاٻي پاسي ڪري ٿو وري سڌو ڪري ٿو.
ائين ڪرڻ سان هڪ تہ هو سمجهي وينديون تہ مان منجهن دلچسپي ٿو وٺان ۽ جنھن جو ڪو بہ سٺو ڦل نڪرڻو ناهي. ان ڪري، تہ مان سندن محلي ۾ ٿو رهان شايد منھنجي محلي جون ناهن. منھنجو پاڙو ٻن اڳين ۽ هڪ پويان واري جاءِ ۽ هڪ پاساري جي دوڪان کان سواءِ آهي ڇا. پڪ سان آهن تہ ڪالوني جون پر آهن الائي ڪھڙي پاسي جون. ڪير بہ آهن، ڪٿان جون آهن، تنھن ۾ پنھنجو ڇا. ڪيتري بہ ڪوشش ڪريان، ڇوڪريون مون سان ڪڏهن بہ عشق فرمائڻ جي زحمت نہ ڪنديون – شادي شدہ جو ليبل ڪھڙي ڇوڪري پسند ڪندي، ڪا بنھہ پنھنجي ويجهي مائٽياڻي بہ نہ – ڀل کڻي ان اڻڄاڻائي وار عمر ۾ ڪي سھڻا سپنا آڻيا هجن.
پر هو ڳالھائن ڇا ٿيون؟
منھنجي متعلق ٿيون ڳالھائن منھنجي متعلق ڪھڙي موضوع تي ٿيون ڳالھائين؟
اهو ئي تہ چوندي هوندي: شادي شدہ آهي.
ٻي چوندي هوندي: پاڙي جو آهي.
پر ڇا مان پويان سڃاڻپ ۾ اچان ٿو تہ سندن محليدار آهيان؟ ڇا هنن مون کي اڳي ڪڏهن ڏٺو آهي؟ ڏٺو هوندائون. هنن جو ڏنل هجان ها تہ جيڪر منھنجي پويان ائين آهستي آهستي نہ اچن ها. مون سان ڳالھائن تہ نہ ها، تڪڙيون وکون کڻي منھنجي اڳيان لنگهي وڃن ها. اهو تاثر ڏيڻ لاءِ تہ هو ڪنھن ساهيڙي ڏانھن دواخاني، اسڪول، ڪاليج يا... الائي ڪيڏانھن بہ! ڪنھن تمام ضروري ۽ تڪڙي ڪم سان وڃي رهيون آهن سو، مون کي پڪ آهي تہ هنن مون کي نہ سڃاتو آهي، پر مان ساڻن پنھنجي سڃاڻپ ڪيئن ڪرايان؟
ٿورو آهستي ٿو هلان. ڏسان تہ آهن ڪير؟
ڪير بہ هونديون منھنجون سڃاتل نہ هونديون مان جن کي سڃاڻان، سي هن وقت آفيس ۾ ڪم ڪنديون هونديون، ڪم نہ ڪنديون هونديون تہ پھچي ضرور ويون هونديون. مس جميله کي تہ سندس ڀاءُ پنھنجي گاڏي تي پھچائي ويندو آهي. باقي سونيه اچي وئي هوندي انھن کي بہ ايترو ئي سڃاڻان، هيلو مس جميله – هيلو ميڊم سونيه ۽ وڌ ۾ وڌ چانھہ اچڻ وقت، موٽ ۾ انڪار ۽ مرڪ، چپن ۾ الائي ڇا چونديون آهن. ولائتي ٻوليون ڳالھائينديون آهن – مون کي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي آهي نہ تہ جيڪر مان بہ ڳالھايان، جميله ۽سونيه ڏاڍيون سھڻيون آهن. مائٽ مومل سان شادي نہ ڪرائن ها تہ جيڪر جميله کي شاديءَ جي درخواست ڪيان ها. پاڻ بہ ڪمائي ها، مان بہ ڪمايان ها، گهر جي ڪم لاءِ نوڪر رکون ها، ٻار ٿين ها تہ آيا رکون ها – پوءِ تہ پاڻ ڪار بہ وٺون ها! پنھنجي گاڏي بہ بادشاهي آهي.
هلندي هو آهستي ٿيو آهي پر ڇوڪريون اڃا ڪجهہ پوئتي آهن، هو پنھنجو پاڻ کي بدقسمت ٿو سمجهي ۽ ان ڪيفيت کي مٽائڻ بہ چاهي ٿو. هو هلندي هلندي – هنن جو اڳيان وڌي اچڻ لاءِ سخت بيچيني سان انتظار ٿو ڪري، سندس قدمن ۾ بيقراري آهي، جنھن کي هو سختي سان محسوس ٿو ڪري، ۽ سمجهي ٿو منھنجي ائين هڪدم ڍري ٿي هلڻ کي هنن خراب تہ نہ سمجهيو هوندو. خراب سمجهيو هوندو تہ ڪيتري قدر سمجهيو هوندو؟ ان خراب سمجهڻ ۾ هنن اهوئي سمجهيو هوندو تہ هن مرد جي، نہ مان اڃان ڇوڪرو آهيان، تہ سمجهنديون، هن ڇوڪري جي، جوان ڇوڪري جي نيت ۾ ڦير آهي، ۽ منھنجي نيت واقعي ڦري تہ آهي، سنئين سڌي ڳالھہ آهي. هنن کي ڏسڻ جي خواهش اُڀري آهي.
”هڪ خواهش پوري ٿيڻ سان ٻي خواهش ڪر موڙي اٿندي آهي، پر اڳ ۾ هڪڙي خواهش پوري ٿئي“
هو آهستي هلي ٿو، پويان ايندڙ ڇوڪريون بيھي رهن ٿون.
پويان رڪشو، رود تان وڃي رهيو آهي، جنھن جي ويجهي اچڻ جو انتظار ٿيون ڪن! رڪشي واري کي بيھارڻ لاءِ هٿ ڊگهيرن ٿيون. رڪشو بيھي نٿو. لنگهي ٿو وڃي اڳيان. ساڳيو رڪشو سندس اڳيان وڃڻ لڳو آهي . هو رڪشي ۾ ويٺل ٻن ٿلھين عورتن جي پوئين ٿولھہ ۽ ماس جي وڪڙن کي گهوري ڏسي ٿو: مار ڇا تہ زالون آهن، پويان ماس تہ اٿن! ضرور ايترو اڳيان بہ هوندن. ٿلھيون عورتون - مڙس لاءِ ڪيڏي وڏي ٽرئجڊي آهن – خاص ڪري انھن مردن لاءِ جيڪي بانس جي لڪڙي وانگر سنھڙا هوندا آهن ۽ گهڻو ڪري اهڙن متضاد حيثيت جي زال مڙس ۾ پيار بہ ڏاڍو هوندو آهي، الائي ڇو؟ ڪنھن بہ سبب جي مون کي ذاتي ڪا ڄاڻ ڪانھي.
ٻيو رڪشو اچي ٿو. خالي آهي، هو تہ کيس بيھارڻ نٿو چاهي.
”ڇا چونديون ڪپڙا ڪيڏا نہ سھڻا پيا اٿس، پنڌ ٿو وڃي.“
رڪشو لنگهي ٿو وڃي. هو منھن ورائي پوئتي ڏسي ٿو، ۽ ڏسندو ئي رهي ٿو. ڏسڻ جو سٺو وجهہ وڃائڻ نٿو چاهي، ان ڪري جو هو پٺي ڏيو بيٺون آهن - ۽ سندن اکين اڳيان خالي رڪشو وڃي رهيو آهي. چپ بيٺيون آهن، ڪو خاص مسئلو ٿي پيو اٿن؟ پرس وسري ويو اٿن! رڪشو نہ بيٺو اٿن! ڪٿي پوئتي وڃڻ جي وائي تہ نہ ٿيون وارين؟ تہ پوءِ هڪ هنڌ ڇو بيٺيون آهن؟ اڳتي ڇو نہ ٿيون اچن؟ وڃڻو ڪيڏانھن اٿن؟
گهران ڇو نڪتيون آهن، ڪٿي تي نيٺ وڃڻو اٿن، ڪپڙا بہ ٺاهوڪا پيا اٿن. پويان جسماني بناوٽ بہ وڻندڙ اٿن.
ڪٿي نوڪري تي نٿيون وڃن؟ جي نوڪري تي ٿيون وڃن تہ منھنجي گهر جي سامھون يا پويان واري گهر جون ڇوڪريون ناهن. انھن ويجهن گهرن جي عورتن کي مون اکين سان نہ ڏٺو آهي پر مومل جي واتان سڀني جو ڀرپور تعارف ٿيل آهي ۽ ان ڪري مون کي خبر آهي تہ اسان جي ڀر وارن گهرن جي ڪا بہ ڇوڪري نوڪري ڪانہ ڪندي آهي. جيڪر پاڙي ۾ بہ ڪا نوڪري ڪرڻ واري ڇوڪري هجي ها! ڪڏهن شام جو منھنجي يا هن جي- اڱڻ ۾ ڪرسيون ڪڍي چانھہ جو ڪپ ڪپ پيئجي ها – پر هيءَ مومل ڇا مون کي ائين ڪنھن عورت سان ويھڻ ڏئي ها – نيور نيور، ماري وجهي ها.
ماءُ ڌي بہ ناهن. ٿي بہ سگهي ٿو ماءُ ڌي هجن – ڇو تہ اڄڪلھہ انھن جي جسماني بيھڪ ۾ ڪو بہ خاص فرق نٿو ٿئي. ڀينرون ٿي سگهن ٿون. جي ڀينرون آهن تہ ضرور ڪن مائٽن ۾ وينديون هونديون، يا دواخاني وينديون هونديون، ڀينرون گڏ بازار بہ تہ وينديون آهن! ۽ جي ساهيڙيون آهن تہ پوءِ-
هو اندر ئي اندر خوش ٿئي ٿو. ۽ جلد ئي مايوس ٿي وڃي ٿو.
”ساهيڙيون ناهن – ڇو تہ ايترو سوير ڪيئن مليون آهن. ٻنھي جا گهر بہ ضرور جدا جدا هوندا ۽ ٿورو گهڻو فاصلو بہ هوندن سندن گهرن ۾ پر اڄڪلھہ تہ ساهيڙيون پنھنجي ساهيڙين وٽ وڃي رات گذارين ٿيون. هاڻي مائٽ ساهيڙين جي معاملي ۾ ڪجهہ فراخدال ٿيا آهن- پوءِ ڀل ساهيڙيءَ جو ڀاءُ جوان ڇو نہ هجي. ڪانفيڊنس جي ڳالھہ آهي ۽ ان ڪانفيڊنس تحت ئي تہ ڳالھہ ٻولھہ اڳتي چوري سگهبي آهي. مثال اسپتال تائين معاملو پھچي تہ، ساهيڙي جو ڀاءُ ڊاڪٽر کي چوندو، سر مان افورڊ نٿو ڪري سگهان ۽ هونئن بہ مان يا منھنجي زال ٻار ڄڻڻ پسند نٿا ڪريون، پئسو ڏنو ٻرو ڇنو، اعتماد، اعتماد ئي رهيو. عزت بہ بچي آئي ۽ جي ڳالھہ ٺھي آئي تہ ڀلا ڇوڪريءَ کي ساهيڙي جي گهر کان وڌيڪ ڪھڙو گهر پيارو هوندو.
پيار ڪرڻ لاءِ محفوظ جاءِ ساهيڙي جو گهر ئي آهي.
دواخاني ڏانھن وڃڻ جو بھانو بہ سٺو آهي.
اسان وٽ پابندي تہ آهي. پابندي کان ڇوٽڪارو- بھانو. ۽ اهڙا ڪيئي بھانا هن وقت جي؛ منھنجو مطلب آهي تہ هن دؤر جي وڏي ايجاد آهن. مان پنھنجي زال سان بھانو ڇو نہ ٿو ڪريان؟
مون کي بہ ڪو نہ ڪو بھانو ڪرڻ گهرجي.
سڀاڻي کان مان بہ مومل سان بھانا ڪندس.
بھانا جو ڪندس تہ ڪرڻو ڇا اٿم؟ جنھن لاءِ بھانا ڪندس. خير وقت آيو تہ ڏٺو ويندو. اڙي! هي تہ پاڻ ۾ کلن پيون جھڙا ڪبوتر ڳٽ ڳٽ پيا ڪن.
هو مڙن ٿيون ۽ هن ڏانھن منھن ڪن ٿيون، هو هڪدم سڌو ٿئي ٿو ۽ هلڻ لڳي ٿو. ان ڊپ کان تہ ” متان هو، منھنجي بيھڻ کي خراب نہ سمجهن عزت وارو ماڻھو آهيان- کل لڪائي هلندو آهيان. مان پنھنجي نظر ۾ عزت ڀريو آهيان ٻين جي نظرن ۾ حالانڪہ بيوقوف، ڇسو ۽ واهيات بہ آهيان، ها، ڪجهہ ماڻھن جي نظرن ۾ تہ ائين هئڻ بہ گهرجي، نظر نظر جي ڳالھہ آهي، هر ڪو تہ هڪ جيترو عقل ڪو نہ ٿو رکي، ائين ئي تہ عقل جي ننڍ وڏائي جي خبر پوي ٿي. حالانڪ جيڪو ٻئي کي بيوقوف سمجهندو آهي، ان کي اڳيون اڳ ۾ ئي بيوقوف سمجهندو هوندو. ٻين جي نظر ۾ کڻي ڇا بہ هجان، ڪيئن بہ آهيان پاڻ تائين آهيان، جيئن آهيان سٺو آهيان، مان پنھنجو پاڻ کي وڻندو آهيان هونئن بہ دنيا جا گهڻا سھڻا ۽ سٺا ماڻھو خود ثنا ضرور ٿيندا آهن ۽ پنھنجو پاڻ کي بہ ڀائيندا آهن، ڇوڪريون اچن ٿيون هو مڙي کين ڏسڻ نٿو چاهي، ڍري رفتار سان هلي ٿو، پينٽ ڏانھن ڏسي ٿو، آهستي آهستي هلڻ لاءِ جواز ٿو ڳولي، هروڀرو پينٽ کي ڇنڊڻ لاءِ بيھي ٿو. جهڪي ٿو ۽ هٿ سان گوڏي وٽ پينٽ کي صاف ڪري ٿو، جا اڳ ۾ ئي صاف آهي. ٿوري خراب آهي، سا تہ پويان آهي جو گهر پھچي رات هن جڏهن ڪرسي تي ويھي بوٽ پئي لاٿو چمپل ڳولھڻ لاءِ اٿڻ وقت زال چيو هوس؛ انڌو هئين ڇا؟
ڇو؟
ڪرسي تي ائين ئي ويھي رهين!
تہ ڪيئن ويھان ها؟
ڇا ڏسان ها.
پويان پينٽ جا افعال ڏس.
هن جو هٿ پويان وڌي ويو هو. موٽ ۾ سندس هٿ تي ننڍڙي جو ڪاڪوس لڳل هو، سور پي ويو – وڃي هٿ ڌوتائين ۽ گوڏ ٻڌي پينٽ کي ڌوتو هئائين.
هن جو هٿ پويان پينٽ تي ڦري ٿو، ۽ ساڳيون هٿ نڪ ڏانھن اچي ٿو.
”بوءِ تہ ڪانھيس – ٺيڪ آهي ڀلا ڇا ڪجي. ٻيو سڀ ڪجهہ ميرو هجي تہ اٺ ڏينھن پاتل پينٽ ئي غنيمت آهي.
سندس هٿ پنھنجي حالت ۾ آيو آهي. هو محسوس ڪري ٿو تہ ڇوڪريون کيس ڏسي رهيون آهن، ۽ ڇوڪريون بہ ان وقت ئي پاڻ ۾ کلن ٿيون. کجن ٿيون. گهٽيل ٽھڪن جو آواز هو پنھنجي راتوڪي صورتحال ڏانھن ٿو منسوب ڪري.
”مون تي ٿيون کلن. منھنجو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ٿيون کلن،
هو پاڻ سنڀالي ٿو. هو مڙي کين ڏسڻ نٿو چاهي.
”مڙي کين ڏسڻ سان ان گهٽيل ٽھڪ جو سنئون سڌو نشان پاڻ کي ڀائنڻ گهرجي، ۽ جي مان پاڻ ڏانھن ئي ٿو سمجهان تہ ڇو نہ ان کي ڪنفرم ڪريان ، ڏسان؟ نہ ڏسان. مردن جو شان ناهي عورتن کي مڙي مڙي ڏسڻ، هو پنھنجي منھن کلي ٿو. هن کي مرد جي شان واري ڳالھہ تي کل ٿي اچي، جھڙو مرد جي اجائي شان ڪرڻ تي کيس کل ايندي هجي، پر هن جي منھن تي مرڪ ناهي.
سوچي ٿو:
”مرد عورت کي نہ ڏسندو تہ ڪنھن کي ڏسندو، هي اجائي پابندي ڇا جي آهي؟ جڏهن تہ ٻئي هڪ ٻئي لاءِ پيدا ڪيا ويا آهن – پر اها ڳالھہ منھنجي سوچڻ جي تہ ڪانھي – هونئن بہ منھنجو ان مسئلي سان ڪھڙو واسطو؟ پابندي هجي نہ هجي- منھنجي تہ شادي ٿيل آهي. پر ڇا شادي شدہ مرد، عورتن جي پويان ناهن؟
عورتون بہ شادي شدہ مردن جي پويان آهن.
۽ جي ٻئي شادي شدہ آهن تہ جسماني چئنج نہ ٿا چاهين يا نہ ٿا ڪن؟
سڀ ڪجهہ ٿئي ٿو ۽ سڀ ڪجهہ ٿيندو آهي، رڳو سموريون پابنديون مون لاءِ آهن – مان اهي پابنديون ٽوڙڻ ٿو چاهيان – مون کي بہ چينج گهرجي، مان بہ هن روٽين لائيف مان تنگ ٿيو آهيان. اڌ رات تائين ڪم، ٿڪ اڌورو آرام، ٻارن جو پٽڪو، مومل جو بڇڙو منھن نہ ڳالھائڻ ۾ مٺي نہ جسم ۾ سٺي، نہ ئي ...... مون کي جميله سان شادي ڪرڻ گهربي هئي. هاڻي بہ وقت ويو ڪونھي، جي سريت ٿي رهي تہ موج ٿي ويندي، پر چوندو مانس ڪيئن؟
ڳالھائيندي ڪانھي مون سان. وڏائي اٿس، پر ٻين سان تہ کلي ڳالھائيندي آهي – شايد ٻين کي ڪنوارو سمجهندي هوندي.
مون کي بہ هاڻ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
ڪري بہ سگهندس الائي نہ.
ڪوشش تہ ڪريان ڪم ٺھيو تہ ٺيڪ نہ تہ بہ ادا اهڙو تہ آهيان.
ڇوڪريون هن جي ويجهو اچي پھتيون آهن. ڇوڪريون سندس کاٻي پاسي آهن، هو رستن ڏانھن ڏسي ٿو - ۽ اعتماد سان پاڻ کي چوي ٿو:
”مان رستي جي ساڄي پاسي پيو هلان ۽ هي ڇوڪريون رستي جي کاٻي پاسي کان ئي اينديون، اوچتو سندس من ۾ خواهش اڀري ٿي، کاٻي پاسي کان وڏي گندي نالي کي ڏسي ٿو. ”جيڪر اوچتو ڪٿان ڳوري ٽرڪ اچي نڪري ۽ ڇوريون ڊوڙنديون منھنجي طرف هليون اچن.پر نہ، ٽرڪ نہ اچي. ان جي اچڻ سان هنن ۽ منھنجي وچ ۾ ٺھيل فاصلو خراب ٿي پوندو، اڳتي پوئتي ٿي سگهي ٿو.
رڪشو اچي ٿو. هو من ئي من ۾ وري شڪي ٿئي ٿو ۽ ان سان گڏ هلڪي پريشاني بہ ٿئيس ٿي:
”جي رڪشي ۾ چڙهي ويون تہ پوءِ معاملو اڌ ۾ ئي رهجي ويندو. اڄوڪو ڏينھن جيڪر آفيس نہ وڃجي. ھھڙي موسم ۾ وڃي ڪا بھاري ڪجي- پر ڪٿي ڪجي؟ جاءِ ئي ڪانھي – کيسي ۾ ڏوڪڙ بہ تہ ڪيھن.
شرم کي مٽائڻ لاءِ هو واچ ۾ ڏسي ٿو ۽ منھن ۾ بيزاري جو تاثر ٺاهي ٿو، واقعي اڄ سندس گاڏي دير ڪئي آهي.
رڪشو ڇوڪرين لاءِ ڍرو ٿئي ٿو، پر ڇوڪريون رڪشي کان هاڻي گهڻو پري آهن، کيس روڪين بہ ڪين ٿيون.
”کين ڪاڏي وڃڻو آهي؟ هي رڪشو لنگهيو آهي پر ڪو نہ روڪيو اٿائون. ڪٿي منھنجي باري ۾ بہ اهو ئي نہ سوچينديون هجن! ڪٿي هو مون سان تہ هلڻ نہ ٿيون چاهين؟
هو ان خيال تي خوش ٿئي ٿو: ڪيتريون ڇوڪريون پئسي لاءِ نہ، جنسي بک مٽائڻ لاءِ مفت ۾ ڪمپني ڏين ٿيون.
هو وقت ڏسي ٿو: مار پندرهن منٽ ٿي ويا آهن – پر هن گاڏي جو ڪو منھن مٿو ئي ڪونھي. هن وقت جي گاڏي اچي وڃي ها ۽ ڇوڪرين جي روبرو مون کي کڻڻ لاءِ بيھي ها تہ جيڪر ڪيڏو نہ سٺو ٿئي ها – ٻي خواهش سا بہ پوري نہ ٿيڻ جهڙي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهائي تہ خواهش پوري ٿئي.
نيٺ ڀلا ڪھڙي خواهش ڪريان جا هاڻي ئي پوري ٿئي؟
نوڪري تي وڃڻو اٿم.
گهران خوار ٿي نڪتو آهيان نيرن بہ ڪانہ ڪئي اٿم، ويجهو ڪو هوٽل بہ ڪونھي جو رڳو چانھہ ئي پيئجي. پر جي هجي بہ ها تہ هنن ڇوڪرين جي اڳيان ڪيئن هوٽل ۾ گهڙان ها. ڇا چون ها! سال ۾ هڪ مھينو ٿو اچي تہ بہ روزو نٿو رکي.
بک تہ هونئين ئي ڪڍان ٿو تہ پوءِ روزو ڇو نہ رکي ڇڏيان.
هن کي بک جو چڪ پوي ٿو.
” سارو ڏينھن ھھڙي بک ۾ ڪيئن ڪاٽي سگهبو؟
ڇوڪريون هن جي کاٻي طرف هلڻ لڳيون آهن، هو منھن پاسيرو ڪري بہ کين نٿو ڏسي – حالانڪ سندس من ڏاڍو ٿوڪڍي.
” هو مون کي ڏسنديون هونديون منھنجي سھڻي سلم شخصيت کي دل ئي دل ۾ پسند ڪنديون هونديون.
منھنجي شخصي حيثيت کي منھنجي کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي پسند ڪندا آهن، منھنجي رنگين ڊريسن کي پسند ڪندا آهن.
هاڻي هنن ڇوڪرين ڏانھن بہ ڏسڻ گهرجي، ڏسان تہ هنن وٽ مون لاءِ ڪھڙا ريمارڪس آهن،
هو اکيون ٽيڏيون ڪري کين ڏسي ٿو – جنھن سان هو صحيح طور تي کين ڏسي نٿو سگهي. پويان هيون تہ بہ ڏسي نہ سگهيس ۽ جڏهن ساڻ ساڻ ٿيون هلن تہ بہ نٿو ڏسي سگهان، ڪيڏو نہ بدقسمت آهيان مان. بدقسمتي منھنجو تيسين پيڇو نہ ڇڏيندي جيسين مان پاڻ ائگريسو نہ ٿيندس.
مون کي ائگريسو ٿيڻ گهرجي.
هو منھن ڦيري کين ڏسي ٿو.
”تمام سٺيون صورتون آهن. هلڪو ميڪ اپ بہ ٿيل اٿن، هٿن ۾ ننڍڙا پرس بہ اٿن. باءِ دي وي مون کي پڇڻ گهرجي. اخلاقن ئي کانئن پڇڻ گهرجي. اف يو ڊونٽ مائينڊ.. پر نہ اهو هر ڪنھن جو ذاتي مسئلو آهي، ڪيڏانھن بہ وڃن، تنھن ۾ منھنجو ڇا؟ مون کي تہ خار رڳو مومل تي آهي جنھن کي پورو هلڻ بہ نہ ايندو آهي، ڏس تہ ڪيئن نہ ٽلنديون ٿيون هلن. ڪن مومل، اتفاق سان ڪڏهن گڏ هلندي تہ سڀ رستي وارا پيا ڏسندس، ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ مون کي هن جو هلڻ نہ وڻندو هجي. مرد توڙي عورتن کي پنھنجن زالن توڙي مڙسن جي ڀيٽ ۾ ٻين جو سڀڪجهہ وڻندو آهي، تڏهن تہ پاڻ اڪيلو هججي يا زال سان، پر ٻئي مرد سان ويندڙ عورت کي ٽيڏي اک سان ڏسي ضرور وٺندو. ڇوڪريون مرڪي ڇو ڪونہ ٿيون ڏسن. ڪجهہ تہ سوسائٽي مئنرس هئڻ گهرجن. ٿورو تہ وش ڪرڻ هنن جو بہ فرض آهي.
هو پنھنجي منھن تي مرڪ آڻي ٿو، کين وش ڪري ٿو. ڇوڪرين جو منھن هن ڏانھن نہ - پر سامھون ايندڙ ڪار ڏانھن آهي. هنن جا منھن خوشي کان ٻھڪي اٿيا آهن.
”پنھنجي ڪنوينس سان ڪيڏا نہ وڏا مسئلا حل ٿيو پون. جھڙي مھل چاهجي – جتي بہ وڃڻ چاهجي هليو وڃجي ۽ هي آفيس جي گاڏي توبہان- سڄي لئي ئي وڃائي ڇڏي اٿائين.
رستي تان ايندڙ ڪار سامھون اچڻ بدران ٻي رستي تي مڙي وڃي ٿي، ڇوڪرين جو منھن لھي ٿو وڃي ۽ سندن رفتار ۾ ٿوري تيزي اچي وڃي ٿي. سامھون بس اسٽاپ آهي. ماڻھن جي رش لڳي پئي آهي، بسون بيٺيون آهن. اومني، مني ٽيڪسي، ويگن، رڪشا سڀ موجود آهن، سھڻن ۽ رنگين ڪپڙن ۾ عورتون، ڇوڪريون ، مرد ۽ ڇوڪرا بہ بيٺا
آهن. لھن پيا، چڙهن بہ پيا.
ڇوڪريون تڪڙو بس اسٽاپ جي هڪ پاسي اچي بيٺيون آهن.
هو بہ هلندو اچي، ٻئي طرف تي بيٺو آهي.
ڇوڪريون کيس بار بار ڏسن ٿيون، هن کي هنن جو ائين بار بار ڏسڻ ڏاڍو ٿو وڻي. ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي کي بہ ڏسي وٺن ٿا. ڇوڪريون ڪجهہ وڌيڪ کلمک ٿيون لڳن. ۽ هو پنھنجي گاڏيءَ جي دير ڪرڻ کي پنھنجي گهٽتائي ٿو سمجهي. بدقسمتي ٿو سمجهي:
” گڏ وٺي تہ وڃي نٿو سگهان. کين اهو تہ ڏيکاري سگهان ٿو تہ مون کي آفيس جي گاڏي کڻڻ ايندي آهي – جنھن ۾ مان ڪيڏي نہ ٺاٺ سان ويھندو آهيان. پر هن گاڏي اڄ نيٺ دير ڇو ڪئي آهي. اڄ جو ھھڙو موقعو ڪيئن هٿن مان پيو وڃي. مان واقعي بدقسمت آهيان.
هو وقت ڏسي ٿو. هن جي وقت ڏسڻ سان گڏو گڏ ڇوڪريون بہ وقت ٿيون ڏسن، ۽ ڪنڌ جي هلڪي اشاري سان کانئس پڇن ٿيون.
”مون کان نہ ٿيون پڇن. هڪڙي ٻيءَ کان پڇندي هوندي. ڀلا جڏهن پاڻ وٽ واچ اٿن تہ مون کان ڇو پڇنديون. پر هو وقت ڇو ٿيون ڏسن؟ شايد کين بہ ڪا آفيس جي گاڏي کڻڻ ايندي، شل ائين نہ هجي. جي ائين ٿي پوي تہ جيڪر- سٺو نہ ٿئي.
هن جا وار ٿورا بگڙجي ويا آهن، هو وارن کي هٿ سان سيٽ ڪري ٿو. ڇوڪريون بہ پنھنجي وارن کي سيٽ ڪن ٿيون.
هو نڪ کي آڱر سان کنھي ٿو، ساڳي آڱر مڇن تي ڦيرائي ٿو. هڪڙي ڇوڪري بہ پنھنجي مڇن تي آڱر ڦيري ٿي. کلي پوي ٿي پنھنجي منھن، سندس ساهيڙيءَ جو ڌيان ايندڙ ويندڙ گاڏين ڏانھن آهي- هو سوچ ٿو:
”اتفاق ٿي سگهي ٿو تہ هن بہ پنھنجي مڇن تي ان ئي وقت آڱر ڦيرائي هجي – پر پوءِ کلي ڇو؟ پڪ ئي پڪ چيڙائي ٿي. پاڻ کي تہ مڇون اٿس ئي ڪو نہ، تہ پوءِ ائين ڇو ڪيائين؟ عورتن کي گهڻو ڪري مڇون ٿين ئي ڪونہ، ورلي ڪنھن عورت کي ٿينديون آهن. جيئن هوءَ ڪير آهي، ها – هو جيڪا ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪندي آهي. نالو بہ الائي ڇا اٿس، ملندي تہ ادا ڪري ڳالھائيندي- هي ڇوريون بہ عجيب آهن – ڄڻ اسان الائي ڇا ٿا چئون جو هر جملي تي ڪنديون ادا، ادا – ان کي نوجوان ڇوڪرن وانگر مڇن جي ساول آهي – ڪيڏي نہ سھڻي لگندي اٿس مڇن جي ساول – پر آهي ڏاڍي ڪنزرويٽو.
ڇوڪري پنھنجي ساهيڙي سان ڪجهہ ڳالھائي ٿي، ٻئي گڏجي کلن ٿيون. هن ڏانھن ڏسن ٿيون، هو بہ کلڻ ٿو چاهي، کلي نہ ٿو سگهي – هو ان جاءِ تان وڌي وڃي ٿو. ڇوڪريون بہ ڏانھنس وڌي اچي سندس بنھہ ويجهو بيھن ٿيون، هنن مان ايندڙ خوشبوکيس وڻي ٿي:
” هيتري ساري ڪمائڻ کانپوءِ بہ ڪڏهن خوشبو خريد ڪانہ ڪئي اٿم، ڪيڏي نہ راحت آهي هن خوشبوءِ ۾، جيڪر مان بہ وٺان- سڀاڻي مان بہ وٺندس. سڀاڻي ڪٿان وٺي سگهندس پھرين تاريخ وٺندس پر وٺندس ڪيئن؟ مون کي خبر ئي ڪانہ پوندي. هنن کان جيڪر پڇي وٺان؛ ايڪسڪيوزمي- توهان هي ڪھڙي خوشبو لڳائي آهي؟
هو کين ڏسي ٿو- ڇوڪريون بہ کيس ئي ڏسي رهيون آهن.
” ٺيڪ آ، نہ ٻڌائن، مان مس جميله کان پڇندس. ڪنھن بھاني ڳالھائڻ جو موقعو تہ ملندو. پر ڇا هو اوچتو منھنجي ان چئنج کي خراب نہ سمجهندي؛ نہ سٺو سمجهندي محسوس ڪندي تہ مون ۾ بہ جمالياتي ذوق موجود آهي. ۽ پوءِ ضرور لفٽ ڏيندي- خراب سمجهندي تہ ڀلا مون کي ڇا ڪندي. پر نہ خراب ڇو سمجهندي، خوشبولڳائڻ تہ تمام سٺي ڳالھہ آهي، هنن ڇوڪرين مان ايندڙ خوشبو ڪيئن نہ مون کي پاڻ ڏانھن ڇڪي پئي ۽ مان جي هنن ڏانھن ائين ڇڪبو ويندس تہ منھنجي مستقبل جي سھڻي سپني جو ڇا ٿيندو، نہ مان هنن جي لڳايل خوشبو تي ڇڪجڻ ڇڏي ٿو ڏيان. ڌيان هٽائڻ گهرجي مون کي- مون مستقبل لاءِ هڪ خوبصورت ڇوڪري تلاش ڪري ورتي آهي، جيڪا رهندي پنھنجي گهر ۽ مان پنھنجي گهر. پر رهندي منھنجي دوست، زندگيءَ جي دوست. پر مس جميلا ڪٿي پسند ڪندي. هوءَ تہ ڳالھائڻ ئي نہ چاهيندي آهي. دل تہ چوندي هوندسد. منھنجي تہ دل ڏاڍي چوندي آهي. مان تہ جيڪر شادي بہ ڪريانس. پر ڪيئن ڪريانس ڪو سورس ئي ڪونھي، ڪنھن کان چوايانس. چٺي لکانس. ٺيڪ آ، چٺي ٿو لکانس، پر مان ساڻس شادي تہ نہ ڪري سگهندس. نڪاح ٻڌي زال معنيٰ ساري ڄمار جي پابندي، نہ صرف عورت لاءِ پر مرد لاءِ بہ. اهو تہ ظلم آهي، بھتر آ تہ مان رڳو ساڻس ٽرمس رکان ۽ مھيني ماس تي راضي ڪريانس. راضي ٿيندي بہ الائي نہ. مون کي مايوس نہ ٿيڻ گهرجي- اڃا تہ هيڏو سارو وقت پيو آهي، ڪھڙو نوڪري ڇڏي ٿي وڃي. تہ پوءِ تيسين ھھڙي شغل ڪرڻ ۾ ڪھڙو ڏوھہ – ڇوريون بہ ڪي ڏاڍيون سھڻيون آهن. هن ڄمار تائين تہ گهٽ ۾ گهٽ مون اهڙيون خوبصورت ڇوڪريون نہ ڏٺيون آهن، زال ٻار نہ هجن تہ جيڪر هنن ٻنھي سان شادي ڪريان ها! ٻنھي سان ڪيئن ڪريان ها پھاڄون وڙهي پون ها. پاڻ ۾ ڪو نہ وڙهن ها! هاڻي ئي ايڏي پاڻ ۾ انڊر اسٽينڊنگ اٿن، پوءِ تہ منھنجو دماغ ئي خراب ڪري ڇڏين جيڪر.
شادي کڻي نہ ڪجي تہ ساڻن دوستي تہ رکي سگهجي ٿي. مون کي بہ رڳو دوستي رکڻي آهي. دوستي بہ ڪھڙي- ڪجهہ گهڙين لاءِ ڪمپني ڪرڻي آهي. گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڌ اهڙي ڇوڪري بہ واقف هئڻ گهرجي جنھن سان مھيني ماس ڪي سٺيون گهڙيون گذاري سگهجن. پر مھينو تہ وڏو عرصو آهي، هئڻ تہ هفتي لاءِ گهرجي. پر اهڙي اچي ڪٿان جو مون سان سنڊي نائيٽ ملھائي، ناهي تہ ناهي، پاڻ کي پريشاني ئي ڪھڙي آهي. پر هي ٻئي بہ سٺيون پارٽنر ثابت ٿي سگهن ٿيون. پر ٻئي هڪ ئي وقت منھنجون پارٽنر ٿيڻ ڪيئن پسند ڪنديون؟ هڪ مرد ٻہ ڇوڪريون؟ ڳالھہ ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي. سمجهہ ۾ ڪيئن ايندي بکئي پيٽ تي ڪا صحيح سوچ بہ ايندي آ ڇا؟ مار پوي ڪا مومل کي، هيڏو ڪمائجي بہ پيئڻ لاءِ چانھہ بہ نہ ملي.
هڪ مرسڊيز ڪار وڌي وڃي ٿي. اڳيان وڃي بيھي ٿي، پوئتي موٽي اچي ٿي. مون لاءِ ناهي.
منھنجي ڪنھن دوست وٽ مرسڊيز ڪار ڪانھي، آهي بہ تہ اها جميلا جي ڀاءُ جي آهي. سا بہ ڪاري آهي هيءَ تہ ڳاڙهي آهي.
ڪار مان مرد جهڪي ٻاهر ڏسي ٿو، ڇوڪرين کي کلي ڏسي ٿو. ڇوڪريون بہ کيس کلي ڏسن ٿيون ۽ وري هڪ ٻئي کي ڏسن ٿيون ۽ وڌي وڃن ٿيون گاڏي ڏانھن. گاڏي ۾ ويٺل مرد هٿ وڌائي ڪار جو دروازو کولي ٿو، ڇوڪريون گاڏي ۾ گم ٿي وڃن ٿيون. مرد ساڻن ڪجهہ ڳالھائي ٿو.
چون ٿيون اهڙو، بيوقوف وري اسان سان هوندو.
ڪار مان گڏيل ٽھڪن جو آواز اچي ٿو.
هو کامي پڄري وڃي ٿو.
”ڪار وارا لفٽ ڏين ٿا ڇوڪرين کي. ڇوڪريون لفٽ ڏين ٿيون ڪنوارن کي.
نہ، ڪنوارن کي نہ، ڪارين کي. پر هيءَ منھنجي کڻڻ واري گاڏي ڪھڙي جھنم وڃي پھتي.
مرسڊيز اسٽارٽ ٿئي ٿي. هلڻ لڳي ٿي. ڇوڪريون اندران منھن ڪڍن ٿيون. پاسن جي شيشي وارن خالن مان هٿ ڪڍن ٿيون ۽ هٿ لوڏي کيس الوداع ڪن ٿيون.
هو ڪار واري مرد تي ساڙ بہ کائي ٿو. کيس بک بہ ڏاڍي لڳي آهي، منھن تي مرڪ آڻڻ چاهي ٿو، نہ ٿو آڻي سگهي.
۽ هن کي سمجهہ ۾ اچي ٿو: ٻہ ٻہ عورتون هڪ مرد کي ڪمپني ڏئي سگهن ٿيون.
شرط اهو آهي تہ مرد وٽ ڪار هجي.
جيستائين گاڏي نظر اچي ٿي تيستائين کيس ائين ٿو لڳي گاڏي مان نڪتل هٿ لڏي لڏي کيس الوداع ڪري رهيا آهن. هو هٿ لوڏي کين بہ الوداع ڪرڻ ٿو چاهي. پر هو ڪجهہ بہ نہ ٿو ڪري. رستو آهي – بس اسٽاپ آهي ماڻھو آهن. پيھہ آهي. هو رڳو خالي خالي نگاهن سان کين ڏسندو ٿو رهي.