سمنڊ جي ڦيڻ
ليکڪ: شرجيل | پڙهڻ جو وقت: 10 منٽ
1977ع جي هنگامي وئڪيشن ۾ هو پنھنجي ڳوٺ ۾ آهي – حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ هنگاما شروع آهن، هو پنھنجي وڏي ڀاءُ جي سيڌي جي دڪان جي مٿان ٺھيل ڪچي اوطاق جھڙي ننڍڙي ڪمري ۾ رهيل آهي، سندس ڀائرن ننڍڙي ڪچي جاءِ مسواڙ تي ورتي آهي (سندس اباڻو گهر 1976ع جي خوفناڪ ٻوڏ ۾ لڙهي چڪو هو، جنھن ۾ ٻنھي ڀائرن جا ٻار گڏ رهيل هئا). سندس ٻئي ڀائر جيتوڻيڪ گهڻو پڙهيل ڪونہ هئا، تڏهن بہ هو ٻئي هن جو خيال ڪندا هئا، ان ڪري نہ جو هو انھن کان ننڍو هو ۽ نہ ئي وري ان ڪري جو سندن گذاري ويل پيءُ ماءُ هن کي وڌيڪ ڀائيندا هئا. هو هن جو خيال ڪندا هئا هر لحاظ کان هر ڳالھہ کان جو هو بي ڊپو، حساس، گهٽ ڳالھائڻو، سلڇڻو ۽ ذهين هوندو هو. ٻنھي ڀائرن گڏجي تہ کيس بي اي ڪرائي هئي، ۽ پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هن ماستري کي اهميت ڏني هئي. هو ٽن مھينن کان لاڳيتو اتي رهيل هو، صبح ۽ شام جو شھر جي ٻاهرين پاسن ڏانھن نڪري ويندو هو. هو هڪڙي قسم جي مختلف ماڻھن سان ملندو هو، ۽ انھن جي ذهني ۽ مادي اوسر جا اهوال نوٽ بوڪ ۾ اچي لکندو هو، باقي ٻيو وقت اخبارون پڙهڻ، لکڻ ۽ ريڊيو ٻڌڻ ۾ گذاريندو هو. ڪيڏا نہ ماڻھن جا ذهن ڪنھن ساز جي تارن وانگر تاڻجي ۽ ڇڪجي ويا آهن! هو مونجهہ محسوس ڪندو هو، ۽ اها مونجهہ مٿس وڏا وڏا راز ۽ حقيقتون ظاهر ڪري ويندي هئي ( جنھن کي هو هر وقت نوٽ بوڪ ۾ لکي ڇڏيندو هو) هن ڪڏهن بہ ماڻھن وانگر پنھنجي ذهن کي تاڻيل ۽ موڳو محسوس نہ ڪيو هو، گهڻو تڻو ۽ جيترو بہ ٿي سگهندو هو، هو ٻين جي ذهن جي تارن کي ڍلو ڪري کين عملي بنجڻ جي هدايت ڪندو هو. پر ان کان گهڻو هو لکڻ پڙهڻ ۾ وڌيڪ وقت گذاريندو هو. هن جا دوست بہ هئا سٺا، پڙهيل ڳڙهيل، نوڪرين وارا، سمجهو، هو ڪڏهن ڪڏهن هنن سان نہ ملڻ چاهيندو هو تہ هن جا دوست ان خواهش جو خيال رکندا هئا، البت هڪ اڌ اهڙا بہ هئا، جيڪي پرپٺ هن لاءِ ”ذهني مريض ۽ ذات پرست“ هئڻ جھڙا رمارڪ پاس ڪندا هئا. هو اهڙن رمارڪس کي اهميت نہ ڏيندو هو ۽ نہ وري اُنھن لاءِ جوابي رمارڪ گهڙيندو هو. ائين بہ ڪونہ هو تہ ڪو هو گڏھہ، گهوڙي ۾ فرق محسوس نہ ڪندو هو. هومعصوميت ۽ بربريت، ظالم ۽ مظلوم، ڏاڍ ۽ برداشت جي حيثيتن کان هرگز اڻڄاڻ ڪونہ هو. اهي ئي تہ حيثيتون هيون، جن جا هو سنڌا ٺاهي اڳتي وڌي رهيو هو، هفتو کن اڳ جي تہ ڳالھہ آهي، ٽاڪ منجهند جو جڏهن تہ ننڍي ڇت وارو ڪمرو سرن جي کوري جيان ٻري رهيو هو. هو بنا هنڌ جي کٽ تي صرف ڪڇي سان، مٿي هيٺان وهاڻو ڪري سنئون سڌو ليٽيو، قتل ڇت کي تڪي رهيو هو، ان وقت هن جو ذهن تڪڙو تڪڙو ڪم ڪري رهيو هو، ٽيبل تي پيل اڌ پراڻي پکي جي هوا نسورو ڄرون پئي محسوس ٿيس، اوچتو ٽپ ڏئي کٽ تان اٿيو. مٿن کان پيل ٽيبل تان قلم ۽ نوٽ بڪ کڻي کٽ تي پلٿي هڻي لکڻ شروع ڪري ڏنائين.
” چوڌاري سخت گرمي آهي، باھہ جا اُلا آهن، ساھہ ۾ مونجهہ آهي، نڙي ڪنڊا ڪنڊا ٿو محسوس ڪريان، مان ان سخت گهُٽَ ۽ ٻوسٽ جي ڇوٽڪاري لاءِ ايترو تہ ڪري سگهان ٿو جو ڪپڙا پائي، هيٺ وڃي برف وٺي اچان.!“
”هو نوٽ بڪ ۽ قلم ٽيبل تي رکي سلوار ۽ قميص پائي ڪمري جو در کولي ننڍڙو اڱڻ لتاڙي سامھون ڏاڪڻ تان هيٺ لھي وڃي برف وٺي آيو. ٿڌي پاڻي جا ٻہ گلاس پي جسم ۾ ڏاڍي ٿڌاڻ ۽ فرحت محسوس ڪيائين. سلوار قميص لاهي ڪڇي سان وري کٽ تي ليٽي پيو، ٿڌي پاڻي پيئڻ سان جسم تي اڀري آيل پگهر جي ڦڙن تي، پکي جي گرم هوا ٿڌي هير جيان لڳس، هن جي اکين جا ڇپر ڍرڪڻ لڳا. ان کان اڳ جو هو سمھي پوي، هن اٿي وري نوٽ بڪ ۽ قلم کنيو.
” مون ايتري ڪرڻ جي ننڍڙي جرئت ڪري، پنھنجي ننڊ ۽ آرام جو ممڪن طريقو اختيار ڪيو آهي.“
هو وري ليٽي پيو، اکين جا ڇپر ڍرڪڻ لڳس ۽ هو ننڊ جي ڪوشش ۾ ذهني طرح مصروف ٿي ويو، پکي جو سوسٽ آهستي آهستي هن جي ڪنن جي پردن سان ٽڪرائڻ بند ٿي ويو، ۽ اوچتو ان وقت ڪنھن ٻئي خارجي آواز سندس ننڍڙي گرم ڪمري جي چئن ڀتين ۾ هلڪي گونجار پيدا ڪئي، هن جي جسم ۾ حرڪت پيدا ٿي ۽ اکيون کلي پيس، ڪو سندس ڪمري جو دروازو کڙڪائي رهيو هو، هن اتان وراڻيو!
“Yes come in” در ٻيڪڙيل هو هڪي ڪي کن سانت رهي، هن اٿي ويھي ورجايو. ” اندر اچ“ آهستي آهستي در کليو، ” عورت“! هو چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ جلدي جلدي سيرانديءَ کان پيل ٽوال کڻي چيلھہ جي چوڌاري ويٺي ويٺي ويڙهيائين. هڪ اڌڙوٽ عمر جي ڀريل بدن سان فقيرياڻي سندس ڪمري ۾ داخل ٿي رهي هئي، سندس هٿ ۾ جست جو وٽو هو ۽ رئي جي پلاند ۾ هڪ ننڍي ڳنڊ ٻڌل هيس، جيڪا پٺئين پاسي چيلھہ تائين لڙڪي رهي هيس.
سندس ڀرسان پيل کٽ تي اچي ويھي رهئي، هن ان وچ ۾ قميص بہ پائي ورتي هئي، هن سوچيو مون هن کي ڪٿي ڏٺو آهي.
” مان تو وٽ ڪي گهڙيون ساهي پٽڻ چاهيان ٿي، ٻاهر ڏاڍي گرمي آهي.“
عورت رئي جي ٻئي پلاند سان پنھنجي منھن ۽ ٻانھن تان پگهر اگهندي چيو. هن کي ياد اچي ويو، برف وٺڻ مھل هيءَ آئي برف واري کان خيرات گهري رهي هئي، ”مان ڪي گهڙيون آرام ڪري هلي وينديس“ فقيرياڻي ان کي ڪجهہ پريشان ٿيندي ڏسي وري چيو۽ معمولي مرڪ سان سندس راءِ بہ معلوم ڪرڻ چاهيائين.
” توهان ڀلي آرام ڪريو“ هن ائين چئي اٿي وري بند ٿيل دروازي کي کولي سِرَ ڏئي ڇڏي، در کلڻ سان ٻاهران گرم هوا اندر ڌوڪي پئي.
” دربند ڪري ڇڏ، ٻاهران گرم هوا ٿي اچي!“ فقيرياڻي کيس معنيٰ وارين نگاهن سان ڏسندي چيو. هو هن اوچتي واقعي تي پيدا ٿيل گهٻراهٽ کي لڪائي نہ سگهيو هو. دربند نہ ڪيائين، پنھنجي کٽ تي ٽنگون هيٺ ڪري اچي ويھي رهيو، وري اٿي هن پکي جو منھن فقيرياڻي ڏانھن ڪري ڇڏيو، کٽ تي ويھي هو در کان ٻاهر نٽھڻ ۾ ڏسڻ لڳو.
” ايڏانھن ڇا پيوڏسين؟ ڇا مان توکي نٿي وڻا!“
فقيرياڻي اصل مقصد تي ايندي سوال ڪيو، هن جون نظرون فقيرياڻي ڏانھن پوري ڌيان سان کڄي ويون، فقيرياڻي جي سانوري، ڪجهہ ڳاڙهاڻ مائل منھن تي ٻن وساڻل ۽ مبجور اکين کي ڏسي هن چيو تہ ” توهان کي ڪجهہ گهرجي“
فقيرياڻي جون نگاهون هيٺ ٿي ويون، سامھون جاري ۾ پيل بريف ڪيس مان ڏهين رپئي جو نوٽ ڪڍي هن ڏانهس وڌايو.
”مان خيرات ڏيڻ واري کي ۽ وٺڻ واري کي ٻنھي کي پسند نہ ڪندو آهيان.
پر توهان مون کي ڪجهہ ڏئي ڪجهہ وٺڻ چاهيو ٿيون، ڳالھہ صحيح آهي.
بس، توهان هي رکي ڇڏيو.“
”مان مفت ۾ نہ وٺنديس.“
فقيرياڻيءَ ڪنڌ هيٺ ڪندي جهيڻي آواز ۾ چيو.
”مان سمجهان ٿو، توهان کي ڏهين رپئي جي بدران جيڪي ڪجهہ گهڙيون تڪليف ايندي، اها پيٽ ۽ ٻين ضرورتن جي ڪري برداشت ڪيو ٿيون، مان توهان کي شايد سمجهائي نہ سگهان جو توهان پڙهيل نہ آهيو، مون جھڙا ماڻھو ائين سوچيندا بہ ڪو نہ آهن! هان، هي وٺو.“
هن ڀرسان بيھي نوٽ سندس هٿن ڏانھن وڌايو، فقيرياڻي ناڪار ۾ پنھنجي ٻنھي هٿن جون مٺيون پڪڙي ڇڏيون.
” چڱو، اٿي بيھو تہ آءُ توهان کان ڪجهہ نہ ڪجهہ وٺڻ چاهيان ٿو.“
هن فقيرياڻيءَ جي ٻنھي ڪلھن کان وٺي اٿاري بيھاريو، سندس ڪنڌ اڃان بہ هيٺ هو. هن ساڄي هٿ جي آڱر کاڏي هيٺان رکي سندس منھن کي مٿي ڪيو. هن جون سر سري نظرون چپن تي گهمي ويون، هلڪا لوساٽيل چپ، ڏڪيا، ڪو نہ پئي ۽ نہ وري انھن ۾ شرمائڻ هو. هن ڪنڌ جهڪائي ڏهين رپئي واري ڄڻ چمي حاصل ڪري ورتي، ڏهين جو نوٽ هن فقيرياڻي جي جست واري وٽي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ فقيرياڻيءَ جي وڃڻ جي انتظار ۾ اٿي کٽ تي ويھي رهيو، فقيرياڻي نوڙي کٽ تان وٽو کنيو، جنھن ۾ ريزگاري ۽ ڪجهہ گدري جون ڦارون پيل هيون ۽ مٿان ٻيڻو ٿيل ڏهين جو نوٽ – هن ڏهين جو نوٽ کڻي واپس ڪندي چيو ” هي تمام گهڻا آهن، مون کي رڳو اٺ آنا ڏي.“
هن ميز تي پيل ريزگاري مان اٺ آنا ڳڻي فقيرياڻي کي ڏنا، ۽ ڏهين جو نوٽ وٺي ميز تي پيل نوٽ بڪ جي هيٺان رکي ڇڏيو، فقيرياڻي اٺ آنا وٺي وٽي ۾ وڌا، ۽ آهستي آهستي پراڻي اسپنچ جي چمپل کي گهليندي ، سامھون ڏاڪڻ تان هيٺ لھي وئي، هن جو سڄو جسم پگهر ۾ شل ٿي چڪو هو، پکي جو منھن پاڻ ڏانھن ڪري نوٽ بڪ ۽ قلم کڻي لکڻ لڳو.
” غير انساني مادو پنھنجي اهميت ۽ حيثيت مطابق مٽا سٽا طور انساني سماج ۾ استعمال ٿيندڙ آهي، اهي فرق ۽ حيثيتون انساني سماج کي عقلي طرح تارازي جي ٻن پڙن وانگر برابر بيھارين ٿيون- انساني وجود ۽ سندس جذبا فطري آزاديءَ وري مٽا سٽا تي ٻڌل هوندا آهن، پر اسان جي ڌرتي جي عورت وڪامبي هئي۔ عورت وڪامجي ٿي، عورت ڪانہ وڪامبي، عورت وڪامي هئي، چونڪن تي نيلام ٿيندي هئي، بصرن ۽ ٽماٽن وانگر مٿس واڪ هلندا هئا، عورت وڪامجي ٿي پوئتي پيل ملڪن ۾ پيٽ خاطر، علاج خاطر، اگهاڙي انگ خاطر، عورت ڪانہ وڪامبي، برابري جو درجو ماڻيندي، يا مرد کان اڳ ۾ نڪري ويندي، ۽ مرد چوواٽن تي نيلام ٿيندا، گهرن ۾ مانيون پچائيندا ۽ ٻار پاليندا.“
نوٽبوڪ ۽ قلم ٽيبل تي پيل ڏهين جي نوٽ مٿان رکي ڇڏيائين،سڌو ٿي کٽ تي ليٽي پيو. سامھون کليل در سان سندس نگاهون نٽھڻ ڏانھن کڄي ويون، سامھون ڏاڪڻ جي در مان ڪو مٿي چڙهي آيو، هن جون نگاهون فقيرياڻي سان ٽڪرايون، هو ليٽيو رهيو، فقيرياڻي آهستي آهستي رڙهندي اندر آئي، هن جون نھارون هينئر ڇت ۾ هيون.
” تون ڇا ڪندو آهين!“
فقيرياڻي پاٻوھہ مان سندس ڀرسان بيھي پڇيو.
”مان ماستر آهيان، ڪراچي ۾ پناھہ گيرن جي ٻارن کي سنڌي پڙهائيندو آهيان، پر توهان ڇو موٽي آيو؟“
هن پاسو ورائي فقيرياڻي جي اکين ۾ ڏسندي چيو.
”تون ڏاڍو سٺو ماڻھو آهين.“
فقيرياڻي وٽي ۾ پيل گدري جي ڦارن کي هيٺ مٿي ڪندي چيو.
” ڇا، ٻيا ماڻھو سٺا نہ آهن.“
هن پکي جو رخ فقيرياڻي ڏانھن ڪندي پڇيو.
” سٺا آهن پر.....!“
هوءَ ڳالھہ کائي وئي.
اوچتو ڏاڪڻ ۾ ڪيترن ئي قدمن جي ٺپ ٺپ جا آواز اچڻ لڳا. هو اٿي کٽ تي سڌو ٿي ويٺو، هن جو وڏو ڀاءُ اڳيان هو، پويان ٻيا دڪاندار، فقيرياڻي هيسجي وئي، هو جيئن جو تيئن ويٺو رهيو. هن ڏٺو، ٻين ماڻھن سان گڏ اهو برف وڪڻڻ وارو بہ بيٺو هو، جنھن جو منھن پڻ ٽامي جيان ٻريو پئي. ڪمري ۾ گوڙ مچي ويو، ڪنھن فقيرياڻي کي چوٽي کان جهلي وٺي ٻاهر گهليو ۽ ڏاڪڻ تان هيٺ گهليندو مڪون هڻندو وٺي ويو.
برف وارو بہ ان جي پويان سھڪندو گاريون ڏيندو ويو. هو ماٺ ڪيو سڀني کي ڏسي رهيو هو.
صرف ڀرون تاڻيل هئس. سندس ڀاءُ رڳو نصيحت واري انداز ۾ ڳالھائيندو رهيو، جڏهن تہ ٻيا دڪاندار وڌيڪ مرچ ۽ مصالا وجهندا رهيا، ڪجهہ گهڙين کانپوءِ ڪمرو خالي ٿي ويو. هن جا ڀرون اڃا تاڻيل هئا – هو نوٽ بوڪ ۾ ڪجهہ لکي آرام ڪرڻ چاهي پيو هو لکي رهيو هو.
”اکيون جيڪو ڪجهہ ڏسن ٿيون، ڪن جيڪي ڪجهہ ٻڌن ٿا، اهو هروڀرو ۽ اهڙي طرح سڀڪجهہ ڪونھي. موتي سمنڊ جي اونھائي مان بند سپين ۾ ملندا آهن، سمنڊ جي ڪناري تي رڳو اڇي ڦيڻ ملندي آهي.“