ڪاري رات
ليکڪ: نسيم ٿيٻو | پڙهڻ جو وقت: 13 منٽ
وڏيرو پيرل کٽ تي ويٺو هو ۽ شيو پئي ڪيائين. سردين جا ڏينھن هئا پارو بہ پيو چوي تہ ”اڄ نہ پوان تہ ڪڏهن پوان“ ننڍڙي مينا اڱڻ ۾ ويٺي بلور راند ڪئي. حاڪم رنڌڻي ۾ رکيل هڪ گندڙي تي اچي ويٺي هئي، هو وڏيري جي وڏي ڌيءُ هئي ۽ ازان کان ٻہ – چار سال ننڍي هئي. جڏهن بہ ازان صبح صبح جو ڪم تي ايندي هئي تہ حاڪم بہ اچي رنڌڻي ۾ ويھندي هئي ۽ پوءِ دري منجهان کوھہ تي بيٺل ماين کي ڏسندي رهندي هئي. کوھہ تي ڪي مايون پاڻي پيون ڀرينديون هيون ۽ ڪي مايون دلا ڀري دري وٽان اچي لنگهنديون هيون. تن کي پئي ڏسندي هئي.
” مينا – پٽ هي رنڌڻي مان گرم پاڻي جي وٽڙي تہ ڀري آ.“ مينا ڊوڙندي رنڌڻي ۾ وئي چلھہ تي رکيل ٽين ۾ گرم پاڻي مان وٽي ڀري وڃي پيءُ اڳيان رکيائين.
ازان رنڌڻي مان نڪري اڱڻ ۾ آئي ۽ اچي ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺي، صبح صبح جو پھر هو اُس اڃان اڱڻ ۾ گهٽ لٿي هئي. ازان جي بيھڻ کان پوءِ بہ سندس چيلھہ تائين مس اس ٿي پھتي. هوءَ سيءُ ۾ سڄي ڏڪي پئي. ويتر جو ٿڌي پاڻي سان ٿانو ڌوئي آئي هئي تہ برف جھڙي ٿڌي پاڻي سندس هٿن مان رت ئي سڪائي ڇڏيو هو. اس جا ڪرڻا بہ ماڪ ڀنل هئا تنھنڪري سيءُ کي جهڪي ڪرڻ بجاءِ ان کي وڌايائون پئي.
” ازان ڪالھہ شام سسڻھين آئي هئي.“
” ڇو آئي هئي --؟“ ازان جي منھن ۾ ڪروڌ ڀرجي ويو ان وقت سندس اکين ۾ رت لھي آيو هو.
” چيائين پئي تہ ٻانھن وٺرائي ڏيو. مائٽن روڪي ويھاري آهي.“
” پوءِ اوهان ڪھڙو جواب ڏنو؟“
” چيو مانس تہ ها، مون کان ڪاڏي ويندي؟“
” پر سائين مان ساهري گهر اصل ڪانہ ويندس“
”ڏسان ڪيئن نٿي وڃي..؟“
”سائين مون کي کڻي ڪھي وجهو پر مان ساهري گهر ڪانہ ويندس.“
”ڇو مڙس ڪو نہ ٿو وڻيئي ڇا..؟ وڻندو بہ ڪيئن..؟ يارن مان واندڪائي ملئي تہ گهر بہ ياد پوئي نہ...“
”سائين اوهان ڇا بہ چئو پر مان ساهري گهر ڪانہ وينديس.“
”سائين مان ڇو نہ وڃان پر ٻہ ڏينھن رهائي مون کي مارون ڏيو گهر کان گھلي ٻاهر ڪڍيو اُڇلين. وري ٻارهن مھينا سار ئي نہ لھن تہ مئس يا بچيس.“
”مڙسن جو شان آهي زالن کي پادر هڻڻ، موچڙا ڇو نہ هڻندو، تون سو مڙس ڇڏيو يار ڪندي وتين.“
”مڙسن جو موچڙا هڻڻ تہ ٿيو حق پر جي رڳو پاڻ مارين نہ يا پنھنجين لڄن کي وڃي ٿاڻن تي اُڇلين. مون کي پاڻ ڀلي ماري ٽڪر ڪري هلين (سرڻيون پکين جو قسم) کي ڏئي يا کڏ کڻي پنھنجي اڱڻ ۾ پوري ڇڏي سؤ سورن جو هڪ سور. نہ هونديس نہ ڏک ئي ڏسنديس. مڙسن جو اهو تہ شان ڪونھي تہ پنھنجن لڄن کي وڃي پولي ڪُتيءَ جي حوالي ڪن.“
”باقي تون سو مڙس ڇڏيو يار ڪندي وتين—“
وڏيري ڏاڍي چڀندڙ اندا ۾ هڪ هڪ لفظ ۾ ڇڪي ڳالھائيندي چيو.
”ازان جي اندر ۾ اهي لفظ وڍ وجهندا ويا. هن جي دل جو سور اکين مان ڳوڙها ٿي سندس ڳلن تي وهي هليو. ازان کي سڌ هئي تہ وڏيرو سندس سس جو بدرُ ڇو ٿو کڻي، هن کي ازان جي سس يا مڙس سان ڪابہ دلچسپي ڪانہ هئي جو وڏيرو ازان جي انھن چاهيندڙن مان هو جن کي ازان اک کڻي نھارڻ بہ گوارا ڪانہ ڪندي هئي. هوءَ ڪيڏي نہ خوبصورت عورت هئي، ڪونج جيان من موهڻي، ڊيل جيان ٽلندي هئي. سندس هلڻ ۾ ڪيڏا نہ ماڻا هوندا هئا. جڏهن هوءَ دلا کڻي کوھہ تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي تہ واٽ ويندڙن کي ڪُهندي ويندي هئي. ڳوٺ جا جوان ٿڌا ساھہ ڇڏي کيس نھاريندا هئا. صوفيا لارين جھڙي سندر صورت هئس. ازان کي تہ ڪنھن شاهاڻي گهر ۾ پيدا ٿيڻ کپندو هو، سندس چال ۾ راتين جيان وقار هو. هوءَ پنھنجي سموري سونھن ۽ پيار ڀري جذبن جي باوجود پنھنجي گهٽ جي دل هٿ ڪري ڪانہ سگهي هئي. هن جي ماڻن ڀري مرڪ، اکڙين جا ڏک ڏوراپا بہ سندس ور جي دل ۾ گهر ڪري نہ سگهيا هئا. ڳوٺ جا جوان هن کي ڏسي ٿڌا ساھہ ڀريندا هئا تہ ان سان ازان جو ڇا؟ هن تہ چاهيو ٿي تہ سند ور هن کي پنھنجي لڄ سمجهي ۽ وڏيري جي در تي ڌڪا جهلڻ نہ ڏئي. هو جيڪڏهن هجت ڪري هن جي ٻانھن کان جهلي گهر وٺي وڃي ها تہ ڇا سندس گهٽتائي ٿي پوي ها. وڏيري کي دانھن ڏيڻ ۽ ٿاڻي تي اڇلي اچڻ کيس جڳائيندو هو. ننڍڙي مينا اندر ڇڏي اچي ازان جي ڀر ۾ بيٺي مينا جي دل ۾ آيو تہ ازان کي ڀاڪر پائي ايڏو پيار ڪري جو سندس سڀ ڏک لھي وڃن. ازان جو ڪير بہ تہ پنھنجو ڪونہ هو. نہ ماءُ، نہ ڀيڻ نہ ڀاءُ ۽ نہ پيءُ.، جي ماءُ هيس تہ ماٽيلي جيڪا کيس اُٿندي ويھندي طعنا ڏيندي هئي. ڀائر هيس تہ ماٽيلا جن جي ٻارن کي هوءَ پنھنجو اولاد ڪري ڀائيندي، هن کي سڄو ڏينھن رت ولوڙڻ کانپوءِ جيڪي ڪجهہ وڏيري جي گهران ماني ۽ پگهار ملندو هوس، سو سڀ اچي ماٽيلي ڀائرن اڳيان رکندي هئي. پوءِ بہ تِر تان گسندا تہ هڻي کيس لوئي اڌ مئو ڪندا هئا، ۽ ساهرو گهر تہ نسورو دوزخ هو. ڪير هو جيڪو سندس پنھنجو هو. ڀلا سموري سونھن سوڀيا وفا ۽ پيار جي اوجود بہ پنھنجي مڙس جي دل هٿ ڪري نہ سگهي هئي تہ ان ۾ ازان ويچاريءَ جو ڪھڙو ڏوھہ. هوءَ جيڏي حسين هئي اوڏي ئي سندس قسمت ڪوجهي هئي. سچ چيو اٿن تہ ”سونھن سِڪي ۽ بخت کائي.“ اهو مثال ازان سان بنھہ ٺھڪيو ٿي. مينا جي دل ۾ آيو تہ پنھنجي بي رحم پيءُ کي اُڦٽ ماري ڇڏي. هوءَ هئي تہ ٻالڪ پر کيس ڏاڍي سمجهہ هئي. ازان جي ڳوڙهن ڀريل اکين کيس گذريل پل ياد ڏياري ڇڏيا هئا. پر سال جي ڳالھہ تہ هئي. ان ڏينھن هن ازان جي گهر ۾ نم هيٺان ويٺي گُڏين راند ڪئي. ٻن چئن ڏينھن کان گهٽيءَ ۾ ڪتي يڪو پئي اونھايو. ڪتي جو اونھائڻ ڳوٺ ۾ ڏاڍو نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي، ننڍڙي مينا کي بہ اها سُڌ هئي، ان ڪري هن جي دل کي ڊپ اچي ورايو هو ۽ ٻاهر نڪري ڀِتر کڻي ڪتي کي هڪلڻ وئي، تہ سامھون ڏاند ايندي ڏٺائين، هوءَ اتي ئي بيھي رهي. ڏاند گاڏيءَ تي پلال پيل هو ۽ ان مٿان رلي وڇايل هئي. رليءَ تي جتي ڪٿي رت جا دٻا هئا، ازان جا لٽا ليڙون ٿيل هئا، جن مان سندس نيرو ٿيل ۽ سڄل بدن لياڪا پئي پاتو. ازان جو ماٽيلو ڀاءُ هيٺ لھي بيٺو. مينا اندر ڊوڙ پاتي، ازان جي ماٽيلي ماءُ ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي سڏڻ وئي. در تي روڄ راڙو مچي ويو، اوڙي پاڙي جون عورتون اچي مڙيون. ازان جي گهر جي سامھون واري گهر ۾ رهندڙ بصران دلا کڻي کوھہ تان ٿي موٽي. بصران جي ازان سان بنھہ ڪانہ پوندي هئي. پر هن جو هيءُ حال ڏسي هوءَ دلا پٽ تي ڦٽا ڪري اچي ازان جي ڀر ۾ بيٺي.
ماٽيلي ڀاڻس ازان کي کڻي اچي نم هيٺان پيل کٽ تي ليٽايو. سندس سڄي منھن تي چَڪن ۽ رانبوٽن جا نشان هئا ۽ بدن سڄو نيرو لڳو پيو هئس. بدن تي نيٽ جي لڪڻ جي ڌڪن ڪري اُڀريل اُڀريل سوڄ کاڌل جسم ڪٿان ڪٿان جا ٽڪر لٿل، پيلي زرد لاش جيان هوءَ پئي هئي.
”ائي مُٺِيَس هي ڪھڙو ڪھر ڪيو اٿائون نڀاڳيءَ سان.“ بصران پنھنجي ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻندي چيو، ”اَئي گهوڙا ڙي اديءَ سان ڪھر ٿي ويو.“ ازان جي ننڍي ڀيڻ کٽ جي ڀر ۾ پٽ تي ويھندي اوڇنگار ڏني.
”اَئي گهوڙا ڙي هيءَ تہ نائين مھيني پيٽ سان هئي.“ ماسي شمل ڏک وچان دانھن ڪئي.
”ها پورن ڏينھن تي هئي.“ ماڻس وراڻيو.
”اَئي نڀاڳيون ٻار ڪري پيس ڇا؟“
”ماسي شمل هوش ڪر، ٻار ڪرندس نہ تہ بچندس. مٺيءَ کي يارنھن ڏينھن ڪُٽيو اٿائون، سو ٻار وري ڪٿان بچندس. اَئي هنٽرن جا نشان ڪانہ ٿي ڏسين.“
”هن جو مڙس تہ ڪر ڪھاڙي آهي. پاڻ تہ مٺي کي ماري ماري اڌ مئو ڪري، پر هاڻي وري مو رڳو لاهي پاهي بيٺو آهي، لڄ بہ ڪانہ آيس ھھڙي سدا ملوڪ وني کي پيٽ سان پوليس جي حوالي ڪرڻ سان.“
”پر ادي شمل هيڙا ناحق اسان نہ اڳ ٻڌا، نہ ڏٺا جو مڙس هٿن سان پنھنجي ننگن کي ٿاڻن تي اڇليو اچن.“ هڪ پوڙهي مائي نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
”اَئي ڇا توکي سڌ ڪانھي تہ ساهيري گهر جي ازان سان پوي ڪانہ، سسڻنس تہ بنھہ پھاڄ بني ٿس.
”اَئي ادي، پر ڪھڙي ڏوهين ڪھڙي ثوابين مُٺيءَ سان اچي وير پيا آهن.“
”اَئي مان ٿي توکي ٻڌايان ڇو نھن کي تپائي کنيو اٿس، موسي ماءُ کي پٽ آهي هڪڙو، سندس ڀائٽي بہ ويٺي آهي ڪنواري جواڻ جماڻ پھريان تہ ڀاڄائي سان پوندي ڪانہ هيس پر هاڻي جڏهن ڀاڄائس مئي تہ اچي لڳي اٿس تہ پٽ کي ڀائٽيءَ سان پرڻايان. سو نھن سان پوي ڪانہ، روز پيون ڪوڙ بدوڙ هنيو مڙس کان مارون کارائنس.“
”هچا پوندن جو هن يتيم نڀاڳي سان تپائي کڻي اٿئون.“
”پر ادي ڪو ڳوٺ ۾ نينگر کٽا آهن، سندس ڀائٽيءَ کي گهوٽ ملي پوندو.“
ڪھڙيون ٿي ڳالھيون ڪرين ڀاڻس کي بہ آهي هڪ ڌيءُ سو مرضي اٿس تہ ٻانھن گهر جو گهر ۾ هجي. سو ڀاڻس ٿو چوين تہ پھريان ازان کي طلاق ڏيو تہ پوءِ ڌيءُ ڏيندس، سو مُئيءَ کي نہ پورو تن تي ڪپڙو ڏين، نہ پيٽ ڀري ماني، سڄو ڏينھن پيا گڏھہ وانگر وهائنس. رونبا لابارا گاھہ پٺا، پاڻي ڀرڻ ۽ سڄي گهر جو ڪم وٺنس، مال متاءُ جي بہ ٽھل ٽڪور ڪري، پر پوءِ بہ بگڙنس تہ هڻي گڏي رکنس.“
”مڙس تہ ليکي ئي ڪونہ، سمھن ڪن ڌار، مڙس ڪوٺي تي تہ زال اڱڻ ۾، جي مڙس اڱڻ ۾ تہ زال ورانڊي ۾ پئي ڳوڙها ڳاڙيندي“
”اَئي امڙ ائين بہ ٿيندو آهي ڇا..؟“
”بس ويٺي ڏس لڪاو زماني جا.“
”اَئي ادي شل نہ ڪنھن جي ڦٽي نہ تہ ڪھڙي ڪمي آهي ازان ۾، صداملوڪ لڏڻ زال کي کڻي سور ڏئي ساڙيو اٿئون.“
مايون ازان جي چوڌاري مکين جيان اچي مڙيون هيون ۽ مکين وانگر پئي ڀڻ ڀڻ ڪيائون، ڪوڙي ماءُ کان رهيو نہ ٿيو، تنھن سڀني کي پري ڪندي چيو تہ:
”رنون هڪ هوءَ اڳئي لاش ٿي پئي آهي، ٻيو مٿان اوهان ويٺيون هانو کائوس، ٽري ٽارو ڪيو، ڇو اچي ٽيڪو مچايو اٿو.“
پيءُ جي آواز تي مينا جي سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو ”موسي ماءُ پيرن تي پوتي وڌي آهي.“
”وڏيرا مون بہ اوهان وٽ ڄمار گذاري آهي پورهيو ڪندي“ ازان ڀريل گلي سان وراڻيون.
”سسڻھن ٿي چوي تہ مون ٽڪا ڀريا آهن، ڪا مفت ۾ نالي ﷲ جي ڪانہ ڏني اٿئون.“
”ها تہ سائين ائين چئہ نہ ٽڪن جو سور اٿس ٻيو مون لاءِ ٺري ڪانہ ٿي. ٻانھي کپين ڪم ڪار لاءِ. سدائين مون کان اهي جيئرا جاڳندا سور ڪونہ سٺا ويندا تہ مان ٻانھي ٿي پھاڄ اڳيان پئي وهان. هاڻي موسي شادي ڪئي آهي باقي مون واري سس ٿي آ اجائي ڇتي.“
”گهڻي ٽرٽر نہ ڪر پر سال واري جٺ ياد ڪانھئي ڇا.“
وڏيري جي اکين ۾ ڄڻ شيطان لھي آيو هو. وڏيري پيرل کي راتوڪي باھہ هئي جو ازان کي جڏهن ٻانھن کان اچي جهليو هئائين تہ ازان کتيون ٻڌايون هئس. ويتر جو گهٽي ۾ ٻاهر حاجي کي بيٺل ڏٺائين تہ سڄو پڄري ويو هو. ان وقت تہ دل جو سور دل ۾ پي ويو هو پر اڄ صبح سڀ ڪسرون پوريون ڪيون هئائين. حاجي وڏيري جي ٻني تي پوک ڪندو هو ۽ وٽس ڪمدار بہ هو. وڏيرو هونئن تہ حاجي کي ڏاڍو ڀائيندو هو. حاجي طبيعت جو ماٺيڻو، قد جو ڊگهو سڻھو جوان هو، طبيعت جو بيحد شريف ڪنھن عورت کي اک کڻي بہ نہ نھاريندو هو پر الائي ازان سان ڇو ٻٽيھہ دليون هيس. وس پڄيس ها تہ ازان جا سڀ سور پنھنجي اندر ۾ اُوتي ها پر وڏيري اڳيان لاچار هو. جي ڪڇيو ٿي تہ بک ٿي مئو. ٻيو تہ ازان کي طلاق بہ ڪانہ مليل هئي. ان ڪري شادي بہ نٿي ڪري سگهيا. حاجي پاڻ بہ پرڻيل هو هڪ ڌيءُ بہ هئس.دل جا ليکا بہ عجيب هوندا آهن. جڳ جون ريتون رسمون، قيد ۽ ڪڙا مذهب ۽ اخلاق سڀ اورانگهي دل ۾ اچي پيار واسو ڪري تہ ماڻھن جو جهڳو ئي جهڻ ٿي پوي پر پوءِ بہ سڄي ڏيھہ جو لانتاڻو کنيو پيا گهلبا آهن. هنن ٻنھي بہ پئي ڄاتو تہ هو هڪٻئي جا جيئن تہ ڪونہ ٿي سگهندا، پر پوءِ بہ هڪٻئي کان منھن مٽي نٿي سگهيا. هڪٻئي جي انگن ۾ سمائجي وڃڻ ٿي گهريائون. اصل ائين جيئن سنڌوءَ جو لڙاٽيل مٺو پاڻي ٻنين ۾ جذب ٿي ويندو آهي. ازان جو جوڀن تہ ڪڻڪ جو سونھري سنگ جيان هو. ڪڻڪائون سونھري بدن نانگ جيان وراڪا کاڌل بدن، اکين ۾ ازال جو ڏک.سورن سندس سونھن ۾ نماڻائي اوتي هئي. اندر جا گهاو منھن تي ائين ڇانورو ڪري بيٺل هوندا هئس، جيئن ٽالھي جي وڻ جي ڇانو سنڌوءَ جي پاڻيءَ مٿان.
اصل نماشام جيان اجڙيل ۽ ويران. ڀلا اهڙي مٺي مومل کي ڀلا حاجي ڪيئن نہ جيءُ ۾ جايون ڏئيس. هن جو وس نٿي پڳو نہ تہ جيئن پنھنجو پاڻ کي چيري اندر ۾ لڪائي ڇڏي ها. اصل ڪچو کائي ڇڏيس ها. پر هو بيوس هو لاچار هو. چوطرف مجبورين ۽ لاچارين ۾ گهيريل هو. ۽ ازان کان اها حاجي جي بي وسي ڏٺي تہ ويندي هئي، مرد کي هوءَ هميشہ جهرڻي جيان تکو ۽ تيز ٽوڙ ڦوڙ ڪندڙ ڀائيندي هئي. شينھن جيان گجگوڙ ڪندڙ، حاجي جي بي وسي ازان جي اندر ۾ وڍ وجهندي هئي. ازان جو مک چوڏهين جي چنڊ جيان هو پر سندس مک مان چانڊوڪي بدران ويراني پکڙبي هئي. اداس ڳوڙهن ڀريل ڪرڻا پکڙبا هئا پر پوءِ بہ سور هن جي سونھن مٽائي نہ سگهيا هئا. ازان جو هيڏي ساري جڳ ۾ ڪير بہ تہ پنھنجو ڪو نہ هو. هڪ حاجي ئي تہ هو جنھن کي هو ڏاڍو ڀائيندي هئي.
”ازان مونکان بڇڙو ٻيو ڪير نہ ٿيندو ئي. ڄنڊن کان گھلي مڙس وٽ اماڻيندو مانءِ. توکي پنھنجي مڙس وٽ وڃڻو پوندو.“
”سائين خدا کان ڊڄو اوهين بہ پنھنجن ڄاين وارا آهيو.“
وڏيري جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هو پٽ تي ٿڪ ڦٽي ڪري ڪولھا لوڏيندو اوطاق هليو ويو ۽ ازان... ازان جهريل من کي کڻي نستو ۽ نٻل سريم کڻي رڌڻي ڏي وڌي وئي، هن جي سڄي جسم مان ڄڻ ساھہ ڇڏائي ويا هئا. سندس اڳيان اٽي سان ڀريل ٿالھہ رکيو هو ان کي ڳوهڻ لڳي ڳوڙها ٽم ٽم ڪندا اٽي ۾ جذب ٿيندا ويا. ان پل هن جا هٿ ڍرا ٿيا ۽ ڪنڌ ڀت تي لڙي پيس، ڍليون ڍليون ٻانھون، وساميل وساميل نيڻ ازان اهو بہ نہ ڏسي سگهي تہ در ۾ حاجي بيٺو آهي. هو تڪڙو اڳتي وڌيو ۽ ازان کي ڌونڌاڙي چوڻ لڳو:
”ازان... ازان توکي ڇا ٿيو آهي.“
”مٺي مٿي تہ نھار.“ حاجي پنھنجي هٿن سان ازان جي ڳلن تان ڳوڙها اگهندي چيو. پر ازان جا پساھہ پورا ٿي چڪا هئا. تڏهن هو سڄو اجهامي ويو هو. پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري اچي کٽ تي ليٽايائين. اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. ننڍڙي مينا وائڙي ٿي حاجي کي ڏٺو مرد بہ روئيندا آهن، هن تہ ڪڏهن بہ ڪنھن مرد کي روئيندي نہ ڏٺو هو، پوءِ اڄ حاجي جھڙو جوڌو هيئن سڏڪا ڀري ٿو روئي، شايد ان ڪري جو موت اڄ ڪاري اماس جي رات جي پڄاڻي آندي هئي ۽ حاجي جا ڳوڙها ان اوندھہ انڌوڪار ۾ تارن جيان پئي جرڪيا.