مون جو ڀانيو ماڳ
ليکڪ: رفيق | پڙهڻ جو وقت: 14 منٽ
رات جا يارنھن، ساڍا يارنھن ٿيا هوندا، پاڻ ۾ دوست ويٺا هئاسين لان تي ڪجهہ نشي ۾ ٽٻ هئا ۽ ڪي هوش ۾ هجڻ جي هام هڻي رهيا هئا. اوچتو فون جي گهنٽي وڳي. ”ٽرن....رن......رن،“ رسيور کنيم، هڪ ڄاتل آڄاتل ۽ Dominating آواز ۾ پڇيو ويو:
”ڪير ٿو ڳالھائي؟“
”اوهان کي ڪنھن سان ڳالھائڻو آهي؟“
”اوهان سان ئي ڳالھائي وٺنداسين.“
”ڳالھايو.“
بور تہ آئون اڳ ۾ ئي ويٺو هئس، سنگتي نڙي تائين پي چڪا هئا ۽ ان آواز ۾ هڪڙي عجيب ڇڪ بہ هئي، جنھن ڳالھائڻ تي مجبور پئي ڪيو، پڇيائين: ” نالو ڇا اٿئي؟“ ٻڌايومانس
”پرڻيل آهين؟“
”ها“
”گهڻا ٻار اٿئي؟“
”ٻہ.“
اهو سوچي ٻڌايو مانس تہ ڪنھن ڳالھہ لڪائڻ مان هڙ حاصل ڪجهہ بہ ڪونھي ۽ هوءَ الائي ڪير آهي؟ اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ منھنجي باري ۾ خبر هجيس، پڇيو مانس:
”مون کي فون ڇيو ڪيو اٿئي؟“
”ننڊ نہ پئي آئي. هڪڙو ائين ئي نمبر ملايم، اهو سـڄاڻ ننڊ مان اٿيو هو، گاريون ڏنائين. پوءِ وري ڊائل گهمايم تہ تون ملي وئين.چاهيم پئي تہ ڪو هجي، جنھن سان ڳالھايان.“
”ايڏي اڪيلي آهين؟“
”آهن، پر سڀ ستا پيا آهن، ۽ تون ڇا پيو ڪرين؟“
”پيان پيو.“
”روزانو پيئندو آهين؟“
”گهڻو ڪري.“
”ڇو ٿو پئين؟“
”پنھنجون پنھنجون گهرجون آهن. نالو ڇا اٿئي؟“ مون کي پنھنجو اهو سوال الائي ڇو هرو ڀرو لڳو.
”سچو نالو ٻڌايان تہ پوءِ.“
”ڪوڙوئي سھي. مومل نہ سھي، سومل ئي سھي، رڳو اهڙو ڪو لفظ ٻڌائي، جنھن سان توکي مخاطب ڪري سگهان.“
”بدر چئي سگهين ٿو، شمس چئي سگهين ٿو.“
”ڪڏهن آئون اڪيلو هجان تہ توسان ڪيئن ڳالھايان؟“
”گهر ۾ ڪيڏي مھل هوندو آهين؟“
”گهڻو ڪري شام جو.“
”منھنجي فون جو انتظار ڪندين؟“
”ٻي ڪا واھہ ڪانہ ٿي سجهي.“
”چڱو رات جو ڏهين وڳي فون ڪنديس، ۽ پوءِ وڌيڪ ڳالھائينداسين.“
”چڱو، خدا حافظ.“
”خدا حافظ.“
دوست ڇڙو ڇڙ ٿي چڪا هئا، منھنجي سوچن جيان.
ٻئي ڏينھن سج لھڻ کانپوءِ اچي فون وٽ ويھي رهيو آهيان. الائي ڇو پنھنجي پاڻ کي تمام گهڻو اڪيلو محسوس ڪيم، ڪافي دير ويٺو رهيس ۽ سوچيندو رهيس تہ ڪير آهي ۽ ڇو رات مون کي فون ڪيائين؟ ڪٿي مون سان Activity تہ نہ پيو ڪري. فون جي گهنٽي وڳي، رسيور کنيم.
”اهڙي سور تون ڪٿي آهين؟“ اهو آواز گدو بندر جو هو. ڇا چوانس، سمجهہ ۾ نہ آيو. ”ڇا آهي، وساڻو پيوآهين؟ وات ۾ مڱ اٿئي ڇا؟“ انھي کان پوءِ اهوئي مخصوص ٽھڪ، اڙتيون ڦڙتيون هڻي جند ڇڏايم.
وري گهنٽي وڄڻ لڳي، رسيور کنيم، ٻہ چار ڀيرا هيلو هيلو ڪيم.
”هيلو.“
”ايترو دير سان جواب ڏنئي؟“
”آواز سڃاڻڻ جي ڪوشش پئي ڪيم.“ جيتوڻيڪ مون هن جو آواز پھرين سٽ سڃاڻي ورتو هو.
”ڇا حال آهي بدر؟“
”منھنجو نالو بدر ڪونھي، ڪالھہ ڪوڙو هو. اڄ جيڪي پڇندين، سچ پچ ٻڌائينديس.“
”انھي مھرباني جو ڪارڻ؟“
”تو وٽ ڪھڙو ڪارڻ هو ڪالھہ سچ ڳالھائڻ لاءِ؟“
”مون وٽ ڪوڙ ڳالھائڻ لاءِ ڪھڙو ڪارڻ هو؟“
”..........“
”چپ ٿي وئين“ کلي ڏنائين.
”ٻڌ، منھنجو نالو شاهين آهي. ٽيليفون نمبر.... آهي، ۽ آئون ايئرهوسٽس آهيان.“
”Great people to flye with.“
”نہ.“ روپيون گهنٽيون وڄڻ لڳيون هن پاسي.
”ٻڌي کان ڏٺو چڱو آهي.“ دل پئي چاهيو تہ ڏسان شبيھہ، جنھن جو آواز ايڏو پيارو آهي.
”ايڏو آتو؟“
”جنھن ڳالھہ لاءِ تون آتو سمجهين ٿي، انھي لاءِ نہ!“
”چڱو سڀاڻي، پر وڏي ڀيڻ سان.“
”گهڻي وڳي؟“
”يارهين وڳي، ڪيئن؟“
”ٺيڪ آهي، پر ڪٿي ؟“
”تون ٻڌائي، ڊڄائي بہ ٿي تہ ڪو ڏسي نہ وٺي.“
اسان جاءِ رٿي ۽ هڪٻئي کان موڪلايوسين.ڍ
ٻئي ڏينھن رٿيل جاءِ تي ڪجهہ دير اڳواٽ منھنجي موٽر بيٺي هئي. رنگ ۽ نمبر جي کيس ڄاڻ هئي. مون ٿورو پريان بيٺي انتظار ڪيو ۽ انھي سوچ ۾ گم هئس تہ خدا ڄاڻي ڪھڙي هجي ۽ اچي بہ يا نہ؟ دل کي الائي ڇو هڪڙو يقين هو تہ ايندي ضرور، ويھہ منٽ کن گذريا هوندا، جو منھنجي موٽر جي پاسي ۾ هڪڙي رڪشا اچي بيٺي، جنھن مان ٻہ ڇوڪريون لٿيون ۽ ڏاڍي ويساھہ سان منھنجي موٽر جو دروازو کولي، هڪڙي اڳيان ويھي رهي ۽ ٻي پٺان سمجهيم تہ اهائي آهي جيڪا اڳيان اچي ويٺي آهي ۽ ٻي سندس وڏي ڀيڻ آهي.
آئون بہ وڌي اچي اسٽيئرنگ تي ويٺس.
”دير تہ ڪانہ ٿي؟“ هن پڇيو. اهو ئي ڄاتل آواز، ”نہ، ڪا خاص تہ نہ، ڪيڏانھن هلون؟“ چيائين ”اسٽيئرنگ توهان جي هٿ ۾ آهي.“ مون هن ڏانھن الائي ڇو هڪ گهري نظر سان ڏٺو ۽ وڏي ڀيڻس کي Hello ڪيم.
سندس اکين ۾ آواز کان بہ وڌيڪ ڪشش هئي. رنگ ڪي قدر سانورو هئس ۽ جڏهن بہ نظر ڀري ڏٺو مانس ٿي تہ شرمائي پئي وئي. شھر جي ٻاهرين رستن تي هلندي پڇيو مانس تہ ڪڏهن کان نوڪري ڪندي آهي.
”ڇھہ مھينا کن ٿيا آهن، ماڻھن جا اوبرهاڻا ٿانوَ کڻندي.“
اهو ڪم نٿو وڻي، تہ ڇو ٿي ڪرين؟“ انھي تي سندس وڏي ڀيڻ جواب ڏنو: ” شوق هئس.“ اهو ٻڌي ٿورو کلي ڏنائين،جنھن ۾ مون کي ٿورو طنز محسوس ٿي.
هن وٽ رڳو اڌ ڪلاڪ هو ۽ منھنجي دل پئي چاهيو تہ جيڪو ائين ئي هلندا رهون ۽ وقت اتي ئي بيھي وڃي، پر اهي رڳو منھنجون ڇڙواڳ خواهشون هيون، جن کي پورو ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ منھنجي وس جي ڳالھہ ڪانہ هئي. سندس چوڻ تي، هن کي، هن جي ڪنھن ساهيڙي جي گهر لاٿم ۽ آئون وري اڪيلو ٿي پيس.
سانورو رنگ، قد منھنجي ڪلھي تائين، هلڪو ميڪ آپ،ڳالھائڻ جو ڍنگ موهت ڪندڙ، ڀانءِ تہ ويٺي ڳالھائي، چوٽو چيلھہ تائين، آرٽيفشل پنبڻن پٺيان من ۾ ليئو پائيندڙ ٻہ وڏيون وڏيون اکيون، آرٽيفشل پنبڻ ڇو؟ ٿي سگهي ٿو، اهو بہ سندس ڪردار جو هڪ روپ هجي.
ٻئي ڏينھن هن جي فون آئي.
”ڇا حال آهي؟“
”جيئون پيا.“
”ٻہ ڳالھيون توکي ٻڌائڻيون آهن – Good News۽ Bad News پھرين ڪھڙي ٻڌڻ چاهيندين؟“
”Bad news first“
”سڀاڻي نہ پَرينھن منھنجي موڪل ختم ٿي رهي آهي.“
”اهوئي مونکي کٽڪو هو........چڱو هاڻي Good News“
” Good Newsاها تہ تون سڀاڻي ڪراچي اچين تہ ملي سگهون ٿا.“
”گڏجي ڇو نہ هلون؟“
”possible“ ڪونھي، بابا ساڻ هلندو.“
اسان ملڻ واري جاءِ رٿي، هڪٻئي کان موڪلايوسين. ذهن جي عجيب ڪيفيت هئي. ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ وڇوڙي جو ويھہ بہ هو ۽ ميلاپ جو امرت بہ، ۽ ٻئي شيون ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻيون هيون.
نسرين روم، ميڻ بتين جي جهڪي جهڪي روشني، جهيڻا جهيڻا ساز، هٿ هٿن تي، اسين ٻئي چپ بيرو آيو – هن جي اڳيان جوس ۽ منھنجي آڏو وسڪي رکي هليو ويو. مون گلاس کنيو.
”پرينءَ جو نانءُ ڳنھي آخري گلاس کڻو.“
”Cheers.“ هن جي چپن تي مرڪ کيڏڻ لڳي.
بل Pay ڪري ٻاهر نڪتاسين، Lobby ۾ مان ٻہ وکون کانئس پٺتي هئس ڏاڍو توري تڪي وکون کڻي رهي هئي. وڌي سرٻاٽ ڪيو مانس:
”تنھنجي لوڏ ۾ لھرا بينن جا.“
”ڏاڍو موڊ ۾ آهين.“
”نشان آهن نينھن جا.“
هوٽل کان ٻاهر نڪري اچي موٽر ۾ ويٺاسين ۽ پڇيومانس: ” هاڻي ڪيڏانھن هلون؟“
”جيڏانھن وٺي هلين.“
”ڪلفٽن يا ڊرائيور ان“
”ڪلفٽن ڏانھن ويندي رستي ۾ الائي ڇا سوچي پڇيو مانس:
”هڪڙي ڳالھہ پڇان، سچ پچ ٻڌائينديئن؟“
”پڇ“
”مون کان اڳ ۾ ڪنھن سان ناتو رهيو اٿئي؟“ هڪدم منھن لھي ويس ۽ روئڻھارڪي ٿي پڇيائين:
”ڪنھن ڪجهہ چيو اٿئي ڇا؟“
”نہ، فقط انھي ڪري ٿو پڇان تہ جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالھہ ٻئي کان ٻڌندس تہ ڏک ٿيندم. بھتر آهي تہ ڪا ڳالھہ هجي تہ تون ئي ٻڌائي ڇڏ.“
مون کي جواب تہ نہ ڏنائين، ماڳھين اچي روئڻ ۾ پئي، جنھن مان سمجهيم تہ ماضي ۾ هن سان ڪا اجوڳي ڳالھہ ٿي چڪي آهي ۽ مون بہ وڌيڪ ڇيڙڻ مناسب نہ سمجهيو.
ڪلفٽن تي بہ فقط بوهي مڱ کائيندي رهي، نيٺ هوڏانھن هوڏانھن جون ڳالھيون ڪري کيس کلايم، تہ چوڻ لڳي:
”هاڻي منھنجي دل ڪيڏانھن بہ وڃڻ تي نہ پئي ٿي.“
مون سمجهيو، شايد گهر وڃڻ ٿي چاهي، سو چيومانس:
”ڀلا سائين، غلطي ڪئيسين، معافي ڏئي ڇڏيو، اڳتي سوچي سمجهي ڳالھائيندس، پر هينئر ئي وڃڻ جون ڳالھيون نہ ڪر.“
”وڃڻ جو ڪٿي پئي چوان، تون بيزار ٿيو هجين تہ وڃان ٿي. مون کي گهر ڇڏي اچ.“
”ڏٺئي وري غلطي ٿي وئي.“
”تہ پوءِ انھي غلطي جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“
”جيڪا چوين.“
”سزا اها تہ سڄي رات گاڏي هلائيندو رھہ ۽ مون سان ڳالھيون ڪندو رھہ.“
انڌو گهري هڪڙي اک، مون کي تہ ٻئي ملي رهيو هيون. هڪدم گاڏي Start ڪري، ڪيم شھر جو رخ.
رات اونداهي هئي، رستا ويران هئا ۽ اسان گڏ هئاسين، سو الائي ڪٿان پئي آياسين ۽ ڪٿان پئي وياسين. سگريٽ ۽ پئٽرول سڙندا رهيا ۽ اسان گهمندا رهياسين، تان جو صبح جو ساڍا پنج اچي وڳا. چوڻ لڳي:
هاڻي صبح ٿي رهيو آهي، مون کي هلي گهر ڇڏ، نہ تہ منھنجي ساهيڙي، جنھن جي گهر آئون رهيل آهيان، تنھن جي ماءُ پيءُ کي خبر پئجي ويندي تہ آئون سڄي رات گهر ۾ نہ هيس.“
”دروازو ڪير کوليندو.“
”ساهيڙي کي سمجهائي آئي هيس.“
دل تہ نہ پئي چاهيو، پر ڇا ٿي ڪري سگهيس، وڃي سندس ساهيڙي جي گهر جي در وٽ گاڏي بيھاريم ۽ لھڻ مھل چيومانس:
”موڪلائڻ مھل گهٽ ۾ گهٽ هٿ تہ ملائبو آهي.“
گاڏي مان لھي ڦري اچي منھنجي پاسي گاڏي جي در وٽ بيٺي ۽ هٿ وڌائي مون ڏانھن ڪيائين. مون هٿ پنھنجي ٻنھي هٿن ۾ جهلي پنھنجي چپن تي رکي ڇڏيو.ٿورو وقت ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيائين تہ اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺومانس تہ هٿ کي ڍرو ڇڏي مرڪي ڏنائين. هڪٻئي کي خدا حافظ چئي موڪلايوسين ۽ پنھنجي گهر وڃي سمھي پيس.
ٻنپھرن ڌاري ننڍ مان اٿيس، تيار ٿي، ناشتو يا ٻنپھرن جي ماني چئجي کائي، سڌو Airport ڏانھن رخ رکيم، ڇو تہ هن جي وڃڻ جو وقت ٿي رهيو هو، گاڏي Parking lot ۾ بيھاري، هيڏي هوڏي نظر ڦيرايم. ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ ڪانہ آئي، سوچيم اڃا شايد ناهي پھتي ۽ Main building جي ٻاهران رستي ڏانھن منھن ڪري بيھي رهيس ڪنھن پٺيان اچي ڪلھي تي هٿ رکيو:
”ڪنھن جي انتظار ۾ بيٺو آهين، يا ڪنھن کي ڇڏڻ آيو آهين؟“ اهو رشيد هو. جواب سمجهہ ۾ آيم، سوچيومانس:
”هڪڙو دوست اچڻو آهي لنڊن کان. Flight جي انتظار ۾ بيٺو آهيان.“ چوڻ لڳو: ” آئون ڏهن پندرهن منٽن ۾ اچان ٿو، پوءِ شھر گڏجي هلنداسين.“ مون ”چڱو“ چئي ، هن مان جان ڇڏائي، نہ پئي چاهيم تہ هي شاهين کي ڏسي ۽ ڳالھيون ٺاهي. هڪڙي اڇي مائڪرو بس مان اچي ڪجهہ ڇوڪريون لٿيون. انھن جي Uniformمان شڪ پيم تہ انھن ۾ نہ هجي... تان جو انھن مان نڪري تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي آئي ۽ چيائين: ”ڇا پيو سوچين، منھن ڇو لھي ويو ٿئي، آئون ٻن هفتن ۾ موٽي اينديس.“ کلي ڏنم ڪنھن ايئرهوسٽس رڙ ڪري چيس Shaheen! We are already late چوڻ لڳي: ”چڱو، مون کي اڳ ۾ ئي دير ٿي وئي آهي، خط ضرور لکجان.“
”ساڳيو واعدو تون ياد رکجان.“ کلي، هٿ لوڏي ٻين ڇوڪرين سان گڏجي اندر هلي وئي.
هن جي وڃڻ جي ڪري اڪيلائي جو احساس گهڻو وڌي ويو ۽ دوستن کان بہ بيزار رهڻ لڳس. اها بہ خبر نہ هئي تہ موٽي ڪڏهن ايندي، جو انھي ڏينھن جو انتظار ٿئي، بھرحال انتظار تہ ڪرڻو هو. زندگي بيٺل پاڻي جي سطح وانگي ٿي پئي آهي، جنھن ۾ ڪابہ چر پر ناهي. رکي رکي اهو بہ خيال اچي پيو تہ شايد هو مون سان آئيندي ڪو بہ واسطو نہ رکي، ڇو تہ آئون اهڙي ڳالھہ پڇي ويٺو هئس، جيڪا شايد مون کي پڇڻ نہ گهربي هئي. انھي وچ ۾ منھنجو ٻار بہ بيمار ٿي پيو، انھي ۾ لڳي ويس ۽ هفتو کن گذري ويو. هڪ ڏينھن صبح جو ننڊ مان اٿي اخبار پڙهي رهيو هئس تہ منھنجي زال هڪ خط مون کي آڻي ڏنو. کولڻ تي خبر پئي تہ شاهين جو آهي. لکيو هئائين تہ ٻئي هفتي ۾ اچي رهي آهي ۽ مون تي اها بہ پابندي لڳائي وئي هئي تہ آئون کيس Airport تي Receive ڪرڻ نہ وڃان، ڇو تہ پڻس کيس وٺڻ لاءِ ايندو. آئون انتظار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نٿي ڪري سگهيس. آڱرين تي ڳڻي اهي ڏينھن گذاريم، ڪراچي پھچندي ئي مون کي فون ڪيائين تہ آئون اچي وئي آهيان، پيءُ سان گڏ اچي رهي آهيان ۽ پھچڻ سان ئي توکي فون ڪنديس، اهو بہ ٻڌايائين تہ آئي فقط ٽن ڏينھن لاءِ آهيان. دل ۾ سوچيم تہ اهي ٽي ڏينھن بہ چڱا، آئي تہ سھي. سڄو ڏينھن ڏاڍو خوش گذاريم. رات جو فون ڪيائين، چوڻ لڳي:
”منھنجي غير موجودگي ۾ ڪنھن سان فون تي ڪچھري ڪندو هئين؟“
”ڪنھن سان ٿي ڪري سگهيس.“
”عادت اڃان نہ پئي اٿئي فون تي ڪچھري ڪرڻ جي.“ مون کي ڳالھہ سمجهہ ۾ ئي نٿي اچي تہ چوڻ ڇا پئي چاهي، سو پڇيومانس:
”ڇا مطلب؟“
”مطلب تہ خواھہ مخواھہ فون ڪرڻ سان دل وندري پوندي آهي.“
” اها عادت مون کي ڪانھي.“ کلي ڏنائين، چوڻ لڳي:
” منھنجي اچڻ جو انتظار ڪيو هيئي؟“
” تنھنجي دل ڇا ٿي چوي؟“
” پنھنجي پنھنجي دل آهي.“
” مون کي تہ ڏاڍو انتظار هو.“
مون کي اها اميد آهي.
انھي قسم جون ٿڙيل ڳالھيون ڪندي رهي، جيستائين وڃي ٻئي ڏينھن فون ڪرڻ جو واعدو ڪري موڪلايوسين.
آئون ماڳھين منجهي پيس تہ هن کي ڇا ٿي ويو آهي. وئي هئي تہ اهڙيون ڳالھيون تہ نہ ڪيون هئائين. اهو بہ خيال پيو اچيم تہ شايد ستائڻ جي موڊ ۾ هجي ۽ ستائي رهي هجي. ٻئي ڏينھن فون ڪيو مانس تہ ڀيڻس کنئي. شاهين جو پڇيم تہ ٻڌايائين تہ ڪنھن ساهيڙي سان ملڻ وئي آهي ۽ چئي وئي آهي تہ موٽي اچي توکي فون ڪندي. ٻہ ڪلاڪ کن رکي وري فون ڪئي مانس تہ پاڻ کنيائن:
”هڪڙي ساهيڙي جو مڱڻو ٿيو هو، تنھن کي مبارڪ ڏيڻ وئي هيس.“
”موٽي اچي فون ڪو نہ ڪيئي؟“
”هينئر آئي آهيان.“
”ٻيو ڇا حال آهي؟“
”سڀاڻي صبح جو ڪراچي وڃي رهي آهيان – شام جو Flight آهي.“
”مون سان ملڻ لاءِ پنج منٽ بہ ڪونھن ڇا؟“
”نہ، اهڙي ڳالھہ ڪونھي، تون ڪراچي اچجان، اتي ملنداسين.“
”مطلب تہ هتان ڪراچي تائين تون پنھنجي ليکي، آئون پنھنجي ليکي.“
”ظاهر آهي، توکي مجبوري ٻڌائي چڪي آهيان، بابا ساڻ هوندو آهي.“
”ڪراچي ۾ ڪٿي ملبو؟“
”نمبر لکي وٺ، پھچي مون کي فون ڪجان تہ پروگرام ٺاهي وٺنداسن.“
”ڪراچي پھچي فون ڪيو مانس تہ خبر پئي تہ آهي اتي ئي، پر ٻاهر نڪري وئي آهي. رکي رکي فون ڪندو رهيس ۽ ساڳيو جواب ملندو رهيو . Airportتي فون ڪري پڇيم تہ فلاڻي Flight ڪيڏي مھل ٿي وڃي. خبر پئي تہ پنجين بجي، ۽ هينئر پوڻا چار ٿي رهيا هئا. ڏھہ پندرھہ منٽ رکي وري فون ڪيم تہ جواب مليو تہ آئي آهي. جڏهن فون تي آئي تہ پڇيو مانس:
” جيڪڏهن نہ ملڻو هو تہ مون کي ڪراچي ڇو گهرايئي؟“
” اهڙي ڳالھہ تہ ڪونھي، پر وقت ڪو نہ مليو، ڇاڪريان؟“
” ڇا ڪو وڌيڪ ضروري ڪم هو؟“
” بس، ٿوري شاپنگ ڪرڻي هئي.“
” پوءِ هاڻي ڇا پروگرام آهي.“
” هاڻي تہ تمام گهڻي دير ٿي وئي آهي. ڪپڙا بہ مٽائڻا آهن ۽ Airport تي بہ پھچڻو آهي، ٻئي دفعي سھي.“
ڪاوڙ بہ ڏاڍي لڳم ۽ ڏک بہ ٿيم. چيو مانس:
” چڱو – آئون واپس وڃان ٿو.“
” ڇو ڪراچي ۾ دوست نہ اٿئي ڇا؟“
” آهن، پر ڪنھن سان ملڻ تي دل نہ پئي ٿي، واپس ٿو وڃان.“
” ايڏي ڪاوڙ”
” ڪنھن تي!“
” خير، واپس اچي توکي پرچائي وٺنديس. هينئر ئي ويندين ڇا؟“
”ها“
” چڱو، خدا حافظ.“
مون ڪو جواب ڏيڻ کان سواءِ فون بند ڪري ڇڏي.
سوچڻ لڳس تہ انھي Change جو سبب ڇا ٿو ٿي سگهي. گهڻو سوچڻ جي باوجود ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي. سوچيم تہ ڇو نہ Airport تي وڃي، ڪٿي پاسيرو ٿي بيھي رهان ۽ هڪ ڀيرو پري کان ئي ڏسي وٺانس. اهو سچي سڌو Airport ويس. گاڏي ٿوري پر ڀري بيھاري، هڪڙي ڪنڊ وٺي بيھي رهيس، جو مون نٿي چاهيو تہ هوءَ مون کي ڏسي. ٿوري دير کانپوءِ هڪڙي ٽئڪسي اچي بيٺي. انھي مان شاهين لٿي، پوءِ رشيد لٿو، ڏسي وائڙو ٿي ويس تہ رشيد هن سان گڏ ڪيئن آهي. هن رشيد سان کلي کلي موڪلايو ۽ اندر هلي ويئي. آئون بہ ڪنڊ مان نڪري اچي رشيد سان مليس ۽ پڇيو مانس:
”ڏي خبر، هتي ڇا پيو ڪرين؟“
”اڙي يار، شابس هجيئي. انھي ڏينھن توکي چيم تہ مون کي کڻي هلجانءِ ۽ تون هيلو وئين.“
”يار تڪڙو هئس ، هينئر هلين تہ هل“
”مون کي طارق روڊ تي ڇڏڻو پوندو.“
”هل تہ ڇڏيان.“
موٽر ۾ اچي ويٺاسين تہ پڇيو مانس:
”ڪيئن آيو هئين؟“
”يار هڪڙي پراڻي Girl Friend هئي. صبح جو ملي وئي، سڄو ڏينھن هوٽل ۾ گذاريوسين. وئي پئي ٻاهر، سوڇڏڻ آيو هئس. هئي واھہ جي تو ڏٺي؟“
”نه“
” وري ايندي تہ ملائيندو مانءِ.“
ايتري ۾ طارق روڊ اچي ويو ۽ هو لھي هڪڙي هوٽل ۾ گهڙي ويو.
رات جا ساڍا ٻارنھن ٿيا آهن، فون پاسي ۾ پيو آهي، بوتل ۽ گلاس سامھون ميز تي آرکيا آهن، دوست سڀ وڃي چڪا آهن، پر منھنجي دل چاهي پئي تہ بوتل سامھون هجي ۽ آئون پيئندو رهان، شايد اڪيلائي جو احساس ڪجهہ گهٽجي وڃي.