پيتل لڙڪ
ليکڪ: ولي رام ولڀ | پڙهڻ جو وقت: 23 منٽ
جڏهن کان سندس کٽ گهٽي ۾ وڇائجڻ لڳي آهي، تڏهن کان ماڻھن کي شڪايت ناهي. رات جو جڏهن اونداهي گهري ٿي ويندي آهي ۽ ماڻھن جي اچ وڃ بند ٿي ويندي آهي، تڏهن هو کٽ تي پيو دير تائين سوچيندو رهندو آهي.
مٿان دري مان آواز ايندا رهندا آهن، جيستائين روشني وسامي نٿي وڃي. تيستائين هڪ عجيب بي چئني گهيريو بيٺي هوندي اٿس. رکي رکي لڳندو اٿس تہ چڱو ئي ٿيو، نہ تہ رهڻ مشڪل ٿي پوي ها.
جيستائين دري مان روشني ايندي رهندي آهي ۽ سامھون ڀت تي ان جي شيخن جو پاڇو پوندو رهندو آهي، تيستائين هو هيٺ گهٽي ۾ ليٽيو ليٽيو پاسا ورائيندو رهندو آهي. ڪجهہ مزو بہ ايندو اٿس ۽ ڪجهہ پريشاني بہ ٿيندي آهيس. اهو سڀ ڏاڍو عجيب لڳندو اٿس. جڏهن هو مٿي ڪمري ۾ سمھندو هو ۽ سجاتا ڪافي دير تائين ڳالھيون ڪندي رهندي هئي تڏهن پاڙيسرين جون پريشانيون وڌي وينديون هيون.
پر هاڻي سڀ خوش آهن. سڀني کي ڄڻ چئن ملي ويو هجي. جڏهن کان سندس کٽ انھي ڪمري مان ٻاهر نڪتي آهي، تڏهن کان هر پاسي سڪون آهي.
سندس دل کي بہ ٿورو سڪون آهي. تازو ڪجهہ ڏهاڙا اڳ اهو ڪمرو سندس هو. گهٽ ۾ گهٽ چوڻ جي حد تائين، ڇو جو مسواڙ تہ سجاتا جي پگهار مان ڏني ويندي هئي، پر جاءِ جي مالڪ کي هوئي ڏيندو هو ۽ رسيد بہ سندس نالي ڪٽبي هئي. هينئر بہ رسيد سندس نالي ڪٽبي آهي، پر هو ايتري آزادي سان ڪمري ۾ وڃي نٿي سگهيو. سڀ ڪجهہ بدلجي ويو آهي.
هاڻي ڪيڏو نہ ويڇو پئجي ويو آهي. کٽ رات جو گهٽي ۾ هوندي اٿس ۽ ڏينھن جو ڏاڪڻ هيٺ. ڳڻ ڳڻين ڪپڙن مان اڌ بدن تي هوندا اٿس ۽ اڌ وهنجڻ جي جاءِ ۾ ٽنگيل هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن رات جو پڙهڻ تي دل ٿيندي اٿس تہ گهٽي جي ليمپ پوسٽ جي روشني ۾ ڪلاڪ ٻہ پڙهي وٺندو آهي. صبح جو هنڌ ويڙهي، کٽ ڏاڪڻ هيٺان اڀي ڪري پاون تي بيھاري ڇڏيندو آهي ۽ ڪتاب بجلي جي ميٽر واري ننڍي جاري ۾ اڇلي ڇڏيندو آهي. هاڻي سجاتا دري مان هيٺ جهاتي نہ پائيندي آهي ۽ اهو بہ نہ ڏسندي آهي تہ کيس ننڊ اچي ٿي يا نہ. اڳي کيس ننڊ نہ ايندي هئي تہ هو ور ور ڪري پڇندي هئي: ”ڇو؟ ننڊ نٿي اچيئي؟ ايڏي ڳڻتي ڇو ٿو ڪرين؟... مان جو ڪجهہ ڪمايان ٿي اهو ٻئي ڪنھن جو ٿوروئي آهي... سارو ڏينھن ستو پيو سوچيندو رهندو آهين.... سڀاڻي مئٽني شو ڏسي اچج، دل وندر ويندئي. سمجهئي؟“
پر تڏهن هو هميشہ چوندو هو: ” فلم ڏسڻ تي دل نٿي چوي“ ۽ سچ پچ تڏهن سندس دل هڪ بہ پيسو خرچ ڪرڻ نٿي گهريو.
سجاتا سندس ڪپڙن جو بہ خيال رکندي هئي. ڪڏهن تنجيون خريدي ايندي هئي. ڪڏهن ڪا ريڊي ميڊ قميص. ڪپڙا ڌوئي استري ڪري هوءَ پاڻ پيتي ۾ رکندي هئي.
پيتي هڪ ئي هئي، جنھن ۾ ٻنھي جا ڪپڙا پئجي ويندا هئا.
پر هاڻي ڪيترا ڏينھن ٿي ويا آهن جو هن پيتي کولي ڏسڻ جي همٿ نہ ڪئي آهي. وهنجڻ مھل صابڻ هڻندي بہ دل من هڻندو آهي. ٽوٿ پائوڊر واپرائيندو آهي تہ من کي نہ آئڙندو اٿس. وهنجڻ جي جاءِ ۾ دير لڳائڻ ڏکيو ٿي پوندو اٿس. خبر ناهي ڪيئن پراڻي هير تي انھي ڏينھن وهنجڻ جي جاءِ ۾ جهونگارڻ لڳو تہ هميشہ وانگي سجاتا جو آواز نہ آيو: ”تانسين! هاڻي ٻاهر نڪر، مون کي دير ٿي ويندي.“
هاڻي تہ وهنجڻ جي جاءِ تي ٺڪ ٺڪ ٿي هئي ۽ هو وهنجي وٺڻ جي باوجود انتظار ڪندو رهيو، تہ جڏهن ٻاهر ڪير بہ نہ هجي تہ ماٺڙي ڪري کسڪي وڃي. دير تائين وهنجڻ جي جاءِ بند رکڻ جي لاپرواهي تي کيس پاڻ تڪليف ٿي هئي. هو ٻليءَ پير ٻاهر نڪتو هو ۽ پنھنجي ٽنگيل ڪپڙن کي بہ ويڙهي سيڙهي کڻي آيو هو ۽ ڏاڪڻ تي بيھي سوچيندو رهيو هو تہ هاڻي اهي ڪٿي رکي؟ پسيل وارن مان پاڻي جا ڦڙا پئي ٽميس ۽ هو دير تائين ائين سوچ ۾ بيٺو رهيو هو. نيٺ هن فيصلو ڪيو تہ هاڻي هو ٻن پھرن جو وهنجندو.
هڪ ڏينھن اهي ٻئي، سجاتا ۽ هو، رات جو دري ۾ بيھي، دير تائين سامھون ڀت تي پوندڙ پنھنجا پاڇا ڏسي رهيا هئا، سجاتا سندس ڪلھي تائين مس آئي ٿي. پاڇو ڏسي سجاتا چيو هو: ”ٿورو هيڏانھن منھن ڦير، تنھنجو منھن ڏسان“ ۽ هو پروفائيل ٺاهي بيھي رهيو هو. پوءِ سجاتا بہ پنھنجو منھن ڦيرائي بيھي رهي هئي ۽ ٽيڏي اک سان ڀرسان ڀت تي پوندڙ ٻنھي پاڇن کي ڏسندي چيو هئائين: فلم جا هيرو هيروئن لڳون ٿا. آهي نہ؟
” هيٺ گهٽي ۾ ماڻھو ڏسندا هوندا. اتان ڀت تي پاڇا چٽا ٿا ڏسجن.“
” تہ ڇا ٿيو؟ بنا پيسن ۾ کين فلم ڏسڻ لاءِ ٿي ملي!“ سجاتا چيو هيو، ”مون کي چمي ڏي نہ.“ ۽ هن سندس ڪلھن تي هٿ رکي ڇڏيا هئا. ۽ جڏهن هن سجاتا تي نرڙتي پيار ڪيو هو تہ هن چيو هو: ”پري ٿي ڪنا!“
۽ هاڻي فقط شيخن جو پاڇو پوي ٿو. هاڻي سجاتا اتي نٿي بيھي. ڪمري ۾ لنگهڻ مھل، ڪڏهن ڪڏهن سندس پاڇو ظاهر ٿيندو آهي، نہ تہ وري ڀڙڀانگ هوندو آهي. ها، باقي دري مان آواز ضرور ايندو آهي، ڪڏهن کلڻ جو، ڪڏهن پيار سان ڇيڙڻ جو ۽ بتي وسامڻ سان ڄڻ سڀ ڪجهہ اونداهي ۾ غرق ٿي ويندو آهي.
۽ تڏهن ڀت تي گهٽي جي ليمپ پوسٽ جي روشني جون سڌيون ليڪون چٽيون ٿي تلوار جيئن چمڪڻ لڳنديون آهن، جي ساري رات سندس دل ۽ دماغ کي وڍ وجهنديون رهنديون آهن. پاسو ورائندو آهي تہ پٺي ۾ چڀڻ لڳنديون آهن.
کيس ننڊ نٿي اچي ۽ هو سوچيندو رهندو آهي... نيٺ اهو تہ ٿيڻو ئي آهي. ڪيڏي ننڍي هئي هيءَ دنيا ان وقت! سجاتا ٿڪي ٿڪي آفيس مان ايندي هئي، هو چانھہ ٺاهي رکندو هو، هوءَ چمپل اڇلي، پرس کٽ تي ڦھڪائي، کٽ تي ڦان ٿي ڪري پوندي هئي. تڏهن هو سندس نرڙ تان پگهر اگهندو هو. پيار ڀريل نظرن سان کيس ڏسندو هو.... ٿڪجي پئي آهين سجاتا؟
۽ هڪ ڏينھن تہ ليٽي ليٽي روئي پيئي هئي. اڻڄاڻائي ۾ سندس اکين مان ٻہ ڦڙا ماڪ جيئن لڙي پيا هئا ۽ هن ڏاڍي ڏک سان چيو هو: ” خبر ناهي ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ڇا ٿا سمجهن. آفيس ۾ چاولا آهي نہ............. چوي ٿو......... ائين پري پري رهڻ سان ڳالھہ نہ ٺھندي! مون کي تہ لڳي ٿو تہ هو مون کي بدنام ڪندو ۽ ڪنھن ڏينھن اها نوڪري ڇڏڻي پوندم.“
”تون اڄ ئي ڇڏي ڏينس!“ ائين چئي تہ ويو، پر ٻيءَ کن ۾ کيس پاڻ ڄڻ هڪ ڌوڏو اچي ويو هجي. جيڪڏهن سجاتا نوڪري ڇڏي ڏيندي تہ پوءِ گاڏو ڪيئن هلندو؟ هو بيڪار ۽ بيروزگار تہ آهي ئي، پر سجاتا بيروزگار ٿي تہ ڇا ٿيندو؟ جڏهن سجاتا ڏانهس ڏٺو تہ هٻڪي چوڻ لڳو: ” ڏس سجاتا! ائين ٿيندو رهندو آهي. انھي ۾ پريشان ٿيڻ جي ڳالھہ ناهي.“
اهو ٻڌنديئي سجاتا اٿي ويٺي. ”مون کي خبر هئي، تون ائين ئي چوندين، ونود! توکي ڪھڙي پرواھہ! ڀل ڪو منھنجي عزت سان کيڏي ڀل جو ڪجهہ چوي. توکي تہ آرام کپي.“سجاتا اهو سڀڪجهہ يڪساهي چئي ويئي. هو اچرج ۾ پئجي ويو هو سوچي ئي نہ سگهيو تہ ڇا چويس. پوءِ ڪجهہ دير ماٺ رهڻ کانپوءِ چيو هئائين: ”مان مزوري ڪندس، پر هاڻي توکان پيسا نہ وٺندس. منھنجي ڪري توکي ڪجهہ بہ سھڻو نہ پوندو، سمجهيئي؟“
ڪمري ۾ اونداهي ان وقت بيحد گهري ٿي ويئي هئي ۽ ٽپائي تي پيل چانھہ جا ٿانو پئي پئي ٿڌا ٿي ويا هئا. هو ڪرسيءَ ۾ پيھي ويو هو ۽ سجاتا ٻئي پاسي منھن ڪري پيئي هئي، ايتريقدر جو ڪمري جي بتي بہ ڪنھن نہ ٻاري.
نيٺ سجاتا ڳچ دير کان پوءِ اٿي وهنجڻ جي جاءِ ۾ ويئي هئي ۽ پائيپ کولي ڏاڍو روئندي رهي هئي. جڏهن ڪمري جي اونداهي اداسي ۾ ونود جو ساھہ ٻوساٽجڻ لڳو هو، تڏهن هن بتي ٻاري هئي، تيستائين سجاتا روئندي رهي هئي. هو دري ۾ بيھي ٻاهر ڏسندو رهيو هو. پنھنجي مجبوري جي احساس کان رکي رکي سندس اکيون ڀرجي آيون هيون ۽ دل سجاتا لاءِ پيار سان ٽمٽار ٿي ويس. جڏهن گهڻي دير ٿي ويئي، تہ هن اچي وهنجڻ جي جاءِ جو در کڙڪايو هو.
سجاتا منھن ڌوئي ٻاهر نڪتي تہ سندس چھري تي عجيب تازگي هئي. هن ونود کي خاموش بيٺل ڏٺو تہ هڪ هلڪي مرڪ سندس مک تي ڦھلجي ويئي هئي. خبر ناهي ڇو انھي مرڪ ونود کي ڪجهہ چوڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو هو. کيس اتيئي روڪي هن چيو هو: ” تون چيئن تہ مان چاچا جي گهر هليو وڃان؟ مون لاءِ ڪھڙو فرق ٿو پوي؟“
” مون کي خبر هئي تہ تون اهوئي چوندين. مون کي هتي اڪيلو ڇڏي توکي ٺيڪ لڳندو نہ؟“
” ٺيڪ تہ نہ لڳندو پر...“
” ان ريت منھنجي ڳالھين تي ناراض ٿي دل ۾ ڪندين؟“
”تون ڳالھہ ئي اهڙي ٿي ڪرين.“
”چڱو هاڻي ڪڏهن نہ ڪنديس.“
۽ هڪ منٽ ۾ ئي سندس دل جو سمورو دک ڌوپجي ويو هو ۽ جڏهن سجاتا ٻيھر چانھہ ٺاهي کڻي آئي هئي، تہ پيئندي سندس چھرو غور سان ڏسندي چيو هئائين: ” تون ٺاهوڪي بہ تہ ڏاڍي آهين، انھي ڪري تہ ماڻھو اُبتيون ڳالھيون ٿا ڪن.“
” پري ٿي ڪنا!“
۽ رات جو اتي ئي وري ڀرسان ٻئي ڄڻا ڳچ دير تائين ڳالھيون ڪندا رهيا هئا. ونود ڏاڍي پنھنجائب سان پڇيو هو: ”سجاتا، سچ ٻڌائج، منھنجي بيروزگاري توکي ڪڏهن ڪکي تہ نٿي؟“
”مون کي تنھنجي بيروزگاري ڪکي تہ ٿي، پر گهٽ ۾ گهٽ تنھنجي هئڻ ڪري هتي شام جو موٽڻ تي دل تہ چوي ٿي. جيڪڏهن تون نہ هوندين تہ مان هتي اڪيلي پيئي پيئي ڇا ڪنديس؟....... ڪڏهن ڪڏهن ائين ضرور لڳندو اٿم تہ توکي اهو سڀ.........“
”ها! پر سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڇا ڪريان............ مون کي ڪٿي ڪابہ نوڪري ملي وڃي تہ سجاتا گهٽ ۾ گهٽ توکي تہ نوڪري ڪرڻ نہ ڏيان! اهو بار منھنجي دل تي مون کي ڏاڍو ڳورو ٿو لڳي. ائين ٿو لڳيم ڄڻ منھنجي زندگي معنيٰ بڻجي ويئي آهي........... گهٽي ۾ ٻاهر نڪرندي بہ شرم ٿو اچي.“
اهو سچ هو تہ جڏهن بہ سجاتا هن جي لاءِ ڪو نئون ڪپڙو وٺي ايندي هئي، يا هو پيتي مان ڌوتل ڪپڙا ڪڍي پائيندو هو، تہ گهٽي ۾ ٻاهر نڪرڻ جي همٿ نہ ٿيندي هيس، هٻڪ ايتري ٿيندي هيس، جو هو ڪمري ۾ ويٺي ويٺي انھن ڪپڙن کي ميرو ڪري ڇڏيندو هو ۽ تڏهن ٻاهر نڪرندو هو. ماڻھو ڇا سوچيندا هوندا............. ڇوڪري ڪمائي ٿي ۽ هي مرد ويھي کائي ٿو!
پر انھي کان بہ وڏا هئا پاڇا. اهي پاڇا جي شيخن مان ٿي سامھون ڀت تي پوندا هئا سندن چوٻول ايترو نہ ٿيندو هو جيترو پاڇن جوٿيندو هو.
مٿئين فليٽ وارن چوڻ شروع ڪري ڏنو هو..........” هي ڪھڙا ڀاءُ ڀيڻ آهن، ڪا خبر ئي نٿي پوي. عجيب سڱ اٿن سائين!“ ۽ هيٺان تہ ماڳھين چاري ٿي بيٺا هئا مٿن. رات جو ٻي وڳي عشق ۽ محبت جون ڳالھيون ٿيون ٿين........ قسمين قسمين آواز ايندا رهندا آهن.
مٿئين فليٽ وارن جي زال تہ هڪ ڏينھن بھانو ڪري ڪمري ۾ گهڙي آئي هئي ۽ هن ٻئي ئي ڏينھن چيو هو.... اڙي ڪمري ۾ هڪ ئي کٽ اٿن. ڀاءُ ڀيڻ آهن تہ ڇا ٿيو، ڪٿي ائين....
۽ هنن ٻنھي جي بيخبري ۾ ئي سندن پاڇا تمام وڏا ٿيندا ويا هئا. هڪ ڀيري ونود سئودي وٺڻ لاءِ ويو هو تہ دڪاندار بہ چئي ڏنو هو...... ” پنھنجي زال لاءِ هن گهمري نئون صابڻ وٺي وڃ.“ هو رت جو جو ڍڪ پي ويو هو.
۽ لاشعوري طور تي انھن ٻنھي کي اهو پڇتاءُ اندر ۾ ئي کائيندو هو. جيڪڏهن وس پڄين ها تہ ڪمرو ڇڏي ڪيڏانھن هليا وڃن ها، پر اها اڻ ٿيڻي هي. هڪ تہ سجاتا جي لاءِ اهو ڪمرو آفيس جي ويجهو هو، ٻيو سستو هو، ٽيون ايترا پئسا بہ تہ نٿي ٿيا، جو ڪمري مٽائڻ جو خرچ ڀري سگهجي. پوءِ سوچيندا هئا تہ ڪنھن جي چوڻ سان ڇا ٿو ٿئي. رت جو رشتو تہ مٽجي نٿو سگهي. سڀئي پنھنجو پاڻيھي سنئين واٽ تي اچي ويندا.
پر مڙ جتن ڪندي بہ هو پڇتاءُ جو احساس مٽائي نہ سگهيا ها. سجاتا جو کلڻ ڳالھائڻ بند ٿي ويو هو ۽ هاڻي هن دري وٽ بيھڻ بہ ڇڏي ڏنو هو.
نيٺ هڪ ڏينھن پنھنجي دل جي چور کي ڏاڍيان دٻائي ۽ ڳالھہ کي تمام عام رواجي بنائيندي ونود چيو هو: ”سجاتا، تون شادي ڪر.“
”شادي سان ئي ڪھڙو فرق پوندو؟ تڏهن تہ تون پاڻ مون وٽ رهي نہ سگهندين.“
”تہ ڇا ٿيو؟ منھنجي لاءِ تون ڪيستائين پنھنجو پاڻ کي پابند ڪري رکندينءَ؟ منھنجي اها ڳالھہ تون مڃ، سجاتا!“
خبر ناهي ڇو، انھي ڏينھن سجاتا جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا. سندس اکين کي ڪھڙي درد ڀري ڇڏيو هو، اها ڳالھہ کيس سمجهہ ۾ نٿي آئي، پر اڻڄاتل هٻڪ جي ڪري انھي ڏينھن پنھنجا لڙڪ نہ اگهي سگهي، ڄڻ ٻنھي جي وچ ۾ هڪدم اوچتو هڪ اڻلکي ويڇوٽي جنم وٺي چڪي هجي.
انھي ڏينھن بہ سجاتا وهنجڻ جي جاءِ ۾ پائيپ کولي ڏاڍو رني هئي، پر هو کيس سڏڻ ۽ سرچائڻ لاءِ اٿي نہ سگهيو هو، هميشہ جئن هو شيخن ڀرسان بہ نہ بيٺو هو. پٻن تي هلندو ڏاڪڻ لھي ٻاهر رستي ڏانھن هليو ويو هو.
من ۾ آيس تہ ڪيڏانھن هليو وڃي – هي دہلي ڇڏي - ۽ پوءِ ڪڏهن بہ هتي واپس نہ اچي. پر هو هليو ويندو تہ سجاتا ڪيئن رهندي – اڪيلي ڪيئن رهندي هوءَ؟
گهڻي رات گذرڻ کانپوءِ جڏهن هو واپس موٽيو هو تہ گهٽي ۾ گهڙنديئي ڏاڍو عجيب لڳو هوس. ماڻھن جون کٽون گهٽي ۾وڇايل هيون. شايد هڪ وڄي چڪو ٿھو ٻہ – ٽي ڳئون کٽن جي سيراندي ننڊ –جاڳ ۾ هيون.
ٽريولنگ ايجنٽ سنگهہ جي گهر اڳيان پيل ٻئي کٽون خالي پيون هيون. سندن اندر وڃڻ کانپوءِ سندن پٽ جاڳي پيو هو، پر هن سمجهو ٻارن جيئن ماٺڙي ڪريو هنڌ تي ويٺي ڳئون ڏٺيون.
ڏاڪڻ جو دروازو بند نہ ٿيو هو. هو خاموشي سان مٿي پھتو تہ ڏٺائين تہ سجاتا گهري ننڊ ۾ ستل هئي. انھي سان کيس اٿت آئي هئي هو خاموشي سان پنھنجو تڏو پٽ تي وڇائي سمھي پيو هو.
صبح جو سجاتا اٿي تہ ڏاڍي اداس هئي، پر ونود کي هن ڪجهہ بہ نہ چيو، ڄڻ ٻئي ڄڻا هڪٻئي کان پاسو ڪندا هجن.
۽ هوريان هوريان اها وڇوٽي وندي ويئي.
هڪ ڏينھن سانجهي جو سجاتا ديويندر کي پاڻ سان گڏ وٺي آئي. انھي شام جو ٽنھي ڄڻن گڏجي چانھہ پيتي، پر ويريندر جي وڃڻ کانپوءِ بہ ونود سجاتا کان ڪجهہ بہ نہ پڇيو ۽ چپ رهي.
پر انھي ڏينھن کانپوءِ ڄڻ سڀ ڪجهہ تڪڙو بدلجڻ لڳو هو. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن سجاتا رات جي ماني ٻاهران ئي کائي موٽندي هئي ونود کان انھي لاءِ معافي گهرندي هئي. هاڻي سندس رات جي ماني کائڻ جو سلسلو ساڳيون نہ رهيو، ڇو تہ سجاتائي موٽڻ کانپوءِ هميشہ ماني پچائندي هئي.
ونود کي ڪجهہ تہ خوشي ٿيندي هئي ۽ ڪجهہ لڄ! پر سندس دل تان بار گهٽبو ٿي ويو. گڏو گڏ ڪڏهن ڪڏهن کيس ائين لڳندو هو، ڄڻ هوريان هوريان سڀ ڪجهہ هيٺ پيھندو پيو وڃي.
۽ پوءِ هڪ شام جو جڏهن سجاتا، ديويندر سان گڏجي آئي هئي، تہ هن ڄڻ پيار سان چيو هو: ” تون اسان کي چانھہ ٺاهي پيارين ٿو، اهو ڪجهہ چڱو نٿو لڳي، مان پاڻيھي ٺاهي وٺنديس.“
”اڙي، تہ انھي ۾ ڇا ٿيو؟“ ونود ڏاڍي اڻڄاڻائي سان چيو هو.
۽ سجاتا ڏاڍي سولائي سان چيو هو: ”ڪڏهن ڪڏهن شام جو گهمي ويندو ڪر.“ هڪ کن لاءِ تہ هو کيس ڏسندو رهيو هو. پوءِ ڏاڍو هٻڪندي هن چيو هو: ”تون ساري ڏينھن کان پوءِ ٿڪجي ايندي آهين.....“
” اڙي تہ ڇا ٿيو؟......ٻڏو ٿا؟“ سجاتا ويريندر کي بہ شامل ڪري ورتو هو ۽ ويريندر جي اها خشڪ مرڪ انھي پل ونود کي پھريون ڀيرو تمام اڪيلو ڪري هلي ويئي هئي.
ويريندر کي هن اڃا تائين چڱي طرح ڏٺو بہ نہ هو. انھي پھرين مرڪ کانپوءِ تہ اڃا بہ ڏسي نہ سگهيو. خبر ناهي ڇو، اهو سڀ کيس ڏاڍو عجيب لڳو هو. سجاتا جي ايتري کلي ويھڻ، سندس پوري شخصيت کي هڪ بلڪل الڳ وحدت جي شڪل ۾ پيش ٿي ڪيو.
جڏهن کان ديويندر اچڻ شروع ڪيو هو، هو ڏاڍو خوش هو، پر الائجي ڇو روز ئي اهڙيون گهڙيون اينديون هيون، جن ۾ سندس اکيون اوچتو ڀرجي اينديون هيون.. کيس خبر ئي نہ پوندي هئي تہ ائين ڇو ٿي ٿيو. رکي رکي سندس دل ڀرجي ايندي هئي ۽ انھي ڪمري ۾ هو پاڻ کي بنھہ اڪيلو محسوس ڪندو هو، سجاتا جي شين کي ڇھندي کيس عجيب هٻڪ ٿيندي هئي.
پر جڏهن پھرين تاريخ جو هميشہ وانگي سجاتا پنھنجو پگهار سندس تري تي رکيو تہ کيس اهو ڏاڍو چڱو لڳو هو، پر هاڻي ڄڻ هر ڳالھہ هڪ نئين شڪل ۾ قبول ڪري رهيو هجي. انھي ڀيري هن پھريون ڀيرو سمورو حساب ڪاغذ تي نوٽ ڪيو هو ۽ باقي بچت پئسا پنھنجي کيسي ۾ رکڻ جي بدران ميز جي خاني ۾ رکڻ لڳو.
هاڻي سارو ڏينھن ڪمري ۾ رهڻ بہ کيس ڪجهہ چڱو نہ لڳندو هو. شام جو جڏهن بہ ديويندر ايندو هو تہ هو وجهہ وٺي بنا چوڻ جي هليو ويندو هو. موٽي ايندو هو تہ سجاتا ڪاوڙجي چوندي هئي: ” ڪيڏانھن هليو ويو هئين؟“
”اتي ئي.“
”اتي ئي جي ڇا معنيٰ آهي؟ ديويندر هتي هجي تہ توکي مون وٽ ويھڻ گهرجي. مون کي سٺو نٿو لڳي تہ تون مون کي اڪيلو ڇڏي هليو وڃين.“
جڏهن سجاتا چيو هئس تہ کيس يڪ ٽڪ ڏسندو رهيو هو. سمجهہ ۾ نٿي آيس تہ نيٺ هو ڇا ٿي گهري؟
هڪ ڏينھن سجاتا ڀت ڏانھن منھن ڪري پڇيو هو: ”ديويندر توکي ڪيئن ٿو لڳي؟“
سڀ ڪجهہ سمجهندي بہ اها ڳالھہ هن ڪڏهن سوچي بہ نہ هئي. هو هڪدم ڪجهہ جواب ڏيئي نہ سگهيو هو. تڏهن سجاتا وري چيو هئس: ”ڪڇين ڇو نٿو؟“
”ڇا چوان....“
”مون کي تہ هو تمام سنئون سڌو ٿو لڳي.... ساڻس گڏ ڊپ نٿو ٿئي تہ هو ڪو ٻين جھڙو آهي..... خبر ناهي ڇو، ساڻس گڏ رهڻ ۾ ڏاڍو اعتماد پيدا ٿئي ٿو.“ هو چوندي پئي ويئي ۽ ونود هاڪار ڪندو پئي ويو. پوءِ ڪجهہ کنن کانپوءِ سجاتا چيو: ”سندس اکيون ڏٺيون اٿئي، ڪيڏيون گھريون آهن؟“ ۽ ونود کي محسوس ٿيو هو تہ برابر ديويندر جون اکيون ڏاڍيون گھريون آهن.
”ڳالھائيندو آهي تہ ڪيئن نرڙ ۾ گهنج پوندا آهن اٿس!“
۽کيس اهي گهنج پوندا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا.
” کلندو آهي بلڪل ٻارن جئن.“
۽کيس سندس کلڻ ۾ ٻارن جھڙن سادگي جو احساس ٿيو.
سجاتا جيڪي چوندي پئي ويئي، انھي مان ديويندر جو اهو روپ ٺھندو پئي ويو. کيس لڳو ٿي تہ منجهس سڀ ڪجهہ اهڙو ئي آهي جيئن سجاتا چوي ٿي.
۽ هڪ ڏينھن جڏهن انھن ٻنھي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي ۽ ديويندر پنھنجي هوٽل جو ڪمرو ڇڏي سامان سميت اتي پھتو تہ اهو ونود کي کيس ڏسڻ جو پھريون وجهہ مليو هو. جيئن سجاتا چيو هو، هو تيئن ئي ثابت ٿيندو پئي ويو.
ٻنھي کيس ڏاڍو زور ڪيو تہ هو پنھنجي کٽ ڪمري کان ٻاهر ورانڊي ۾ وڇائي، پر کيس احساس هو تہ اهو ٺيڪ نہ ٿيندو دروازي ڀرسان پيل کٽ جي ڪري اهي زور سان ڳالھائي نہ سگهندا ۽ نہ ئي کلي ڳالھيون ڪري سگهندا. پوءِ بہ مجبور ڪرڻ تي جڏهن هن کٽ وڇائي تہ اها سوڙهي جاءِ ۾ سمائجي نہ سگهي، انھي وقت کيس ڏاڍي خوشي ٿي هئي.
۽ هو پنھنجي کٽ کڻي گهٽي ۾ هليو آيو هو.
گهٽي جي ٽولي ۾ شامل ٿيندي ئي سڀئي چوٻول پاڻمرادو ختم ٿي ويا، هاڻي سڀئي خوش هئا، ڄڻ سڀني کي آرام اچي ويو هجي. هرطرف سڪون آهي. انھي رات جڏهن هو دير تائين ليمپ پوسٽ جي روشني ۾ پڙهندو رهيو هو تہ هڪ آواز ٻڌو هئائين ها، ها، سجاتا جو ڀاءُ آهي. هن شادي ڪري ڇڏي آهي نہ، پر روز روز تہ هزارين قسم جا خيال دماغ ۾ ايندا رهندا آهن. هو اتي ئي گهٽي ۾ پيو هوندو آهي ۽ جيستائين دري مان روشني ايندي رهندي آهي ۽ سامھون ڀت تي ان جي شيخن جو پاڇو پوندو رهندو آهي، تيستائين هو گهٽي ۾ ستو پيو وٽ کائيندو آهي. کيس محسوس ٿيندو آهي تہ هاڻي اهو سھارو بہ ناهي، جنھن مان هو سمجهندو هو تہ سجاتا اڪيلي آهي، کيس ڇڏي ڪيئن ٿو وڃي سگهي؟
حقيقت اها آهي تہ هو سجاتا کان پري ٿي ئي نہ سگهندو هو، پر دل کان سواءِ دماغ کي سمجهائڻ لاءِ هيستائين گهٽ ۾ گهٽ هڪ بھانو تہ هو. هاڻي تہ اهو بہ نہ رهيو هو.
”گهر“ نالي واري ڪا جاءِ سندس زندگي ۾ هئي بہ ڪونہ...اهڙو ڪو هنڌ نہ هو جتي هو رهي سگهندو هجي. پڻس مرڻ کان اڳ اهڙو ڪو گهر جوڙايو بہ نہ هو. سندس زندگي تہ ريل گاڏي جي سفر ۽ گارڊس رننگ رومن ۾ ئي ڪٽجي وئي آهي. ماڻس هئي ئي ڪانہ جو اهي ڊڪندا اچن. پرديس ۾ ڪنھن اڻڄاتل اسٽيشن تي يارڊ مان گذرندي حادثي ۾ سندس موت ٿيو هو. گهڻن ڏينھن کانپوءِ هن جي بدران سندس اها ڪاري پيتي واپس آئي هئي، جنھن ۾ اڇن اکرن ۾ سندس نالو لکيل هو.
۽ انھي پيتي مان سندس سموريون شيون نڪتيون هيون، ڳاڙهيون، سايون جهنڊيون، سيٽي، مس، ڪارا ٿي ويل نبن وارا هولڊر، ٽائيم ٽيبل، کاتي جا ٻيا ڪاغذ، ٽفن جا ٻہ دٻا، هنڊايل قميصون ۽ ٻہ پينٽون، جن کي هن وري ويڙهي سنڀالي رکيو هو، هڪ ڇنڊڻي، ٻہ چار پراڻا خط ۽ ڪپڙي جي هڪ ٽڪر ۾ ٻڌل مٺائي جا کيس ڏاڍي وڻندي هئي ۽ نيرن ۾ سجاتا هميشہ ٺاهي ڏيندي هيس. هڪ ٽين جي دٻي ۾ گيھہ هو ۽ ٻي ۾ سڪل ساوا مرچ جي کيس هر رٽائرنگ روم ۾ کائڻ لاءِ نٿي مليا. هڪ ٽين جي دٻي ۾ ڦڻي، آرسي ۽ ڏندڻن سان گڏو گڏ هوميوپيٿڪ دوائن جون شيشيون بہ هيون جي سندس سھارو هيون..
سندس لاڏاڻي کانپوءِ تہ اهڙو ڪو هنڌ بچيو نہ هو جتي اهي ٻئي وڃي سگهن، ڪنھن ننڍي شھر ۾ چاچس ۽ چاچي تہ هئا، پر اتي ڪڏهن وڃڻ بہ نہ ٿيو هو. ويھارو سال پراڻي ياد تہ کيس آهي. کيس اها بہ خبر ناهي تہ هاڻي اُهي ڪھڙي حال ۾ آهن.
اهوئي سڀ سوچي سوچي کيس ننڊ نہ ايندي هئي. پوءِ هو ڪيئن سمھي پوندو هو، ڪا خبر نٿي پئي. صبح ٿيندي ئي گهٽيءَ مان کٽون کڄڻ شروع ٿينديون آهن، تہ هو بہ اُٿندو آهي ۽ کٽ ڏاڪڻ جي هيٺان بيھاري ائين ئي هيڏانھن هوڏانھن گهمندو رهندو آهي. ويريندر کي دير سان اُٿڻ جي عادت آهي.
هاڻي سجاتا کي بہ وقت نٿو ملي، جيترو ويريندر وهنجڻ جي جاءِ ۾ هوندو آهي، تيستائين هو جلدي جلدي ڪجهہ ڳالھيون ڪري وٺندي آهي. جيڪڏهن ڪٿي وڃڻو هوندو اٿس تہ سجاتا ڪڏهن ڪڏهن ضد ڪندي آهي: ” تون هل نہ! هتي پيو پيو ڇا ڪندين؟“
۽ قطب تي پھچي اُهي وري جدا جدا ٿي ويا هئا. ويريندر سجاتا جي ڪلھي تي هٿ رکي ٻڌائيندو رهيو هو. ” هتي اڳ ۾ هڪ سنسڪرت اسڪول هو“ ..... ۽ اڳتي وڌندي چيائين، ” هي الاهي منارو ڏسي مون کي هميشہ اداسي گهيري ويندي آهي.... اڻپورا سپنا ڏاڍو ڏکوئين ٿا.“
سجاتا ۽ اهي ٻئي اداس اکين سان اڌوري الاهي مينار کي ڏسندي بيھي رهيا هئا.
انھي وقت ونود هڪ ڀوائتي اوپراڻ محسوس ڪئي هئي. هن سوچيو تہ هو ڇا چوي؟
هاڻي جذبو ئي بدلجي ويو هو. هن دنيا ۾ هو دخل نٿي ڏيئي سگهيو، هاڻي ٻين سپنن جون ڳالھيون آهن جن جو حسن ئي الڳ آهي. گونج ۽ گهرايون ٻيون آهن.
هو وڃي هڪ اتاهين چوٽي تي ويٺو.
رات جو جڏهن ٽيئي موٽيا هئا تہ ڪڪر چڙهي آيا هئا. رستي ۾ ويريندر آهستي پڇيو هو. ” ونود ڀلا تنھنجو ڇا ٿيو؟“
”درخواست تہ ڏني اٿم، باقي خبر ناهي تہ ڪجهہ ٿيندو يا نہ.“
”شايد منھنجي آفيس ۾ ڪجهہ ٿي پوي. هينئر ڪجهہ چئي نٿي سگهان.“ سجاتا، ويريندر کي ٻڌايو هو، ڳالھہ اتي ئي ختم ٿي ويئي هئي.
۽ انھن مونجهارن ۾ ڪافي ڏينھن گذري ويا. انھي وچ ۾ هڪ عجيب علحدگي جو احساس کيس ورائيندو ويو. سجاتا کي سندس خيال تہ ٿيندو هو، پر ائين جيئن ڪنھن کي هڪ ننڍي گناھہ جي خبر هجي ۽ هو مندر ۾ وڃي مٿو ٽيڪي اچي.
”ائين ٿو لڳي ڄڻ گذريل ڪيترن ڏينھن کان تو رات جو کاڌوئي ناهي، ڇو؟“ سجاتا ڄڻ هڪدم ياد ڪري پڇي ٿي... يا وري ” قميصون ڪڏهن سبرايون هيون؟“
سجاتا کي اهو سڀ ڪجهہ ڄڻ وسري ياد ايندو آهي ۽ انھي مان کيس ڏاڍو ڏک رسندو آهي. ياد نہ هوس تہ کيس آٿت هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ هو ڏاڍي جذباتي ٿي ويندي هئي، اڳي کان بہ وڌيڪ.... پر هاڻي سندس اکين ۾ لڙڪ نٿي آيا، جڏهن ڪا اهڙي ڳالھہ هوندي آهي تہ هو وڃائجي ويندي آهي. ويريندر جي سامھون هو ونود کي ويچارو ڪري بہ تہ نٿي رهائي سگهي. صبح جو ماٺ ميٺ ۾ کيس ڏهين جو نوٽ ڏيئي شام جو کانئس گهرندي آهي:
”تو وٽ جيڪڏهن چار پنج رپيا هجن تہ اڌارا ڏجان! موٽائي ڏيندس.“
”اڙي هن کان ڇو ٿي گهرين؟ مون وٽ آهن.“ ويريندر هڪدم چوندو هو.
تڏهن ونود کي ڄڻ ڌڪ لڳندو هو نيٺ ڪيستائين.... ڪيتري حد تائين اهو معاملو ائين هلندو.
۽ تڏهن کيس ويريندر جي هئڻ سان تھائين وڌيڪ اٻاڻڪائي محسوس ٿيندي هئي. هو پاڻ کي کانئس لڪائيندو آهي. سندس اک کان ٿڙي وهنجڻ جاءِ ۾ ويندو آهي ۽ چورن جيئن ماٺ ميٺ ۾ کسڪي ايندو آهي. هو نٿو چاهي تہ ويريندر کي ٺڪاءُ ڪرڻو پوي.
ايترا ڏينھن گذري ويا، پر اهو دستور جاري آهي. گهٽي ۾ ليٽئي ليٽئي هو سوچيندو آهي تہ آخر ڪيستائين – ڪيستائين؟ مينھن پوڻ سان ئي گهٽي ۾ کٽن جو وڇايل هئڻ غير يقيني ٿيندو ٿي ويو، ڪڪر مڙي ايندا هئا پر مينھن نہ پوندو هو.
انھي ڏينھن شام ڏاڍي وڻندڙ هئي. سجاتا ۽ ويريندر ڪافي رات گذرڻ کانپوءِ ٻاهران گهمي گهر موٽيا هئا، جڏهن اهي آيا هئا تہ هو پنھنجي کٽ گهٽي ۾ وڇائي چڪو هو، ليمپ پوسٽ تي پتنگن جو هجوم هو، جنھن ڪري هو کٽ اندر کسڪائي ستو هو، سجاتا ۽ ويريندر جو پاڇو هڪ ڀيرو کيس سامھون ديوار تي ڏسڻ ۾ آيو هو، ويريندر سندس وانگي سجاتا جو نرڙ ئي نہ چميو هو. پاڇن ۾ سندن چھرا ايترا الڳ الڳ بہ نہ هئا.
پوءِ ڪافي ديرتائين سندن ڳالھين جا سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ آيا پئي ۽ اوچتو سگريٽ جو ٽوٽو شيخن مان ٿيندو کٽ تي اچي ڪريو هو. انھي کانپوءِ رات تمام سنسان ٿي ويئي هئي. گهٽي ۾ ماٺ مڙهجڻ لڳي هئي. آسمان ۾ ڪڪر چڙهي آيا هئا ۽ گهاٽي اونداهي ڇائنجي وئي هئي.
۽ آڌي رات کانپوءِ مينھن اوهيڙا ڪري وسڻ لڳو هو. گهٽي ۾ ستل سڀئي ماڻھو پھنجون کٽون گيھلي اندر ڀڄي ويا هئا. هو هنڌ ويڙهي دروازي تي پھتو . دروازو بند هو، مٿي رهندڙ پنھنجا دروازا هميشہ بند ڪري ڇڏيندا هئا.
ڪو اهڙو ڇپر بہ نہ هو، جنھن جي هيٺيان پنھنجو پاڻ کي لڪائي. ڪمري جي سوڙهي ڪارنس جي هيٺان کٽ پسي رهي هئي ۽ جڏهن بوندن جو رخ ڏانهس ٿي ويو تہ پاڻ پسڻ لڳو.
هن ٽي چار ڀيرا دروازو کڙڪايو، سڏ ڪيائين، پر هو گهري ننڊ ۾ ستل هئا. مينھن جي شور ۾ آواز پھتوئي نٿي. دروازي کان ، ڏاڪڻ جي ڪري ڪمرو ايترو پري هو جو آواز پھچڻ مشڪل هو.
ساري رات مينھن وسندو رهيو ۽ هو انھي اونداهي رات جو کٽ تي چادر ويڙهي اوڪڙو ويٺو رهيو.
صبح جو ڪٿان ويجهو کيس ٻڌڻ ۾ آيو: ” هي هن جو ڀاءُ واءُ بہ ناهي. ساري رات هتي ويٺو پسندو رهيو!“
اک کلندي ئي سجاتا ڏٺو تہ سھي نہ سگهي. جيئن ئي هو ڪپڙا مٽائي ڏاڪڻ ۾ آيو تہ هن چيو: ” اهو سڀ ڪندي توکي ٺيڪ لڳي ٿو نہ؟“
”مٿي نٿي اچي سگهين؟“
”دروازو بند هو.“
”تہ چئين ها نہ!“
”مينھن جي شور ۾ آواز نٿي پھتو. ٺڪاءُ تہ گهڻا ڪيا هئم.“
”تو وٽ تہ هرڳالھہ جو جواب آهي!“ سجاتا آهستي کيس جهڻڪيو جيئن ڪٿي ويريندر ٻڌي نہ وٺي، وري چيو هئائين: ” اچ هڪ ڪوپ چانھہ پي متان ٿڌ نہ لڳيئي.“ سندس چوڻ ۾ پيار بہ هو تہ بيزاري بہ
ننڍڙي بورچيخاني جي هڪ ڪنڊ ۾ ونود چانھہ پي رهيو هو ۽ شايد لڙڪ بہ.
(هندي ڪھاڻي)
ليکڪ: ڪمليشور
سنڌيڪار: ولي رام ولڀ