App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

وڃايل راهون

ليکڪ: ملڪ  آگاڻي | پڙهڻ جو وقت: 21 منٽ

اڄ وقت جي وڏي وٿيءَ کان پوءِ ٻنھين جو ملڻ ٿيو آهي. ثريا ڪال بيل جي آواز تي وڌي دروازي تي اچي ٿي. پريان راشد کي ڏسي ڇِرڪي وڃي ٿي، ائين ڄڻ اعتبار ئي نہ ايندو هجيس.
”اچو اچو... خبر ناهي اڄ الائي ڪيئن ڀلجي پيا آهيو!؟“
”ها ڀلجي پيو آهيان... پر هي ڀلجڻ توهان کي تڪليف پھچائي ٿو...!“
(پر پوءِ بہ اڱڻ آئي جو سواگت واجبي آهي) ”اچو اچو“ هن صوفي ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
”ڇو!؟ ڇا ڳالھہ آهي؟ طبيعت مڙئي بگڙيل ٿي ڏيکارجي!!؟“
”ها.“
”خير تہ آهي“
”ها، پر اهي پوءِ جون ڳالھيون ـــ پھريان گهر آئي جي تواضع ـ ـــ ترسو مان...“ هن اٻھر وچان ڪمري کان ٻاهر نڪرندي چيو.
هن کي تنھن وقت ياد آيو، ائين ئي هڪ ٻئي ڏينھن بہ ثريا کيس ترسائي، اڪيلو ڇڏي ڪمري مان نڪري وئي هئي. پوءِ جڏهن موٽي هئي تڏهن سندس هٿن ۾ چانھہ جو ٽِري هو. هڪ ڪپ راشد ڏانھن وڌايو هو ۽ ٻيو پنھنجي اڳيان رکيو هو، تنھن بعد ائين ئي ٽيبل تي جهڪندي ٻانھن ڊگهيريندي چيو هئائين، ”ڪيئن کنڊ کپي؟“
”ايڏي ساري عرصي کان پوءِ“ ثريا ڪپ کڻندي مرڪندي پڇيو هو.
”ها، ايڏي ساري عرصي کان پوءِ،“ راشد سندس جملو دہرائيندي چيو هو.
”ٻڌاءِ ڪٿي هئين“ هن ٻيھر مرڪندي پڇيو هو.
”اونداهن غارن ۾“ ڇڙي پيو هو.
”پوءِ وساري ويٺين؟،
”نه، وساري نہ پر گم ڪري“ هن ڳيت ڏيندي چيو هو ـــ
کن جي خاموشيءَ کان پوءِ ٻيھر ثريا سوال ڪيو هو.
”ڪڏهن اچڻ ٿيو آهي؟“
”ڪيترن مھينن کان پوءِ“ هن جي آواز ۾ چِڙ نہ پر روسامو هو.
”پوءِ ايترا سارا ڏينھن...؟“ ثريا سندس غصي کي ٽارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي چيو هو.
”ها“ هن وڌيڪ رکائيءَ مان چيو هو، هن جي لھجي ۾ جا ڪَڙاڻ اوتجي آئي هئي سا ثريا کي ڪيئن وڻي هئي. هن کي لڳو هو؛ سندس سڀاءَ ۾ ڪو فرق ڪونه، اڳ جيان شوم، رُکو اَن سوشل، تڏهن بہ هن مرڪندي ٻيھر سوال ڪيو هو.
”ڪيئن آهين؟“
”ٺيڪ ئي تہ آهيان، پر تون ٻڌاءِ، هِن هيڏي ساري فليٽ مان ڀؤ نٿو ٿيئي.؟“
”ڀوءُ!؟ ـــ توهان کي ڀؤ ٿيندو آهي ڇا؟“ هن پھريان حيرت پوءِ تجسس مان پڇيو هو.
”ها، تڏهن جڏهن اڪيلائپ ۾ پاڻ تہ ڇوڪري هئڻ جو گمان ٿيندو آهي، تڏهن پنھنجو پاڻ کي لڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهيان، تہ متان ڪنھن راوڻ کي سيتا هجڻ جو گمان نہ ٿئي.“ هن سگريٽ دکائيندي چيو هو.
”هر سيتا کڄندي آهي ڇا؟“ ثريا ڪجهہ سنجيدہ ٿيندي پڇيو هو.
”ها، اڳ سيتا کڄندي هئي، پر اڄ جي سيتا پنھنجو پاڻ پئي راڪش جون وستيون وسائي.“
”مان نہ سمجهيو!“ ثريا اڻ ڄاڻائي ڏيکاريندي چيو هو.
”تون ڪا سمجهندينءَ ڇا، توکي تہ...“
”سچ! پر ڪڏهن کان؟“
”دل تہ گهڻو ئي ٿي چوي.“
 ”ڇا ٿي چوي؟“ هن مرڪندي پڇيو هو.
”اهو ئي تہ...“
”اهو ئي نہ تہ مون کي سيکاريو ۽ ها، توهان تہ صرف ڳالھيون ڪري ڄاڻو، اهو تہ مان بہ ڄاڻان ٿي تہ توهان وٽ مون کي تہ ڇا، پر پنھنجو پاڻ کي سمجهائڻ واري شڪتي بہ ڪانہي نہ تہ جيڪر سيتا چري نہ ٿي هئي جو ليڪا لتاڙي ها“ هن سندس ڪمزوريءَ تي ٺٺول ڪندي چيو هو، تڏهن راشد لاجواب ٿيندي مرڪيو.
”هُهن ـــ“
پوءِ کن لاءِ خاموشي، چانھہ جا چشڪا ۽ سگريٽ جا سوٽا. دونھون هڪ قسم جو گنبذ ٺاهيندو رهيو هو. تنھن بعد صوفي کي ٽيڪ ڏيندي راشد چيو هو.
”ثريا ــــ؟“
”هُون ـــ“
”ثريا، تو زندگيءَ ۾ هڪ وڏي چُڪ ڪئي آهي ۽ ها، مان چوندس پوءِ تون انھيءَ کي ڀل تہ ڪابہ معنيٰ ڏئين، پر مان چوندو ئي رهندس. تو پنھنجو پاڻ کي فريب ڏنو آهي، دوکو ڏنو آهي. تون ان ويرانيءَ طرف ڊوڙي رهي آهين، جتي پاڻيءَ جو ڦُڙو ڪونھي. ڪنھن بہ ڇپري ڇانو جو نانءُ نشان ڪونھي، جتي توکي ساھہ پٽڻ لاءِ اڀل ملي. اتي تہ رڳو رڃ ئي اُڃ آهي“
”اهڙا آدرش اڳ ڏيو ها تہ شايد ڪارگر ٿين ها“ هن مرڪندي چيو هو.
”ثريا، توکي گهٽ ۾ گهٽ پراڻي پريت کي وسارڻ نہ گهربو هو. ياد اٿئي هڪ ڀيري يونيورسٽيءَ جي لابيءَ مان گذرندي نثار ڏانھن اشارو ڪندي چيو هوءِ ”نثار تہ اصل ڇسو آهي. مون کي تہ اکين ڏٺي نٿو وڻي. جڏهن ڏس تڏهن پاڇي جيان ڪڍ، هُون باسٽر... ڪلھہ تہ اهڙي ڇنڊ ڪڍي اٿمانس جو وري نہ  اهڙي واهيات حرڪت ڪندو“ پڇيو هوم ”خير تہ هو؟“ تڏهن مرڪي اڃا بہ قريب ايندي چيو هوءِ ”خبر ڪانہي هو اڄڪلھہ پاڻ کي ڇا ٿو سمجهي، هُون ـــ ڀائين ”راشد سان لاڳاپن تي ڪجهہ غور ڪر، اهڙن خالي آئيڊيلسٽ اديبن سان اوهان جهڙن جو ايترو فري ٿيڻ ٺيڪ نٿو لڳي.“ تڏهن تو کن لاءِ خاموش ٿي منھنجي چھري جا تاثرات ڏسڻ چاهيا هئا ۽ پوءِ مون مرڪي چيو هو ”پوءِ تو ڇا چيو“ تڏهن تو مان سان گڏ هلڻ ۾ فخر محسوس ڪندي چيو هو ”توکي ڪھڙو ٿو حق پھچي ائين ٻين جي معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جو ۽ تون ڪير ٿيندو آهين مان کي مشورو ڏيڻ وارو، تون لڳندو ئي ڇا آهين منھنجو. اي، مسٽر! اهو روب وڃي ٻين کي جهاڙاءِ، اڳ لاءِ جي ٻيھر اهڙي گستاخي ٿي تہ پوءِ...“ وري جڏهن سيميسٽر ختم ٿيا هئا ڪجهہ ڏينھن جي موڪل کان پوءِ يونيورسٽي کلي هئي، تڏهن پاڻ جڏهن مليا هئاسين، تڏهن تو چيو هو ”راشد صاحب پوءِ ايترا ڏينھن....“ چيو هوم ”وري اهي تنھنجا لقب“ تڏهن تو چيو هو ”تڏهن ڀلا توهان کي ڇا چئي پڪاريان؟“ مان چيو هو ”اهو ئي جيئن اڳ سڏيندي هئينءَ“ ان وقت هلڪو مرڪندي لڄ وچان ٻئي پاسي منھن ڪندي تو چيو هو ”پوءِ سکڻي نالي وٺڻ سان تہ ماڻھو وڌيڪ...“ ۽ مان وڃان پيو وڌيڪ پٺتي ٿيندو ائين نہ. اهو ئي پئي چوڻ چاهيئه نه“ تڏهن تو مرڪي ڏنو هو ۽ ان مرڪ سان گڏ انڊلٺ جيان سوين رنگ سندءِ مُک تي وري آيا هئا. ان کان بہ وڌيڪ ياد هوندءِ، جڏهن پاڻ ٻئي سمونڊ جي لھرين جي نچڻ ڪُڏڻ تي ڳالھائي رهيا هئاسين، تڏهن تو چيو هو تہ ”انھن ڇولين جو ائين بار بار ڪنارن کي چمڻ آخر ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ اهي سانت ۾ بہ اينديون آهن ڪه نہ... پاڻ جڏهن موڪلائڻ لڳندا آهيون تڏهن لڳندو آهي انھن ڇولين جهڙي ئي ڪا شيءِ هجي، جيڪا سرير ۾ ڊوڙون پائيندي هجي. پوءِ گهڻي گهڻي رات تائين آرام ڪونه، ۽ صبح ٿيندي لڱن ۾ ڀاڃوڙ، سرير ۾ ساھہ ئي ڪونہ...“ ۽ خبر اٿئي تنھن وقت بہ تنھنجي انھن ٻاراڻين حرڪتن کي کلي ٽاري ڇڏيو هوم، ڇو تہ مان کي خبر آهي تہ تو جهڙن البيلين جي سپنن ۾ اسان سڃا اديب، اديب جيڪي اڌ سگريٽ ۽ اُبتن سبتن ليڪن پاتل چيريل ڦاڙيل پنن جا مالڪ، ميرن گدلن ڪپڙن ۽ هوائي چپل تي اُڏرندڙن جا تصور تہ اچي سگهن ٿا. پر حقيقي روپ ۾ توهان تائين پھچڻ ناممڪن آهي.“
”ها، اهوئي نه، پر مون کي ٻيو بہ گهڻو ئي ڪجهہ ياد آهي ــ مان تہ اهو بہ ڪين وساري سگهي آهيان، جو جڏهن تو هڪ نئين ڪھاڻيءَ جي عنوان بابت پڇيو هو، تڏهن چيو هوم ’نہ بابا نه، مان اديب تہ آهيان ڪونہ ـــ اها ڪھاڻي تو لکي آهي ۽ تون ئي بھتر ڄاڻي سگهين ٿوـــ مان، مان تہ بس رڳو ڪھاڻيون پڙهي ئي ڄاڻان ۽ ها، هن پنھنجي ڪھاڻيءَ جي عنوان تي بہ ڪڏهن سوچيو ٿي؟“ تڏهن تو چيو هو ”هروڀرو هر ڪھاڻيءَ کي عنوان ڏيڻ ڇا ضروري آهي.“ـــ ڪي ڪي ڪھاڻيون بغير عنوان جي بہ هونديون آهن“ـــ تہ رهيو سوال اڄ جو ـــ غلطي نہ رڳو منھنجي، پر تنھنجي بہ آهي ـــ پھرين غلطي تنھنجي جو رکائي، بي توجھہي، سرد مھري ۽ بي حرارتي ڪيفيت سان پنھنجي دل جي صحن کي سدائين لاءِ سرد ۽ ويران رکيو ۽ ٻي غلطي منھنجي جو توهان جي لفظن ۾ غير فطري ۽ ڪوڙن ٻنڌڻن ۾ پنھنجو پاڻ کي سوگهو ڪري ڇڏيم ـــ اهو منھنجو انتقام نه، پر فطري ضرورت هئي ۽ هينئر جتي آهيان، جنھن حال ۾ آهيان، اتي ئي رهڻ ڏيو تہ بھتر ٿيندو.“
”ڇا اهو بھتر نہ ٿيندو تہ توهان بہ روشن مستقبل لاءِ ڪجهہ سوچو ـــ ڏسو نہ ڀلا ائين ڪيستائين...؟“
ٻيھر جڏهن مليا هئا تڏهن ثريا چيو هو،
”تو جيان؟“ هن ٺٺول ڪندي چيو هو.
”مان جيان نہ سھي پر پوءِ بہ...“
”ثريا، سچ پڇين تہ مان، ٿو جيان نہ ئي ڪنھن قسم جا ڪي سُهانا سپنا سھيڙيان ٿو ۽ نہ ئي وري تو جيان ڪنھن روشن مستقبل جي ئي انتظاري اٿم ـــ مان اديب آهيان ـــ اديب جيڪي پياريون دل ۾ چڀندڙ ڪھاڻيون جوڙي ڄاڻن. اديب جيڪي ٻين جي خوابن جا تعبير تہ ڪري سگهندا آهن، پر پاڻ اڌورا ۽ اڻ پورا ئي رهجي ويندا آهن ۽ پوءِ جڏهن مرندا آهن، تڏهن ساڻن گڏ سندن اڻ پورن خوابن کي بہ دفنايو ويندو آهي“ چوندي چوندي اُداسيءَ جي ڇانو هن جي چھري تي ڇڻي آئي هئي.
کن جي خاموشيءَ کان پوءِ هُن ٻيھر ڳالھايو هو.
”ثريا، خبر ناهي ماڻھو ماضيءَ کي ڇو الاجي ڀلائي ويھن ٿا!؟“
”توهان هروڀرو ٽٽل زنجير جي ڪڙين کي ملائڻ جي ڪوشش ڇو ڪري رهيا آهيون؟ ۽ توهان کي ماضيءَ جي ڳڻتي بہ آخر ڇو؟“
””هُهن“ هو مرڪيو هو ”ماضي ـــ ماضي مون کي خبر ناهي ڇو پيارو لڳندو آهي، ۽ وڃايل جو ئي تہ احساس رهي ٿو. گم ٿيل جوئي تہ درد رهي ٿو ۽ تون ٿي چوين...“
”مون کي ماضي ايذاءُ ڏيڻ کان سواءِ ڪجهہ ڪونہ ٿو ڏئي سگهي، ان ڪري ماضي مون کي ياد ئي نہ رهيو. ها، ماضيءَ ۾ لڳو هو تہ مان بہ ڪنھن پراڻي ڪتاب ۾ هڪ اَمر ڪھاڻي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ماضيءَ ۾ مان بہ ڪنھن کي چاهيو هو، پر پوءِ انھي جي بي توجھہيءَ ڪري ائين لڳو هو جو پنھنجو پاڻ بہ ويس پئي ڪٽجندي ـــ مان ٻين لاءِ تہ پئي جيئس پر مون لاءِ ... ۽ انھيءَ ماضيءَ جي نراسائيءَ ئي ڌڪي ڇڏيو هو هن ڌٻڻ ۾. اڄ ماضي مان لاءِ هڪ کنڊر کان سواءِ ڪجهہ ڪونھي، ڪجهہ ڪونھي. ماضيءَ ۾ مان نہ ڪنھن کي ڳولي سگهان ٿي ۽ نہ ئي وري پنھنجو پاڻ کي لڀي سگهان ٿي، ان ڪري اڄ ئي منھنجي لاءِ سڀڪجهہ آهي ـــ اڄ کي ئي سيني لائي جيئڻو پوي ٿو ۽ تنھنجو اهو بار بار حق جتائڻ...“
”ها، حق جتائڻ  جي چاهنا هڪ ڀيرو ضرور اُڀري هئي، جڏهن تنھنجي شاديءَ کان پوءِ پھريون ڀيرو مليا هئاسين، تڏهن ياد اٿئي مان ڇا چيو هو؟... مان چيو هو ’ثريا توکي گهٽ ۾ گهٽ پراڻي پريت کي وسارڻ نہ گهربو هو...‘ ۽ اڄ، اڄ مان سڀڪجهہ وساري ويٺو آهيان. صرف ۽ صرف هڪ ئي ياد باقي اٿم تہ مان بہ ڪنھن کي چاهيو هو، جنھن سان اڄ بہ ازلي رشتو قائم اٿم. تڏهن ئي....“ هو جملي کي اڌورو ڇڏي، سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳو هو.
وري هڪ ڀيرو.
”آخر ڪيتسائين ائين...“
”شادي ڇو ڪونہ ٿا ڪريو؟“
”ثريا، اهو تنھنجو بار بار  شاديءَ لاءِ چوڻ مان کي سخت بڇان ڏياري ٿو ــ آخر شادي آهي ڇا؟“ هو چڙي پيو هو.
”شادي، اوهان جي ئي برادريءَ مان ٽالسٽاءِ شاديءَ لاءِ چيو آ ”هڪ معصوم سادہ دل، ذهين ۽ دلڪش زال سان گڏ زندگي گذارڻ، اها ئي حقيقي ۽ لازوال مسرت آهي.“
”ها، پر مان اهڙن ڪوڙن ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي خودڪشي ڪرڻ نٿو چاهيان. خبر آهي تہ ان  شاديءَ، جنھن تنھنجو کڻي مٿو خراب ڪيو هو، تنھن موٽ ۾ توکي ڇا ڏنو. اهو ئي نہ کل خوشي پوءِ ڍڳي واري فرمانبرداري ۽ آخر ۾ ڏهاڳ، اڄ هو تہ ايئر هوسٽس جي گرم جهوليءَ ۾ مزا ماڻي رهيو آهي ۽ تون... پر مان ٿو چوان شاديءَ ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟ اجايون هٿ ٺوڪيون سرحدون، ۽ خبر اٿئي تہ مان انھن حدن جو قائل نہ آهيان ـــ ياد ٿي هڪ شام يونيورسٽيءَ کان پري پھاڙن جي چوٽين تي ٽھلندي تو هروڀرو بہ قبوليت ڪرائڻ چاهي هئي ـــ تو چيو هو ”شاديءَ جو رشتو بہ ڪھڙو نہ سڀاويڪ آهي. ٻن دلين کي هميشہ هميشہ لاءِ پيار جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌڻ، جن ۾ رهندي ٻہ دليون ٻن ٻيڙين جيان پيار جي ساگر ۾ بي فلڪيون ۽ بي اُلڪيون ترنديون پيون وتن ـــ نہ تيز طوفانن جو کٽڪو ۽ نہ ئي وري ڪو لھر لوڏو“ تڏهن مان چيو هو ”پيار جي ٻيڙيءَ کي هروڀرو رسي ۾ سوگهو ئي ڇو ڪجي، جو هڪ هنڌ بيٺي بيٺي سينوارجي وڃي ۽ پيار جي قبوليت شادي ئي ڇو؟“ تڏهن تو چيو هو”صدين کان جو اها رسم دہرائبي پئي اچي“ ۽ اهو بہ ياد هوندوءِ تہ ان وقت مان ڇا چيو هو. مان چيو هو ”شادي ڇا ٻن دلين کي ملائڻ ۾ پُل آهي؟ شاديءَ کان سواءِ پيار ڇا مري ويندو آهي؟“ تڏهن مرڪي تو سوال ڪيو هو ”پوءِ پيار ڇا آهي؟“ مان چيو هو ”پيار هڪ نہ مٽجندڙ پياس آهي. پيار گلن جي سُرهاڻ آهي ـــ پيار ٽانگر ٽاري، ڀنل رابيل جي مَهڪار آهي... ۽ شادي؟ شادي مھذب سماج جو بنديخانو، شادي سکر سينٽرل جيل آهي. شادي لاڙڪاڻي جي چاوڙي، مچ جيل آهي...“ هن جي لفظن ۾ ترشي ۽ بيباڪي هئي، جنھن کان کيس سدائين ڪنبڻي وٺندي هئي ـــ هن کي لڳو هو؛ اڃا تائين منجهس ڪا نواڻ ڪانہ آهي.
”ڪڏهن ڪڏهن توهان ضرورت کان وڌيڪ رُکا ٿي ويندا آهيو، جيڪا ڳالھہ گهٽ ۾ گهٽ منھنجي سھپ کان ٻاهر  آهي.“
”شادي شادي، شادي ۽ شاديءَ اهو ئي تہ ڏنو ٿي نہ جو ٿوري ئي وقت ۾ پنھنجو روپ بگاڙي ايڊنٽٽي وڃائي چڪي آهين ـــ ڪٿي يونيورسٽيءَ واريون ڪنواريون ڪجليون اکيون، ڪٿي اڄ جون ويران ڏرا ڏنل اکيون ـــ لڳي ٿو تہ شايد راتين جون ننڊون حرام، ڏينھن جا چين بيڪار ـــ توکي تہ شايد ننڊ لاءِ بہ سليپنگ پلز واپرائڻيون پونديون هونديون.“
”بس ڪريو، رهڻ ڏيو ان سڀ کي“ چوندي چوندي هوءَ اُٿي. گئلريءَ ۾ وئي هئي ۽ راشد خاموش سگريٽ ڇڪيندو رهيو هو. کن لاءِ ڪمري ۾ خزان ۾ هڪ شام جيان اداس موسيقي ڦھلجي وئي هئي. هڪ اداس خاموشي ڇانئجي وئي هئي. پوءِ جڏهن ٻيھر واپس ڪمري ۾ گهڙي پاڻ کي صوفي تي سٽيو هئائين، تڏهن بہ ڪيترو ئي وقت ساڳي خاموشي ئي رهي هئي ـــ تنھن بعد راشد پڇيو هو.
ـــ ”سروس هلي ٿي؟“
ـــ ”ٻيو“.
ـــ ”ها، ٻڌاءِ اڄڪلھہ هو ڪٿي“ راشد سگريٽ جي رک، رک ـــ وٽيءَ ۾ ڇاڻيندي پڇيو هو.
”ڪير نثار؟ نثار ساڳي ئي هنڌ پي. آءِ. اي ۾ سروس پيو ڪري.“
ـــ ”۽ هوءَ سندس؟“
”خبر اٿئي نہ اها ايئر هوسٽس اهي ٻئي اسٽاف ڪوارٽرز ۾ رهن.“
”هيڏانھن ڪونہ اچي؟“
”نه، ڪونہ اچي ۽ اچي بہ ڇاڪاڻ. مان ڪا هاڻي...“
”پوءِ اڪيلائيءَ ۾ بور نہ ٿيندي هوندينءَ؟“
”نه، ڪابہ بوريتي ٻوريت ناهي.“
”ايڏي عرصي ۾ مون ڏانھن بہ ڦيرو نہ ڪيئه؟“ هن جي مُک تي اڻ چٽي ڌنڌلي ڌنڌلي چاهنا جا اولڙا تجلا ڏيڻ لڳا هئا.
”پوءِ نوڪر جو آهي.“
”اهو تہ ٿيو بھانو.“
”پوءِ ڪمزرو ئي سمجهو.“
”سڀڪجهہ ڄاڻندي بہ ايڏي ماٺ!“ هن سامھون نھاريندي سندس مُک جا ڀاؤ ڏسڻ چاهيا هئا.
”ائين سمجهو مون ۾ بغاوت جي سگهہ ڪين آهي.“ هن جي چھري تي ڏک ڀريون ريکائون اُڀري آيون هيون. لائيٽ جي تيز روشنيءَ ۾ هن اکيون ڇنڀندي جهٽڪي سان چھرو ٻئي پاس ڪري ڇڏيو هو.
”توکي اڄ بہ هن سان پيار آهي؟“
”نه، پيار نہ پر نفرت.“ هن تيز لھجي ۾ چيو هو. هن مڙس کان مليل گهاوَن کي من ئي من ۾ ڪنھن راز جيان سانڍي رکيو هو، پر پوءِ بہ اهو راز ڪنھن نانگ جيان سِرڪي سندس چپن تي اچي ويو هو.
”هُن مون کي دوکو ڏنو آهي. هُن مون سان ويساھہ گهاتي ڪئي آهي ـــ هُن مون کي ... ان ڪري ئي ...“ ايئن ڄڻ صفائي پيش ڪندي هجي.
”پوءِ هي دک جون ريکائون؟“
”پر تون تہ ٻڌاءِ، ايترا سارا ڀيرا آئين پوءِ ڀيرو بہ نہ ڪيئه؟“ هن سندس حڪم کي ٽارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي چيو هو.
”ياد ٿي، تو چيو هو ”ماضي ايذاءُ پھچائڻ کان سواءِ ڪجهہ ڪونہ ٿو ڏئي سگهي“ ۽ مون کي وري ملڻ پيڙا پھچائيندو آهي.“ هن ڏانهس گهوريندي چيو هو.
”منھنجي چھري ۾ رکيو ئي ڇا آهي جو ائين بار بار چتائي رهيا آهيو.“ هن ٿڪل ۽ حجاب واري آواز ۾ چيو هو.
”هڪ اها شيءِ پيو ڳوليان، جيڪا ڪنھن وقت پيڙا کان پالھي هئي. جنھن کي خوشگوار روحاني سڪون حاصل هو. جنھن ٻين لاءِ پنھنجي زندگي برباد ڪندي سچي زندگيءَ جي لذت، مسرت ۽ مزو بہ وڃائي ڇڏيو آهي. اڄ جنھن تي مان کي روئڻ اچي ٿو، پر افسوس! جو منھنجا ڳوڙها بہ ان تلخيءَ کي مِٽائڻ لاءِ ڪافي ناهن.“
ثريا جو ڪنوارپ وارو زمانو هن وٽ ائين محفوظ هو، جيئن اڳ جون ڪنواريون شاديءَ کان پوءِ ڏاج کي پوڙهائپ تائين سانڍيون اينديون آهن ۽ پوءِ جڏهن ڪھني لڙڪيل کل واري چھري کي آئيني ۾ ڏسنديون آهن، تڏهن گذريل وقت کي ياد ڪندي پراڻن ڪاٺوڙن، صندوقن ۽ ٽينڪن جا پُڙ کولي پراڻي ڏاج کي اٿلائي پٿلائي کن لاءِ پنھنجو پاڻ کي ماضيءَ جي ماٿرين ۾ اُڇلائي ڇڏينديون آهن.
ليڪن هن وساريو ئي ڇا هو؟ يونيورسٽيءَ جي رنگين ماحول کان جبلن جي چوٽين، سمونڊ جي لھرن کان وٺي اڄ تائين هن کان ڪجهہ بہ ڪين وسريو. هن کي تہ اڄ بہ ياد آهي، سندس ڪھاڻين ئي هنن کي هڪٻئي جي قريب آندو هو.
”راشد صاحب، مان توهان جون ڪھاڻيون پڙهندي آهيان.“
”واھہ وا، مھرباني مھرباني.“
”ڏسو نه، ان ۾ مھربانيءَ جي ڀلا ڪھڙي ڳالھہ. سچ پچ توهان عظيم اديب آهيو.“
”راشد صاحب اڄڪلھہ ڇا پيا لکو؟“
”مان، اڄڪلھہ هڪ ناول تي ڪم ڪري رهيو آهيان.“
”واھہ! پوءِ تہ ڏاڍو سٺو.“
”راشد صاحب، خبر ناهي، اوهان جو اسان کان ايترو پري پري رهڻ آخر ڇا معنيٰ ٿو رکي؟“
”توهان ڪيئن ٿا سمجهو؟“
”پوءِ نڪو ملڻ ۽ نہ ئي وري...“
”بس.. ۽ ان ڪري بہ تہ متان“
”ڇا مطلب؟ ۽ ڊڄو ٿا“ هلڪي مرڪ.
”ها.“
”ڪنھن کان؟“
”توکان“ سرگوشيءَ جي آواز ۾.
”مون کان؟“ مُک جو سرخي مائل ٿيڻ. من ۾ امرت جو اوتجي اچڻ.
ائين ئي ثريا عام ڇوڪرن جي ڪچڪول مان نڪري سڄو سڄو وقت مطالعي ۽ راشد سان ڪچھريون ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽيءَ کان پري سمونڊ جي ڪناري، ڪڏهن ساوڪ سان ڍڪيل پھاڙن طرف، جتي فطرت جي گَهراين، سمونڊ جي وڏين ڇولين جي نچڻ ڪڏڻ تي، ڪڏهن پھاڙن جي خوبصورتي، ظاهر ۾ پُرسڪون اندر ئي اندر ٽھڪندڙ لاوا تي، ڪڏهن گهاٽن وڏن وڻن جي گلن سان جهنجهيل جهومندڙ ٽارين تي ۽ ڪڏهن زندگيءَ سان واسطو رکندڙ مسئلن تي ڳالھائڻ، خيالن جي هڪجهڙائي هوندي بہ ڪجهہ وٿي. هڪ سماج جي دٻاءَ کي ڪنھن حد تائين برداشت ڪندڙ ۽ ٻيو عقيدن جي سھاري بنا ئي ڪائنات تي غور فڪر ڪرڻ سان دلي سڪون جاچيندڙ.
راشد ۾ جيڪڏهن ظاهر ۾ محبت واري گرمي ڪين هئي، پر پوءِ بہ پنھنجي منھن انھن پريت جي داستانن کي پنھنجن ڪھاڻين ۾ اوتيندو ضرور هو. ڀڳل ٽُٽل لفظن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو اظھار بہ ڪري ويھندو هو، ڄڻ دل جو ٿانؤ ڀڃي اهو محسوس ڪرائيندو هجي تہ وٽس بہ ڪا دل آهي پر محبت جو اهو جهوٽو جهڙيءَ ئي تيزيءَ سان ايندو هو اهڙي ئي تيزي سان دلين کي واسڻ بنا ئي گذري ويندو هو. ان ڪري ئي ثريا مٿس گهڻو ڀروسو ڪري ڪين سگهي.
۽ اڄ وري ڳچ عرصي کان پوءِ پاڻ هينئن مليا، راشد ڪپ کڻندي چيو.
”ثريا، تو جيڪا پاڻ سان ويساھہ گهاتي ڪئي هئي، ان کان بچائڻ جو موُھہ ئي...“
”چُپ ڪريو رهڻ ڏيو ان سڀ کي، بار بار اهو توهان جو رحم وارو جذبو دک ٿو رسائي.“
”ڏٺو اٿئي پنھنجو پاڻ کي آرسيءَ ۾؟“
”پوءِ جڏهن آتما مري چڪو هوندو آهي، تڏهن سرير جي آخر ڇا معنيٰ“ چوندي چوندي سندس آواز ڀرجي آيو.
”پر تنھنجي عمر ئي ڪيتري آهي”،
”بس، ڪڏهن ڪڏهن انسان عمر کان اڳ ئي پوڙهو ٿي ويندو آهي.“
”سبب؟“
”هر ڳالھہ جو سبب ٿيندو آهي ڇا؟“
”پوءِ هيءَ تنھنجي سرير کان لاپرواهي؟“
”سرير ۾ توهان جو ڏاڍو موه آهي؟“
”ها، ڇو تہ مان اديب آهيان. مان کي سرير جي سونھن تي جيتري سرهائي ٿيندي آهي، اوتروئي سندس ناس ٿيڻ تي ڳوڙها ڳاڙيندو آهيان.“
”پر ڏس، مان ان حد کان اڳتي نڪري آئي آهيان.“
”مان وري بہ دہرائيندس، تنھنجي عمر ئي...“
”ها، هڪ وقت اهو بہ هو جڏهن جسم ۾ هڪ قسم جي خوشبوءَ ۽ گرمائش ڊوڙون پائڻ لڳندي هئي. تڏهن لڳندو هو سچ بہ مان ڪو مور هجان ۽ مور جيان ئي اڪيلي اڪيلي جهرجهنگ ڪوڪيندو وتان. پر اڄ مان ان بن مان ٻاهر نڪري آئي آهيان. مان اڄ هر ڳالھہ کان مُڪتي پائي ورتي آهي. ان ڪري اڄ مان لاءِ سڀڪجهہ اجايو آهي. مان  بيھر پنھنجو پاڻ کي وري اهڙي بَنَ ۾ وڃائڻ نٿي چاهيان، جتان نڪرڻ لاءِ ڪو رستوئي نہ لڀي“ پوءِ ٻالھائي رهي هئي ۽ سندس آواز ۾ دٻيل سڏڪا هئا.
”پوءِ ڪلھہ جو احساس ڇو؟،
”تون ئي تہ چوندو آهين سڀڪجهہ وڃائڻ کان پوءِ بہ ڪلھہ جو احساس رهي ٿو. ۽ زندگيءَ ۾ رکيوئي ڇا آهي پر پوءِ بہ جيئڻو ئي پوي ٿو.“
”گذريل جو ڏک ڇو؟ ياد ٿي، مان چيو هو ’اسان اديبن لاءِ ماضي ئي قيمتي وٿ آهي ۽ مستقبل ـــ مستقبل اسان کي ڀانيئه نہ اچي‘ تڏهن تو چيو هو ’مستقبل منھنجو آهي‘ مان مستقبل کي جيتينديس.“
”ها، پر مان اهو بہ تہ چيو هو نہ تہ مان شڪست کائي ئي نٿي سگهان. پوءِ هي زندگيءَ جا ايندڙ پل آزاد پنڇيءَ جيان گذارينديس، ڇا اهو مون لاءِ ٿورو آهي...؟“ هوءَ اڃان بہ ڪجهہ چوندي چوندي رڪجي وئي. هن جو گلو ڀرجي آيو. هن جي ساڙهي ڪُلھي تان تِرڪي صوفي ۽ بلاڪ تي وڇائجي ويئي.
”تڏهن بہ هڪ مڙس ۽ ٽانگر جيان  ٽڙندو ٻارڙن جي تہ ڪمي رهندي.“
”نه، مان ٻار پيدا ڪرڻ ۽ مڙس سان گڏ هڪ بي معنيٰ ۽ فضول زندگي گذارڻ کان تنگ اچي چڪي آهيان.“
”پوءِ ائين ڪيسين اڪيلي زندگيءَ سان جنگ جوٽيون ايندينءَ؟“
”بس، ڇا ٿو چئي سگهجي؟“
”پوءِ؟“ هن دلچسپي وٺندي چيو.
”نه، بس، مان لاءِ جيڪو ٿيو سو ڪافي ٿيو،  ٻيھر ريتن رسمن جي قربان گاھہ تي سيس نوائڻ لاءِ تيار نہ آهيان.“
”پوءِ بہ؟“ هن جي منھن تي مرڪ نہ پر وشواس ۽ اُميد پيرا ٺاهڻ لڳي.“
”توهان آخر چوائڻ ڇا ٿا چاهيو؟ جڏهن تہ مان اڳ ۾ ئي چئي چڪي آهيان. زندگي مون لاءِ ڪا معنيٰ نٿي رکي، جنھن جي سھاري باقي پل بہ ڪسارا گذاريان ۽ نہ ئي وري اڄ بہ موھہ اٿم جو چوڙڻ ماڻڻ جي چاهنا جاڳي اُٿي. مان هن دنيا کان پري دور پري وڃڻ چاهيان ٿي، جتي ڪنھن جي بہ ڪوڪ ڪَنين نہ پوي.“
”سڪون تہ توکي اتي بہ نہ ملندو؟“
”گهٽ ۾ گهٽ مايوسي ۽ نراسائيءَ کان تہ پلوَ اَچا ٿيندا.“ هن کي زندگيءَ جا گذريل پل ياد اچڻ لڳا، جڏهن راشد کي اڪيلو ڇڏي وڃي نثار جي جهوليءَ ۾ ڪِري هُئي. ڪاليج جي نوڪريءَ کان پوءِ گهر ۽ پوءِ سارو سارو وقت مطالعي ۾ رُڌل، تڏهن شام جي واپسيءَ تي نثار جي مسڪراهٽ جي هلڪي گرمي سندس دل جي خشڪي دور ڪرڻ لاءِ ئي ڪافي هئي. هڪ زمانو اهو بہ هو جو اهڙا منظر ڏاڍا من پرڀائيندڙ لڳندا هُيس، ليڪن ان کان پوءِ جو جيڪو زمانو آيو تہ ان جي ڌنڌلي ڌنڌلي روشنيءَ ۾ نظر وجهڻ سان ساڳيائي منظر سندس بدترين يادين ۾ تبديل ٿيڻ لڳا. هن کي تعجب ٿيڻ لڳو تہ ائين آخر ڇو ٿيو؟ هوءَ پنھنجو پاڻ کي ملامت ڪندي رهي. ”آخر مان، هن سان شادي ڪرڻ تي راضي ئي ڪيئن ٿيس!“ ڪيئن ظاهري ڏيک تي ڀنڀلجي پنھنجو پاڻ کي فريب ڏنم؟ پنھنجي اکين ۽ چپن جي مسڪراهٽ ۽ خوشي، هُن جي وڏن ڳرن ٽھڪن ۾ ڪيئن گم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيس؟“
”ثريا.“
”هُون...“ هن ڇرڪ ڀريندي چيو.
”ڇا پئي سوچين؟“
”ڪجهہ نه؛ ڪجهہ بہ تہ نہ.“
”ثريا، جن ڪَڙين توکي نثار سان جڪڙي ڇڏيو هو، اهي ڪُڙيون گلن جون هيون. ريشمي هيون، سونيون هيون يا ڪنھن ٻيءَ شيءِ جون ۽ اهي سڀ اڄ جڏهن ٽُٽي چڪيون آهن، تڏهن تنھائي ۽ دک ڀري زندگي گذارڻ ۽ مدتن کان گهٽيل ٻوساٽيل رهڻ آخر ڇا معنيٰ رکي ٿو؟“
”ان معنيٰ کان ڪَڪِ ٿي تہ پنھنجو پاڻ کي بي معنيٰ بنائي رهي آهيان.“
”۽ سو بہ ڪيستائين؟“
”في الحال تہ ڪجهہ نٿو چئي سگهجي.“
”ثريا هڪ ڳالھہ چوان؟“
”چؤ.“
”مان غلط هجان پر اهو ضرور ڄاڻان ٿو تہ شايد تنھنجي اندر ۾ ڪو راز هجي، تون ڀل تہ ان جو اقرار نہ ڪر پر ان جي ڇيت سدائين لاءِ پئي تنھنجي من ۾ چڀندي رهندي ۽ مان؟ مون کي تہ سدائين ياد رهندو هڪ اهڙي بہ عورت آهي جنھن سان منھنجو ازل جو رشتو آهي، ان مان ڪوبہ فرق نٿو پوي تہ آيا اهو رشتو دوستيءَ جو آهي. پنھنجائپ جو آهي يا...“ پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي باوجود سندس من ڀرجي آيو. سندس لھجي ۾ هڪ قسم جي پنھنجائپ ۽ سنيھہ جي ڀاونا ڀريل رهي.
”مان کي هڪ ڀيرو وري دہرائڻو پوي ٿو تہ شاديءَ جي ڀيانڪ ۽ خوفناڪ رستي تي گهلي هلڻ ۾ آخر توهان ايتري دلچسپي ڇو وٺي رهيا آهيو، جڏهن تہ مان اڳ ۾ ئي چئي چڪي آهيان... ورجايل لفظن کي ٻيھر دہرائڻ ۾ فائدو؟“
”پوءِ بہ توکي سوچڻو ئي پوندو.“
”نه، مان سوچڻ واري سگهہ ئي وڃائي چڪي آهيان. پائڻ لاءِ مان وٽ رهيو ئي ڇا آهي، بي معنيٰ زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهہ مليو آهي، سو اُهي ڪجهہ تلخ ڳالھيون. ٿورا مليل جليل تجربا. ڪجهہ بغاوت جي ٿڪل خواهش، اهو ۽ شايد اهو بہ نه، بس مايوسين جو سَناٽو ۽ ان سناٽي ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ نٿي چاهيان. مان وٽ منھنجا پنھنجا سور ئي ڪافي آهن، مان ٻين جي غمن جا بار کڻڻ لاءِ ٻيھر تيار نہ آهيان.“
هروڀرو نہ پر حقيقت ٿو چوان توکي هارائڻ نہ گهرجي. زندگيءَ جا سوين پيچرا آهن هڪ جي هٿان نڪرڻ تي آخر همت ڇو هارجي؟“
”مان چيو نہ تہ توهان جا اهي درس ڪارگر ثابت نہ ٿيندا، ڇو تہ اڄ مان اتي اچي نڪتي آهيان جتان نہ ڪو رستو نڪري ٿو ۽ نہ ئي وري داخل ٿئي ٿو. اڄ جڏهن منھنجي لاءِ دنيا جا سڀ رستا بند ٿي چڪا آهن، تڏهن ٻيھر اهڙو ڪوبہ سلسلو ڳنڍڻ نٿي چاهيان جنھن مان وڌيڪ دک پھچي“ هن جو من ڀرجي آيو. پنھنجي آواز کي توازن ۾ رکندي چيائين.
”تنھن جو مطلب ڪنھن قسم جي ڪا گنجائش ڪانہي؟“ مايوسيءَ وچان سوال ڪيائين.
”نہ بلڪل نہ“ هُن اکين ۾ آيل لُڙڪن کي هٿ جي تِريءَ سان اُگهندي، منھن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو ۽ هُو اُٿي تڪڙو تڪڙو فليٽ کان ٻاهر نڪري ويو.