App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

احسان

ليکڪ: محمد دائود بلوچ | پڙهڻ جو وقت: 12 منٽ

مان هينئر ڪال ڪوٺڙي ۾ بند ٿيو آهيان، ۽ پنھنجي حياتي جي آخري گهڙين کي ڳڻي رهيو آهيان. سڀاڻي صبح سان منھنجي زندگيءَ جي ٽمڪندڙ ڏيئي کي گل ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو ۽ يقينن مون کي ڦاسي جي سزا ملندي ڇاڪاڻ تہ مون دوستي جي هام هنئين. مان غريب هوس، مون هن جي احسان جو بدلو ڏيڻ ٿي چاهيو......مون احسان فراموش ٿيڻ نٿي چاهيو، انھي چڪر ۾ هتي اچي پھتو آهيان ۽ توکي خط لکي رهيو آهيان.
منھنجي پياري، توکي تہ خبر آهي، مان هڪ ڪلارڪ آهيان، هڪ معمولي ڪلارڪ، جنھن جو پگهار مھيني جي پندرهين تاريخ تائين بہ نہ هلندو آهي ۽ پوءِ دڪان تان کنڌو کڻي يارن دوستن کان پٽ سٽ ڪري پورت ڪبي آهي، مان انھن ئي ڪلارڪن مان آهيان. مون توکي وس آهر خوش رکڻ جي هرڪا ڪوشش ڪئي، توکي خوش رکڻ لاءِ ڪئي حيلا هلايا، تنگدستي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ، مون پارٽ ٽائيم ڪم ڪرڻ، ڪٿي ڪا نوڪري ڪرڻ، محنت ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي. مگر افسوس! جو ڪٿان بہ ڪم نہ مليو. نہ وري ڪا نوڪري ملي. منھنجي آفيس ۾ سينئر ڪلارڪ، سپرنٽيڊنٽ صاحب، جن وٽ سٺي ٽيبل هوندي هئي. اهي روزانو فل سوٽ ۾ سئو سئو رپين وارا بوٽ پائي ايندا هئا ۽ مان هڪ ئي وڳي کي رات جو ڌوئي صبح جو سوير استري ڪري آفيس ويندو هوس ۽ چاڪي جي ڍڳي جيان ڄڻ گهاڻي ۾ وهندو هوس آفيس ۾ ٻيا مون کي چانھہ پياري ڪاغذ ٽائيپ ڪرائيندا هئا، ڊرافٽ ٺھرائيندا هئا ٽوٽل ڪرائيندا هئا، صرف چانھہ جي ڪوپ تي. ۽ مان انھن جو ڪم خوشي سان ڪندو هوس، ڇاڪاڻ تہ غريب هوس.
پياري، هڪ دفعي جڏهن توکي ويم جا سور هئا ۽ مان موڪل وٺي ڳوٺ آيو هوس، ۽ پوءِ جڏهن داين جواب ڏيئي ڇڏيو، تہ ٻار شايد پيٽ ۾ مري ويو آهي. ۽ هي ويم اسان کان زور آهي. هن کي حيدرآباد اسپتال کڻائي وڃو.تڏهن منھنجي اڌ ڌڙ مان ساھہ سڪي ويو، منھنجو مٿو ڦرڻ لڳو، منھنجا حوصلا خطا ٿيڻ لڳا، ڪابہ ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي.
منھنجي پياري توسان مون کي ڪيتري نہ محبت هئي ۽ آهي. ۽ اها محبت مان هن مھل دھرائڻ نٿو چاهيان، توکي خبر آهي تہ تون ئي منھنجي زندگي آهين، تون ئي منھنجي رفيقہ حيات آهين، تون ئي متاع حيات آهين. ان وقت منھنجي ذهن ۾ ڇتي ڪتي واري ڊوڙ ۽ دل ۾ وڇون جي ڏنگ وارا سور شروع ٿيا. خميسي کي پئسن ۽ سواري لاءِ چوان پر انڪار ڪري تہ پوءِ، قاسم کي چوان نہ هجنس تہ پوءِ، ائين پور پچائيندو، ڀڃ گهڙ ڪندو، پاڻ کان سوال ڪندو ۽ پاڻ ئي سوالن جا جواب ڏيندو رهيس. اوچتو تنھنجي ڪيڪن جو آواز ڪنن تائين پھتم. ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيس، هڪدم سوچيم تہ وڏيري جيئندي خان کان ڪجهہ پئسا ۽ جيپ وٺي توکي حيدرآباد کڻائي وڃان، باقي بيل گاڏي جي رينگٽ ۽ لوڏن، ڪچي رستي جي جهانڪن ۾ پڪي رستي تي پھچڻ کان اڳ تنھنجو الائي ڪھڙو حال ٿيندو، هڪ اميد جو ترورو نظر آيم، ڀڄندو ڀرواري ڳوٺ ۾ وڏيري جئيندي خان ڏي روانو ٿيس، دل ۾ اهي وهم ۽ وسوسا، الائي ڏيندو يا نہ، جيپ اٿس يا وڪڻي ڇڏيائين. مون کي ساڻس ملئي گهڻو وقت ٿيو هو، جئيندو خان ڦٽين جو زميندار هو، هر سال ڦٽين لھڻ وقت جيپ خريد ڪندو هو، حيدرآباد جي دلالن وٽ پيو چڪر ڏيندو هو ۽ ڍل ڏيڻ مھل اها جيپ اڌ ملھہ ۾ وڪڻي ڍل ڏيندو هو خدا ڪري شل جيپ هجيس ۽ ڏي. ائين ٻہ چار دفعا آفيس ۾ ڪم سان آيو هو تہ مون سندس سٺي خاطري ڪئي، ڪاغذ بہ ٺھرائي ڏنامانس، اهي ويچار ويچاريندو مان وڏيري جيئندي خان جي اوطاق تي پھتس، وڏيرو ويٺو هو، خوش ٿي مليو سربستو احوال ڏنومانس چائين:
” اڪبر جيڪڏهن هن مھل بہ مان تنھنجي ڪم نہ آيس تہ پوءِ وري ڪڏهن ڪم ايندس.... اهي مھلون بہ مڙسن تي اينديون آهن.“ پوءِ ڊرائيور کي رڙ ڪري چيائين: ” شير علي! گاڏي تيار ڪر“ ۽ کيسي ۾ هٿ وجهي سئو روپيا ڪڍي مون کي ڏنا. پوءِ تہ ڄڻ مون کي خريد ڪري ڇڏيائين. اکين مان شڪر گذاريءَ جا ڳوڙها، روڪيندي بہ نہ رڪيا ۽ ڳڙي پيا – گلو ڀرجي آيم. سوچيلم تہ جيئندي خان جي ڪھڙن لفظن ۾ شڪر گذاري ڪريان. ڀريل گلي سان ڪجهہ چئي ڪونہ سگهيس فقط هٿ جوڙ ڪري ”مھرباني“ چيم، جيئندي خان ڳراٽڙي پائي چيو:
”پرواھہ نہ ڪر، جيڪڏهن ڪو ڪم هجي تہ بي فڪر هليو اچ“
مان جيپ ۾ چڙهي ڳوٺ پھتس، اتان توکي کڻائي حيدرآباد آياسين، اسپتال ۾ داخلا ملي وئي ڇاڪاڻ تہ حالت ئي اهڙي هئي، ليڊي ڊاڪٽر تہ سخت ناراض ٿي ۽ چوڻ لڳي:
”هيئن ماڻھو ماري پوءِ کڻي ٿا اچو، پوءِ اسين ڪھڙو علاج ڪريون.“ مان صرف هٿ جوڙ ڪري پيو سگهان، نيڻن مان نير جاري، گلي مان آواز نہ نڪري، ليڊي ڊاڪٽر چيو: ” هڪ انسان جي زندگي جو سوال آهي، پر رت جي ضرورت پوندي – رت ڪير ڏيندو.“
مون پنھنجي ڏٻري جسم کي ڏسندي چيو: ” مان ڏيندس.“
”تو وٽ رت ڪٿي آهي.“
”تنھنجو رت ٺيڪ نہ ٿيندو – مڙس جو رت زال کي مليو تہ ٻئي ڀيڻ ڀاءُ ٿي پوندا.“
سئوٽ ملي عبدالقادر چيو
ايتري ۾ شير علي رڙ ڪئي: ” سائين آئون رت ڏيان.“
واھہ شير علي واھہ! جيئندا خان واقعي مڙس ماڻھو آهين. اهي جيڪي شھرن ۾ ويھي وڏيرن جي ظلمن جو داستان بيان ڪندا آهن، تہ وڏيرا هارين تي ظلم ڪندا آهن، هارين ۽ ڳوٺاڻن جون چوريون ڪرائيندا آهن. پاٿاريدار آهن، غريبن جي لڄن ڏانھن برين نظرن سان ڏسندا آهن. انھن کي هڪڙي ڪني گار دل ئي دل ۾ ڏئي ڇڏيم. بي اختيار زبان مان نڪري ويو: ” واھہ جيئندا خان، تو جھڙا انسان ڪٿي؟“
سوٽ ملي چيو: ” مان رت ڏيان ٿو.“
ائين تنھنجي حياتي بچي، ٻارڙو تہ اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪو هو.
انھي ڳالھہ کي پنج – ڇھہ مھينا گذري چڪا هئا، هڪ ڏينھن آفيس ۾ وڏيرو جيئندوخان مون وٽ آيو. جنھن وقت منھنجي نظر مٿس پئي ٽپ ڏئي وڃي ڀاڪر پاتومانس، اها جاءِ نہ ملي جتي وهاريانس. سڀني سان سندس تعارف پيو ڪرايان. چانھہ ڪيڪ، جا دور هليا، جيئندو خان گهڻي دير تائين مون وٽ ويٺو رهيو، اهڙي جوان جي ڪھڙي خدمت ڪجي! جنھن اهڙو احسان ڪيو. ان وقت مون وٽ پئسو ڪونہ هو پر هوٽل واري سان کندو هلندو هو. ڪجهہ وقت کانپوءِ جيئندي خان چيو تہ موڪل وٺ تہ هلي ڪجهہ ڳالھيون ڪريون. مون موڪل ورتي، جيپ ۾ چڙهي هوٽل ۾ پھتاسون، گرمي جا ڏينھن هئا. وڏيري آئيس ڪريم جو آرڊر ڏنو، پوءِ هن چيو:
” مون کي صلاح ڏي، ۽ تنھنجي مدد بہ گهرجي.“
” حڪم ڪريو.“
” اڪبر! ڪراچي مان دلالن جي معرفت هڪڙي شادي ڪريان ٿو. ائين تہ ٻہ شاديون اڳ ۾ ڪيل اٿم، پر ڪا شھر جي پدمڻي گهرجي. تمام ملڪيت واري آهي. لکاپتي آهي، صرف هڪڙي ماءُ اٿس، هو چاهين ٿا تہ ڪو زميندار هجي جنھن سان سڱ ٿئي، ۽ اهو مڙس ماڻھو هجي، هو شھري ڇوڪرن کان بيزار آهن، ڇاڪاڻ تہ شھري ڇوڪرا روز نئين ڪاليجي ڪڪي جي پٺيان ڊوڙن، چلولا، ڪڏهن ڪھڙا خيال تہ ڪڏهن ڪھڙا خيال، مون پنھنجي حيثيت کان وڌيڪ ڏيکاءُ ڏنو آهي. حيدرآباد ۾ هڪڙو بنگلو مسواڙ تي ورتم. کين ٻڌايم تہ پنھنجو آهي. ڳوٺ ۾ پنھنجو بنگلو بہ ڪو گهٽ ڪونہ آهي، جيپ تي کين ڳوٺ وٺي ويس، ڀرپاسي جي سموري زمين کين ڏيکاريم، پنھنجي توڙي پرائي زمين لاءِ بہ کين ٻڌايم تہ منھنجي آهي، مون اڃان شادي نہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ منھنجي دل چوي ٿي ڪا شھري حور ملي ۽ بس.
مون چيو ”ڪنھن بہ ڪم ڪار ۾ مان اوهان سان ٻڌل آهيان، ڪنھن بہ ڪم جو حڪم ٿيندو تہ حاضر ٿيندس.“
”گهٽ ۾ گهٽ ڏهن لکن جو شڪار آهي. توکان ڇا لڪايان، ڪنھن صلاح ۽ مشوري جي ضرورت پيئي تہ تو وٽ هليو ايندس. ڳوٺ جو آهين، پڙهيل ڪڙهيل آهين، توکي خبر هوندي تہ شھري زال سان ڪيئن هلجي، جيئن هوءَ خوش رهي سگهي. پوءِ چيائين تہ ڪافي وقت گذري ويو، بک لڳي آهي، مون موڪلائڻ جي ڪئي، چيائين: ” چريو آهين ڇا“ پوءِ ماني لاءِ آرڊر ڏنائين، ماني کائي بس ڪئيسين، بل آيو ٽيٽيھہ رپيا پنجاھہ پئسا، بل ڏسي منھنجو وات ڦاٽي ويو. هڪ ئي ويلي تي ايترو خرچ، پر ڪھڙي پرواھہ آهي، پوءِ اتان موڪلايوسين.
انھي ڏينھن کانپوءِ اٽڪل ڇھن مھينن تائين هو مون سان ڪو نہ مليو. هڪ ڏينھن وري آيو چيائين:
”شاباس هجي اڪبر، شادي مبارڪ ڏيڻ بہ نہ آئين.“
مون کائنس معافي ورتي ۽ کيس پنھنجي مجبوري ٻڌايم ۽ کائنس پڇيم ڏيو خبر چار ڪيئن آهيو.
چيائين: ”چئن زالن واري کان خوش آهيان. هن گهٽ ۾ گهٽ ڏهن لکن جي ملڪيت ڏني آهي، جنھن ۾ زيور، سون، روڪڙ، ڪار، بنگلو، ۽ ٻيو بہ سڀ ڪجهہ ضرورت ۽ عيش آرام جو سڀ سامان مون بہ حق مھر ۾ پنجاھہ هزار، هڪ بنگلو، ۽ پنج سئو ايڪڙ لکايا پر هنن ڪجهہ بہ وٺڻ کان انڪار ڪيو. هن جي ماءُ چيو: ” اسان جي نياڻي سکي رهي، اسان کي ٻيو ڪجهہ بہ نہ گهرجي.“ پر هنن هڪڙو شرط رکيو تہ: ” جيڪڏهن خدانخواستہ طلاق ڏني تہ سموري ملڪيت جيڪا اسان توکي ڏني، سا واپس ڪندين ۽ حق مھر ۾ ڏنل رقم، زمين، بنگلو وغيرہ بہ ڏيندين.“ مون اهو شرط قبول ڪيو.
” پوءِ“
” پوءِ شادي ٿي گذري، توکي خبر آهي تہ اسين وڏيرا، ويچارين ڳوٺاڻين گگدامن کي حويلي ۾ بند ڪيو ويٺا آهيون. اهي ويچاريون تہ ڊَپ کان ڪڇن ئي ڪونہ، ٻہ ٽي مھينا تہ ٻن زالن کي لڪايم، هن جون فرمائشون: ڪڏهن ڪراچي جا چڪر، ڪڏهن حيدرآباد جون هوائون، ڪڏهن فلم تہ ڪڏهن سير و تفريح. آخر ڳوٺاڻن ۾ اچي چوپچو شروع ٿيو تہ وڏيرو نئين زال جي پٺيان بنھہ ڇيلو ٿيو پيو هلي، آخر سوچيم تہ مڙس آهيان هينئر سموري ملڪيت، نقد، ڪاغذ دستاويز وغيرہ سڀ مون وٽ آهن هاڻي مون کي ڇا ڪندي.
هڪ ڏينھن کيس ٻڌايم تہ منھنجون ٻہ زالون اڳ ۾ آهن، اکين سان اڳي ئي ڏٺيون هئائين. منھنجو ايترو چوڻ ۽ هوءَ منھن مٿو پٽڻ، دانھون ڪرڻ، ڪرم ڪٽڻ، ڪپڙا ڦاڙڻ ۽ اڀ ڦاڙڻ لڳي، پوءِ روز روز جي مصيبت – جهيڙا، روئڻ، پٽڻ ماڻھو کڻي کلايائين. چوي پئي تہ مون کي طلاق ڏي.
” پوءِ“
 ” جيڪڏهن طلاق ڏيندس تہ سموري ملڪيت تان هٿ ڌوئي وهندس ۽ مون وٽ ڪوڏي ڪانہ بچندي.“
” هو پاڻ طلاق وٺندي تہ انھي صورت ۾ ڪجهہ بہ ڪو نہ ملندو.“
مون چيو.
” ملي يا نہ ملي پر مون کي ائين ڪرڻو ڪونھي، ڪير پيو ڪورٽن ۾ وڪيلن جا در کڙڪائي. هاڻي توکي صرف اهو عرض تہ هفتي کن لاءِ تو وارو ڪوارٽر مون کي ڏي، زال وٺي اچي اڪيلائي ۾ رهان، تنھائي ۾ کيس سمجهايان. رهڻ لاءِ هوٽلون بہ آهن، پر ڪير پيو زال سان دربدر ٿئي. وڏيرو ماڻھو هرڪو پيو سڃاڻي تہ پنھنجو بنگلو نٿو وٺي، هوٽل ۾ ترسيو پيو آهي. تون شھر جي ٻھراڙي ۾ رهيو پيو آهين، اسين خوش هونداسين، نہ ڪو ايندو نہ ويندو ٻہ ٽي ڏينھن الڳ رهي تہ دماغ ٺڪاڻي اچيس.“
” مون سوچيو تہ مان ڪٿي وڃي رهندس، پر هن جو ڪيل احسان اکين آڏو تري آيم، سندس احسان لاهڻ جو يا گهٽ ۾ گهٽ ڳائڻ جو هي سٺو وجهہ مليم، مون دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو. مون کي سوچ ۾ ڏسي وڏيري ٻہ سئو روپيا ڪڍي ڏنا ۽ چيائين:
” في الحال تون وڃي ڪنھن دوست سان، يا هوٽل ۾ رھہ، منھنجي زال خوش رهي تہ پوءِ ڪجهہ وقت وڌيڪ رهندس. توکي ڪنھن بہ وقت پئسن جي ضرورت پوي تہ هڪدم هليو اچ.“
مان انڪار ڪري نہ سگهيس. مون هڪڙي دوست کي عرض ڪيو: ” يار، ٻہ ٽي ڏينھن قرب ڪر، ڳوٺان مھمان آيل آهن، هن دوست بہ انڪار نہ ڪيو ۽ مان وڃي هن سان گڏ رهڻ لڳو.
هفتي کن کانپوءِ هڪ ڏينھن اوچتو انسپيڪٽر پوليس جي اٽالن سان آفيس ۾ اچي پھتو. وڏيرو جيئندو خان بہ ساڻن گڏ هو. مون سمجهيو تہ سندس دوست آهن ۽ ڪرسي تان اٿي کين ملڻ ۽ ڀاڪر پائڻ جي ڪيم، تہ ايتري ۾ جيئندي خان چيو:
”انسپيڪٽر صاحب! هي آهي اهو اڪبر، جنھن جي ڪوارٽر ۾ اسين مھمان ٿي اچي رهياسين، رات منھنجي غير موجودگي جو فائدو وٺي هن منھنجي گهر واري کي قتل ڪيو، ٿي سگهي ٿو تہ هن پھريائين دست درازي جي ڪوشش ڪئي هجي ۽ پوءِ هن کي پنھنجي راھہ تان هٽائڻ لاءِ تہ جيئن راز فاش نہ ٿئي ۽ ان کان سواءِ اسان سان ڪافي زيور ۽ ڪافي روڪڙ پئسا هئا، جن جو بہ پتو ناهي. هن گهٽا ڏيئي بيدردي سان منھنجي ڪنوار کي قتل ڪيو.
”انسپيڪٽر، اسان جي آفيسر صاحب کي چيو!
”سائين معاف ڪجو، مسٽر اڪبر اسان کي خون جي جاچ ۾ گهربل آهي.“ ائين چئي هن مون کي هٿڪڙيون هنيون ۽ جاءِ واردات ڏي وٺي هليو.
اتي پھچي مون ڏٺو تہ هن جي خوبصورت زال کي منھن تي ڪافي ڌڪ لڳل هئا. نڪ ۽ وات مان رت نڪتل هوس. ڌڪن جي جاءِ گلي، منھن ۾ گهٽن ۽ ڌڪن جي ڪري نيرا داغ ٿي پيا هئس، سندس منھن سڄيل ۽ ڪپڙا ڦاٽل هئا، ڄڻ ڪافي ويڙھہ ٿي هجي. جيئندي خان انسپيڪٽر جي اڳيان روئندي، اکيون مھٽيندي چيو:
”اڪبر ، تون ڳوٺ جو هئين آئون وڏيرو آهيان مون وٽ ڪھڙي ڪمي آهي. جيڪڏهن تون ناراض هئين. تہ اسان کي منٿ ڪري هتي نہ رهائين ها، مون کي رهڻ لاءِ سوين جايون هيون. واھہ جو مھمانوازي جو حق ادا ڪيئي – منھنجو گهر تباھہ ٿي ويو هاءِ منھنجي مٺڙي ڪنوار، اڃا تہ سندس هٿن تان ميندي بہ نہ لٿي آهي.“ ائين چئي هو اوڇنگارون ڏئي لاش کي چنبڙي روئڻ لڳو.
مان حيران پريشان وائڙن وانگر وات پٽيو، ڪڏهن وڏيري کي ڪڏهن لاش کي ڪڏهن انسپيڪٽر کي ڏسندو رهجي ويس. ۽ پوءِ جيل روانو ڪيو ويس.
هن جي هٿ ۾ پئسو هو، هن جا سوين شاهد هئا پوليس سندس مددگار هئي. مان اڪيلو تن تنھا، مسڪين بي يارو مددگار هوس ۽ اڄ تائين جيل ۾ سڙندو رهيو آهيان. چوندا آهن تہ سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي، پر ٻڏندي نہ آهي – پر وڏيري بدران منھنجي ٻيڙي ٻڏي ويئي، منھنجو سڀ ڪجهہ تباھہ ٿي ويو، منھنجي زندگي زهر بنجي وئي، پر ان سان گڏ توکي بہ راھہ ۾ رلائي وڃان ٿو. منھنجي پياري، مان بي قصور آهيان. قاتل وڏيرو آهي، هن دولت جي لالچ ۾ پنھنجي زال جو خون ڪيو. پر ڦاسي کان بچڻ لاءِ هن مون مسڪين کي موت جي منھن ۾ ڏنو. خبر ناهي حقيقت ڪڏهن حقيقت ثابت ٿيندي. جيستائين سچ، سچ ٿئي ۽ ان وقت اهو سچ منھنجي ڪھڙي ڪم جو جڏهن آئون نہ هوندس.