App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ھڪ خوفناڪ سفر

ليکڪ: الطاف شيخ | پڙهڻ جو وقت: 33 منٽ

ھي خوفناڪ سامونڊي سفر ڪيئن شروع ٿيو؟ ان جي مون کي چٽيءَ طرح ياد ناھي. ان ڏينھن منھنجي ارڙھين سالگرھ ھئي. سج لٿي مھل دوست سان گڏ آءٌ شرابخاني ۾ پھتس، جتي ھڪ ٻئي پويان کوڙ گلاس شراب جا پي، پنھنجا ھوش حواس وڃائي ويٺس. صبح جي وقت ھوش آيو تہ پنھنجو پاڻ کي کڙ کٻڙ تختن تي ستل ڏٺم. ستي ستي ڪنڌ گهمائي ڏسڻ سان وائڙو ٿي ويس. ساڄي پاسي کان انھن ٿلھن رسن جا ڍير رکيا ھئا، جيڪي گهڻو ڪري بندرگاھ ۾ ايندڙ جھازن جي ڊيڪ تي، آءٌ ڏسي چڪو ھوس. پوءِ ھوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندو سڙھہ نظر آيو ۽ منھنجو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو تہ آءٌ ھڪ بحري جھاز جي عرشي (ڊيڪ) تي پيو آھيان. چئني پاسي، جيتري نظر وئي ٿي رڳو پاڻي ئي پاڻي نظر پئي آيو. ھراس ۽ ڊپ کان دل ٿي ٽٽي. ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ھيستائين ڪيئن پھتس؟
ايتري ۾ ڪنھن جي پيرن جو کڙڪو ٿيو ۽ منھنجي خيالن جو سلسلو ڇڄي پيو. مون يڪدم کڻي اکيون پوريون ڄڻ ننڊ ۾ ھجان، پر ان جو ڪو فائدو نہ ٿيو ۽ ٻي گهڙيءَ ڪنھن پاسراٽين ۾ زور سان ٿڏو ھڻي کھري لھجي ۾ حڪم ڏنو: ”ڪئبن بئاءِ! اٿ. اٿي کڙو ٿي. اسان کي ڊيڪ جي صفائي ڪرڻي آھي.“ پنھنجي ڳالھہ پوري ڪري ھن ھڪ ٻيو ٿڏو ھنيو. آءٌ سور کان ڪنجهندو اٿي ويٺس. اڃا ڏڪندي ڏڪندي سڌو بيھڻ جي ڪوشش پئي ڪيم تہ، ٻيھر حڪم مليو: ”رڌڻي ۾ وڃي بورچيءَ کي رڌ پچاءَ ۾ مدد ڪر.“
مون کي ڪا ڄاڻ نہ ھئي تہ رڌڻو ڪٿي آھي؟ ماٺ ۾ وائڙن وانگر نھاريندو رھيس. مون کي حڪم ڏيندڙ، جيڪو شايد ميٽ (چيف آفيسر) ھو، ان کي باھ وٺي ويئي. ڪاوڙ ۾ سندس ڀوائتو مھانڊو ويتر ڊيڄاريندڙ ٿي ويو. زور سان پٽ تي پير ھڻي واڪو ڪري چيائين: ”تہ اھا ڳالھہ آھي، توکي منھنجو حڪم مڃڻو ناھي؟“ پوءِ پاسي کان بيٺل خلاصين ڏي نھاري کين چيائين: ”اڙي اھي رسيون تہ کڻجو، ڏسون تہ ھي ڇوڪرو منھنجو چوڻ ڪيئن نٿو مڃي.“
آءٌ وائڙن وانگر ھن کي ڏسندو رھيس. ٻہ ملاح رسا کڻي آيا، جن جي پڇڙين ۾ ڪجهہ بار ٻڌل ھو. انھن کي منھنجي چيلھہ جي چوڌاري ويڙھيو ويو. پوءِ ڪيترن ڄڻن مون کي جهلي مٿي کنيو ۽ ھيٺ سمنڊ ۾ لڙڪائي رسيءَ کي آھستي آھستي ڍر ڏني. سمنڊ ۾ تمام جوش ھو. پاڻيءَ جون ڇوليون گجي اڏائينديون جھاز سان اچي ٿي لڳيون. اھو حال ڏسي ڊپ ۽ ھراس کان مون کان رڙيون نڪري ويون، پر پٿر دل خلاصين جي دل کي ٿورو بہ جهٻو نہ آيو. مون کي بي وسيءَ جي حالت ۾ ھٿ پير ھڻندو ڏسي، ماڳھين ٽھڪ ڏيڻ لڳا. مون جھاز جي نڪتل حصن کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي. آڱريون سڄيون ڦٽجي پيون، پر پنھنجو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگهيس. آلاڻ ڪري منھنجا ھٿ ھر ڀيري ترڪي ٿي ويا. مايوس ٿي مون پنھنجو پاڻ کي قسمت جي حوالي ڪري ڇڏيو.
رسو آھستي آھستي ھيٺ گهرڪي رھيو ھو. منھنجي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ رھيل مفاصلو تکو تکو گهٽجن لڳو، تان جو منھنجا پير پاڻيءَ کي ڇھڻ لڳا. مون ڊپ کان اکيون کڻي بند ڪيون ۽ بدن سيٽي ڇڏيو. پاڻي جڏھن مٿي تائين پھتو تہ مون ھڪ ڊگهو ساھ کڻي ڦڦڙن ۾ چڱي ھوا ڀري ورتي ۽ اھو ئي سوچيم تہ پاڻيءَ ۾ اندر گهڙڻ وقت دير تائين ساھ جهلي سگهندس. پر سڀ اجايو ثابت ٿيو. اڌ چرين خلاصين رسو ڇڪي اھڙيون تہ سٽون ڏنيون جو منھنجي سھپ جي قوت جواب ڏئي وئي ۽ ساھ سڪڻ لڳو. ساھ کڻڻ لاءِ مون لاچار وات کوليو. سمنڊ جو لوڻ ھاڻو کارو وِھ جهڙو پاڻي نڪ ۽ وات ۾ ڀرجي ويو. نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊا چڀڻ لڳا. ڦٿڪندي اکيون کوليم. پاڻي وڃڻ ڪري اھي بہ پوسرڻ لڳيون ۽ آڏو ڌنڌ اچي ويو. جسم سان گڏ جهڙو ذھن بہ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو ۽ ڪجهہ بہ خبر نہ پئجي سگهي تہ ڇا پيو ٿئي؟
پوءِ جڏھن ھوش آيو تہ پاڻ کي پينگهي جهڙي ھنڌ تي ستل ڏٺم. چوڌاري اوندھ ڏسي سمجهي ويس تہ رات ٿي وئي آھي. ڪجهہ فُٽن جي فاصلي تي ھڪ ڪام ۾ ٻڌل ڏيئو لڏي رھيو ھو. ان جي جهيڻي روشنيءَ ۾ مون ھڪ گهنجن سان ڀريل مُنھن وارو ھمراھ پنھنجي اڳيان بيٺل ڏٺو. ھن جي ننڍڙين اکين ۾ جيتوڻيڪ رحم ۽ ٻاجهہ نہ ھئي، پر ساڳئي وقت عياري ۽ لچائيءَ جو ڏيک بہ نہ ھو. مون کي اکيون ڇنڀيندو ڏسي، ھن چيو: ”ڇوڪرا توکي آخر ھوش اچي ويو! اٿ، اٿي ماني کاءُ. گهڻي دير تائين پيٽ کي خالي رکڻ نقصانڪار آھي. ٽن ڏينھن بعد توکي ھوش آيو آھي. تنھنجي قسمت سٺي ھئي جو گوڙ ٻڌي، ڪئپٽن مھل تي پھچي ويو ۽ توکي ٻاھر ڪڍيو ويو، نہ تہ خلاصين تنھنجو ساھ ڪڍڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نہ ڇڏي ھئي. ھاڻي سيگهه ڪر، اٿي ويھہ. مون کي رڌڻي ۾ ھڪ مددگار گهرجي سو تون مون سان گڏ رھ.
”آءٌ جھاز ۾ پھتس ڪيئن؟“ ڊڄي ڊڄي سوال ڪيومانس.
”توکي ياد نٿو اچي تہ تو ھڪ ڇپيل پني تي صحي ڪري سال جو معاھدو ڪيو آھي. توسان گڏ ھڪ دوست بہ ھو، پر ھو توکي ڪئپٽن جي حوالي ڪري ھليو ويو.“
دوست جو لفظ ٻڌي مون کي اوچتو سالگرھ واري شام ياد اچي ويئي. يڪدم سمجهي ويس تہ پئسن جي لالچ ۾ حرام خور دوست مون کي جھاز تي ڇڏي ويو ۽ ھنن ماڻھن نشي جي حالت ۾ مون کان معاھدي تي صحي ڪرائي ورتي. ھاڻي ڇا ٿي سگهيو ٿي؟ زھر جا ڍڪ پي ماٺ ڪري ويھي رھيس. پوڙھو ملاح منھنجي ذھني ڪيفيت کان بي خبر، پنھنجيءَ ئي ٻولي ٻوليندو رھيو: ”پاڻ سون جي ڳولا ۾ پيرو پيا ھلون. انگريز ۽ اسپيني ماڻھن سان ڦڏو نہ ٿيو تہ شايد منزل تي پھچي وڃون.“ پوءِ ھو مون کي ھٿ کان جهلي رڌڻي ۾ وٺي آيو، جتي چوڌاري گندگي پکڙي پئي ھئي ۽ ٿلھا ٿلھا ڪينئان ۽ جيت پئي ھليا. پوڙھي بورچيءَ جو نالو ٽوني ھو. هن سوپ ۽ ڊبل روٽي مون کي کائڻ لاءِ ڏني ۽ پوءِ اتي ئي ھڪ پينگهي جهڙي ھنڌ تي سمھاري ڇڏيو.
آءٌ ٽونيءَ سان جلد ئي ھري مري ويس. ھو گهڻ ڳالھائو، ھر ڳالھہ مُنھن تي چوڻ وارو ۽ مٿي ڦريل ضرور ھو، پر ٻين وانگر پٿر دل ۽ ظالم نہ ھو. منھنجو چڱيءَ طرح خيال ٿي رکيائين. ھڪ دفعو خلاصين مون کي وري تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ، ھن کڻي چاقو ڪڍيو ۽ مقابلي لاءِ سندن آڏو آيو. ھو ھيءَ حالت ڏسي چپڙي ڪري ھليا ويا. ان کان پوءِ مون کي تنگ ڪرڻ جي ڪنھن کي ھمت نہ ٿي ۽ آءٌ ٽونيءَ سان گڏ رڌڻي ۾ مزي جا ڏينھن گذارڻ لڳس.
ھڪڙي صبح جو اک کلي تہ خلاف معمول چوڌاري ماٺ ئي ماٺ ھئي. ٽوني اڃا ستل ھو. ھو بہ اوچتو ڀڻڪندي اٿيو ۽ ھنڌ تان ٽپ ڏئي، رڙ ڪندي چيائين: ”مار پويس بيھي رھي.“ ۽ پوءِ مون کي جاڳندو ڏسي چيائين: ”توکي ڪجهہ آواز ٻڌڻ ۾ اچي پيو؟“
آءٌ حيرت مان ھن جي منھن ڏي ڏسڻ لڳس. ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ھو ڪھڙي شيءِ بابت پڇي رھيو آھي؟ مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيومانس: ”نه، مون کي تہ ڪجهہ بہ ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ڪھڙي شيءِ آھي؟“
”ھاڻ تہ ڏاڍي ڳالھہ ٿي. بس ڦاسي وياسين جو ھوا بند ٿي وئي آھي. پاڻ سمنڊ جي جنھن حصي ۾ آھيون، اتي پاڻيءَ ۾ صفا چرپر ناھي ۽ ھيءَ حالت ڪيترا ئي ڏينھن، ھفتا، ڪڏھن ڪڏھن تہ مھينو سوا بہ ھلي سگهي ٿي.“
ٽونيءَ جو انومان بلڪل صحيح ثابت ٿيو. جھاز ھڪ ئي ھنڌ تي ائين ڄمي بيٺو، ڄڻ لنگر ڪيرائي بيٺا ھجون. اسان کي اٺ ڏينھن کن ھوا جي انتظار ۾ گذري ويا، پر اميد ڪنھن طرح بہ پوري نہ پئي ٿئي. گرمي روز بروز سھڻ کان ٻاھر ٿيندي وئي ۽ ملاحن ۾ بي چينيءَ جا آثار پيدا ٿيڻ لڳا. خبر ناھي اھي گرميءَ جا آثار ھئا يا ماني ٽڪي ۽ پاڻيءَ جي اڻ ھوند جا نتيجا، جو سڀني جا چپ ۽ مھارون سڄي سڄي چيرجي پيون ھيون. ڪئپٽن ان مصيبت وارو وقت ڪٽڻ لاءِ رم (شراب) ورھائڻ جو حڪم ڏنو، جنھن جو ھن وٽ وڏو ذخيرو ھو. ھن قيمتي شراب جي بدلي ۾ ھن کي پيروءَ جي جهنگلي قبيلن کان سون وٺڻو ھو. لڳاتار ٻہ چار ڏينھن رم ورھائڻ سان ان جو ذخيرو گهٽ ٿيڻ لڳو ۽ ڪئپٽن ان جي وڌيڪ ورھائڻ تي بندش وجهي ڇڏي.
چاليھين يا ايڪيتاليھين ڏينھن ٽماٽا سڙي ڍونڍ ٿي پيا. ھي ئي ھڪ کاڌو ھو، جيڪو اڃا سڙڻ کان بچيل ھو. منجهس ايڏي تہ اچي ڌپ ٿي جو ڪئپٽن فيصلو ڪيو تہ سڀ ٽماٽا سمنڊ ۾ اڇلايا وڃن، پر ڪجهہ بہ نہ ھجڻ کان تہ ھي سڙيل ٽماٽا چڱا. ڪجهہ ڏينھن تہ پيٽ جو دوزخ ٿڌو ٿي سگهندو.
ڪئپٽن ڪيڏو سمجهاين تہ ان سان بيماري پکڙبي، پر ھنن اڇلڻ نہ ڏنا. آخر ھن کي پنھنجو ئي حڪم رد ڪرڻو پيو. جيڪي خلاصي بک کان ھيڪاندا بي حال ھئا، سي انھن سڙيل ٽماٽن مٿان وڃي ڪريا ۽ کين بنا ڌوئڻ يا پچائڻ جي کائڻ لڳا. ٿوري دير بہ نہ ٿي ھوندي جو ھنن جي پيٽ ۾ سور جون سَٽون اڀرڻ لڳيون ۽ فرش تي کَرڙيون ھڻي ھڻي مرڻ لڳا. ھن نظاري کان باقي خلاصي سراپجي ويا ۽ ايترو ڊنا جو ڪئپٽن ھنن جي سامھون سڀ ڳوڻيون اڇلائي ڇڏيون تہ بہ ڪو اکر بہ نہ ڪڇيائون.
ٽونيءَ اٽي جي ھڪ ڳوڻ لڪائي رکي ھئي. اسان ٻئي ڄڻا ڏھاڙي لڪي لڪي ان مان پيٽ ڀريندا ھئاسين. ھڪ اڌ دفعو مون ڪوشش ڪئي تہ ان مان ٻين کي بہ کائڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ٽونيءَ مون کي دڙڪا ڏيندي سمجهايو تہ خبردار جو ان جي ڳالھہ ڪنھن سان بہ ڪئي اٿئي! ھڪ ڳوڻ مان اسان سڀني جو پيٽ ڀري نہ سگهنداسين. اھي ڏينھن توکان وسري ويا، جڏھن انھن سوئر جي ڦرن توکي رسيءَ سان ٻڌي سمنڊ ۾ اڇلايو ھو. مون کڻي ماٺ ڪئي.
جھاز کي ھڪ ئي ھنڌ بيھندي ھاڻي پنجيتاليھہ ڏينھن ٿي ويا ھئا ۽ گذريل ٽن ڏينھن کان ڪنھن کي بہ نہ ماني نصيب ٿي ھئي ۽ نہ پاڻيءَ ڍڪ. بک ۽ اڃ کان سڀ چريا ٿي پيا ھئا. ڪئپٽن کي رم جي ڏاڍي اؤن ھئي. ھن ان جي چوڪيداريءَ ۾ ڪا اوڻائي نٿي ڇڏي. پر ھڪ رات خلاصي ڪھاڙين ۽ لٺين سميت رڙيون ڪندا اچي رم تي ڪريا ۽ شراب جا پيپ جھاز جي ڊيڪ تي کڻي آيا. ٽوني ۽ آءٌ اھو منظر رڌڻي جي روشندان مان ڏسي رھيا ھئاسين. لالٽين جي ھلڪي روشنيءَ ۾ ھنن جا منھن ھيبتناڪ نظر اچي رھيا ھئا. ھيڻائيءَ کان اکيون اندر گهڙي ويون ھين ۽ پري کان فقط ٻہ کوپن جا نشان نظر ٿي آيا.
شراب پي ھو ھل مچائڻ لڳا. ڪجهہ تہ خنجر ڪڍي ٻين ساٿين کي ڊيڄارڻ لڳا ۽ ڌمڪائڻ لڳا. ٽونيءَ رڌڻي جو دروازو بند ڪيو ۽ چيو:
”اڄ رات ضرور ڪو نہ ڪو حادثو ٿيندو ئي ٿيندو. اسان کي ھوشيار رھڻ کپي.“
ان ئي وقت ڪئپٽن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اسان وري اچي روشندان اڳيان بيٺاسين ۽ ٻاھر ليئو پائي ڏٺوسين. شراب ۾ مست خلاصي چاقو گهمائي رھيا ھئا ۽ باقاعدي ھڪ ٻئي سان مقابلو ڪري رھيا ھئا. نشي جي گهڻائيءَ ۽ حواسن تي ضابطو نہ ھئڻ ڪري، ھو پنھنجو پاڻ کي سنڀالي نہ پئي سگهيا. دانھون ڪوڪون ٻڌي ڪئپٽن پنھنجي ڪئبن مان نڪري آيو ھو. ھن جي ٻنھي ھٿن ۾ پستول ھئا. ھن کين دڙڪا ڏنا ۽ ماٺ ڪري ويھڻ جو حڪم ڏنو. خلاصي ماٺ ٿي ويا، پر اھا ماٺ گهڻو دير ھلي نہ سگهي. ھڪ ڦڙتيءَ سان اوچتو چاقو اڇلايو، جيڪو ڪئپٽن جي ڳچيءَ ۾ کپي ويو ۽ رت جو ڦوھارو وھڻ لڳو. ڪئپٽن کي گهوماٽ وٺي ويئي، پر ھن ڪرندي ڪرندي ٻنھي پستولن کي ڇوڙي ورتو، جن مان ھڪ گولي ھڪ ھمراھ جو پيٽ چيري رکيو ۽ ھو بہ دانھون ڪري ڊيڪ تي ڍيري ٿي پيو.
رت ڏسي خلاصين تي جنون طاري ٿي ويو. انھن ڪئپٽن کي جهلي مٿي اڇلايو ۽ ھاڻ کيس سمنڊ ۾ اڇلائڻ وارا ھئا تہ ھڪ رڙ ڪري چيو:
”اڙي متان سمنڊ ۾ اڇلايوس. ان کي کائي تہ ڏسو. واھ جو گوشت ھوندو.“
گهڙي کن لاءِ سڀ ماٺ ٿي ويا. ان کان پوءِ چرين وانگر ڪئپٽن جي لاش تي ائين ڳجهن وانگر اچي لڙيا جو کن پل ۾ ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. ڪئپٽن جو گوشت کائڻ کان پوءِ ھنن وحشين جي بک اڃا بہ وڌي ويئي. ھنن جو ڌيان پنھنجي زخمي ٿيل ساٿيءَ ڏي ويو. ھنن جي بکايل نظرن جو تاب نہ جهلي ھو دانھون ڪوڪون ڪري رحم لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو، پر ڪنھن بہ ھن جي نہ ٻڌي. ڪيترن مضبوط ھٿن ھن کي کڻي سوگهو ڪيو ۽ جيئري جاڳندي ماڻھو کي چيري ڦاڙي حصا ڪري ڇڏيائون. ھي وحشتناڪ نظارو ڏسي آءٌ تہ ڏڪي ويس. ڪراھت کان دل ڪچي ٿيڻ لڳي. روشن دان بند ڪري پري وڃي ويٺس.
ٻئي ڏينھن آءٌ ٻنپھرن تائين ستو رھيس. اک کلي تہ گذريل رات وارو وحشتناڪ نظارو اکين اڳيان ڦرڻ لڳو ۽ منھنجي دل ٻڏڻ لڳي. ھن دوزخ مان ٻاھر نڪرڻ جي ڪابہ صورت نہ ھئي. اھو سوچيم تہ ھاڻ جلد يا دير سان منھنجو ئي وارو ايندو ۽ ھي وحشي مون کي چيري ڦاڙي ڇڏيندا. اھو سوچيندي منھنجي بدن ۾ سيڪارو پئجي ويو ۽ اندر مان ھڪ آھ نڪتي. ٽوني روشندان تي چنبڙيو بيٺو ھو. آءٌ اٿي وڃي روشندان تي بيٺس.
خلاصي وري شراب نوشيءَ ۾ مست ھئا. انسان جي گوشت ۽ شراب ھنن جي معدي ۾ باھ ٻاري ڏني ھئي. ھو ان کي وسائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ شراب پيٽ اندر اوتڻ لڳا. پر اڃ مرڻ يا باھ اجهامڻ بدران ويتر وڌڻ لڳي. رکي رکي ھنن جانورن وانگر دانھون ٿي ڪيون. ڪيترن ملاحن بي مستيءَ جي عالم ۾ کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنا ۽ پنھنجي جان کان ھٿ ڌوئي ويٺا.
ٽوني ڪا دير ماٺ ۾ ھو. اوچتو ھن منھنجي پٺي ٺپيندي چيو: ”ڏٺئي نينگر! انسان چريو ٿيو پوي تہ ھن جي حالت پاڳل ڪتي کان بہ خراب ٿيو وڃي. ھنن جي زبان انساني رت جو چسڪو وٺي ڏٺو آھي، ھن وقت سندن پيٽ ڀريو پيو آھي، ان ڪري دانھن ڪوڪن ۾ لڳا پيا آھن. ٿوري دير کان پوءِ بک ستائيندن تہ وري ھڪ ٻئي کي چيرڻ ڦاڙڻ ۾ لڳي ويندا. ﷲ ڄاڻي تہ ھيءَ نڀاڳي ھوا وري ڪڏھن لڳندي.“
وحشي خلاصي ڪنھن وقت بہ اسان تي اوچتو حملو ڪن، ان خطري کي اڳواٽ منھن ڏيڻ لاءِ اسان رڌڻي جون سڀ دريون دروازا ۽ روشندان بند ڪري ڇڏيا. ٻنپھرن جي وقت، گرميءَ جي تپش ۽ گهٽ سھڻ کان ٻاھر ٿي وئي. ٽونيءَ اٿي ھڪ دري کولي. ڊيڪ ويران حال ۾ ھو. سج جي تپش کان بچڻ لاءِ ملاحن اندر ڇانو ۾ وڃي پناھ ورتي ھئي. ڪپئٽن جون ھڏيون اڃا تائين ڊيڪ تي پيون ھيون. اس جي ڪري ڪاراٽجي ويون ھيون ۽ ڌپ بوھاڙا ڏئي اچي رھي ھئي. دري کلي تہ ساھ کڻڻ بہ ڏکيو پئي لڳو. آخر ٽونيءَ کان سٺو نہ ٿيو. باردي کڻي اٿي بيٺو ۽ چيو: ”ڪلاڪ اڌ لاءِ اھا ئي حالت رھي تہ ھن ڍونڍ ۾ پنھنجو دماغ ڦاٽي پوندو ۽ چريا ٿي پونداسين. آءٌ ٻاھر وڃي ڊيڪ ٿو صاف ڪريان. دروازو کولڻ کان اڳ ھن ھڪ پستول ۽ خنجر چيلھہ جي پٽي ۾ ٻڌو. مون بہ ھن سان گڏ ھلڻ لاءِ زور ڀريو. ڏاڍي مشڪل کان پوءِ مڃيائين ۽ ھڪ ڀريل پستول منھنجي حوالي بہ ڪيائين.
ٻاھر سخت گرمي ھئي. ڊيڪ تپي ٽانڊو ٿي پيو ھو. اسان جا پير سڙي رھيا ھئا، پر اسان پرواھ نہ ڪئي. باردين سان سمنڊ مان پاڻي ٻاھر ڇڪي ڊيڪ تي ھاريوسين. ٽونيءَ رت جا ڪارا ٿي ويل داغ ڌوئي صاف ڪيا. پوءِ ھڏيون کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ وارو ھو تہ گدام جي دروازي وٽ ويٺل ھڪ خلاصيءَ ڏاڙھيو: ”خبردار! انھن کي ھٿ نہ لائجانءِ. اھو منھنجو کاڌو آھي.“ ان سان گڏ ھو لوھي بانٺو لوڏيندو ٽونيءَ کي مارڻ لاءِ وڌيو.
ٽوني ھن اوچتي حملي کان ڏڪي ويو. ھن کي پستول ڪڍڻ جو موقعو بہ نہ ملي سگهيو. مون يڪدم پنھنجو پستول ڪڍي بنا ڪجهہ سوچڻ سمجهڻ جي مٿس فائر ڇوڙي ڏنم. گولي ان وحشيءَ جي پيشانيءَ ۾ ٽنگ ڪندي ٻئي پاسي کان نڪري وئي ۽ ھو ڪنھن قسم جي دانھن ڪرڻ بنا اتي ئي ڦان ٿي ڪري پيو. ٽونيءَ رڙ ڪئي: ”شاباس بھادر ڇوڪرا! تون نہ ھجين ھا تہ ھي خبيث منھنجو ميڄالو ڪڍي رکي ھا ۽ منھنجي لاش تي ھي دعوتون ڪن ھا. خير اٿ تہ ھن کي پاڻيءَ ۾ اڇلايون. ٻين کي خبر پوندي تہ ھن کي بہ کائڻ شروع ڪري ڏيندا.“
اسان ٻنھي ڄڻن گڏجي لاش کي سمنڊ ۾ اڇلايو ۽ ماٺ مٺوڙي ۾ بورچي خاني ۾ موٽي آياسين، جتي ٻاھر جي مقابلي ۾ چڱي خاصو ٿڌڪار ۽ سڪون ھو. پوءِ اسان دروازو ۽ روشندان بند ڪيو ۽ سمھڻ لاءِ ليٽي پياسين.
کاڌي پيتي جي گوڙ شور ۽ ھنبوشيءَ جي آواز کان اک کلي تہ رات ٿي چڪي ھئي. ٽونيءَ ڄاڻي واڻي لالٽين نہ ٻاريو جو خطرو ھو تہ متان روشني ڏسي وحشي ٽولن جو ڌيان اسان ڏي ڇڪجي. روشندان کان ٻاھر ليئو پائي ڏٺم تہ خلاصي ھڪ ڊرم جي چوڌاري ويھي جام مٿان جام پيا خالي ڪن. مون پنھنجن سڪل چپن تي ڄڀ ڦيرائي ھنن ڏي سڪڻين نگاھن سان ڏٺو. اسان جي پاڻي ۽ اٽي جو ذخيرو ڪجهہ ڏينھن ٿيا جو ختم ٿي چڪو ھو ۽ ھاڻي اڃ ۽ بک کان حالت خراب ھئي. گهڻي دير بيٺو بہ نٿي ٿيو. جلد ئي پنھنجي ھنڌ ڏي موٽي آيس. ٽونيءَ کي ٻڌائڻ سان ورڻو ڪجهہ بہ نہ ھو. ھن جي حالت بہ مون کان ڪا لڪل ڪانہ ھئي. ھو منھنجي مدد بہ ڪھڙي ٿي ڪري سگهيو؟
رات ڊيڄاريندڙ خواب ڏسندي گذري. صبح جو سوير ڇت تي ٽپ ٽپ جا سنہا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ڄڻ سوين ٻليون پنھنجن چنبن سان ڇت کرڙي رھيون ھجن. ٽوني ڪجهہ دير لاءِ ڇت تي ڪن رکي غور سان ٻڌو، پوءِ ھنڌ تان ٽپ ڏئي، خوشيءَ مان نچي چوڻ لڳو: ”مينھن بابلا مينھن!“ ھن ڦڙتيءَ سان دروازو کوليو. اسان ٻئي ٻاھر نڪري ڊيڪ تي اچي پٺن ڀر سمھي رھياسين ۽ وات کولي چرين وانگر مينھن جي بوند سان پنھنجي اڃ اجهائيسين. ان وقت ھنن خوني ملاحن کان اسان کي تِر جيترو بہ ڊپ نہ لڳو.
اسان وانگر ٻيا بہ مينھن مان مزو وٺي رھيا ھئا. اڃ لھڻ کان پوءِ ھنن سڙھ کولڻ شروع ڪيا ۽ سفر جو سانباھو ڪيو. ماڻھن جي کوٽ ۽ ڪمزوريءَ جي کين تڪليف ٿي رھي ھئي. ٽوني دير لاءِ ماٺ ڪيو ھي تماشو ڏسندو رھيو. آخر ھن کان رھيو نہ ٿيو ۽ اٿي ھنن کي ھمراھي ڪرائڻ لڳو. موسم سٺي ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ھو پنھنجي ڪاوڙ ۽ ڏک سور وساري، ھنن سان رلي ملي ويو. مون کي ھڪ رول ڪَڪر وانگر ھن جي پيروي ڪرڻي پئي.
اڌ ڪلاڪ بعد مينھن جهليو ۽ ھلڪي ھلڪي ھوا چرڻ لڳي. دلين ۾ خوشين جي لھر ڊوڙڻ لڳي ۽ سڀ مستن وانگر نچڻ لڳا. اوچتو ٽونيءَ مون کي ڪلھي کان ڇڪي چيو: ”ايتري خوشي ڪھڙي ڳالھہ جي؟ مصيبتون ختم تہ نہ ٿيون آھن. ھاڻ پاڻ کي جھاز کي صحيح رستي تي آڻڻو آھي. اچو تہ سکان (اڄ جي نيويگيشنل برج) تي ھلي ڏسون تہ اتي ڇا پيو وھي واپري؟“
چارٽ روم ۾ ميٽ (چيف آفيسر) اسان کان اڳھين موجود ھو. ھن پنھنجي سامھون ميز تي نقشا پکيڙي رکيا ھئا. اسان اندر گهڙياسين تہ ھن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ حيرت مان اسان کي ڏسڻ لڳو. ٽونيءَ ٿڌو ساھ کڻندي چيو:
”شل ڪئپٽن جي حالت تي ﷲ رحم ڪري.“
ھن جي لھجي ۾ ٽوڪ ھئي. ميٽ ان ئي وقت جواب جو جواب ڏنو: ”۽ تنھنجي حالت تي بہ.“ ان کان پوءِ ٻئي ماٺ ٿي ويا. پوءِ ميٽ ماٺ کي ختم ڪندي چيو: ”تون ڪئپٽن سان گڏ ڪيترن سالن کان ھن سمنڊ تي سفر ڪندو رھيو آھين؟ اھا خبر اٿئي تہ ڪئپٽن ھن سمنڊ جا نقشا ۽ جھازرانيءَ جا اوزار ڪٿي رکندو ھو؟“ ھن ڀيري سندس ڳالھائڻ جو لھجو اميد جي خلاف تمام نرم ۽ شريفاڻو ھو.
”نقشي تي پھرين ھن جاءِ جو تہ نشان لڳاءِ، جتي ھن وقت بيٺا آھيون.“
”نشان ڪيئن لڳايان؟“ ميٽ مسڪين منھن ٺاھيندي چيو. ”ھي تہ نقشو ئي ڪو نئون آھي، جيڪو مون کي تہ سمجهہ ۾ ئي صفا نٿو اچي ۽ بنا اوزارن جي جھاز جي پوزيشن ڪيئن ٿو لھي سگهان؟“
”سج ۽ تارن جي مدد سان.“
”واھ ڙي واھ.“ ميٽ ٽونيءَ جي اکين ۾ گهوريندي چيو، ”ھن جھاز تي تارن جو علم اچي ئي ڪنھن کي ٿو؟“
”آءٌ تنھنجي مدد ڪري سگهان ٿو.“
ٽونيءَ جو جواب ٻڌي، ميٽ جون اکيون تعجب کان ڦاٽي ويون. ھن کي شايد پنھنجي ڪنن تي يقين نہ پئي آيو. پاڻ ٽونيءَ کان پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو، پر ٽونيءَ پنھنجي کيسن ۾ ھٿ وجهي ڏاڍي آرام سان تماڪ چٻاڙيندي، بي نيازيءَ سان چيو: ”آءٌ تارن جي مدد سان طرفن جو اندازو لڳائي سگهان ٿو. مون کان سواءِ توھان ڪڏھن بہ پنھنجي منزل ماڻي نہ سگهندئو. توھان جي مدد ڪرڻ ۾ مون کي ڪو بہ اعتراض ناھي، پر منھنجو ھڪ شرط آھي. آءٌ ھن جھاز جو ڪئپٽن ٿي رھندس.“
”ڪئپٽن.... تون؟“ ھي عجيب شرط ٻڌي ميٽ حيرت مان کڻي ڇرڪ ڀريو. مٺيون ڀيڙي منھن ۾ گهنج آندائين.
منھنجي دل تکي تکي ڌڙڪڻ لڳي. ڪٿي مار ڪٽ تائين نوبت نہ پھچي. پر ٽوني ھن جي ڪمزوريءَ کان واقف ٿي چڪو ھو. پھرين وانگر ھو خاموش ۽ بي نياز بيٺو رھيو. ھن کي ميٽ جي ڪاوڙ جي ڪا پرواھ نہ ھئي. ميٽ ڪجهہ سيڪنڊ تہ ھن کي ماٺ ڪري گهوريندو رھيو، پوءِ ڪاوڙ کي جهلي ٿوري کھري لھجي ۾ چيائين:
”ٽوني! تنھنجو دماغ تہ جاءِ تي آھي نہ؟“
”منھنجو دماغ صحيح آھي يا خراب، ان سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ وڃ، ڀلي پنھنجي باقي ساٿين سان صلاح ڪري اچ. ھن وقت جھاز گول ڦيري جي صورت ۾ چڪر ھڻي رھيو آھي. منھنجي مدد کان سواءِ توھان ھتان نڪري نہ سگهند ئو. تون جيڪڏھن منھنجو نائب ٿي رھين تہ مون کي ڪوبہ اعتراض نہ آھي.“
ميٽ ڪجهہ چوڻ لاءِ منھن کوليو، پر ٽونيءَ کي بي تعلق ڏسي کڻي ماٺ اختيار ڪيائين ۽ ٻاھر نڪري ويو. ھن جي وڃڻ سان ئي ٽوني چوڻ لڳو: ”پھريون مرحلو تہ خير خوبيءَ سان طئي ٿي ويو. تارن جو علم ڪنھن گڏھ کي ٿو اچي؟ ماٺ ڪري ڏسندو وڃ تہ ڇا ٿو ٿئي. ﷲ گهريو تہ پاڻ جلد ئي ڪنھن نہ ڪنھن بھاني ھنن جا ھٿيار بہ گڏ ڪري وٺنداسين.“
ٿوري دير کان پوءِ ميٽ آيو ۽ پري کان ئي رڙ ڪري چيائين:
”ٺيڪ آھي چيف، منھنجي ساٿين توکي ڪئپٽن چونڊيو آھي، پر ھنن کي فقط نائب مقرر ڪرڻ تي اعتراض آھي!“
”اعتراض......!“ ٽونيءَ سندس ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي چيو: ”انھن کي ٻڌائي ڇڏ تہ مون کي جي ڪئپٽن چونڊيو اٿو تہ پوءِ منھنجو حڪم ھلندو. آءٌ ٻين کان صلاح وٺڻ جو عادي نہ آھيان.“
ھي جواب ٻڌي ميٽ جي وات مان ٻي ڪا ڳالھہ نہ نڪتي. ماٺ مٺوڙي ۾ ڪنڌ جهڪائي ھليو ويو. انھيءَ دوران واءُ بہ تکو ٿيندو ويو ۽ جھاز خطرناڪ حد تائين ھڪ طرف جهڪندو ويو، پر ڪنھن کي بہ ھن نازڪ موقعي ۽ مونجهاري جو احساس نہ ھو. ٽوني ڪي گهڙيون چپ چاپ سوچيندو رھيو، پوءِ ڀوپو (لائوڊ اسپيڪر)وات تي رکي زور سان حڪم ڏنو:
”وچيون سڙھ ويڙھيو وڃي.“
ڊيڪ تي موجود خلاصي پھرين تہ نٽائڻ لڳا، پر پوءِ آخر کين حڪم مڃڻو پيو ۽ اھڙيءَ طرح ٽوني پنھنجو پاڻ کي ڪئپٽن ٺاھي ورتو، جيتوڻيڪ ھن کي جھازرانيءَ جو الف بہ ڪونہ ٿي آيو.
ڏينھن خيريت سان گذري ويو. رات آئي، ٽوني اندازي سان ھڪ جرڪندڙ تاري کي ڌيان ۾ رکيو، جنھن جي سڌ ۾ جھاز ھلندو رھيو. اسان ٻنھي اھا رات ڪئپٽن جي سھڻي، ويڪري ۽ آرامدہ ڪئبن ۾ گذاري.
صبح جو اک کلي تہ ڪئبن ۾ آءٌ اڪيلو ھوس. ٽونيءَ جو ھنڌ خالي ھو. جھاز اھڙا تہ لوڏا کائي رھيو ھو جو دماغ ٿي ڦريو. روشندان مان ليئو پائي ڏٺم تہ چوڌاري غضبنام لھرون گجي اڏائينديون نظر آيون. اسان طوفان جي گهيري ۾ اچي چڪا ھئاسين. آءٌ ڪنٽرول روم ڏي ڀڳس، خيال ھوم تہ ٽوني اتي ھوندو.
ڊيڪ ڏي ويندڙ دروازو مضبوطيءَ سان بند ھو. ان کي کولڻ لاءِ مون کي چڱو خاصو زور لڳائڻو پيو. ٻاھر نڪتس تہ اوچتو ھڪ وڏي لھر جھاز سان ٽڪرائي. جھاز جهوٽا کائڻ لڳو. آءٌ پنھنجو پاڻ کي سنڀالي نہ سگهيس ۽ وڃي ڦھڪو ڪيم ۽ پاڻيءَ جي ڇولن سان گڏ ڊيڪ تي گهلبو ويس. وڏي ڪوشش سان پاڻ کي جهلي ورتم ۽ برج تي پھتس. ٽوني اتي بہ نہ ھو. ھيڏانھن ھوڏانھن ڳوليومانس. آخر ھو ڊيڪ واري ويل ھائوس ۾ مليو، جتي جھاز جو ڦيٿو (اسٽيرنگ ويل) جهليو بيٺو ھو.
طوفاني ھوائن جي ٿڦڙن اڳيان جھاز ھڪ بي وس ڪک وانگر لڙھي رھيو ھو. جبلن جيڏيون ڇوليون رکي رکي جھاز مٿان چڙھي ٿي ويون ۽ اسان سڄا آلا ٿي وياسين. ٽونيءَ جي سامھون اچي بہ ان اڳيان پھچڻ سولو ڪم نہ ھو. مون ڏھ يارھن دفعا ڪوشش ڪئي، پر ھڪ ٻئي پويان لڳندڙ ڇوليون ڀت وانگر آڏو ٿي پيون ۽ آءٌ ڊڄي پٺيان موٽي ٿي ويس. ٽوني رڙيون ڪري مون کي ڪجهہ چئي رھيو ھو، پر واءُ ۽ لھرن جي گوڙ ۾ ڪجهہ ٻڌڻ ۾ نہ پئي آيو. مون دل نہ لاٿي ۽ ٽونيءَ تائين پھچڻ جي ڪوشش جاري رکي. آخر ھڪ ڇول منھنجا پير ڪڍي ڇڏيا ۽ آءٌ اڇل سان وڃي ٽونيءَ اڳيان ڪريس. ٽوني بل ڏئي منھنجو ھٿ جهلي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو ۽ آءٌ سمنڊ ۾ ڪرڻ کان بچي ويس. ٿوري دير بعد سامت ۾ آيس تہ ٽونيءَ چيو: ”ڇوڪر! تون صحيح وقت تي اچي نڪتو آھين. ھن طوفان ۾ ڦيٿي کي جهلي بيھڻ مون اڪيلي جي وس جي ڳالھہ ناھي. مون کي ھمراھي ڪراءِ.“
ھوا ڄڻ گجگوڙون ڪري رھي ھئي ۽ سمنڊ جي ڪروڌ ۾ اڃا بہ واڌارو ٿي رھيو ھو. مرڪزي سڙھ وارو کوھو ھوا جو وڌيڪ زور جهلي نہ سگهيو ۽ اوچتو ٻہ ٽڪر ٿي ڪري پيو ۽ اسان ٻئي ڦيٿي کي چھٽي پياسين، پر اھو ذري ذري اسان جي ھٿن مان ڇٽائجي پئي ويو. ڪلاڪ کن کان پوءِ ميٽ جي شڪل نظر آئي. ٽونيءَ ھن کي پنھنجي جاءِ تي بيھاريو ۽ اسان ساھي پٽڻ لاءِ ڪئبن ڏي ھليا آياسين. اتي ھن ٻڌايو تہ صبح سوير ھڪ ملاح سندس پٺي ۾ خنجر ھڻڻ جي جيئن ئي ڪوشش ڪئي تہ ھن يڪدم ان کي جهلي اھڙي تہ خبر ورتي جو ھاڻ سڀ سڌا ٿي بنا ڪنھن انڪار جي حڪم مڃي رھيا آھن.
آلا ڪپڙا لاھي اڃا ويٺا ئي مس ھئاسين تہ اوچتو زور سان ڌڌڪو ٿيو ۽ ان بعد ٿوري ٿوري دير بعد ٻيا بہ ٽي چار ڌماڪا ٿيا.
”خدا خير ڪري.“ ٽوني ٽپ ڏئي اٿي بيٺو. ”لڳي ٿو تہ پاڻيءَ جون ڇوليون ڊيڪ وارا ڪمرا پاڻ سان گهلي ويون آھن.“
ھن اڳيان وڌي پنھنجي ھنڌ ھيٺان ھڪ رسي ڪڍي، جنھن جو ھڪ پاسو پنھنجي چيلھہ سان ٻڌو ۽ ٻيو منھنجي ھٿ ۾ ڏئي چيو: ”پھرين آءٌ ٻاھر ٿو وڃان، تون ڏاڪڻ وٽ بيھي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان جهلجانءِ. ڪنھن مضبوط جاءِ تي پھچي پوءِ توکي مٿي ڇڪي وٺندس.“ ڊيڪ جو در کولي ٻاھر ليئو پاتم تہ ٽونيءَ جو خيال صحيح نڪتو. ڊيڪ تي جيڪا رھائش ھئي، تنھن جو ھاڻ نالو نشان بہ نہ بچيو ھو. اڳيون سڙھ وارو کوھ طوفان جي دٻاءَ ڪري سڄو چٻو ٿي ويو ھو. ٽونيءَ ھڪ ڪچي گار ڏني ۽ پوءِ مون کي حڪم ڏنائين تہ ھيٺان وڃي ڪھاڙو کڻي اچان. ھن جو خيال ھو تہ شايد اڳيون سڙھ سميت ڏنڊو ڪپڻ سان طوفان جو دٻاءُ جھاز تان گهٽجي ويندو. مون ڪھاڙو کڻي اچي کيس ڏنو. ھو پاڻيءَ جي لھرن سان زور آزمائي ڪندو آھستي آھستي اڳئين سڙھ تائين پھتو.
ڊيڪ تي بيھڻ ۾ ئي ڏکيائي ٿي ٿي. پر ھو پنھنجي ڪم ۾ لڳو رھيو. رسيون وڍڻ کان پوءِ ڏنڊي کي ڪھاڙي سان ھڪ ٻہ ڌڪ مس ھنيا ھوندائين تہ اوچتو ٻہ ملاح ظاھر ٿيا ۽ دانھون ڪري ھن ڏي وڌيا. شايد ھن کي وڍڻ کان جهلي رھيا ھئا ۽ پوءِ ڪا دير ھڪ ٻئي سان زباني جهيڙو ڪندا رھيا. اوچتو ھڪ جبل جيڏي ڇولي آئي ۽ ائين لڳو ڄڻ سڄي جھاز کي غرق ڪري وئي. آءٌ ڊپ کان اکيون بند ڪري رسيءَ کي زور سان جهلي ڏاڪڻ ھيٺان ٿي ويس.
ٿوري دير کان پوءِ اکيون کولي ڏٺم تہ ٽوني ڏنڊي کي زور سان چنبڙيو پيو ھو ۽ پاڻيءَ جون لھرون ميٽ ۽ ملاح کي پاڻ سان ڇڪي ويون ھيون ۽ ھو بي وسيءَ جي عالم ۾ سمنڊ ۾ ھٿ پير بہ ھڻي رھيا ھئا تہ غوطا بہ کائي رھيا ھئا. ڏسندي ئي ڏسندي ھڪ وڏي لھر ڊيڪ ڏي وڌي. ٿوري دير لاءِ ميٽ ۽ سندس ساٿي سمنڊ جي مٿاڇري تي اڀري پوءِ ھميشه ھميشه لاءِ سمنڊ جي ھيٺاھين تھہ ۾ لڙھي ويا.
لھرن جو آخري زور ڀڳو تہ ٽوني ٻيھر پنھنجي ڪم کي لڳي ويو. اوچتو اڳيون سڙھ چرچر ڪري ڌماڪي سان اچي ھيٺ ڪريو. آءٌ ان سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ۾ محو ھوس. ھاڻ جو ھن ڏي ڏٺم تہ ھينئون ٻڏي ويو. منھنجو پوڙھو ھمدرد اتي موجود نہ ھو. ٻڏندڙ دل سان رسيءَ کي ڇڪون ڏنم پر ٻئي پاسي کان ڪو جواب نہ مليو. مون کي ڊپ لڳو تہ ڪٿي ٽوني سڙھ جي ڏنڊي ھيٺان اچي دٻجي مري نہ ويو ھجي.
ڊيڪ تي ڇولين جو لڳاتار حملو اڃا تائين جاري ھو. ڏاڪڻ ھيٺان نڪري ھن کي ڳولڻ جي ھمٿ بہ ڪانہ ٿي ٿي. اوچتو رسيءَ کي سٽ آئي. آءٌ يڪدم خبردار ٿي ويس ۽ آھستي آھستي رسي ڇڪڻ لڳس ۽ پوءِ ٻئي پوڇڙ کان ٽوني ظاھر ٿيو. ھن کي ائين ڍير ڏسي مون کي شڪ ٿيو تہ شايد مري چڪو آھي، پر پوءِ ھن جو سينو اڀامندو ۽ سسندو ڏسي مون کي بہ ساھ پيو. ھو جيئرو ھو پر في الحال بيھوش ھو. ھن جي مٿي مان رت وھي رھيو ھو. مون وڏيءَ مشڪل سان ھن کي ڇڪي ڪئبن تائين آندو ۽ ھن جي چيلھہ مان رسو کولي ھنڌ تي سمھاريومانس.
مٿي جو ڌڪ ايڏو اونھو نہ ھوس. رت صاف ڪري پٽي ٻڌيمانس. پوءِ شراب جا ٻہ چار ڦڙا سندس وات ۾ وڌم. ڪجهہ ڪلاڪن بعد ھن اکيون کوليون، پر انھن ۾ اھا جرئت نہ ھئي. ھن جا حواس اڃا چڱيءَ طرح بحال نہ ٿيا ھئا. مون کيس زوريءَ ٿورو ٻيو بہ شراب پياريو، پر ڪوبہ کڙتيل نہ نڪتو. ھو پھرين وانگر ستو رھيو ۽ خالي خالي اکين سان ھيڏانھن ھوڏانھن جو جائزو وٺي، مون کي گهورڻ لڳو.

ڏينھن گذرندا رھيا. منھنجي بي وسي ۽ لاچاريءَ تي ذري ذري اکين ۾ ڳوڙھا تري ٿي آيس. ڪيترا ڏينھن گذري ويا ھئا جو ھڪ تولو بہ کاڌي جو پيٽ اندر نہ ويو ھو. ڪنھن نہ ڪنھن طرح رڌڻي ۾ پھتس. اتي ھر طرف سڃ لڳي پئي ھئي. ٿانو ڀڳا ۽ ٽڙيا پکڙيا پيا ھئا. خلاصين ڪابہ شيءِ صحيح سلامت نہ ڇڏي ھئي. ڪنڊ ڪنڊ ڪري ڳولڻ جي باوجود ڪابہ شيءِ کائڻ لاءِ نہ ملي. اوچتو طوفان جي گوڙ شور ۾ پستول ڇٽڻ جو آواز آيو. روشندان مان ليئو پائي ڏسان تہ ڊيڪ تي ڏھہ ٻارھن خلاصي ھڪ لائيف بوٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنھنجو پاڻ ۾ نبيرو ڪري رھيا ھئا. زندگي ۽ موت جي ھيءَ جنگ اڃا تائين جاري ھئي تہ ھڪ لھر آئي ۽ سڀني کي ٻيڙي سميت گهلي وئي. ان ئي مھل ھڪ ٻئي سڙھ جي ڏنڊي ڌماڪي سان اچي ھيٺ ڊيڪ تي ڦھڪو ڪيو ۽ جھاز لاٽونءَ وانگر گهمڻ لڳو. مون کي زندگيءَ ۾ ڪڏھن بہ اھڙن حادثن سان واسطو نہ پيو ھو، پر ان ھوندي بہ سمجهي ويس تہ جھاز ڪنھن ڪن ۾ ڦاسي پيو آھي.
ڪئبن ۾ پھتس تہ ٽوني ھنڌ تي اٿي ويٺو ھو. خدا جو شڪر ادا ڪيم. ھاڻ ھو بلڪل چڱيءَ طرح ھوش ۾ ھو. مون مختصر لفظن ۾ سڀني واقعن کان کيس آگاھ ڪيو. ڪُن ۾ ڦاسڻ جي خبر ٻڌي ھو ڏڪي ويو ۽ اکيون مھٽيندي چيائين: ”اسان طوفان اندر اچي ويا آھيون. ڇا توکي پڪ آھي تہ ھن وقت جھاز تي پاڻ ٻن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ بني بشر ناھي؟“
مون ڪنڌ ڌوڻي ھائوڪار ڪئي. ھو ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ چيائين: ”پاڻ کي ھتان جهٽ نڪرڻ جي ڪا تدبير ڪرڻ کپي.“
ھن کي ٿاٻڙندو ڏسي، مون کي خيال آيو تہ ھي ويچارو پوڙھو ۽ ڪمزور ساٿي ڪڏھن بہ ڊيڪ تائين پھچي نہ سگهندو، پر منھنجو اندازو غلط ثابت ٿيو. پوڙھي ۽ ٿڪ ۾ بيحال جسم ۾ خبر ناھي ڪٿان ايتري سگهہ اچي وئي، جو ھو نہ فقط پاڻ اٿي ھليو، پر مون کي بہ سھارو ڏيڻ لڳو. اسٽيرنگ ويل ھيڏانھن ھوڏانھن پنھنجي مرضيءَ سان تکو گهمي رھيو ھو. ٽونيءَ ھن کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ يڪدم پٺٽي موٽي آيو ۽ چيائين: ”دير ٿي وئي. ھاڻي سئو ماڻھو گڏجي بہ ھن ڦيٿي کي جهلي نہ سگهندا.“
جھاز آھستي آھستي طوفان جي اک ۾ ئي اچي رھيو ھو ۽ ايترو تہ گهوماٽجي ۽ لڏي رھيو ھو جو اسان ڊيڪ کي ئي چھٽيا پيا ھئاسين. ايتري ۾ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو ۽ شايد باقي بچيل سڙھ ڏنڊي سميت سمنڊ ۾ وڃي ڪريو. خوش قسمتيءَ سان ان سان گڏ ھوا جو دٻاءُ ھڪدم گهٽجي ويو ۽ جھاز جيڪو پھرين لاٽونءَ وانگر گهمي رھيو ھو، ھاڻي آھستي آھستي لڏڻ لڳو. اسان سک جو ساھ کنيو پر جھاز سڄو ڌڏي رھيو ھو ۽ جنھن پاسي اسين ھئاسين، ان پاسي کان ھيٺاھون ٿي ٻڏڻ لڳو. ٽونيءَ رڙ ڪئي:
”جھاز ٿو اونڌو ٿئي. رسين کي جهلي ٻئي طرف پھچڻ جي ڪوشش ڪر، جيڪو مٿاھون آھي، نہ تہ بچڻ جي ڪا اميد نہ رھندي.“
رسين جي مدد سان اسان جلدي ئي ٻئي پاسي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. مون کي ترڻ صفا نٿي آيو، پر ان وقت اھڙي ڳالھہ بہ ذھن ۾ نہ آئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھيءَ سڄي ڪارگذاري مون سان نه، پر ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ سان ٿي رھي ھجي. ٽوني جي گڏ نہ ھجي ھا تہ آءٌ ڪڏھوڪو ٻڏي وڃان ھا. ھن مون کي جهلي ورتو ھو ۽ منھنجو منھن پاڻيءَ کان مٿي ڪڍي رکيو ھو. پوءِ ترندي ھڪ ڪاٺ جي ٽڪري ڏي وڌيو، جيڪو چڱي فاصلي تي ھو. اوچتو منھنجي اکين اڳيان ڪوھيڙو ڇانئجي ويو ۽ مون اڌ بيھوشيءَ جي حالت ۾ جھاز ڏي آخري نظر وڌي. مون کي پنھنجي اڳيان پويان جي ڪا خبر نہ رھي.
ھوش آيو تہ چئني پاسي اوندھ ھئي. ڪجهہ خبر نٿي پئي تہ آءٌ ڪٿي آھيان؟ پوءِ سمنڊ جي گجگوڙ ۽ ھوا جي سيسراٽ ان تلخ حقيقت جو احساس ڏياريو ۽ گذري ويل خوفناڪ لمحن جي ياد ذھن ۾ تازي ٿي وئي. آءٌ سڙھ جي ٿلھي لڙھي سان رسيءَ ذريعي ٻڌل ھوس ۽ ڪنھن بہ قسم جي چرپر ڪري نٿي سگهيس. ٽوني ڪٿي بہ نظر نہ پئي آيو. مون ھن جو نالو کڻي سڏ ڪيو، پر پاڻيءَ جي گوڙ گڙڪي ۾ منھنجو آواز ڄڻ دٻجي ٿي ويو. اڪيلائيءَ جي زھر ڀريل احساس رڳن ۾ خوف جون لھرون ڊوڙائي ڇڏيون ۽ آءٌ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس.
روئڻ سان اندر جو بار تہ ھلڪو ٿيو، پر پوءِ بک ۽ سيءُ ورائي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي. مون وات کڻي کوليو، جيڪو اڃ کان پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي رھيو ھو. مينھن جهليو تہ آسمان تي تارا ٽمڪڻ لڳا. ھوا جي گهٽجڻ ڪري ڪجهہ ٺارُ بہ گهٽيو، پر تنھن ھوندي بہ منھنجو جسم ۽ دماغ سيءَ کان ٺري کيرو ٿي پيو ھو. نيم غنودگيءَ جي عالم ۾ ائين محسوس ٿي رھيو ھو، ڄڻ منھنجو جسم ھوائن ۾ اڏامي رھيو ھجي ۽ آءٌ جنت ۾ داخل ٿي رھيو ھجان.
خيالن جي دنيا مان نڪتس تہ روشني پکڙجي رھي ھئي. سمنڊ بہ ھاڻ سانتيڪو ٿي رھيو ھو. ڪنڌ موڙي پويان کڻي ڏسان تہ ٽوني سڙھ جي ڏنڊي جي ٻي ڪنڊ تي چھٽيو پيو ھو. ھن جون اکيون بند ھيون ۽ بيھوش ٿي لڳيو. مون کيس سڏ ڪيا، جيئن مون ڏي نھاري، پر ڪجهہ بہ ھڙ حاصل نہ ٿيو. پوءِ دل ۾ خيال آيو تہ ڪنھن طرح رڙھي ھن جي ويجهو وڃجي، مگر ڪيئن؟ سمنڊ جي پاڻي لڳڻ ڪري رسي اڀامي پئي ھئي ۽ ھاڻي ڳنڍيون کولڻ ناممڪن ڪم ھو. پنھنجو پاڻ کي جيئرو ڏسي ٿوري دير اڳ جا خوشي ٿي ھئي، سڀ ڌوڙ ۾ ملي وئي. سمنڊ جي ظلم ۽ غضب بعد ھڪ ٻيو ڪوڙڪو ڳچيءَ ۾ ڦاسي ويو ھو، جنھن مان آزادي ملڻ جي ڪا صورت نظر نٿي آئي. سڙھ جي ٿلھي ۽ کھري ڏنڊي سان چھٽندي ڪيترا ئي ڪلاڪ گذري چڪا ھئا. ڇاتي ۽ پاسراٽي سور کان ڏکوئجي رھيون ھيون. ساھ کڻڻ ۾ بہ تڪليف پئي ٿي، پر صبر کان سواءِ ٻيو ڪو چارو بہ تہ نہ ھو.
پري پري پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نظر نہ پئي آيو. ڏينھن جي روشني ڳاڙھاڻ سان شروع ٿي. ٽونيءَ کي ھوش اچي چڪو ھو. آءٌ پنھنجي رسيءَ جون ڳنڍيون کولڻ لڳس. آخر چڱيءَ جدوجھد کان پوءِ رسيءَ جون ڳنڍيون کولي ورتم ۽ آھستي آھستي سري ٽونيءَ جي ويجهو آيس.
اسين ٻئي ماٺ ۾ ھئاسين. گرمي ايتري تہ وڌي ويئي جو ڄڻ تہ بدن جي کل ٿي سڙي ۽ اسان ذري ذري سمنڊ ۾ غوطو ٿي ھنيو. ھڪ تہ بک ۽ اڃ ۾ باھ ٿي رھيا ھئاسين، مٿان وري ھن ورزش ھڻي اڌ مئو ڪري رکيو.
شام ڌاري ھڪ ٻہ وڏيون شارڪ مڇيون نظر آيون. اسان سمجهيو تہ ڄاڻ تہ ھو اسان کي چيرڻ ڦاڙڻ آيون، پر خوش قسمتيءَ سان ھو پاسو ڏئي لنگهي ويون. ٿي سگهي ٿو ڪنھن ٻئي قسم جون مڇيون ھجن ۽ ماڻھوءَ تي حملو نہ ڪنديون ھجن. رات جي اونداھيءَ ۾ ڪي ڪي اھڙيون مڇيون بہ ترندي نظر آيون، جن مان کير جهڙي روشني ٿي نڪتي، پر تمام ھلڪي ھلڪي. قدرت جون ھي عجيب شيون ڏسندي ڏسندي اک لڳي وئي.
ٽونيءَ جي آواز تي سجاڳ ٿيس تہ صبح ٿي چڪو ھو. مون کي ٽونيءَ جو ان ريت جاڳائڻ بنھہ نہ وڻيو. ھن مون کي اھڙي ننڊ مان کڻي سجاڳ ڪيو ھو، جنھن ۾ نہ بک جو احساس ھو ۽ نہ اڃ جي پيڙا. گذريل سڀ ڏک درد وسري ويا ھئا. صبح جي اڀرندڙ سج ۾ مون ذرو بہ دلچسپي نہ ورتي. ڪمزوريءَ ڪري اکين اڳيان تارا نظر اچي رھيا ھئا. چوڌاري سمنڊ جو پاڻي ڏسي، اڃ جو احساس ھيڪاندو وڌي ويو. ٽونيءَ منھنجي اھا حالت ڏسي چيو: ”پٽ! سمنڊ جي پاڻيءَ سان پنھنجا چپ کڻي آلا ڪر، اڃ جي تڪليف ڪجهہ گهٽ ٿي ويندي. پر خبردار رھجان!، متان سمنڊ جي پاڻيءَ جو زھر جهڙو ڍڪ ڀري وٺين.“
مون ھن جي نصيحت تي عمل ڪندي ھٿن سان چپ آلا ڪيا پر گرڙي ڪرڻ مھل پنھنجو پاڻ کي قابو ۾ ڪري نہ سگهيا ۽ پاڻيءَ جو ڍڪ پي ورتم. پر ھي ڇا؟ نڙيءَ ۾ نہ ڪنڊا چڀڻ شروع ٿيا ۽ نہ وري ساڙو. پاڻي اميد جي خلاف لوڻ کان پاڪ ھو - پاڻي حد درجي جو مٺو ھو جهڙو پيئڻ جو پاڻ وٽ ڪناري تي ٿئي. آءٌ پنھنجو وات پاڻيءَ ۾ وجهي غٽ غٽ پاڻي پيئڻ لڳيس.
ٽوني وائڙن جيان ڏسڻ لڳو. ھن سمجهيو تہ منھنجو دماغ خراب ٿي پيو آھي. پر پوءِ لڳاتار پاڻي پيئندو ڏسي پاڻ بہ مون وانگر پيئڻ لڳو. جڏھن ٻنھي پاڻي پي ڍؤ ڪيو تہ ان معجزي بابت مون ٽونيءَ کان پڇيو.
ھن ڪلھن کي لوڏو ڏيندي چيو، ڪڏھن وڏو درياءَ جڏھن سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪندو آھي تہ وھڪري جي زور ڪري اھو درياءُ سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملڻ کان اڳ ڪافي پري تائين پنھنجو رستو ٺاھي وھندو رھندو آھي. لڳي ٿو تہ پاڻ ڪنھن درياءَ جي ڇوڙ وٽ آھيون ۽ جي واقعي ڪو درياءُ ويجهو آھي تہ معنيٰ زمين بہ ويجهي ٿي.
ٻنپھرن مھل اڻ چٽا جبل نظر آيا ۽ پوءِ ڪيتريون ئي ٻيڙيون پري کان ترنديون نظر آيون، پر اسان ڇولين جي مٿان ستل ڪنھن کي نظر نہ اچي سگهياسين. ڪجهہ ڪلاڪن بعد جهرڪيون اڏامنديون نظر آيون، جنھن مان پڪ ٿي وئي تہ آبادي ويجهي آھي، جو اھو پکي اھڙو آھي جيڪو گهر ۾ ئي رھي سگهي ٿو. پر جي ڪا آبادي نہ بہ ھوندي، تہ بہ مڇين تي بہ گذاريو ڪري وٺنداسين - ھن سمنڊ جي عذاب کان تہ بچي وينداسين.
رات جو اسان ترندا ھڪ کاريءَ (Narrow Creek) مان وڃي نڪتاسين ۽ صبح جو ھڪ وارياسي ڪناري تي پاڻ کي ستل ڏٺوسين.
اسان جي سامونڊي سفر جي اھا آخري گهڙي ھئي. ان بعد ڪناري تي ھڪ نئين زندگي شروع ٿي. اھو ڪنارو جيڪو ھڪ ٻيٽ ھو، جنھن تي رھندڙن جي زبان اسان لاءِ اوپري ھئي ۽ ماڻھو نوان ھئا، پر وقت سان گڏ اسان انھن سان رلي ملي وياسين. شاديون ڪيوسين، ٻچا ٻار ٿيا. يورپ جا ماڻھو نئين دنيا جي ڳولا ۾ لڳا رھيا، غلامن جو واپار ھلندو رھيو، جھاز ھلائڻ لاءِ زوريءَ ملاح ۽ نوڪر چڙھندا رھيا، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا جي ميدانن ۽ جهنگلن تي قبضو جاري رھيو، جهنگ وڍڻ ۽ پوک لاءِ اوڀر آفريڪا مان شيدي غلام ايندا رھيا، آمريڪا کنڊ ۽ ڀر وارن ٻيٽن جي اصلي رھاڪن کي ماري ڪٽي يا ڀڄائي يورپين پنھنجيون ڪالونيون ٺاھيندا رھيا...