App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

هي جيون، هي سپنا

ليکڪ: علي بابا | پڙهڻ جو وقت: 13 منٽ

چار وڏا فرشتا عرش عظيم جي ڪٽھڙي تان بيٺا هن جي سموريءَ چُرپُر کي جاچي رهيا هئا.
اُداس روح، ڪارو چوغو پايو، آسمان جي هيٺان ڪھڪشان جي ڦھليل سمنڊ جي ڪناري تي ويٺو، آسمان جي مخمل جهڙيءَ نيريءَ ڇـت ۾ تارا ٽانڪي رهيو هو. اڄ هن کي چوڏهينءَ جي سُهائي رات سجائڻي هئي. هو هڪ هڪ ڪري، ڪھڪشان جي پکڙيل انبار مان تارا کڻي، پنھنجي ريشمي چوغي جي پلاند سان صاف ڪري، آسمان ۾ ٽَنگي رهيو هو. ڪي تمام پراڻا تارا، جي پنھنجو آب تاب وڃائي چڪا هئا، تن کي صاف ڪرڻ لاءِ هن کي ڏاڍي محنت ٿي ڪرڻي پيئي. پوءِ بہ نٿي چمڪيا، تہ هن انھن کي زور سان هيٺ اونداهي پاتال ۾ کڻي ٿي اُڇلايو، جي چڻنگون ڇڏيندا، آخرڪار گم ٿي ويا ٿي.
جڏهن مٿي، عرش عظيم تي، سج جي ٽنگيل گول ٿالھہ تي فرشتن ڏونڪو هنيو ۽ سڄي عالم لاهوت جي مقدس فضا ۾ وقت جي پابنديءَ جو پڙلاءُ گونجيو، تہ هن ڏڪندڙ هٿن سان ڪھڪشان جي ڍير مان چوڏهينءَ جو گول گول چنڊ ڦٿوڙي ڪڍيو. هن جي اکين مان ٻہ لڙڪ ڪري اچي چنڊ جي منھن تي پيا. جلد جلد، ڏڪندڙ هٿن سان چنڊ جا داغ اُگهي، هن ان کي آسمان جي سينڌ ۾ جهومر جيان لٽڪائي ڇڏيو، آسمان جي هيٺان، چئني طرف، ٿڌڙي ٿڌڙي چانديءَ جھڙي جوت پري پري تائين پکڙجندي ويئي.
چنڊ کي ڏسي، اڄ هن کي پنھنجي زندگيءَ جون اُهي سموريون سُهايون راتيون ياد اچي رهيون هيون، جي هن ڪڏهن ڌرتيءَ تي سجايون هيون. هن تمام بيچينيءَ سان هيٺ روشنين ۾ ٻُڏل اونداهي پاتال ڏانھن نھاريو. تمام هيٺ، اُونھي ڪارونڀار ۾، هن جون نظرون اُنھيءَ ڌوڙ ڌڌڙ جي گولي کي ڳولي رهيون هيون، جتي هن پنھنجي زندگيءَ جا ٽيھہ سال گذاريا هئا.
اڄ خداوند تعاليٰ هن کي فرشتن کان بہ وڌيڪ آسماني قوتون عطا ڪيون هيون. هو سڄي آسمان ۾، پورب کان پڇم تائين، گهڙيءَ پلڪ اندر ڊوڙ پائي پھچي ٿي سگهيو. پر هو انھيءَ اونداهي پاتال کي پار نٿي ڪري سگهيو، جيڪو هن جي ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ حائل هو. هو اوندھہ جي اُنھيءَ اٿاھہ بحر ۾ گهوتا کائي رهيو هو، جنھن جو ڪوبہ انت، ڪوبہ ڪنارو ڪونہ هو. هو ديوانن وانگر ٻيئي هٿ منھن تي ڏيئي، چنڊ ستارن جي دنيا ۾ ڊوڙون پائي رهيو هو. هيٺ جي اگهور خلا کي جهاڳڻ لاءِ ڪوبہ رستو هن کي نظر نٿي آيو. خار ۾ اچي، هو پاڳلن جيان رڙيون ڪرڻ لڳو، ۽ آسمان مان تارا ڇني هيٺ اڇلائڻ لڳو.
مٿي بيٺل چارئي فرشتا گهٻرائجي ويا. هن جو اهو حال ڏسي، پاڻ ۾ سس پس ڪري، هو وٺي عرش عظيم ڏانھن ڀڳا.
عالم لاهوت جي مقدس فضا فرشتن ۽ پاڪ روحن جي تسبيح ۽ تھليل جي لطيف آوازن سان گونجي رهي هئي. چئني فرشتن، عرش عظيم جا پاوا چُمي، ادب سان ڪنڌ جهڪائي، سؤ سؤ سجدا گهوريا.
پوڙهي فرشتي، ڏڪندي ڏڪندي عرض ڪيو: ”معبود! هو روح پاڳل ٿي ويو آهي!“
”ڇا ٿيو انھيءَ روح کي؟“
”معبود! هن آسمان مان ڪيترائي ستارا ڇني اُڇلائي ڇڏيا آهن... اسان کي ڊپ آهي تہ متان چانڊوڪيءَ رات جو نظام درهم برهم ٿي وڃي!“
روح کي حاضر ڪرڻ جو حڪم مليو. چارئي فرشتا، ادب سان هٿ ٻڌي، پٺيرا موٽيا. کين پڪ هئي تہ انھيءَ ناشُڪري روح کي ضرور فنا ڪري ڇڏيو ويندو. فوراً ئي، روح کي بارگاھہ الاهي ۾ پيش ڪيو ويو. هن جون اکيون آليون هيون. هو ڪنڌ جهڪائي، روئي ۽ سڏڪا ڀري رهيو هو.
نھايت ئي نرميءَ سان کانئس پڇيو ويو: ”اي منھنجا پيارا روح! ٻڌاءِ توکي ڪھڙي تڪليف آهي؟ هتي ڪنھن بہ توکان تنھنجي مذهب بابت نہ پڇيو، ۽ نہ ئي ڪنھن فرشتي کي همت ٿي جو تنھنجي اڳيان تنھنجو اعمالنامو دھرائي. مون تنھنجي ايندي ئي بھشت جا دروازا کولي ڇڏيا. تنھنجي خدمت لاءِ بيشمار حورون مقرر آهن. تنھنجي شاعراڻي طبيعت کي مدنظر رکي، مون چنڊ ۽ تارن سان ڀريل آسمان تنھنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو، تہ جيئن تون چنڊ کي ڇُهي سگهين ۽ تارن سان دل بھلائي سگهين. ٻڌاءِ، توکي ٻيو ڇا گهرجي؟“
”معبود!...“ روح سڏڪن ۾ ٻُڏي ويو.
”چئہ، اي پيارا روح! تنھنجي رضا ڇا آهي؟“
”معبود! مون تي رحم ڪر... مون کي ڪجهہ نہ گهرجي - مون کي پنھنجيءَ وڃايل دنيا ۾ موڪليو وڃي!... مون کي هتي ڪنھن بہ طرح آرام نہ ايندو!“
روح سجدي ۾ ڪِري، زور زور سان اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. عالم لاهوت جي فضا انھن جي پڙاڏي سان هلچل ۾ اچي ويئي. بھشت ۾ اداسائي ڦھلجي ويئي. حورون سوڳوار ٿي ويون. فرشتا حيرت ۽ هراس ۾ اچي ويا. پوڙهو فرشتو، اِلاهي قھر کان ڊڄي، روح کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ اڳتي وڌيو -
يڪايڪ، دريا ڪرم جوش ۾ آيو. پوڙهي فرشتي کي حڪم ٿيو: ”هي ائين ماٺ نہ ڪندو - هن کي سپنن جي سُھائيءَ دنيا ۾ وٺي وڃ! آءٌ پنھنجي پياري ٻانھي کي نراس ڪرڻ نٿو چاهيان.“
هر طرف سڪون ۽ تسڪين جي پاڪيزہ لھر ڇانئجي ويئي. حورن ۽ فرشتن جا چھرا ٻھڪي اُٿيا. پوڙهي فرشتي مُرڪي ڏنو، ۽ هڪ وڏو سجدو ڀري، اُداس روح کي گلن جي سيـڄ تي ويھاري، آسمان جي هيٺئين ڪٽھڙي تي کڻي آيو. پوءِ هن بھشتي گهاگهر مان طھوري شراب جو پيالو ڀري روح کي پياريو، ۽ کيس هيٺ اونداهي پاتال ۾ نھارڻ جو اشارو ڪري، زور سان ڦُوڪ ڏني. روح ڦاٽل نگاهن سان هيٺ نھاريو... اوندھہ جا سمورا تھہ تحليل ٿي ويا هئا، ۽ هن جي اکين اڳيان سندس ننڍڙو گهر اُڀري آيو هو.
هن جا ٻيئي ننڍڙا ٻارڙا مٺيءَ ننڊ ۾ مسڪرائي رهيا هئا. سندس پاسي ۾، ٻيءَ کٽ تي، هن جي زال ليٽيل هئي. هوءَ جاڳي رهي هئي، ۽ سندس ڳوڙهن سان ڀريل اکيون مٿي آسمان ڏانھن کنيل هيون. روح بيتاب ٿي اڳتي وڌڻ لڳو، تہ فرشتي چيس، ”ترس، پھرين مان هن تي ننڊ موڪليان!“ ائين چئي، پوڙهو فرشتو پنھنجين انڊلٺ جھڙين کنڀڙاٽين کي ڦڙڪائي، هن جي زال ۽ ٻارن مٿان پکو جهولائڻ لڳو. هن جي زال جي اکين تي ننڊ جو کيپ چڙهي ويو. پر اُهي ڳوڙهن سان جهلملائيندڙ اکيون پورجن ئي پورجن، تنھن کان اڳ، روح وٺي آزاد فضائن ۾ اُڏاڻو ۽ پلڪن جي سمنڊ ۾ پيھي ويو.
*   *   *
تيز طوفاني هوائن ۾، ڄاتل سڃاتل گهٽين مان تکا تکا قدم کڻندو، هو گهر جي دروازي تي اچي بيٺو. هوا جي هڪ جهوٽي سان، دروازو کُلي پيو.
”تون!...“ هن کي در تي بيٺل ڏسي، هن جي زال کان ڇرڪ نڪري ويو. هوءَ سَڪتي ۾ اچي، چپ چاپ بيھي رهي.
”ها - مان آهيان! مان اچي ويو آهيان! تون مون کي سڃاڻين ٿي نہ؟“
”تون؟... تون زندہ آهين!... تنھنجو جھاز تہ ٻڏي ويو هو... شايد ماڻھن مون سان ڪوڙ ڳالھايو هو... پر تون مون کي ڇڏي ڇو وئين؟ تو ڪيترا سال لڳائي ڇڏيا!...“ هوءَ سڀڪجهہ چئي، منھن تي هٿ ڏيئي روئڻ لڳي. سندس ڪمزور جسم ڏڪي رهيو هو.
هن جي اکين ۾ بہ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن کي يقين ئي ڪونہ ٿي آيو تہ هو ڪو پنھنجيءَ خوبصورت، شوخ ۽ چنچل زال جي اڳيان بيٺو آهي. هوءَ ڪيتري نہ بدلجي ويئي هئي. هن جو سھڻو ۽ صحتمند جسم ڪيڏو نہ ڪمزور ٿي ويو هو. لال گلابي چھرو ڪيئن نہ ڪومائجي ويو هو، ۽ سانوڻ جي ڪڪرن جھڙا ڪارا ۽ ڊگها وار هاڻي اڇا ٿي رهيا هئا.
”مان تنھنجو ڏوهي آهيان. مون اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي.“ نھايت ئي ڏُکاري آواز ۾، هن ڪنڌ جهڪائي چيو.
ڪجهہ دير ترسي، هن وري چيو: ”ٻار ڪيئن آهن؟ مون کي انھن جي ياد ڏاڍي ستائيندي هئي... هاڻي تہ تمام وڏا ٿي ويا هوندا، شايد مون کي سڃاڻي بہ ڪونہ سگهندا-“
هو بيتابيءَ سان پنھنجن سُتل ٻارن جي کٽ ڏانھن وڌيو، تہ هن جي زال رڙ ڪئي: ”نہ نہ، انھن کي نہ جاڳاءِ! خواھہ مخواھہ توکي ڏسي ڊڄي ويندا. تون تہ هاڻي انھن لاءِ اجنبي آهين.“
هن جا قدم کٽ تائين پھچي رڪجي ويا. هن ڏاڍي سڪ ۽ پيار جي نظرن سان پنھنجي ڌيءُ ۽ پٽ ڏانھن نھاريو، جن کي هو تمام ننڍڙو ڇڏي ويو هو. ٻئي ڄڻا، ڀاءُ ۽ ڀيڻ، مزي سان ڀاڪر پايو، گھريءَ مٺيءَ ننڊ ۾ پيا هئا.
هن زال ڏانھن نھاري، ٻڏندڙ آواز ۾ چيو: ”ڇا، تون بہ مون کي اجنبي محسوس ڪري رهي آهين؟“
”ڀلا آءٌ بہ ائين ڪري سگهان ٿي! مون تہ توکي ڪڏهن بہ نہ وساريو آهي - زندگيءَ جي ڪنھن بہ حـصي ۾ نہ، موت کان پوءِ بہ نہ. توکي ڏسي، آءٌ تہ پاڳل ٿي رهي آهيان، ڄڻ تہ ڪو سپنو ڏسي رهي آهيان. پر تو مون کي ڪيئن وساري ڇڏيو؟ ڏس تہ سھي، توکان سواءِ ڪھڙا حال ٿيا اٿم!“ هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”مون کي معاف ڪر، پياري، آءٌ مجبور هوس.“ هن روئندڙ آواز ۾ چيو. ”هاڻي مان توکي ڪڏهن بہ اڪيلو ڇڏي نہ ويندس، توکي پنھنجي روح سان سانڍيندس... توکي ياد آهي نہ، هڪ ڏينھن مون توکي چيو هو تہ مان تنھنجي لاءِ آسمان مان تارا بہ آڻي سگهان ٿو. ها، سچ پچ، مان تنھنجي لاءِ آسمان مان تارا آڻي سگهان ٿو!... پر مان توکي پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، چنڊ ۽ تارن جي ديس ۾! اُها جڳھہ ڏسي تون ڏاڍي خوش ٿيندينءَ. اها ڏاڍي عجيب جڳھہ آهي. اتي آسمان ايترو تہ هيٺ آهي جو تون چنڊ ۽ تارن کي ڇُھي سگهندينءَ!... بس، تون مون سان گڏجي هل. آءٌ توکي وٺڻ آيو آهيان-“
”سچ!“ هن جي زال، ننڍن ٻارن جيان تاڙيون وڄائيندي، ائين چيو، ڄڻ تہ هوءَ سچ پچ ستارن جي دنيا ۾ وڃي رهي هئي. پنھنجي مڙس جي جدائيءَ جو سمورو درد ۽ شڪايتون وساري، هوءَ مسلسل مُرڪي ۽ خوش ٿي رهي هئي. تمام جذباتي انداز ۾ چوڻ لڳي: ”مان ضرور هلنديس! هاڻي مان تنھنجي سھاري بنا هڪڙو قدم بہ کڻي نٿي سگهان. زندگيءَ جو تنھا مقابلو ڪندي آءٌ ٿڪجي پيئي آهيان. مون کي يقين هو تہ هڪ ڏينھن تون ضرور مون وٽ موٽي ايندين. ڏس، مون تنھنجي هرڪا شيءِ ڪيئن نہ سنڀالي رکي آهي-“ ائين چئي، هوءَ ڪتاب ۽ ٻيون شيون کيس ڏيکارڻ لڳي، جي صاف سٿري نموني ۾ رکيل هيون. ائين ئي، هوءَ خوشيءَ وچان ٻارن جي کٽ ڏانھن وڌي. ”هي ڏس! ڪيڏا نہ وڏا ٿي ويا آهن. مون هنن کي تمام لاڏ ڪوڏ سان نپايو آهي. رات ڏينھن هڪ ڪري، مشين تي پاڙي وارن جا ڪپڙا سبي، مون هنن جي تعليم جو بندوبست ڪيو آهي... پر - پر- تون منھنجي منھن ۾ ائين چتائي ڇا ڏسي رهيو آهين؟ منھنجي مُرجهايل چھري ۽ بي نُور اکين ۾ ائين نہ نھار. مان تنھنجي باغ جي مالھڻ آهيان. پنھنجي جسم جو سمورو خون پاڻي ڪري، مون تنھنجن هنن گلن جي پرورش ڪئي آهي. پنھنجين اکين جي جوت جهَڪي ڪري، مون هنن کي علم جي روشني پھچائي آهي. پنھنجي سونھن ۽ سينگار کي قربان ڪري، مون هنن جي صحت کي سڌاريو آهي. مون کي اهڙين نظرن سان نہ ڏس، مون کي ڀَو ٿئي ٿو-“
”هي تون ڇا چئي رهي آهين! مون کي تنھنجي جسم سان نہ، پر روح سان پيار آهي. تون سوچي بہ نٿي سگهين تہ مان تو لاءِ ڪيترو پري کان آيو آهيان! تون نٿي ڄاڻين تہ اهي پنج سال مون توکان سواءِ ڪيئن گذاريا آهن. چنڊ ۽ ستارن جي سيـڄ تي بہ مون کي آرام نہ آيو. تون انھيءَ حسين ترين دنيا جو تصور بہ نٿي ڪري سگهين. اتي جو حاڪم مون تي بيحد مھربان آهي.....بس، ٿوريءَ دير لاءِ، آءٌ توکي وٺڻ ئي تہ آيو آهيان!“
”ها، مون کي اُتي ئي وٺي هل. هتي مون کي هرڪا شيءِ پرائي ٿي لڳي. مون کي هتي جي هر شيءِ کان نفرت آهي... اوه! مون تہ اڃا توکي پاڻي بہ ڪونہ ڏنو آهي! توکي بک بہ ضرور هوندي. پر تون ويھہ تہ سھي! هيڏي سفر ۾، تون سخت ٿڪجي آيو هوندين. توکي ڏسي، تنھنجين ڳالھين ۾ کوئجي، آءٌ پنھنجو پاڻ کي بہ وساري ويٺيس...“ ائين چئي، جيئن ئي هوءَ دستور موجب هن جي پٺيءَ تان ڪاري اوورڪوٽ لاهڻ لاءِ وڌي، تہ اوچتو ٻاهران سڏ ٿيو.
هوءَ ڊپ وچان ڪنبي ويئي: ”هي آواز! - ها، بلڪل ساڳيو! هي اُهوئي شخص آهي، جيڪو توکي پرڏيھہ وٺي ويو هو... مان توکي ٻاهر نہ ڇڏينديس!... مان کيس وڃي ٿي موٽايان –“
”نہ نہ، هو منھنجو دوست، منھنجو انتظار ڪري رهيو آهي. وقت پورو ٿي ويو آهي.“
”اڃا هينئر ئي تہ آيو آهين - نہ ڪجهہ کاڌو، نہ پيتو اٿئي!“
”بس، هينئر ئي تہ هلڻو آهي.“
”چڱو ڀلا، مان ٻارن کي جلد ئي سنڀرائي ٿي وٺان.“
ٻارن جو ٻڌي، هو ڪنھن گَھريءَ سوچ ۾ پئجي ويو. هو اڳتي وڌي وڃي ستل ٻارن جي ڀرسان بيٺو. يڪايڪ، ڪنڌ ڌوڻي، فيصله ڪُن انداز ۾ چيائين: ”هنن کي نہ جاڳاءِ! هنن کي پنھنجن سپنن جي دنيا ۾ رهڻ ڏي!“
”تون اِهو ڇا چئي رهيو آهين؟ هنن کي هتي ئي ڇڏي هلان؟ هنن معصومن کي.....! منھنجي مامتا اِهو زهر ڪيئن پِي سگهندي؟ هنن کان سواءِ تہ مان بہ هلي ڪانہ سگهنديس –“
ٻاهر وري اُهو خوفناڪ آواز اُڀريو، ۽ هوائون تيز ٿي ويون. هو سوچ جي ساگر ۾ گوتا کائي رهيو هو. ڪنھن نامعلوم خوف کان هن جو سڄو بدن لرزي رهيو هو. هن انتھائي درد انگيز آواز ۾ زال کي چيو: ”تون ٺيڪ ٿي چئين. مان پاڻ انھيءَ فيصلي تي پھتو آهيان تہ مون کي اڪيلو ئي موٽي وڃڻ گهرجي.“
”تون اڪليو موٽي ويندين!... نہ نہ، مان توکي هرگز نہ ڇڏينديس! مون کي چنڊ ۽ ستارن جي دنيا نہ گهرجي. مون کي توکان سواءِ ڪجهہ نہ گهرجي. مون کي اڪيلائيءَ جي اٿاھہ ۾ وري نہ اُڇلاءِ. مون کي اونداهيون وڪوڙي وينديون. منھنجو چنڊ تہ تون ئي آهين، تون هتي ئي رهي پئہ!...“ هوءَ روئندي، سڏڪندي، سندس پيرن ۾ ڪِري پيئي.
هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ اندر ئي اندر ڪو سندس نڙيءَ کي تيز ڇُريءَ سان چھڪ ڏيئي رهيو هو. سُورن جون سُوٽون کائيندي ۽ ڳوڙها پيئندي، هن چيو: ”مان مجبور آهيان... مون کي موٽي وڃڻو پوندو - اڪيلو ئي!.. ٻارڙا تمام ننڍا آهن، ۽ انھن کي اڃا تنھنجي گهڻي ضرورت آهي... مان وعدو ٿو ڪريان تہ وري جلد موٽي ايندس - پوءِ...“
ايتري ۾ ٻاهران ٽيون ڀيرو سڏ ٿيو، ۽ ان سان گڏ ئي تيز طوفاني هوائون ڀيانڪ سوساٽ ڪرڻ لڳيون. گهر جي در ۽ درين جا طاق زور زور سان پاڻ ۾ ٽڪرجڻ لڳا. ازغيبي طاقت جي اثر هيٺ، هن جا قدم خودبخود اڳتي وڌيا. کيس روڪڻ لاءِ، هن جي زال پوري زور سان رڙيون ۽ چيخون ڪرڻ لڳي، پر سندس خوابن جي دنيا درهم برهم ٿي ويئي.
*   *   *
هيٺ، ڌرتيءَ تي، هڪ ننڍڙي گهر جي اڱڻ ۾، چوڏهينءَ رات جي چانڊوڪيءَ ۾ ستل عورت، هڪ زوردار چيخ سان جاڳِي پيئي. هراس ۽ حيرانيءَ جي حالت ۾، پھرين ڪَڙي لڳل در ڏانھن نھاريائين. پوءِ ڏٺائين - سندس ٻيئي ٻار گھريءَ ننڊ ۾ الوٽ هئا. کٽ جي پاسي ۾، ٽپائيءَ تي، پاڻيءَ جو گلاس ۽ عينڪ ساڳيءَ ريت رکيل هئا. اڌ سبيل ريشمي ڪپڙو، مشين جي منھن ۾ اٽڪيل، تيز هوا ۾ ڦڙڦڙائي رهيو هو. مٿي، آسمان تي، چنڊ پنھنجي پوري آب تاب سان چمڪي رهيو هو، ۽ ستارا چئني پاسن کان جهرمر لايو بيٺا هئا. هن ڳوڙهن ڀريل نگاهون مٿي کنيون - ۽ هڪڙو تارو، چڻنگون ڇڏيندو، تمام پري تائين کِڙندو ويو. هن چنڊ ڏانھن نھاريو، ۽ ٻئي هٿ منھن تي ڏيئي، سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.