هُو
ليکڪ: مشتاق ڪاملاڻي | پڙهڻ جو وقت: 5 منٽ
جنھن ويل هُو کٽ تان هيٺ لٿو، سڀ اگهور ننڊ ۾ هئا پير پير ۾ وجهندو، هُو نازان جي کٽ وٽ اچي بيٺو. بتيءَ جي روشنيءَ ۾ نازان جو کليل منھن، مھاريءَ مان چٽو ڏسڻ ۾ پئي آيو. باقي بت ڪڪرائين اجرڪ پيل هيس. چتائي ڏٺائين تہ ٻيئي هٿ سيرانديءَ ڪيو هوءَ ننڊ ۾ الوٽ هئي. من ۾ ڄڻ ڪاني جي ڪا ڇيت چڀي ويس. ڪنبندڙ چپن جي ڪُنڊن وٽ بہ ڳوڙها ڳڙي اچي بيٺا.
ٻاهر اڱڻ وٽ نڪري آيو. مٽيءَ جي ٺھيل ڪٽھڙي تي، ڀت کي ٽيڪ ڏئي، آليون اکيون تارن ۾ کپائي ڇڏيائين.
هٿ ۾ ڪھاڙي ۽ ڪڇ ۾ پنج _ ڇھہ گوٻاٽا، اجرڪ ۽ جهنُڊ ۾ منھن لڪل، ڪاٺ جو دروازو ٽپي، هو ڪنھن گهر ۾ گهڙي آيو. در جي ڀر ۾ بيھي، ستلن جي ننڊ ڪنائي، سڄو گهر ننڊ ۾ نھوڙيو پيو هو. بانبڙا وجهندو اڳتي وڌيو. هڪ کٽ هيٺان لنگهيو، ٻي کٽ لنگهيو، ٽين کٽ هيٺان رڙهي هو اُڀو ٿيو. ٻيئي هٿ مٿي کان ڏيو هوءَ ستي پئي هئي. ٻانھن کان لوڏيائينس. هن اکيون پٽيون ۽ وري پوري ٿي ڇڏيون. ڌونڌاڙيس ٿو. آيل کي چتائي ٿي ڏسي. سڃاڻي ٿي، چپن تي مرڪ تري ٿي اچيس.
اکيون سانوڻي جون ڪڪريون ٿي پيس. اندر ۾ چُڀيل ڇيت جو چُڀڪو اڃا بہ تيز ٿي ويو. مٿي تي هٿ ڏئي هو هيٺ ويھي رهيو:
مانگهہ جي رات آهي. سياري جا سيءَ اڃا جانمڙد آهن. مَنھہ ۾ ٻٻر جو بنڊ ڌڳائي پاڻ ۽ وڏو ڀاڻس چلھہ تي ويٺا آهن.
ننڍو ڀاءُ چوي ٿو:
تون انڪار ڪري ڇڏ.
ڇو!؟
هوءَ کريل آهي.
ڪير ٿو چوي؟
ماڻھو ٿا چون.
ڪوڙا آهن.
ماڻھو ڪوڙا ڪونھن. اها سچي ڳالھہ آهي.
تون رهين سدائين ٻاهر، ڪڏهن ڪڏهن اچين ڳوٺ، اسين جو اٺئي پھر هتي ويٺا آهيون، اسان تہ هن ۾ نہ ڪا اهڙي ڪچائي ڏٺي آهي، نہ ڪا ٻڌي آهي.
اها پڪي خبر آهي تہ هوءَ کريل آهي. مون وٽ ثابتي آهي.
ڀلا ڪنھن سان کريل آهي؟ ٻڌائي ٻڌائي!
اهو تڏهن ٻڌائيندوسئين، جڏهن تون انڪار ڪري ڇڏيندين.
بڪواس پيو ڪرين. اٿي مٿي، متان هڻائين نہ پادر.
چپ ڀڪوڙيندي هو مٿي اٿيو. وري مَنھہ ۾ لنگهي آيو، ساڳي مھاريءَ وٽ اچي بيٺو.
آءُ ادا ٻاهر ڪم سانگي پيو وڃان، گهر جي پارت اٿئي.
دل چڪ چڪ ٿي ويس. هو هٽي بيھي رهيو. نراڙ تي پگهر جون بوندون مڙي اچي بيٺيون.
پيار ٻن دلين جي وچ ۾ اڻ مِٽ ناتو آهي.“ هن جو اندر ڀڻڪڻ لڳو.
هڪ ڊگهو ساھہ کڻي سامھون کٽ تي نظر وڌائين. ”پنھنجو پيار بہ موهن جي دڙي جي ان ناچوءَ ناري جي مورتيءَ جيان امر آهي، نازان!“
هن مھاريءَ ڏانھن هٿ وڌايو. مھاري پٽيائين. کٽ جي ايس تي چڙهي ويٺو. نازان جي تسيل ڳٽن تان وارن جي لٽ هٽائي، هٿ ترڪائڻ لڳو.
”تون........ تون........“
”ها.“
”ڇو آيو آهين!؟ خدا جي واسطي هتان وڃ هليو.“
”جهٽ ايترو بدلجي ويندينءَ مون کي خواب خيال ۾ بہ نہ هو.“
”چريائپ جون ڳالھيون نہ ڪر.“ سنئين ٿيندي چيائين. ”تون ڀلجي ويو آهين تہ تنھنجو هينئر مون سان رشتو ڪھڙو آهي.“
”ظاهري رشتو کڻي ڪھڙو بہ هجي، آءُ هينئر تو وٽ نينھن جي رشتي سان آيو آهيان.“
”تقدير کان اسين بازي کٽي نہ سگهياسين. هينئر آءُ اها نازان نہ رهي آهيان، جنھن کي تون مومل سڏيندو هئين.“
”پريت جو رشتو دلين مان ڪير بہ نٿو مٽائي سگهي.“
”پر آءُ تہ هينئر تنھنجي ڀاڄائي آهيان، وڏي ڀاءُ جي لَڄ“.
”تہ پوءِ ڇا ٿي پيو؟“
نازان حيرت جي علامت بڻي ڏانھنس تڪڻ لڳي: ”شرم ڪر، مذھب کي مڃڻ ڇڏي ڏنو اٿئي ڇا؟“
”ڪير ٿو چوي تہ آءُ مذهب جو انڪاري آهيان.“
”انڪاري ناهين تہ پوءِ اهي ڳالھيون ڪيئن پيو ڪرين؟“
”دنيا جا سڀ مذهب ميٺ ۽ ميلاپ جا آهن.“ ڳل تي هلڪي ٿڦي هڻندي چيائينس ”ڦڏي، فراق ۽ ڦوڙائيءَ جا نہ.“
”تو سوير چيو... تو سوير چيو... پيار جي رشتي کي دلين مان ڪير نٿو ڪڍي سگهي. پيار تنھنجي بہ دل ۾ آهي ۽ منھنجي بہ دل ۾ آهي، پر هيئن ملڻ هروڀرو ضروري تہ ناهي.“
”پر جڏهن هيئن پاڻ ڪئين ڀيرا مليا آهيون تہ هينئر ملڻ سان نہ ڪو ڪارونجهر ڦاٽي پوندو ۽ نہ ڪا لاڙ لوڏن ۾ اچي ويندي.“
”ڇا تون چاهين ٿو تہ آءُ اڄ ورهايل عورت بڻجان ۽ ڄمار ڀر پيڙجندي رهان.“
”آءُ توکان هڪڙو سوال پڇان ٿو، ان جو جواب ڏي. ڇا توکي هن وقت مون سان ساڳيو ئي پيار آهي، جيڪو ان وقت هو، جڏهن پاڻ اڳ ۾ ملندا هئاسين؟“
”ها، ساڳيو پيار، پر هاڻي ڪڏهين بہ ملي نہ سگهنداسون.“
”تہ پوءِ تون مون سان نہ ملي پاڻ کي ڄمار ڀر پيڙا ۾ پيڙيندينءَ.“ وري چوڻ لڳو ”تون ورهائجي اڳ چڪي آهين، آءُ توکي ورهائڻ ڪونہ آيو آهيان. تون ورهائجي ان ويل وئي هئينءَ جڏهن تنھنجو نڪاح منھنجي ڀاءُ سان پيو هو، پر هن تنھنجو جسم مُٺ نوٽن ۾ خريد ڪيو آهي ۽ مون گهڻو اڳ پيار ڏيئي.“
نازان جا ڳل آلا ٿي وڃن ٿا. ٻئي هٿ پيرن تي ٿي رکيس.
بادشاھہ پير جو اِسم ٿي وجهئين...وڃ هليو... مون کان اهو ڪنو ڪم ڪونہ ٿيندو.“
دٻيل سُڏڪن سڄي کٽ لوڏي ڇڏي.
هو ڪجهہ وقت نازان کي ماٺ ڪري تڪڻ لڳو ۽ پوءِ ڪجهہ سوچي کٽ تان هيٺ لٿو. کٽ کان ٿورو هٽي هو بيھي رهيو. هٿ روالور ڏي وڌيو ۽ پوءِ ٺڪائن تي سڄو گهر ڀيڀاڪجي اٿيو. سڀ ڀاتي سجاڳ ٿيا. مَنھہ جي ٿنڀ وٽ اچي بيٺا. سڀني جون اکيون منجهس وڃي کُتيون. هو نازان جي کٽ ڀرسان ٻُندي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو.
”هو ڀڄي ويو امان! باقي هوءَ ڪتي پريان کٽ تي پئي اٿئي.“
ماڻس نازان جي مھاريءَ ڏانھن ڏٺو. مھاريءَ ۾ نازان جو رتو رت لاش پيو هو. اجرڪ جون اڇيون ڦلڙيون هاڻي ريٽيون ٿي ويون هيون.