App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

دوا ۽ درمل

ليکڪ: غلام نبي ڏيپر | پڙهڻ جو وقت: 4 منٽ

مٿو اگهاڙو، اڌ وار اڇا اڌ ڪارا، بي ترتيب، وکريل، پريشان اڻڀا. ڏاڙهي وڏي. ان ۾ بہ اڌ کان گهڻا پَرِيا.
اکيون سايون، نماڻا نيڻ، غم سان ڀرپور! چھرو هيڊو، لوندڙين کان هيڏا ٻاهر نڪتل. گيڙو قميص ڪالرن وٽان ڪَٽيل ۽ ڇڳل ڄڻ ڀونڊا ڏيندي هجي. قميص کي کيسو وڏو، جنھن ۾ اڌوراڻي پين پيل، اُڀ ساهي. ائين پيو لڳي ڄڻ دم جو مريض هجي.
سندس هنج ۾ پنجن سالن جو صغير پٽ آهي! پٽ جي حالت پيءُ کان بہ ابتر آهي! سنہڙو جهڙو ليک، منھن تي سوڄ، ٻانھون ڪمزور، کيس وٺيو وڃي پيو ٿو ڊاڪٽر ڏانھن. شھر جي مشھور ڊاڪٽر ڏانھن، جنھن وٽ راڄ ڍرندا آهن. قابل آهي، تجربيڪار آهي. ملڪان ملڪ مشھور آهي.
هو سندس آفيس ۾ اندر وڃي ٿو ”سائين مون مسڪين جو عرض آهي.“
ڊاڪٽر جون نظرون برابر ڪتاب ۾ کُتل آهن. نرڙ ۾ گهنج وجهي کيس ورندي ڏئي ٿو ”جي... بابا... چئہ!“
هو نماڻو ٿي کيس چوي ٿو ”سائين منھنجو ٻچڙو ٻن مھينن کان بيمار آهي. اسپتالن مان ڌڪا کائي اوهان جي هاڪ ٻڌي پھتو آهيان. توهان کي ڌڻيءَ سڃاتو آهي، ڪا دوا درمل لکي ڏيو.“
ڊاڪٽر ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان چوي ٿو ”نہ.... با...... نہ، منھنجو وقت ضايع نہ ڪر. مان هتي مريض ڪونہ ڏسندو آهيان او. پي. ڊي. ۾ اچ سڀاڻي.“
”پر سائين....“
”نہ بابلا هينئر منھنجي اسٽڊيءَ جو ٽائيم آهي، تہ پوءِ شام جو ڪلينڪ تي وٺي اچوس.“ سندس نماڻن نيڻن جا ڪٽورا پُر ٿي وڃن ٿا.
ڊاڪٽر زور سان گهنٽي وڄائي ٿو. ”حاضر صاحب“ پٽيوالو اندر آفيس ۾ پھچي ٿو. ڊاڪٽر هٿ جي اِشاري سان ”گل بابا، هن کي ٻاهر وٺي ٻڌاءِ تہ شام جو ڪلينڪ تي اچي، مريضن کي اندر نہ موڪل، پڙهائيءَ ۾ رخنو ٿو پوي.“
”جي... بھتر“.
پٽيوالو سندس قميص جي پلاند ۾ هٿ وجهي ڊوهي آفيس کان ٻاهر ڪڍي ٿو، ۽ کيس ڊاڪٽر جي پرائيويٽ ڪلينڪ جو پتو ٻڌائي ٿو.
اڃا اتيئي آفيس جي ٻاهران بيٺو آ! سوچن ۾ ٻڏل، غمن ۾ غلطان ۽ غرق! تہ مٿان ٻہ سوٽيل بوٽيل اڇن لَٽن وارا اچن ٿا، ۽ پٽيوالي کان پڇن ٿا:
”ابا، ڊاڪٽر صاحب آهي اندر؟“
پٽيوالي وراڻيو ”ها، سائين ها... بلڪل.... بلاشڪ!“
هو ذري پٽيوالي ڏي ۽ ذري انھن اڇن ڪپڙن وارن ڏانھن ڏسي ٿو. سندس دل مان هڪڙي آھہ نڪري ٿي! کيس غربت تي جڪ اچڻ لڳن ٿا. ٻاهر گهڙي کن ترسي ٿو.
اندر کل ۽ ٽھڪڙن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. پٽيوالي کي اندر سڏ ٿئي ٿو ۽ پٽيوالو وري ٻاهر نڪري ڪيڏانھن وڃي ٿو. پر هُو اڃا اتيئي بيٺو آهي. پٽيوالو ڳرين وکن سان ٻاهر وڃڻ لڳي ٿو، ۽ ٻاٽليون کڻي ڊاڪٽر جي آفيس ڏانھن ويندي هن جي سامھون لنگهي وڃي ٿو.
پوءِ لڙکڙائيندو، ٽنگون گھليندو، مٿي کي هٿ ڏيئي گهر پھچي ٿو. ساڳيا سور، ساڳيا پور، ساڳيون ڳڻتيون، ساڳيا اوسيئڙا! پٽ جي حالت رحم جوڳي، بخار ۾ شدت!
شام جو هو وري پٽ کي هنج ۾ کڻي، ڊاڪٽر جي پرائيويٽ ڪلينڪ تي پھچي ٿو. سندس دل جي رفتار تيز ٿي ويل آ. پٽيوالي کان اجازت وٺي اندر صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو. سندس هٿ ڏڪڻ شروع ڪن ٿا. بت ۾ سرديءَ جي لھر ڊوڙي ٿي وڃيس.
”سائين هن کي ڏسو، ٻن مھينن کان بيمار آهي.“
ڊاڪٽر جو لھجو ماکيءَ جھڙو مٺو ۽ نرم آهي. ”نہ بابا نہ، ڪو فڪر نہ ڪر، دوائون لکي ڏيان ٿو، ﷲ رحم ڪندو!“ گهڙي پلڪ لاءِ هو ڊاڪٽر کي انسانيت جو علمبردار، فرشتو تصور ڪرڻ لڳي ٿو. ۽ خوش ٿي دوائن لکيل پرچي هٿ ۾ کڻي جيئن ٻاهر نڪري ٿو، پٽيوالو سندس ڪلھي ۾ هٿ وجهي چوي ٿو:
”چاليھہ رپيا......“ هو خاموش ڏسندو ئي رهجي وڃي ٿو، دوڏا ٻاهر نڪري ٿا اچنس. پرچي وارو هٿ ڏڪڻ لڳيس ٿو، پٽيوالو هڪ ڀيرو وري ساڳيو سوال ورجائڻ کان پوءِ جهڙپ ڏيئي سندس هٿ مان پرچي ڦري، ان جا چار ٽڪر ڪري ٿو ڇڏي. ۽ چويس ٿو. ”ڪونہ اٿئي چاليھہ رپيا _ تہ پوءِ جيترا هجن اوترا ڪڍ.“
هو سڄو کيسو هٿ سان ٻھاري ڪجهہ نوٽ پٽيوالي جي هٿ تي رکي ٿو، ۽ سوچڻ لڳي ٿو ”هاڻي دوائون ڪٿان وٺندو!“