چھڪ
ليکڪ: طارق اشرف | پڙهڻ جو وقت: 7 منٽ
پالش ڪندي ڪندي موچيءَ جا هٿ هڪ لمحي لاءِ رڪجي ويا. هن جون نظرون سامھون ميرن بوٽن تي ڄمي ويون. هڪ گهڙيءَ لاءِ سندس دل ۾ خوشيءَ جي لھر وري آئي. هن ستت ئي پڇيو، ”پالش ڪريان؟“ ۽ پوءِ نظرون مٿي کنيائين.
سامھون ڦھليل هٿ اڃا بہ اڳيان وڌي آيو: ”هڪ پئسو!“
موچيءَ جي دل ۾ آيل گهڙيءَ پل جي خوشيءَ تي ڪاوڙ اچي ويئي: ”هل هل، پئسو کپيس! هتي تہ سُڪل موچڙا اٿيئي-- کپنئي؟“ فقير اڳيان وڌي ويو.
هڪ ڪلارڪ جي اڳيان فقير هٿ ڦھلايو، جنھن جا اڻڀا وار پيشانيءَ تي پريشان هئا: ”صبح کان بکيو آهيان. ٻن مانين جو سوال آهي“ ڪلارڪ جي سُڪل چپن تي مرڪ پکڙجي ويئي-- هڪ ڪڙي ۽ ڪساري مرڪ. ”شل سدا سکيو هوندين...... ڏاڍي بک لڳي اٿم.“ فقير وري ٻاڏايو. ڪلارڪ وري مرڪيو، ۽ مرڪندي اڳيان وڌي ويو.
فقير صبح کان بکيو هو، ۽ ڪلارڪ ڪالھہ کان!
فقير وري اڳيان وڌيو ۽ هڪ پوڙهيءَ اڳيان هٿ ٽنگيائين: ”امڙ، جيئن بچن شال تنھنجا ٻچا، انھن جي صدقي ۾ هڪ آنو فقط.“
پوڙهي هلندي هلندي بيھي رهي. ”ٻچا!“ هن جا چپ ڏڪڻ لڳا ۽ هوءَ اڳيان وڌي ويئي. فقير جون نظرون گهڻيءَ دير تائين پوڙهيءَ کي ويندي ڏسنديون رهيون. کيس رکي رکي پوڙهيءَ جي اکين جو خيال پئي آيو، جن ۾ ’ٻچن‘ جو ٻڌي ڳوڙها تري آيا هئا، ۽ چھري تي ڏک ڇانئجي ويو هو. فقير سوچيو، ’ڇا پوڙهيءَ جو ڪوبہ ٻار ڪونھي!‘
اوچتو فقير جي نظر موٽر ۾ ويٺل هڪ ٿلھي سيٺ تي پيئي. هو اوڏانھن وڌڻ لڳو. ”هڪ پائليءَ جو سوال آهي، بابا.“ ”هل ڙي، هل!“ سيٺ ڪاوڙجي چيو، ”هڪ تہ پيٽ ۾ سور ڪري پڄائي آهي، ٻيو هيءُ سوئر نازل ٿيو آهي.“ ۽ موٽر هلي ويئي.
’سيٺ جي پيٽ ۾ سور!‘ فقير سوچيو. ’سور تہ مون کي بہ آهي، مگر.....‘ هن جي بک تيئن وڌيڪ ٿيڻ لڳي. ڪافي دير تائين فقير اُتي ئي بيٺو رهيو، ۽ پوءِ سامھون واريءَ هوٽل ڏانھن وڌيو. هوٽل جو مالڪ ڪائونٽر تي پئسن ڳڻڻ ۾ مشغول هو. فقير دريءَ وٽ بيھي ڪجهہ دير کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ تمام نرمائيءَ سان چيائينس، ”صبح کان بکايل آهيان. ڌڻيءَ جي نانءَ تي ماني کارائيندين؟“ پئسا ڳڻيندي ڳڻيندي هوٽل جي مالڪ جا هٿ رڪجي ويا. هن نفرت منجهان فقير کي گهوريو، دريءَ مان جنھن جو صرف چھرو نظر پئي آيو ۽ پوءِ بڪ شڪ ڪندي وري پئسا ڳڻڻ لڳو: ”ڏٽا مُٽا، بيشرمائيءَ سان اچيو ٿا هٿ ٽنگين. ڪم جو چئہ تہ ٻرو چڙهيو وڃين.“ نوٽن جا بنڊل ميز جي خانن ۾ وجهندي وري چيائينس: ”حرام نہ کاءُ، وڃي محنت ڪر. هتي بار- والي ڪندين؟“ فقير خاموشيءَ سان دريءَ وٽان هٽي ويو. هوٽل جي مالڪ غصي منجهان چيو، ”نوڪريءَ جي لاءِ چئہ تہ موت ٿو اچي... حرامخور!“
فقير هوٽل وٽان هٽي رستي تي آيو. کيس هوٽل واري تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. ڪاوڙ منجهہ هن جو منھن پڻ ڳاڙهو ٿي ويو. پر ڪجهہ وقت کان پوءِ ڪاوڙ ڍري ٿي وئي ۽ هن جي چپن تي مرڪ ظاهر ٿي. اهڙي مرڪ، جنھن ۾ بيپناھہ بيوسي ۽ رنج سمايل هو. ”ڏٽو مُٽو آهيان! محنت نٿو ڪريان!“ هو پاڻ ئي پاڻ تي کلڻ لڳو. هن جي نظر پنھنجي ڏٻري جسم ۽ کاٻيءَ ٻانھن تي پيئي، جنھن جون آڱريون ۽ ڪرائي وڍجي چڪي هئي. هن جو ڌيان ساڄيءَ ٽنگ ڏانھن بہ کڄي ويو، جتي ناسور سدائين پيو وهندو هو. فقير سوچيو، ’ڀلا هوٽل جي مالڪ کي ڪھڙي خبر؟‘ هاڻ کيس وڌيڪ ٿڪ محسوس ٿيڻ لڳو ۽ بک جي شدت بہ وڌي ويئي.
هو هڪ بند ٿيل دڪان تي ويھي رهيو. سوچيائين—’صبح کان بکايل آهيان، ڪالھہ بہ ڏيڍ ڏينھن کان پوءِ مانيءَ ڀور مليو هو‘. وري کيس ياد آيو، صبح کان ڪيترن جي اڳيان هٿ ٽنگيو هئائين، پر جواب ۾ رڳو گاريون ۽ دڙڪا ۽ ڌڪا مليا هئس. کيس اهو ڌڪو بہ اڃا تائين نٿي وسريو، جو پئسو گهرڻ تي هڪ ماڻھوءَ ڏنو هوس. هو زمين تي ڪري پيو هو، ڪرڻ تي ناسور ۾ ڌڪ لڳي پيو هو ۽ هو ايذاءُ ڪري ڦٿڪي پيو هو، پر ڪنھن کي هن تي رحم تہ ڪونہ آيو، الٽو ڪي چوڻ لڳا: ”چڱو ٿيو، هن جي اهائي سزا آهي!“ بيٺل سڀ ٽھڪ ڏيڻ لڳا هئا. هن وري سوچيو، ’هاڻ پنڻ ڇڏي ڏيڻ کپي، انھيءَ کان تہ مرڻ بھتر آهي. پر آخر پيٽ ڪيئن ڀرجي؟‘ هن سوچيو، مزدوري هو ڪري نٿي سگهيو، جو سڄو هٿ ڪارخاني ۾ ڪپجي ويو هوس ۽ ٽنگ ۾ ڪُتي جو چڪ ناسور ۾ تبديل ٿي چڪو هو. آخر انھن خيالن هن کي ڪڪ ڪري ڇڏيو ۽ هو ماٺ ڪري ويھي رهيو. ڪافي دير کان پوءِ هن محسوس ڪيو تہ ناسور ۾ سور پيو ٿئي -- پر سور ٽنگ جي ناسور ۾ نہ هو، پيٽ جي ناسور ۾ هو. بک جي ڪري هو تمام ڪمزور ٿي ويو هو. کيس ائين پئي لڳو ڄڻ سندس جسم بيحس ٿي ويو آهي. بک جي شدت ويتر وڌيڪ ٿي ويئي. ڪجهہ دير کان پوءِ هن کي پنھنجو فيصلو بدلائڻو پيو. هن سوچيو تہ هن وقت تہ پيٽ جي باھہ وسايان، پوءِ پنڻ ڇڏي ڏبو. اهو سوچي، فقير دڪان تان اُٿيو. اُٿندي سندس نظر هڪ سفيد پوش پوڙهي تي پيئي جو آهستي آهستي ويو پئي. هن جي هٿ ۾ تسبيح لڏي پئي. هو ڪجهہ پڙهي رهيو هو. فقير پوڙهي ڏانھن وڌڻ لڳو. پوڙهو چڱو اڳيان وڌي ويو هو. فقير جي ٽنگن ۾ طاقت بہ نہ هئي، پر بک هن جي وک وڌائي. تکو تکو هو پوڙهي جي ڀرسان آيو. هن جو ساھہ تيز تيز هلي رهيو هو. هن جي جسم ۾ طاقت هئي ڪانہ. ڪجهہ دير فقير خاموشيءَ سان هلندو رهيو، پوءِ پوري طاقت لڳائي چيائين، ”صبح کان بکايل آهيان. ڌڻيءَ جي نالي تي ماني کارائينم.“
تسبيح بيھي رهي. ”معاف ڪر.“ ۽ تسبيح وري هلڻ لڳي.
فقير همت نہ هاري. هڪ دفعي هن وري ٻاڏايو، ”خدا توکي حج نصيب ڪندو.“ ”دعا ٿو ڪرين! پوڙهو آهيان، انھيءَ ڪري؟ جي ٻار هجان ها تہ پاس ٿيڻ جي دعا ڪرين ها.... ٺڳ!“ هو اڳيان وڌي ويو. فقير ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽڻ لڳو ۽ دل ۾ چيائين، ’مان ٺڳ آهيان..... يا تون؟ ﷲ جي عبادت ڪرين ٿو..... ﷲ جي نالي تي پئسو نٿو ڏين!‘ هن سوچيو، ’ﷲ جي نالي تي ڏيڻ سندس بندا پسند نٿا ڪن. هنن جو خيال آهي تہ وٽن جيڪي ڪجهہ آهي سو صرف سندن محنت جو ڦل آهي.‘ فقير سوچيو، هن کي ڪوبہ ڪجهہ ڏيڻ پسند نہ ڪندو-- ڀلا پنھنجي محنت جي ڪمائي هو ڇو ڪنھن کي ڏين؟
فقير اڳيان وڌيو. هن جي نظر بجليءَ جي ٿنڀي هيٺ ويٺل فقير تي پئي. هن جا قدم اتي ئي ڄمي ويا ۽ اکيون انھيءَ ويٺل فقير جي اڳيان رکيل ڪچڪول ۾ کپي ويون، جنھن ۾ پلاءُ پيل هو. هن سوچيو: ’هاڻ محنت ڪرڻي پوندي! ﷲ جي نالي تہ ڪير ڪونہ ڏيندو، ڇو نہ هي ڪچڪول کڻي ڀڄي وڃان؟‘ اوچتو خيال آيس، ’ٽنگ ۾ سور آهي، ڊوڙي بہ نہ سگهندس!‘ پر وري دل کي تسلي ڏنائين تہ فقير جي سامھون ڪاٺ جي گهوڙي رکيل آهي، انھيءَ مان ظاهر آهي تہ هو منڊو آهي، سندس پيڇو نہ ڪري سگهندو. رات بہ گهڻي ٿي چڪي آهي. رستي تي بہ ڪو ڪونھي. اهو سوچي هو اڳتي وڌيو. هن جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون. ساھہ ڀرجي آيس. پر جڏهن هن ڏٺو تہ فقير ميرن ڪپڙن سان هٿ اگهي پلاءُ کائڻ شروع ڪيو تہ هن جي جسم ۾ ڦڙتي اچي ويئي. هو وڌي هن جي ڀرسان آيو. اڃا جهڪي ڪچڪول کنيائين ٿي تہ فقير چيس:
”اچ، ڀائو، بسم ﷲ ڪر!“
هن جو جسم ڏڪي ويو--- ڄڻ ڪنھن سندس ناسور جي چھڪ کي چيري ڇڏيو هو. هن ڏڪندڙ زبان سان چيو ”کاءُ، بابا!“ ۽ اڳيان وڌي ويو.