روڪيل لُڙڪ
ليکڪ: عبدالقادر جوڻيجو | پڙهڻ جو وقت: 12 منٽ
عيسو تہ اُڀ مان ڪونہ لٿو هو، پر سندس مُرڪون اُڀ مان لھي آيون هيون. هڪڙا جوانيءَ جا پُور، ٻيو وسڪاري مٿان وسڪارو، مينھن جي اُڇل، کنوڻين جا ڌڄا مُرڪون بڻجي سندس چپن تي لھي آيا هئا. پر ڀلا جي اُڀ کڻي نہ بہ گُڙندو هجي، عيسي جا ٽھڪ ضرور پيا گُڙندا هئا. جنھن بہ اڱڻ تي اچي پير ڇنڊيندو ۽ ڀليڪار جهليندو، اُن اڱڻ تي کل ڀوڳ جا گُل هاري هليو ويندو، پويان رڳو روح جي هُٻڪار پيئي ٽڙندي.
پرواھہ بہ ڪھڙي هُيس. نہ ڪنھن جي آئي ۾ نہ ويئي ۾. نہ ڪنھن کي ڪو چرڪو ڏئي جو ساڙُ ڪري. واڙا مال سان ڀريل، چؤنريون کير سان ڀريل ۽ دل اولاد سان ڀريل هئس. ڏيئي وٺي سندس گهر سرحدن جي ويجهو هو، پر انھيءَ جو بہ ڪو اهڙو کٽڪو تہ ڪونہ هوس جو مُرڪن جي روشن لِيڪن ۾ ڪاري ڪئنچي وڍ وجهي ڇڏي. مڙسن سامھان مڙس آهن. ڪير ڪنھن جي گهران ڪونہ ٿو کائي، هرڪو پرائيءَ ماءُ جو پُٽ آهي.
سو سائين، جندڙيءَ جون ٺھيل ٺڪيل واٽون هيون، جن تي پيو هلندو هو. ڏينھن جو مال سان، لَٺ ڪلھي تي، ﷲ ڙي واهي. هل هلان، وٺ وٺان. شام جو چؤنري هٿ ۾، ٻاڪرن ڦَرن پويان گهُتيون. ڦر جهَلڻان ڪونہ ٿيا ڪڪرن پويان ڊوڙڻو ٿيو. جوڻس جي بدن جي سمنڊ کي بہ شام جو ڦرن پويان ڊوڙندي ڇُلڪڻ جو وقت ملندو هو. رات جو وري گهر جي اڱڻ تي ڊوڙندڙ هلڪي هلڪي ننڊاکي هوا جا جهپ. اک کـُلندي وري پوربي، وري کُلندي- آهستي آهستي ٿي ننڊ نبض نبض ۾ ڊوڙي ويندي. صبح جو وري لٺ ڪلھي تي، جوڳي نہ مِٽ ڪنھن جا.
اُها بڊي جي اُجهاڻل اُجهاڻل شام هئي. هوا جون نبضون ڳھر سان ڀريل هيون. لھندڙ سج جي ڪرڻن ۾ پيلاڻ جو زهر ڀرجي، ساون گاهن تي وڇائجي ويو هو. اُڀ بلڪل صاف هو. ڪٿي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ ڪا اوڦٽو ڪڪري ٿي ڏٺاڻي، جيڪا سج جي روشني جهَٽي ڌڳِي اُٿي هئي. عيسو بہ ٿڪجي ٽُٽي اچي وٿاڻ تي ڦرن جي واڙي مٿان بيھي رهيو. بڊي جو مھينو، سرءُ جي مند ۾ ائين ئي پيو بت ٽُٽندو، اوٻاسيون اينديون ۽ آرس پيو ٿيندو. هلندي جي ھھڙيءَ ڪچ جي مند ۾ جهَڻ جي وٽي کي ڪو دٻ ڏيئي ويو تہ خيرن جو شام جو پيو بہ رلين ۾ هوندو. سو عيسي جيئن ڍينگر ۾ هٿ وڌو تہ کيس اوٻاسي آئي. هٿ روڪجي ويس. ٻن - ٽن ڦرَن هِتان هُتان ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چھري تي مرڪ لُڙهي آئي ۽ ڍينگر کي ڇِڪ ڏنائين. سڀ ڦر ٻاهر نڪري هيڏانھن هوڏانھن ڊوڙڻ لڳا.
”اَئي، پر يڪا کڻي ڪڍيا اٿئي؟“ جوڻس ڦرَن کي آڏو ٿيندي چيو.
”پوءِ ڇا ٿيو.“ مُرڪندي چيائين.
”ڇا وري ڪڄاڙي جو، مُئا ڌائي ڪونہ ويندا؟“
”پنھنجون مائون اٿن، ڌاتن تہ ڪو ڏوھہ تہ ڪونہ ڪَين.“
”ها! پوءِ کائج کَٽو تہ کارايانءِ ٺاهي.“ جوڻس ڦرَن کي واريندي ڪڪ ٿيندي چيو.
”روز آهي سو وٽا ڀريو ٿو پيئي.“
”کڻي ڪونہ پيئندس.“
”توکي ڇا آهي، مٿو منھنجو ڦاٽندو. آءٌ تہ ڀانيان ٿي مانيءَ تي اُکڙي ڪھاڙيءَ سان پيو ايندين.“
”ها، اڳ ۾ تہ توکي ڪھاڙين سان سَڙهي ڇڏيو اٿم، باقي هاڻ توکي ماريندس، ڇو اچي بتال ٿي آهين.“
”بتال آءٌ ڪانہ ٿي آهيان. توکي اچي.....“ جوڻس جي چپن تي ايندڙ لفظ ڇرڪ کائي بيھي رهيا. ”اَئي مران!“
”ڇو ڇا ٿيو؟“ عيسي ڇرڪ ڀريو ۽ اوڏانھن نھاريائين، جتي جوڻس جي نگاھہ ڄميل هئي.
”ٻڪري ٺيڪ ڪانھي ڇا؟“
”هوءَ چانوري ڪانجهاٽي ڪانہ بيٺي آهي.“
ٻيئي ڄڻا هلي اچي ٻڪريءَ وٽ بيٺا. ٻڪريءَ بت ڪوئيو، ڪنڌ لاڙي، وڏا وڏا ساھہ پئي کنيا. پَڇڙون ڀرجي وييون هئس. اکيون پوريل ۽ ٽنگون پئي ڏڪيس. ٻنھي جون نظرون ٻڪري تان هٽي هڪٻئي سان وچڙي وييون. ڄڻ نگاهن جون ليڪون نہ هيون، ويِچارن جون لارون هيون، جيڪي هڪڙي ذهن کان ٻئي ذهن ۾ گهِڙي رهيون هيون.
”هاڻ ڇا ٿيندو؟“ جوڻس ڪُڇي.
”بچڻ مشڪل اٿس،“ ڀلا ڏنگڻي کڻي اچ تہ کڻي ڏنگيونس، من بچي پوي.“
جوڻس ڏنگڻي کڻڻ لاءِ جيئن وڃي لوڙهي اندر ڍري تہ ٻڪري ويھي رهي ۽ ٿورو وقت رکي ٻيٻاٽ ڪري پاسي ڀر ليٽي رهي. منھن مان گجي اچي ويس، بت سيٽجي ۽ اکيون ڦري ويس. هن اُڀ کوڙي هيٺ ويھي ٻڪريءَ کي چڱيءَ طرح نھاريو. سندس چھري تي ويچار جو جهوٽو آيو، سندس بدن ۾ انديشي سرڙاٽ ڪيو ۽ نڙيءَ وٽ اچي ڦاسي پيو.
”خير؟ ٻڪري آهي، ماڙهو ڪونھي جو......“ هو ماٺ ڪري ليٽيل ٻڪريءَ جي ڀر ۾ چڱيءَ طرح ويھي سُلڦي دکائڻ لڳو. سلڦي هٿ تي ڇنڊي، وات ۾ وجهي تيلي هنيائين. هوا جي پھرينءَ ڌِڪ تي تيلي جهٽڪو کائي وسامي ويئي. ٻي تيلي هڻڻ تي هو تہ جوڻس ڊوڙندي آئي، ڄڻ پاڻ زندگي هئي جا کن پل ۾ اچي پھچندي ۽ ٻڪريءَ جي جسم ۾ داخل ٿي ويندي.
”ٻڪري مري ويئي.“
”هان!“ ڊوڙندڙ جوڻس جا هٿ پير بيھي رهيا. ڪر پاڻ زندگي نہ، موت هئي.
”سراپجي ويئي آهين؟“ جوڻس جي گهنگهور مُنھن ڏانھن نھاريندي چيائين.
جوڻس ٿڌو ساھہ ڀريو. سندس وڏين، ڪارين، کوھہ جي تري وانگر جرڪندڙ اکين ۾ لُڙڪن جي ڌُنڌ تري آئي، جيئن ڪوهيڙو ڍنڍ جي ڪپ تي تري ايندو آهي. هن جوءِ جي اکين ۾ نھاريو، سندس نڙيءَ ۾ ڦاٿل دُک جي لھر، مُرڪ جو روپ وٺي سندس چپن تي گلن وانگر ٽڙي آئي، ڄڻ چپن تي سج اُڀريو هجي. هن زور سان جوڻس جي پُٺن تي ٿڦ هنئي.
”هاڻ ڪونہ راڄُ مري ويو آهي، جو لڙڪ هارڻ ويٺي آهين.“ سندس اکين ۾ بہ مُرڪ جا پاڇا لڙي آيا هئا.
”ها!....“ جوڻس ٿڌو ساھہ ڀريو. ڪلھن تان سندس هٿ پري هٽائيندي چيو، ”توکي ڇا آهي. اِها مُئي کِل تہ توکان تڏهن بہ ڪانہ ويندي، جڏهن مـُئي آءٌ بہ مَري رهنديس.“
”ها! بس، تون هاڻ مرڻ واري آهين. ڪوھہ اچي ڦِٽي اٿئي.“ اُهائي مُرڪ.
”ڦٽي تہ اٿم تڏهن ڀلوڙ ٻڪري اکين اڳيان ڇڙهيون هڻي هڻي مري وئي. توکي تہ اچي مشڪري لڳي آهي. اِهوئي هٿ نہ جهليو ايندين تہ ڍاڪون پَڪا.“
”هاڻ ٺھيو، گهر هل، آءٌ هن کي گيھليو پري ڇڏيو ٿو اچان.“
اُن ڏينھن رات جو اڱڻ ۾ سندس ننڍڙي پٽ جي ڊوڙندڙ ٽنگن سان سندس ٽھڪ وچڙي ويا ۽ جوڻس جي هينئين تان ڏُک جو دونھون سِرڪي رات جي اونداهيءَ جي پيٽ ۾ ڏَرڙُ ڪندو گم ٿي ويو.
ٻئي ڏينھن ننڊاکي صبح جي ڌنڌ ۾ ٻڏندي ترندي، اوٻاسيون ڏيندي اچي واڙي جي گهٽيءَ تي بيٺو. ڍينگر جي مُٺئي کي جهلي پري سرڪائڻ تي هو تہ سندس نگاهون واڙ اندر ويٺل ٻڪرين تي پييون. هو جتي هو، اُتي ڄمي بيھي رهيو. مٿس پيرن کان وٺي ننھن تائين ويچارن جون ويِرون چڙهي آيون. ٻہ - ٽي ٻڪريون مُيون پييون هيون، اڌواڌ ڪانجهاٽيون بيٺيون هيون،
”ٻَرڪي!“ سندس اکيون ڦاٽي ويون. ٻنھي هٿن سان ڍينگر جي مُٺئي کي زور سان جهلي زمين ۾ ڦسيائين، ڄڻ ڪنھن شيءِ کي پري پري روڪيندو هجي. پر خيالن جون لھرون ڪَرَ کڻي سندس روح جي ڀتين سان ٽڪرون هڻڻ لڳيون. سٽڪو پئي پين، ”هاڻ اهڙي ڪانہ بچندي جو کڻي چانھہ جو ڍُڪ ٿئي. ٻيو تہ ٺھيو، پر رُکاڻو لاھہ ڪڍي ڇڏيندو.“ هُو ويچارن جي لھرن تي لُڙهندو ويو - هيٺ مٿي، هيٺ مٿي، ٻڏتران. ”مال ڀٽاري تان بہ اچي کنئي اٿس.“
”پوءِ ڇا آهي ۽ مال ملڪيت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي.“ ڳچ وقت کان پوءِ ويچار جي ڇوليءَ ڦيڻ ڪري هيٺ لاھہ کاڌو ۽ هيٺ لھندي ويئي.
”ﷲ مالڪ آهي، ڪونہ ڇڏيندو.“ سندس چھري تي سڪون جون ريکائون مِڙنديون آيون. هو ماٺ ڪري ڪنڌ لاڙي وک وک ۾ ڏيندو اچي گهر ۾ گهڙيو.
”خير تہ آهي.“ جوڻس سندس چھري ۾ چڱيءَ طرح ڪجهہ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هلڪيءَ هلڪيءَ لاٿ کان سواءِ کيس ڪجهہ بہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.
”ٻڪرين ۾ ڪَر ٻَرڪي اچي پکڙي آهي.“ ڏاڍي ماٺار ساڻ لفظ لوڙهي ڇڏيائين.
”هان!“ جوڻس جو ٻاڪو ڦاٽل رهجي ويو.
”ڳالھہ ٻڌائي ڦاٿاسين، هاڻ ٿيو روڄ راڙو شروع. ٻڪريون آهن، ماڻھين تہ اڃا جيئري آهي.“ سندس چپن تي مُرڪ لُڙهي آئي. پھريون جو ڌڪ پچايو هئائين.
* * * *
وڻ ڦوٽ جي مُند، جيڪا پنھنجي ڇاتيءَ تي هُٻڪار جا جهوٽا کڻي آئي هئي، سا آهستي آهستي پنھنجا اُڏرندڙ ڪپڙا ويڙهيندي، پير سيريندي، پڇاڙيءَ جي سڳنڌ ڇڏيندي، ملڪ ڇڏي ويئي. وڃڻ وارن کي ڪير ٿو جهلي ڀلا جي ڪو جهلي بہ تہ رڳو هوا جو جهوٽو هٿ ۾ ڦٻندس. هِت ماڻھو هٿن مان نڪريو وڃن، هيءَ تہ مُند آهي. ھھڙي ‘وڄ سڄڻ‘ مند وڃي تہ معنيٰ گُهٽ ٻوساٽ ٿئي. جسمن تان هوا جي لارن تِرڪڻ بدران پگهر جون لارون ترڪن. اُڀ تي ڪڪرن جا ويڙھہ پکڙجي وڃن ۽ اُترينءَ هوا جي ٿوريءَ ڇھنڊ تي رم جهم رم جهم روئي وجهن. سندن لڙڪ جهپي ڌرتي ڊيل وانگر کنڀ پکيڙي بيھي رهي، سندس پور پور مان حياتيءَ جا رنگ ڦُٽي اچن.
پر انھيءَ سال وڻ ڦوٽ جي مند ويندي ويندي پويان واهوندي جون تيز، ٿڌيون ۽ ريھون ڪندڙ هوائون ڇڏي ويئي، جنھن واريءَ جا ڪڻ ساڻ کڻي، ماڻھن کي، مال کي خوف جي ڌنڌ ۾ ويڙهي ڇڏيو. زمين سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي. ٻنيءَ ۾ بيھي پير زور سان هڻ تہ ڄڻ پنھنجي ڇاتيءَ تي لڳندا هجن. ٻنين جي وچ ۾ بيٺل ڪنڊين جا ڪنڌ لڙي ۽ پن کيرا ٿي ويا. پروڪو گاھہ سڪي سڙي پاڙن کان نڪري ويو. مال کي چڪ هڻڻ وقت گاھہ جي ٻُٿ بدران واريءَ جو ٻُڪ وات ۾ هليو ٿي آيو.
عيسو اڌ رات تائين سوچي سوچي، خيال پچائي، ٿڌيءَ هوا جي لوڏي تي جهولندڙ ننڊ جي پينگهي جي جهوٽن ۾ لڙهي ويو هو.
”اڙي هيڏانھن.“ جوڻس کيس ٻانھن مان جهلي ڌونڌاڙيو.
”ڇا آهي؟“ عيسو ڇرڪ ڀري اُٿي ويھي رهيو، اکين ۾ ننڊ جي ڳاڙهاڻ هيس.
”ڇوڪرو تپجي پيو آهي.“ جوڻس جو آواز ڪاراٽيل هو.
”هان!“
”هٿ تہ لائي ڏس، تپن جا هَڙھہ چڙهي ويا اٿس.“
هُن اُٿي ڇوڪر جي ٻانھن تي هٿ رکيو. ٻانھن جي گرمي سندس روح ۾ لوھہ جي نرم شيخ وانگر شرڙاٽ ڪندي ڍري ويئي.
”تپ گهڻو اٿس،نہ؟“
”ها! ڇوڪرو مرڳو الائي ڪيئن ٿي ويو آهي.“ جوڻس سڄي پئي ڏڪي. ”ﷲ سائين خير ڪج، منھنجا مولا هڪڙو ٻچڙو اٿم.“ سندس ڏڪڻي جسم مان ٿيندي، چپن تي ٿڙي آئي.
”اڙي ﷲ سائين.... ابا اوبا ابا....“
”هون!“ ڇوڪري جي بي سَتي اک ٿوري کُلي.
”اڙي ابا، توکي ﷲ وڏي ڄمار ڏي.... ﷲ سائين منھنجو ٻچڙو مون کي بچائي ڏي.“ جوڻس جي ڌُڏڪي تي سڄي کٽ پئي ڌُڏِي.
”تپ آهي، ڇڏي ويندو.“ عيسي سامھون گهٽيءَ ڏانھن نھاريندي چيو.
”ابا... اوبا... منھنجا ﷲ سائين.“ جوڻس ٻئي هٿ کڻي هينئين تي رکيا، ڄڻ ڪا شيءِ اندران ڦاٽ کائي نڪري ويندي.
”تون حشروڙ تہ ڇڏ.“ عيسي ڇوڪر تي هٿ ڦيرائيندي چيو، جنھن جو هونگارو پئي پيو.
”منھنجا هٿ پير سَت ڇڏي ويا آهن.... اڙي ﷲ سائين.“
عيسو ٻار جا ننڍڙا هٿ کڻي زور زور سان مھٽڻ لڳو. زالين مُڙسين راڄ اچي ڪٺو ٿيو. ڀڻڪاٽ پکڙجي ويا. هونگر هڻندي هڻندي ٻار جو بُت سيٽاڻو. ٻانھون ٽنگون سيٽجي ڍريون ٿي وييون، اکيون تري ويس. هوا جو تيز جهوٽو آيو. ٻار جي حياتيءَ جو ڏيئو جهٽ هڻي وسامي ويو. ماڻس رڙيون ڪري مٿانئس ڪِري پيئي. عيسي کي ٻہ - ٽي جهٽڪا آيا، لڙڪن جون ڇوليون سندس روح جي ڀتين سان ٽڪر کائي موٽي وييون. اکين جي لنگهہ مان ڦُڙي بہ ڪانہ ڳَڙي.
اُجهاڻل شامڙين جو پنھنجي روح جي ٽُڪر تي واريءَ جا ڍير اڇلائيندي کيس ٻہ - ٽي ٻيا جهٽڪا آيا، پر جھڙي ڀت هجي. پير ئي ڪونہ ٿڙيس. ڏُک نہ هو ڄڻ پاڻيءَ جو وٽو هو، جو سَٽ ڏيئي پِي ويو.
وقت جي ڦُريل مُرڪن کي وري وقت وارهاڙو ڪري واريو ۽ سندس چپن تي ڇنڊي ڇڏيو.
................
ٻہ - ٽي سال ماٺ ماٺوڙي ۾ گذري ويا. اوچتو ئي اوچتو ڌوڙيو ٿي ويو. ريڊيا گجي اُٿيا، جھاز ريھون ڪري اُٿيا. سندن سيٽين سان اُڀ گُڙي اُٿيو. ڪڙ ڪڙ ڪڙ ٺا...! ڪٿي ڪو گهر سَٽجي ويو، ڪٿي زمين جي ڇاتيءَ ۾ چير پئجي ويا. ٽرڪن ۽ ٽئنڪن جا قافلا گگ گگ ڪندا هڪٻئي سان ٽڪرجي پيا. رت ۽ لوھہ جا ٽڪرا هڪٻئي سان چنبڙي پيا. بندوقن جي گولين جون ريھون ۽ روشنيون اونداهين جا هينئان چيرينديون اُڏرڻ لڳيون. ڏينھن رات رڳو ڌڌڪو پيو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. الائي ڪيترا سينا چيرجي ويا هئا.
چئوڙ سياري جي رات هئي. ٻاهر ٿو نڪري تہ سيءَ سَٽيو ٿو وجهي. اترين هوا آهي، جو ڌوڌٽ پيو پويس.
”اڄ سيءُ ساڙ بہ واھہ جو ڪندو، اڪ جي ذات بہ ڪانہ بچندي.“ عيسي سُتي سُتي سوچيو. کيس وِهاڻي مان سنھڙي ڀون ڀون جون آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڪڏهن ڪڏهن زور سان ڌڌڪو ٿي ٿيو.
”هيءَ رون رون ڇاجي آهي؟“ هن اُٿي ويھي ڪنايو، ڪٿان پري کان رونگٽ ٻڌڻ ۾ آيو.
”عيسا، او عيسا!“ ٻاهران ڪنھن آهستي آهستي سڏ ڪيو.
”ڪير آهي؟“
”خميسو.“
”ڇا آهي؟“
”ٻاهر تہ نڪر.“ هو ٻاهر نڪري آيو، خميسو سڄو پئي ڏڪيو.
”ڪَنُ تہ ڏي.“ عيسو ماٺ ٿي آواز ٻڌڻ لڳو. رونگٽ جو آواز جيئن پوءِ تيئن ويجهو ٿيندو پئي آيو.
”ٽرڪن جو آواز آهي.“
”خير ڪونھي.“
”پوءِ؟“
”ڀڄي هلون، دشمن آيو ڪي آيو... پُڳو.“
”ڪيڏانھن؟“
”ڏَرڙن ۾ هلي پئون، ڳوٺ ۾ ويٺا رهياسين تہ ڪم لھي ويندا.“
سڄو راڄ اک پٽي ويو هو. آهستي آهستي سڏ ٿيڻ لڳا. چؤنرن جا در کلڻ ۽ بند ٿيڻ لڳا. ڪنھن ٻار ڊپ وچان رنو ٿي تہ مائٽن سندس منھن تي هٿ ٿي ڏنو. ماٺ ماٺوڙي ۾ ڀڻڪاٽ ڪندو سڄو راڄ ڳوٺ ڇڏي ڏرڙن ۾ پئي ويو. ڪو ڪٿي تہ ڪو ڪٿي، هر ڪنھن جو ساھہ سُڪي ويو هو، ڄڻ تہ هن پَٽ ۾ ڪابہ شيءِ جيئري نہ آهي. رڳو اترينءَ هوا جو سرڙاٽ پئي پيو يا جيئن پوءِ تيئن ويجهو ايندڙ لارين جو آواز.
اڃا فجر مس ٿيو هو تہ ڌوڙيو ٿي ويو. گوليون ريھون ڪنديون چؤنرن مٿان، ڀٽن مٿان اُڏرڻ لڳيون.
”عيسا!“ خميسي کيس آهستي آهستي سڏ ڪيو.
”ڇا؟“
”ڳوٺ جي جاچ وٺان، دڙي تي چڙهي.“
”وٺ.“
خميسو آهستي آهستي ٿي ڏرڙ مان نڪتو ۽ دڙي تي چڙهي ويو، ڳچ پل رکي موٽي آيو.
”ڳالھہ ٻڌين ٿو.“ ڀڻڪو ڪيائين.
”ڇا؟“
”ڳوٺ کي باھہ ڏيئي ڇڏي اٿن.“
”هان....! باھہ ڏيئي ڇڏين؟“
”ها! هاڻ ڀڄو تہ ڀڄون. پانجو پَٽ ڇڏڻو پيو.“
”پَٽ ڇڏڻو پوندو؟“
”ها! هاڻ پَٽ جو منھن الائي ڪڏهن ڏسڻ نصيب ٿئي!“
هو هلندا هلندا هڪڙي ڀِٽَ ٽپي، ٻي ڀٽ ٽپي، ٽينءَ جي هڪڙي وڏي ٽونڪ تي وڃي چڙهيا. هلڪي هلڪي ميرانجهڙي روشنيءَ جون لارون اُڀ تي پکڙجي وييون هيون. ٽونڪ تي چڙهي عيسي پنھنجي ڳوٺ ڏانھن نھاريو، جتي اڃا ٿوري ٿوري باھہ ڌَڳي رهي هئي. ٽانڊا ڀڙڪو کايو وريو جهڪا ٿيو ٿي ويا. ڳوٺ ڏانھن نھاريندي کيس هڪڙو جهٽڪو آيو. پير جهلي ويو. ٻئي جهٽڪي تي لڙڪن جي ڇولي ڪڙڪاٽ ڪندي، سڀ بند ٽوڙيندي اکين مان اُٿل کائي نڪري پيئي.
ورهين جو بيٺل چيڙهو ڪَنڊو ڪڙڪاٽ ڪندو هيٺ اچي ڪِريو.