App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

کنڊر

ليکڪ: مدد علي سنڌي | پڙهڻ جو وقت: 28 منٽ

(۽ منھنجي هن جيون کي ڪوئي انت ناهي!)
ڪائي معنيٰ بہ آهي ڪنھن چيز کي؟
اصل ۾ ڳالھہ هيءَ آهي تہ جڏهن بہ ڪوئي پنھنجو چھرو آرسيءَ ۾ ڏسي ٿو، تہ ڪجهہ نہ هئڻ جو احساس ٿئي ٿو!
ڪجهہ نہ هئڻ جو احساس؟
نہ هئڻ جو احساس بہ تہ ڪجهہ هئڻ جو احساس آهي. ڇا، غور سان هرڪوئي آرسيءَ ۾ پنھنجي چھري کي ڏسي بہ سگهي ٿو؟
ڏسڻ سان پنھنجو پاڻ کي، محسوس الائي ڇا ٿيندو آهي؟
تون جلد چريو ٿي پوندين!
(خاموشي.)
ڇو، تون چُپ ٿي وئين؟
مان فقط چوڻ اهو ٿو چاهيان، تون جلد مري ويندين!
آئون چوان ٿو، بڪواس بند ڪر تون!
 
چريائپ زندگيءَ جي حقيقت آهي، هڪ ٻڌيمان لا”!
بڪواس زندگيءَ جي علامت آهي. موت زندگيءَ جي حقيقت آهي ۽ خاموشي زندگيءَ جو انت آهي. هر شروعات کي پڇاڙي ٿيندي آهي. هر شروعات جو انت بہ پڇاڙي آهي!
جيڪي شروعات ڪندا آهن، سي ختم نہ ڪري سگهندا آهن. جيڪي ختم ڪري سگهندا آهن، سي شروع نہ ڪري سگهندا آهن!
پر تون خاموش ڇو ٿي ويو آهين؟
۽ موت؟
پر هن خاموشيءَ جو بہ تہ ڪوئي انت هوندو؟
تون، مان، ۽ هوءَ بہ آهي. پر تون ۽ مان آهيون، تون، مان ۽ هوءَ ۾ بہ آهي. هوءَ، مان، تون آهيون ۽ هوندي بہ نہ آهيون. هجون تہ بہ ڪوئي فرق نٿو پوي (زندگيءَ لاءِ ڊوڙندڙ هن هيڏي ساري انسانن جي ڀيڙ ۾!) ۽ نہ هجون تہ بہ ڪوئي فرق نہ پوندو. ۽ مان، تون ۽ هوءَ ۾ تون آهين. پر تون ۽ مان آهيون! ۽ آهي......آواز اسان جا اسان کان اڳ ۾ ئي اُڏامي وڃن ٿا. اڏامندڙ آواز ۽ جدا ٿيندڙ ساٿيءَ جي پويان ڪير ڊوڙي؟ ڪير ڄاڻي تہ ڪڏهن تون وري ٽڪرائجي وڃين ۽ پوءِ سڀڪجهہ بڪواس آهي. چوڻ مان الائي ڇا ٿو چاهيان ۽ چئي الائي ڇا ٿو وڃان. تون ۽ مان هينئر هتي ويٺا آهيون، ويٺا آهيون تہ ڄڻ ڪجهہ محسوس نٿو ٿئي. پر ڪجهہ بہ نہ محسوس ٿيندي بہ، ڄڻ ڪجهہ محسوس ٿي رهيو آهي. (هي سڀڪجهہ بہ تہ ڪيڏو نہ دوکو ۽ فريب آهي!) تون ۽ مان ويٺل آهيون، ويٺا هئاسين، ويٺل رهنداسين. هتي هن جاءِ تي، جتي هرڪوئي ويھي سگهي ٿو. شام جو هي اُداس منظر بہ روز ٿيندو آهي. اڳ بہ ٿيندو هو. شام هر روز ٿيندي. ڌيري ڌيري هرچيز کي ڳڙڪائيندڙ اونداهي روز ائين ئي پکڙجندي رهندي. پر صبح بہ ضرور ٿيڻو آهي. هر رات جي پويان بہ تہ ڪوئي نہ ڪوئي صبح ضرور آهي. تنھنجو ۽ منھنجو گڏيل صبح بہ ضرور ٿئي ها. پر الائي ڪيترا اهڙا صبح آهن، جيڪي خبر ناهي ڇو اونداهين ۾ ئي گم ٿي ويا. ٿيندي ٿيندي ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن، جيڪي رهجي وڃن ٿيون اڌوريون. توکي بلو رنگ وڻندو آهي. هُن کي ڳاڙهو رنگ وڻندو هو. آسماني بلو رنگ آڪاس جو آهي ۽ آڪاس بہ تہ ڪيڏو نہ ڦھليل آهي. توکي گُل وڻندا آهن ۽ مون توکي الائي ڪيترا ڳاڙها گل ڇني بہ ڏنا آهن. پر گل بہ تہ پرھہ ڦٽيءَ جو ٽڙندا آهن. تون ۽ مان هتي ويٺا آهيون، پرھہ ڦٽي ٿيڻ جي انتظار ۾. ڪنھن صبح ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾. صبح ٿيڻ جو اوسيئڙو هرڪنھن کي آهي. هرڪنھن جي اکين ۾ آهي ٻرندڙ جوت سُڀان جي ساڀيا ٿيندڙ سپنن جي! سپنا بہ تہ ساڀيا ضرور ٿيڻا آهن. پر رات جو رستن تي هلڻ زندگيءَ جي علامت آهي ۽ هن رات بہ تہ اسان کي روليو آهي. ستل ننڊ ۾ دنيا جي ڪُنڊ ڪُنڊ ۾ وڃڻ! مون کي ٻاهر وڃڻ ڏيو. دروازا سڀ کولي ڇڏيو. اندر جو دروازو کليل آهي! ٻاهر اونداهي آهي، پر اُميدن جا ستارا روشن آهن. رات جا اونداها رستا ئي تہ منزل ڏانھن وڃن ٿا ۽ اُميدن جي روشن ستارن جي ڇانوَ ۾ هر منزل اسان سان گڏ آهي. تون ۽ مان بہ تہ گڏ آهيون.
تون هتي مون وٽ آهين، تہ سڀڪجهہ آهي. پر سڄي حياتي بہ تہ تون ۽ مان نٿا ويھي سگهون، هڪ ئي هنڌ. ڪجهہ دير کان پوءِ تون هلي ويندينءَ يا ٿي سگهي ٿو تہ مان ئي هليو وڃان. تون ۽ مان-- ٻنھي مان هڪ کي وڃڻو آهي. ڪوئي ڪيڏانھن وڃي ٿو ۽ ڪوئي خبر ناهي ڪيڏانھن؟ ڪنھن جي بہ منزل جي ڪائي ڄاڻ ناهي. پر هتان، اسان ٻنھي مان هڪ کي وڃڻو پوندو. وڃڻ کان اڳ ۾ تو ۽ مان اڃا تہ ڪجهہ ڳالھايو بہ ڪونہ. مان تنھنجو آواز ٻڌي نٿو سگهان. تيز هلندڙ شام جون هي هوائون، اسان کي اسان جن آوازن سان گڏ گم ڪري ڇڏينديون. پاڻ گهڻو ڪجهہ ڳالھائڻ چاهيون ٿا ۽ اڃا تہ گهڻو ڪجهہ ڳالھائڻو آهي. اڃا تہ سُڀان جا ساڀيا ٿيندڙ سپنا بہ ڪونہ ڏٺاسين. انھن اکين، جن اکين ۾ جوت جلندڙ آهي، اُميدن جي-- ۽ ستارا ڪيترائي ٽِم ٽِم ڪن پيا. جوت جلندڙ نيڻ پورجي نٿا سگهن. پر وڃڻو تہ ضرور آهي، ڪنھن نہ ڪنھن کي. ٻاهر هن سُنسان ٻپھرن جو، جڏهن لُڪَ لڳي پئي ۽ اُس تيز آهي. ڪوئي پنڌ ۾ بڙ جو گهاٽو وڻ بہ تہ ڪونھي. ڇانوَ ڪٿي بہ ناهي ۽ مون جيڪو پنڌ ۾ نم جو ٻوٽو هنيو آهي، اُن جي ڇانوَ ٿيڻ ۾ تہ اڃا الائي ڪيترو عرصو لڳندو. تنھنجي ۽ منھنجي تہ ملاقات ئي مختصر آهي. وقت فقط هڪ ئي ڀيرو ملاقات ڪرائيندو آهي. پوءِ تہ فقط اتفاقي حادثن تي سڄي ڳالھہ ٻڌل آهي. ۽ هلي هلي بہ تہ هرڪوئي ٿڪجي پيو آهي (جهڙيءَ طرح باز يا گُرڙ پکي آڪاس ۾ هيڏانھن هوڏانھن اُڏامي ٿڪجي، ڌرتيءَ تي آرام ڪرڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو موٽندو آهي. تھڙيءَ طرح هي ماڻھو بہ هن سشوپتي اسٿان لاءِ ڊوڙي ٿو. سشوپتي اسٿان ۾ هي ماڻھو ڪنھن بہ پياري پدارٿ جي ملڻ لاءِ خواهش نٿو رکي. نڪي ڪوئي سپنو ڏسي ٿو. (سشوپتي اسٿان، هر ماڻھوءَ جو سريشٺ اسٿان آهي!) ۽ هن ڪوچ تي ويٺا آهيون ائين ئي. انتظار خبر ناهي تہ ڪھڙي چيز جو آهي. پر ڇا تو اهو سڀڪجهہ سنڀالي بہ رکيو آهي. منھنجا تہ سوين روپ آهن. ٻاهر ۽ اندر جو روپ تہ ڏٺل آهي. جهڙيءَ طرح هڪ گهاٽي وڻ ۾ ڪئين شاخون ٿين ٿيون، اهڙيءَ ريت انسان جي اندر ۾ بہ ڪئين شاخون آهن ۽ ڪوئي ڪنھن کي سڃاڻي بہ نٿو. تون ۽ مان هڪٻئي کي سڃاڻندي بہ نٿا سڃاڻون. ڪجهہ دير کان پوءِ تون ۽ مان ڪافي پيئنداسين. تون ۽ مان ڪافي پيئڻ چاهيون ٿا ۽ مان ڪافيءَ سان سڏ سگار بہ ڇڪڻ چاهيان ٿو. مون کي اها بہ ڄاڻ آهي، تہ تو مون کي سگار ڇڪڻ کان روڪيو بہ آهي، پر مان سگار ضرور ڇڪڻ چاهيان ٿو. ڪير ڄاڻي تہ ڪٿي اها جدائيءَ جي مھل نہ اچي وڃي. تون ۽ مان هر دَور ۾ جڏهن بہ ملڻ چاهيندا آهيون، تہ ديوار کڙي ٿي ويندي آهي. جدائيءَ ۽ انتظار جون اوچيون ديوارون کڙيون ٿي ويون، تہ پوءِ ڪوئي ڪجهہ بہ نٿو ڪري سگهي. تون ۽ مان آهيون تہ انتظار ۽ جدائيءَ جون ديوارون رستا روڪي بيھي رهنديون. انتظار ۽ جدائيءَ جي ديوارن سان سر ٽڪرائڻ ۾ هڪ سيٽسفيڪشن آهي. هر چيز لاءِ ضروري آهي. ڪير ڄاڻي تہ ڪڏهن ڪنھن اڳئين جنم ۾ بہ ائين ٿيندو آيو هجي، جيئن اڄ آهي. اڳ بہ ائين ٿيو آهي ۽ ٿيندو آيو آهي، اها ڄاڻ ڪنھن کي ڪانھي. ڪوئي ڪيستائين ائين جلندو رهندو، الائي ڪيتري عرصي تائين؟ پرھہ تہ دور، گهڻي دور آهي شايد، ۽ ڪير ڄاڻي تہ ڪڏهن ۽ ڪٿي مليا هئاسين، جدا ٿيڻ لاءِ! تون شايد اُداس آهين ۽ اُداس تہ مان بہ آهيان. تون وڃين پيو، وڃڻ توکي نہ کپي. تون بہ وڃين پئي. تون ۽ مان ٻئي اُداس آهيون. ڪنھن جي وڃڻ سان ڪوئي فرق بہ تہ نٿو پوي، پر خال بہ نٿو ڀرجي سگهي. دور گهڻو دور وڃان پيو. آءٌ وڃان پيو، جدائيءَ جون ديوارون، اوچيون گهڻيون اوچيون آهن، ڪنھن اوچي وڻ جيان. اوچي وڻ جي هُن پار پڇاڙيءَ جي تاريخن جو زرد چنڊ کڙيل آهي. زرد تہ هر چيز آهي. اُڏامندڙ زرد مٽيءَ جو ڪوئي ڪُن آهي. ڦري رهي آهي هر چيز. منھنجي من ۾ بہ اُڏامي رهي آهي زرد مٽي. ڪاليداس تہ الائي ڪڏهن لکيو هو، ۽ ڪير ڄاڻي تہ سڀڪجهہ آهي الائي ڇا. ”مٽيءَ جي گاڏي“(1)، لکڻ کان اڳ هُن الائي ڇا سوچيو هوندو؟ سوچيو تہ گهڻو ڪجهہ مون بہ هو، پر مون پنھنجو ناٽڪ اڳي ئي لکي ورتو هو. انت، ناٽڪ جو لکڻ کان اڳ ۾ ڪجهہ بہ نہ سوچيو هئم. مان پنھنجي ناٽڪ جو نائڪ آهيان. پر آڪاس ۾ زرد چنڊ اڪيلو کڙيل آهي، ۽ منھنجو گهر بہ تہ ڪيترو نہ دور آهي. پر تون ڪيڏانھن هليو وئين؟ اڃا تہ صبح بہ ڪونہ ٿيو آهي. پرھہ ڦٽيءَ ۾ تہ اڃا الائي ڪيترو وقت آهي ۽ وقت جا فاصلا ڊگها گهڻا ڊگها آهن. فاصلا تہ گهڻائي آهن. ڪير اورانگهي سگهندو انھن اونداهين صدين جي ڦھليل فاصلن کي، جيڪي هن نيري ۽ وشال آڪاس جيان آهن، جنھن ۾ اڇا اڇا پکي الائي ڪيڏانھن اُڏامي وڃي رهيا آهن. فاصلا، زندگيءَ ۽ موت جا. فاصلا تہ وڌي ويا. ديوارون انتظار ۾ جدائيءَ جون-- ۽ تون، مان تہ اڃا ڪافي بہ نہ پي سگهياسين ۽ نہ ئي مان ڪوئي سگار ڇڪي سگهيس!
Hello, Sir.
- هان....؟
- ڪھڙا حال آهن؟
- اڪيلا ئي اڪيلا ويٺا آهيون؟
- اڪيلو....؟ اڪيلو تہ شايد هاڻ ٿيو آهيان!
ڪنھن جي اچڻ سان اڪيلي هئڻ جو احساس ٿئي ٿو. اڪيلائيءَ ۾ تہ خود اڪيلائي گڏ هوندي آهي ۽ مون ۾ اڃا شايد ايتري همٿ ڪانہ آئي آهي، جو توهان کي چئي سگهان تہ هليا وڃو هتان. ڇو ٿا اچو ڪنھن وٽ؟
- توهان شايد سڃاتو ڪونہ مون کي؟
- سڃاڻڻ يا نہ سڃاڻڻ سان ڪوئي فرق بہ پوي ٿو ڇا؟
- سڃاڻڻ سان ڪوئي فرق پوي ٿو، تڏهن تہ مان چوان ٿو!
- سڃاڻڻ سان ٿي سگهي ٿو تہ گهڻيون اهڙيون ڳالھيون ياد اچن، جن کي ڪيترو وقت ٿيو تہ مان وساري ويٺو آهيان!
- مان نرملا جو مڙس آهيان!
نرملا... او نرملا!.... وقت تہ ڪنھن تيز گهوڙي جيان اڳيان نڪري ويو. اسين تہ الائي ڪيترو پري رهجي وياسين. ۽ ان کان پھرين آئيڊيل هئا. زندگي رولاڪ هئي. ۽ ڪجهہ نہ هوندي بہ ڄڻ ڪجهہ هو. هيڪلي گهارڻ جي سگهہ آهي. منزل ڏانھن وڌندڙ قدم تيز ۽ گهڻا تيز آهن. منزل ڏانھن ويندڙ ۽ وڌندڙ قدمن مان ڪي قدم مٽجي بہ سگهن ٿا. اونداهين ۾ صبح کي ڳوليندي ۽ منزل لاءِ رُلندي، ڪي مارجي ويا، تہ انھن کي ڪير ڳولي. ڪير ڳولي انھن اونداهين ۾ گم ٿيندڙ قدمن کي..... ۽ نرملا! (سپني اوسٿا ۾ نہ گاڏيون ٿين ٿيون ۽ نڪي اتي گهوڙا ۽ رستو آهي. هي ماڻھو سپني ۾ رٿ، گهوڙا ۽ رٿ لاءِ رستي کي ٺاهي ٿو. اُتي نہ سک آهي ۽ نہ آنند آهي. هي ماڻھو سپني ۾ آنند، سک ۽ پرمود کي رچي ٿو. سپني ۾ نہ تلاءَ آهن، نہ نديون آهن. پر هي سپني ۾ نديون ۽ تلاءَ ٺاهي ٿو. هي سپني اوسٿا ۾ سڀڪجهہ ٺاهڻ وارو ٿئي ٿو!)
- توهان ڪيڏانھن گم ٿي ويا؟
- هان.... مون..... مون تہ ڪافي ٿي پيئڻ چاهي سگار سان گڏ!
- عجيب ڳالھہ آهي. ڇا توهان ڪو خواب پيا ڏسو ڇا؟
- سپنا تہ گهڻا ئي هئا ۽ گهڻا ئي آهن. سپنا ٺاهيندڙ بہ اسين آهيون، تہ انھن کي ڊاهيندڙ بہ اسين... پر توهان سان گڏ نرملا هئي. ۽ اڄ توهان اڪيلا آيا آهيو. ڪٿي آهي هوءَ!
- هوءَ مري چڪي آهي!
- مري ويئي؟.... ماڻھو آخر مري ڇو ٿو وڃي؟.... پر تو هن کي مري وڃڻ ڇو ڏنو؟ تو آخر هن کي مري ڇو وڃڻ ڏنو!
- مان ڇا ٿي ڪري سگهيس.... ڪير ڪنھن کي مري وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي. هوءَ زندھہ هئي تہ زندگيءَ مان سيٽسفاءِ نہ هئي. ۽ زندگي ڄڻ تہ هن لاءِ بي معنا هئي. مري وڃڻ کان پوءِ مون هن جي ڊائريءَ ۾ ڏٺو تہ لکيل هو: هر ڇوڪريءَ کي سدائين اُها محبت ياد ٿي رهي، جيڪا هوءَ پندرهن کان ويھن سالن جي عمر ۾ ڪندي آهي!
- محبت..... محبت تہ اُهي بہ ڪن ٿا، جن محبت دير سان شروع ڪئي..... پر تون هن کي مري وڃڻ نہ ڏين ها!
- توهان جو گهر ۽ هن جو گهر پاسي ۾ هوندو هو. ۽ اها خبر بہ مون کي دير سان پئي. توهان محبت بہ تہ هن سان ڪئي هئي نہ؟ نرملا جي سامان مان مون کي توهان جا ڪيترا خط بہ مليا آهن!
- محبت..... زندگي.... ڇا سانڍي رکڻ لاءِ اهي شيون ضروري آهن؟ او خدايا! انسان آخر ڪيڏانھن وڃي، پر ذليل مان آهيان، ۽ وڃان پيو!
پر تون هليو ڪيڏانھن وئين؟
ٻاهر تہ زرد مٽي اُڏامي پئي، ۽ زرد پن دور الائي ڪٿي سڙي رهيا آهن! آڪاس ڏانھن اُڏامندڙ دونھون گم ٿي رهيو آهي. وايومنڊل دونھاٽيل آهي (باهيون بيراڳين جون، ڀِنيءَ ڀڙڪا ڪن!) ۽ منھنجي لکيل خطن جو پنو بہ تہ زرد ٿي چڪو آهي. ۽ پنا بہ سڙي ويندا. ازل جي پراسرار ڪائي اهڙي چيز آهي. سڙي ويندا. ۽ خط بہ تہ منھنجا اُڏامي ويا!......
......Writing letters... means to denude oneself before the ghosts, something for which they greedily wait. Written kisses don't reach their destination، rather they are drunk on the way by the ghosts!
....You don't seem to realize, Milena, that we are standing side by side, watching this creature on the ground which is me, but I, as the spectator, am then non-existent!! (1)
 
ڊوڙو ۽ ڊوڙندا هلو. ڪي پراسرار طاقتون تيز رفتاريءَ سان پويان آهن. (پر نرملا! تون مري ڇو وئينءَ؟) اونداهي تہ هر چيز کي کائي رهي آهي. اونداهي موت آهي ۽ موت جا نوحا ۽ اوسارا تہ ڪيترائي آهن. ۽ پنڊورا(2) بہ تہ الائي ڪير ٿي هئي؟ ڪنھن هڪ جي غلطيءَ جي ڪري، سزا سڀ ڀوڳي رهيا آهن. پر ٻاهر....؟ ۽ گهر هجي ها، تہ اڪيلو رهان ها. دک، درد ۽ اجنبي چھرن کي ڇڏي اڪيلو رهان ها. گهر ڪنھن اهڙي ۾، ۽ انتظار ان چيز جو آهي، جيڪا ڪڏهن بہ اچڻي ناهي. ۽ هاڻ تہ منزل بہ سامھون هوندي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. (۽ مدت گذري ڪٿي ۽ الائي ڪيئن پڙهيو هيم: هوءَ مري چڪي آهي. پر گُل اڃا بہ ڪومائجي وڃن ٿا. اي موت! انھيءَ ڇوڪريءَ کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، توکي فرصت ڪيئن ملندي هوندي؟)(3) پر منھنجي شيشي وارين درين مان ڪوئي جهاتي ضرور پائيندو. من منھنجي ۾ ڪائي اهڙي ڳالھہ ضرور آهي. چوڻ جي مُند بہ ضرور ايندي. هوءَ سامھون کان ايندڙ روشني بہ تہ الائي ڇا جي آهي؟ جڏهن تنھنجا سمونڊ جھڙا گهرا نيڻ ۽ هر شام جيان، جنھن کي اونداهي ڌيري ڌيري ڳڙڪايو وڃي! هٽائي ڇڏيو انھن خالي لفظن جي ڍير کي. پر پوءِ بہ لفظ ئي تہ معنا رکن ٿا. لمحا جيڪي گذري وڃن ٿا ۽ صديون گذريو وڃن. ڪوئي اداس چھرو جهاتي ضرور پائيندو. ڪي انسان اهڙا بہ آهن، جيڪي جنم وٺڻ سان ئي اداسي کنيو اچن. اداسي تہ وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙيو بيٺي آهي. من پنھنجو وس ۾ بہ تہ ناهي. ۽ پوءِ بہ تون چوين ٿو تہ زندگيءَ ۾ اميد ضرور آهي. مايوسي غلط آهي، غلط هوندي ۽ ٿي سگهي ٿو، تہ سڀڪجهہ غلط هجي! ڪنھن جي غلطيءَ جي ڪير سزا ڀوڳي رهيو آهي؟ پر ڇپر بہ تہ ڪوئي ڇڏي نہ ويندو آهي ۽ لُڪون بہ تہ ڏاڍيون ڪوسيون لڳن پيون. ٻاهر ڪوئي نڪري نٿو سگهي- ۽ ان کي بہ تہ مدت گذري تہ هوءَ مري چڪي آهي. ڊائيسيڪشن هال ۾ وڍڪٽ ٿيندڙ لاش بہ الائي ڪنھن جو آهي؟ لاش تہ الائي ڪيترائي آهن، ۽ گمنام آهن. زندگي هئي تہ حسرتون بہ هيون، اميدون هيون، ڪنھن جو انتظار هو، دک سھڻ جي سگهہ هئي ۽ ايتريون خواهشون هيون. پر اهو سڀڪجهہ ٿي نہ سگهيو. وقت ائين ضايع ٿي وڃي ٿو ۽ سامھون هوءَ گمنام ۽ ڊهندڙ قبر بہ تہ الائي ڪنھن جي آهي. سنسان لُڪ لڳندڙ ڏينھن ۾، بنا ڪنھن ڇانوَ جي قبر. سامھون رولاڪ ڪُتا. رستن تي ڏامر پگهرجندڙ. مرڻ کان پوءِ ڪوئي ٻوٽو نم جو ضرور هجي ڇانوَ لاءِ. ۽ ويراني آهي. ڪڏهن ۽ ڪٿي زندگي بہ ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ وقت تو ۽ مون جيان ڪوئي وفادار بہ نہ ناهي. تڏهن تہ ڪٿي ۽ الائي ڪيئن توکي اهو سڀڪجهہ لکي ڏنو هئم. ماگهہ جي سرد هوائن ۾ پيلا پنا سڙي رک ٿي ويندا. ڪائي پراسرار بيماري وڪوڙي ويئي آهي، هر چيز کي، پر مري وڃڻ توکي نہ کپندو هو. ۽ مون کي تہ اها ڄاڻ پوءِ پئي آهي. احساس ٿڪجڻ جو گهرو آهي، پوءِ بہ هلندا هلو ۽ هلندا هلو. احساس خوفناڪ چيز آهي. پوءِ اداس ٿي ٿا وڃون ۽ گم ٿا ٿي وڃون. انت هرچيز کي آهي. اڃا هاڻ تہ هتان ڪوئي گذري ويو آهي. لفظ اسان پکيڙي ڇڏيا آهن. تمام وسامي ويل آوازن جي انبار ۾ ڪوئي ڪنھن جي آواز کي ڪيئن ڳولي؟ هر شام پاڇي جيان اسان سان گڏ آهي. تون ۽ مان بہ تہ پاڇا هئاسين هڪٻئي جا. انتظار ٽيليفون جي گهنٽيءَ جو آهي. تنھنجو ۽ منھنجو گهر. گڏيل گهر جي خواهش بہ تہ ڪئي هئيسين. پر ٽيليفون جي گهنٽي وڄندي تہ سڀ ڪم رُڪجي ويندا. آواز اڃا بہ ڪنن ۾ اچن پيا. ايندا رهن ٿا گم ٿيل آواز. هوائون بہ تہ ڪيڏيون نہ بيرحم آهن. هوا اسان جا آواز جهٽي وٺندي آهي. اڏامندڙ آوازن جي ضرورت هوندي آهي ايندڙ وقت لاءِ. ۽ آرسي بہ تہ ڪڏهن دوکو نہ ڏيندي اهي. هر چھري ۾ سمايل آهن ڪيترا راز. پريان کان ڪٿان ايندڙ آواز الائي ڪنھن جا آهن ۽ هاڻ تہ تيز هلندڙ هوائون بہ ڪو وقت ٿيو تہ خاموش ٿي ويون آهن. زرد ۽ بيمار زندگي. ڇا تون مون سان سڄي حياتي ساٿ ڏيندين؟ اهي گهٽيون ۽ گهر سدائين مون کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندا آهن، تہ اهڙي پنڌ ۾ جتي ڪوئي ڪنھن سان گڏ ڪونھي. ۽ رات ڪيڏي نہ سرد ۽ ويران آهي! اونداهي آڪاس ۾ کنوڻ چمڪي رهي آهي ۽ ڪارن ڪارن ڪڪرن جي گوڙ جو هيبتناڪ آواز. روح قائم آهن، ۽ جسم فاني آهن. اڪيلائي زندگيءَ جي علامت آهي. ڪوئي ڪنھن سان ساٿ ڏئي. ۽ ڪافڪا فقط انڪري ميلينا کي ڇڏي ڏنو هو، جو هوءَ سلھہ جو مريض هو. پر مون کي تہ تنھنجو چھرو بہ ياد ڪونھي. وسري سڀڪجهہ الائي ڇو ٿو وڃي؟ جڏهن سامھون آهين تہ بہ ياد نٿو رهي. ۽ جڏهن دور گهڻو دور آهين، تہ بہ چھرو ياد ڪونھي! (..... It occurs to me that I can't remember your face in any precise detail. Only how you finally walked away between the tables of the Coffee-house, your figure, your dress, these I Can still see!!....!!) (1) ذهني سڪون جي ڳولا ۾ الائي ڪير آهي؟ ABSURDIS جو FUTILITARINISM سان ڪھڙو تعلق آهي؟ توکي ۽ مون کي تہ پنھنجي بہ ڄاڻ ڪانھي! ڪنھن ڊنل هرڻيءَ جون اکيون تو ڏٺيون آهن؟ موت ايندو تہ ڪوئي ڪلاڪار ڇا سوچيندو؟ ڄمڻ ۽ مرڻ جي ڦيري ۾ تہ تون مان اڃا ڪونہ آيا آهيون. جنم ۽ مرڻ کان ڪوئي ڇُٽي سگهي ٿو؟ (سمھڻ وقت هن سرير ۾ ڪير سمھي ٿو. يعني ڪھڙي اندرين شڪتي ڪم ڪرڻ کان ماٺ ڪري ٿي ۽ ڪھڙي سرير جي سمھڻ وقت جاڳي ٿي ۽ پنھنجو ڪم ڪري ٿي. ان وقت ڪھڙي شڪتي سپني کي ڏسي ٿي. جاڳرت ۽ سپن اوسٿا ۾ انڀوءَ ۾ اچڻ وارو سشوپتي سک ڪنھن کي پراپت ٿئي ٿو. اهي سڀ، ڪنھن ۾ گڏجي سمائجي وڃن ٿا....) ۽ مُڪت ٿي سگهندو، زندگيءَ جي ٻنڌڻن کان. پر اها ڪير آهي؟ کنوڻ جو رنگ ڳاڙهو آهي. وهندڙ تيز پاڻيءَ جي وهڪري جو رنگ اڇو آهي، ۽ پرٿويءَ جو رنگ ڪارو آهي. اها ميز، جنھن تي تون ۽ مان پنھنجا لفظ وڃائي رهيا آهيون. لفظ سڏيندا رهن ٿا. مون کي پويان ڪنھن سڏ ڪيو؟ ڪير آهي؟ ڪير آهي؟..... پر ڪوئي آهي بہ تہ ڪونہ. وساڻل آوازن جي انبار مان ڪوئي الائي ڪنھن کي سڏي رهيو آهي؟ اسان جون آتمائون اسان سان گڏ آهن. نيرون ڪوٽ کان اروڙ تائين جو رستو بہ تہ ڪيترو نہ لنبو آهي. ڍڳي گاڏين، موٽرن، لارين ۽ ٽرڪن جو قافلو وڃي پيو. ۽ اداس رستا الائي ڇو آهن؟ تہ خدايا، هن سفر ۾، جتي هرڪوئي ڳولا ۾ آهي ڪنھن جي ساٿ جي، ۽ شام جي هن اداس آڪاس تي ڪي ستارا آهن، جيڪي ٽم ٽم ڪن پيا، ۽ اسان جي مٿان بيرحم وقت جي ڪائي ديوار ڪِري نہ پوي. سڀڪجهہ اورانگهي وڃي، ۽ ڪوئي هتان لنگهي تہ چوي، هتي بہ ڪوئي وڻ هو. هتان ڪوئي لنگهيو هو. شھر خالي خالي ڇو آهي؟ رات سڄي آڪاش ۽ مان- او زندگي. او زندگي. توکي مون تائين پھچڻ ۾ بہ تہ ڪوئي وقت لڳو هوندو؟ سرءُ جي پيلي پيلي مُند کان پوءِ ئي تہ بنست جي رُت ايندي آهي. در تي ڪوئي دُهلاري دُهل وڄائي سرنھن جا پيلا پيلا گل ڏيندو! پر اهو بسنت دہلاري تہ مري ويو؟ هاڻ ڪير ڏيندو خوشين ۽ مسرتن جا اُهي پيلا پيلا گل، ۽ سرنھن جا پيلا گل تہ ٽڙيل آهن. انتظار آهي. ڪوئي نہ ڪوئي تہ ضرور آهي.... پر نرملا مري تون ڇو وئينءَ؟ ڇا جدا ٿيڻ جو هڪ اهوئي رستو هو؟ اظھار کي چپن تائين پھچڻ ۾ بہ تہ وقت لڳندو آهي. تون موت جي نزديڪ ايترو جلدي!؟ جُڳ بہ تہ ڪيترا گذري چڪا آهن، ۽ جيئن جيئن جڳ جهلي، تيئن تيئن مون پنڌ ڪيو. پر مان ٿڪجي بہ تہ گهڻو پيو آهيان.... مان ٿڪجي بہ تہ گهڻو پيو آهيان.... مان وڃڻ بہ چاهيان ٿو.... هتي ڪوئي آهي بہ الائي نہ.... مون کي تہ ڏسڻ ۾ بہ ڪجهہ نٿو اچي. دور گهڻو دور... ۽ نرملا، تنھنجو جسم....زرد مٽي کائي وڃي ٿي هرچيز کي!!... ۽ هاڻ تون چوين ٿي تہ مان نہ آهيان هتي.... اصل ۾ جيڪي ڪجهہ مان آهيان، اها تون نہ آهين، ۽ جيڪي ڪجهہ مان آهيان، اها تون آهين. ۽ جيڪي ڪجهہ تون آهين، اها تون ئي آهين ۽ مان آهيان، اهو ڪجهہ جيڪي ڪجهہ!!
- ٻُڌو!
- مون کي توهان سان ڪجهہ ڳالھائڻو آهي.
- هان... ڇا... ڪير آهي؟
- معاف ڪجو، اسين توهان کي ڪجهہ تڪليف ڏينداسين.... جو.
- تڪليف؟ ڪھڙي تڪليف؟ مان آهيان...
- اصل ۾ ڳالھہ هيءَ آهي، تہ اسين توهان سان ڪجهہ دير هتي ويھڻ چاهيون ٿا.
- توهان سان گڏ ٻيو ڪير آهي؟
- ڇا توهين اسان کي ڪونہ ٿا سڃاڻو؟
- سڃاڻان؟... ها... سڃاڻان ٿو. پر نہ شايد سڀڪجهہ وسري ويو اٿم!
- توهان جي گهر آياسين، تہ خبر پئي تہ توهان ويٺا آهيو. اسان سڀني کي توهان سان ملاقات جو ڏاڍو شوق هو. هيءَ منھنجي ننڍي ڀيڻ رخسانہ آهي. اسين توهان جون ڪھاڻيون پڙهندا آهيون تہ اسان کي حيرت لڳندي آهي، تہ توهان اهو سڀڪجهہ لکو ڪيئن ٿا؟
- مان لکندو ڪيئن آهيان؟ مان لکندو آهيان سھي؟ پر هيءَ توهان جي ڀيڻ بہ پڙهندي آهي ڇا؟
- جي، مان، مان توهان کي پڙهندي آهيان!
پر نرملا، او نرملا. آخر تون آخر مري ڇو وئينءَ؟ هيءَ ڇوڪري بہ تہ ڪيڏي نہ سھڻي آهي. ڄڻ ڪائي اُداس شام. ۽ جسم بہ تہ ڪيڏو نہ خوبصورت اٿس. جوان ٿيندڙ جسم بہ تہ ڪيترا نہ عجيب ٿين ٿا. ڄڻ ڪنھن مکڙيءَ مان ڦٽندڙ ڪوئي گل! ۽ مون کي بہ الائي ڪيترو وقت ٿيو آهي، ڪنھن ڇوڪريءَ جي جسم کي هٿ لاتي. ڇا هيءَ پنھنجو خوبصورت جسم منھنجي حوالي ڪندي؟ هن جي چيلھہ ڪيڏي نہ سنھڙي ۽ اکيون ڪيڏيون نہ گهريون آهن. جڏهن تنھنجي هن سمنڊ جھڙي اکين ۾.....!
- توهان مون کي ڪجهہ چيو ڇا؟
- ها...نہ...مان، مان تہ پنھنجي پاڻ سان پئي ڳالھايو شايد. توهان کلو تہ ڪونہ ٿا مون تان؟
- نہ، نہ. اهڙي تہ ڪائي ڳالھہ ڪونھي!
اکين جي نگاھہ بہ تہ ڪيتري نہ عجيب ٿئي ٿي. هن جي اکڙين ۾ ڪوئي ويٺو آهي. ۽ اهو مان ئي آهيان. هوءَ مون ڏانھن ڏسي مشڪي رهي آهي. ۽ اکيون تہ سڀڪجهہ ٻڌائي ڇڏينديون آهن! پر ڪوئي آخر مري ڇو ٿو وڃي؟
- توهان اڄڪلھہ لکو پيا؟
- مان لکان پيو؟ نہ مان ڪجهہ بہ نہ لکي رهيو آهيان. پر مون جيڪي ڪجهہ لکيو، اُهو اڏامي ويو هوائن ۾. ۽ مان هاڻي اڪيلو ٿي پيو آهيان. هي اڪيلايون مون کي کائي وينديون. لکڻ مان نٿو چاهيان. مان چاهيان ٿو، اهو ڪجهہ جيڪي ڪجهہ ٿي نہ سگهندو. پر ڇا مون کي پناھہ ملي سگهندي اونداهين کان، اڪيلاين کان، هيبتناڪ ۽ سنسان اڪيلاين کان!
- توهان.... توهان ڪيترا نہ عجيب آهيو؟
هوءَ مون سان هڪ ڀيرو وري کلي ڳالھائي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو، تہ هن کي مون تي رحم اچي رهيو آهي-- هوءَ مون سان محبت ڪري رهي آهي. مان هن کي چوندس هوءَ منھنجو چيو نہ موٽائيندي. وڌ ۾ وڌ انڪار ڪندي. پنھنجن مائٽن کي وڃي ٻڌائيندي.
- توهان ڪيڏانھن گُم ٿي ويا؟
- مان... ڏس نہ مان، هيءَ زندگي ۽ مان. اصل ۾ جيڪي ڪجهہ تون آهين. مان آهيان. ۽ موت بيوفا ساٿي آهي، زندگيءَ جو. ڏس نہ ڪيترا ماڻھو آهن، جيڪي روز مري وڃن ٿا ۽ الائي ڪيترا آهن، جيڪي مري چڪا آهن. ڇا توکي ۽ مون کي اها ڄاڻ آهي تہ زندگي ڪڏهن ۽ ڪٿي ساٿ ڇڏي ويندي؟ ۽ اهو ماڻھو، جيڪو ڪجهہ نٿو سمجهي، ان لاءِ موت ڪيترو نہ بي معنيٰ آهي؟ پر تو ۽ مون لاءِ جيڪي ڪجهہ آهي، اهو ڪجهہ بہ نہ آهي. ۽ جيڪي ڪجهہ نہ آهي، اهو آهي سڀڪجهہ. ڇا توکي خبر آهي، تہ محبت جو جذبو ڪيترو نہ مھان آهي. وقت جي هر ذهين فنڪار جي محبت بہ نامڪمل ۽ اڌوري هوندي آهي. ۽ موت بہ ائين اچي ٿو، جيئن تون اچي وئي آهين. يا بک لڳي رهي آهي. پر بک بہ مختلف قسمن جي ٿيندي آهي. بک جسم جي آهي....!!
- هي توهان کي اوچتو ڇا ٿي پيو؟ توهان چئو ڇا پيا؟
- مان چوان الائي ڇا ٿو؟..... مون کي سچ پچ الائي ڇا ٿي ويو آهي!
- توهان جي طبيعت تہ ٺيڪ آهي نہ؟
- رخسانہ، I love You!!
- توهان.....
- رخسانہ، Really, I Love You!
 
هوءَ چپ آهي. ۽ چپ مان بہ آهيان. خاموشي آهي. هوءَ مون سان گڏ هلي رهي آهي، رات جي اونداهن رستن تي. رستا، سنسان اڪيلا ۽ ويران آهن. سرنھن جي وڻن مان مڌم مڌم سڳنڌ ڦھليل آهي دور دور تائين. اسان جي قدمن هيٺان آهن وڻن جا ڇڻيل سنھري گل. ۽ نم جي وڻن مان ٻور ڇڻي رهيو آهي. پر هي سڀ ڪيڏانھن هليا ويا؟ ڪيڏانھن هليا ويا سڀ؟ پر هن جو هٿ تہ منھنجي هٿ ۾ آهي. منھنجي جسم ۾ ڄڻ بجلي ڊوڙي آهي. مان سڙي رهيو آهيان، ۽.....؟
- تون مون سان شادي ڪندينءَ؟
- شادي؟ مان توهان سان شادي ڪريان؟ پر ڇا اهو سڀڪجهہ ٿي سگهندو؟
- ٿي سڀڪجهہ سگهندو آهي. ۽ جيڪي نہ ٿي سگهندو آهي. اهو بہ ٿي ويندو آهي سڀڪجهہ. تون مون سان شادي ڪر. زندگي فقط ڪڏهن ڪڏهن ملائيندي آهي اسان کي! هڪ ڀيرو ملندا آيا آهيون، جدا ٿيڻ لاءِ.....
- منھنجا مائٽ توهان کي سڱ ڪونہ ڏيندا، ۽ مجبور آهيان مان!
You can not love me, much as you would like, you are unhappily in love with your love for me, but your love for me is not in love with you!(1)
 
- پر هي سڀ ڪيڏانھن هليا ويا؟ ڪيڏانھن ٿا هليا وڃن سڀ آخر؟
- مدت گذري تہ هو سڀ اسان کي ڇڏي هليا ويا. جدا ٿي ويا، سڀ اسان کان!
جيڪي گم ٿي ويا، اهي ڪڏهن بہ نہ لڀجندا. جيڪي جدا ٿي ويا، اهي وري ڪڏهن نہ ملندا. پُنرملن زندگيءَ ۾ ٿيندو ئي ڪونہ آهي. پر تون جدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مري ڇو وئينءَ..... نرملا. پر جي تون ۽ مان ۽ هوءَ ڄم ۽ موت جو فلسفو سمجهي وڃون ها، تہ ائين نہ ٿئي ها، پر آءٌ تہ ڪنھن کي بہ مارڻ نٿو چاهيان!
- مان منتظر هيس صدين کان وٺي تنھنجو. اصل ۾ تون آهين. مون کي نہ فقط پنھنجي ذات جي خبر آهي. ۽ جيڪي ڪجهہ خبر آهي، ان جي بہ ڪائي خبر ڪانھي. فقط جدائي آهي. هر جنم ۾، هر سال ۾، تون ملندي آهين. پر ڪير بہ اچي ها، تہ مان منتظر هجان ها. انتظار رهندو آهي، ڪنھن نہ ڪنھن جو. ۽ زندگي بہ تہ ڪيڏي نہ بي معنيٰ آهي، ڪنھن جي انتظار کان سواءِ!
- مان مجبور آهيان....مان ڪجهہ بہ نٿي ڪري سگهان. مون ۾ فيصلي ڪرڻ جي سگهہ ڪانھي. مان ڪمزور آهيان. پر مان..... توهان سان جيتري محبت ڪريان ٿي، ان جو توهان کي احساس ڪونھي، شايد مان توهان لاءِ سدائين روئندي رهندي آهيان!
- زندگيءَ ۾ ڪمزور تہ هرڪوئي آهي، پر تو ۽ مون ۾ سگهہ نہ آهي، ان جدائيءَ ۾ انتظار جي ديوارن کي ٽوڙڻ جي. ڇا ڪوئي سگهہ ساري سگهندو؟ ڪڏهن ۽ ڪٿي اڪيلو ايڪانت ۾ ويھي مون ڏٺو هو توکي. ۽ توئي تہ ٻڌايو هو تہ تنھنجو گهر درياھہ جي ڪپ تي آهي. جڏهن چانڊوڪي رات ٿيندي آهي، تڏهن درياھہ عجيب هوندو آهي. ۽ هاڻ تنھنجو اهو ساٿي الائي ڪير ٿيندو، جيڪو اهو منظر ڏسندو، جيڪي مان نہ ڏسي سگهيس؟
 
- توهان جا هٿ ايترا ٿڌا ڇو آهن؟
- مان آهيان جيڪي ڪجهہ اهو، نہ آهيان، ۽ جيڪي نہ آهي، هر جنم ۽ هر دؤر ۾ تنھنجا ۽ منھنجا هٿ گڏ هئا. پر تنھنجي هن جسم جو ڇھاءُ بہ ڪيڏو نہ عجيب آهي. تنھنجا هي نازڪ ۽ سھڻا اڇا اڇا کير جھڙا هٿ منھنجي هٿ ۾ آهن. ۽ وقت جون بيرحم ديوارون ڪِري پونديون تہ پوءِ.....؟
- پر تون خاموش ڇو ٿي وئي آهين؟
- تون خاموش ڇو آهين آخر. پر تون ڪيڏانھن هلي وئينءَ؟
I Love you
I need you
(خاموشي)
I Love you
- رخسانہ....
I need you هرڪوئي اچي، وري هليو ٿو وڃي؟
مان منتظر هيس تنھنجي لاءِ. پر تون هليو ڪيڏانھن وئين؟ مان، مان هيس، ۽ تون، تون نہ هئين. پر درياھہ جا تيز ۽ بيرحم وهڪرا لنگهي ويا اسان جي مٿان. هٿ، هٿ مان ڇڏائجي ويو. گهنڊن ۽ گهڙيالن جو آواز، هر طرف کان اچي رهيو آهي. دور ڪٿان. ڪير ڄاڻي تہ هي سڀڪجهہ سپنو هجي، پر صديون گذري ويون آهن ۽ مان هلي هلي بہ تہ ٿڪجي پيو آهيان. منھنجا پير ڦٽجي چڪا آهن. منھنجو وهندڙ خون پکڙجي رهيو آهي. پر اهو سڀڪجهہ ڪٿي آهي؟ سڀ رحم چاهين ٿا. ۽ مون وري ڪوئي سپنو ڏٺو. جڏهن پندرهينءَ جو چنڊ هنن اونداهن ڪڪرن مان ليئاڪا پائيندو. ۽ سامھون جبلن جي وچ ۾ وهندڙ جهرڻو. اُڃ صدين جي آهي. بي انت تاريڪيءَ ۾ ڪوئي سوجهرو آهي. آڪاس ۾ ڳوليو لفظن کي! معنيٰ هرچيز کي آهي. آوازن جو بي معنيٰ سمنڊ کائي ويو. اُداس ڏينھن بيزار ڏينھن. گذري ويل ڏينھن. ڏينھن جيڪي وري ڪڏهن بہ نہ موٽندا. سپنا! هاءِ اهي سپنا. ڪڏهن ۽ ڪيئن ڦٽندو سورج. ڪير ڄاڻي تہ ڪڏهن سورج شاخون ڪڍي. پر مون تہ پنھنجا گهاءَ بہ ڳڻيا نہ آهن! دور گهڻو دور ڪن وڻن تان پيلا پيلا زرد پن ڇني رهيا آهن. يادن جا ولر ڳوڙهن ۾ وهنتل، زندگيءَ جا وساريل سپنا ياد آيا. پر پوءِ بہ ڪائي چيز زندگيءَ جي علامت ڪونھي. سج لٿو تہ اونداهي گهلي ويندي. پر اميدون تہ ختم نہ ٿين! ايندڙ رُت ايندي تہ.... ۽ انتظار جون ديوارون ڀڃي ڇڏيو. اڏامندڙ لمحا. ڪوئي قيد ڪري سگهي ٿو؟ ننڊ ۾ ڊنل ڪوئي ٻار آهي، جنھن وانگر هرڪوئي آهي. پاڇو حقيقت آهي تہ پوءِ سڀڪجهہ ڇا آهي؟ ۽ رات ايندي تہ پاڻ سان گهڻو ڪجهہ کڻي ايندي. سامھون ڪنھن گهر مان ڇيڻن جو دونھون ڌيري ڌيري آڪاش ۾، شام جي اداس ۽ ڀيانڪ آڪاش جي هيٺان. سورج جبلن جي پويان لڪي ويو. اونداها مٽيءَ جا جبل کائي ويا روشن سج کي. ۽ هتي ئي هن هنڌ تي جتي اڄ ڪجهہ بہ نہ آهي. ڪوئي گهر هو. اداس ۽ اتھاسڪ ڪاٺ جي ڇت ۽ ڪاٺ جي در وارو گهر ڪونھي. هيءَ ماڙي، جنھن جا ڪئين ماڙ آهن، ان ۾ منھنجا ۽ تنھنجا ڪيترائي آواز دفن آهن! وقت وهندو پيو وڃي. وقت وهندو پيو وڃي. منھنجين بي آواز صدائن جا پڙلاءُ چئني پاسن کان اچي رهيا آهن. ڇا ڪوئي ٻڌي ٿو؟ ۽ چريائپ جي حقيقت جي بہ تہ ڪنھن کي خبر ناهي. ڏينھن ۽ رات جا ڪيترا اهڙا لمحا آهن، پر منھنجي هن سوچن جي سمنڊ جو بہ تہ ڪوئي انت ڪونھي! دور دور تائين آهي اُس ۽ پاڇي جي گردش. ڪير آهي ڪنھن جي پويان، ڪھڙي خبر؟ ۽ مان بہ تہ الائي ڪير آهيان؟ ڪي آهن، جيڪي ڀٽڪي رهيا آهن، وقت جي اونداهن رستن تي! جيڪي وسامي ويا آهن. ۽ مان تہ ڪنھن نہ ڪنھن کي ڳولي رهيو هئس، صدين کان. بند دروازا ۽ دريون، هڪ هڪ ٿي کلي ويندا. وڇڙي وڃڻ نہ تہ زندگيءَ جي حقيقت آهي. پر پنھنجي ئي پاڇي کان هرڪو ڊڄندو رهندو آهي. ۽ ڪير ڄاڻي تہ ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪي وڃائجي وڃن ٿا. جيون ساگر ۾ لھر لھر، دور ڪٿان ڪو وهندو ايندو. وهندو رهندو. لُڙُ لھرن ۾ ڪوئي آهي....!! پر هن منھنجي صبح ٿيڻ ۾ بہ تہ الائي ڪيتري دير آهي؟ انت جيڪڏهن اهو آهي. مان منتظر هئس، پر انتظار ڪنھن جو ڪونھي. ۽ زندگيءَ جو اکٽ قافلو هليو پيو وڃي. تہ اي خدايا. ڏينھن روشن ۽ راتيون اونداهيون آهن. وقت ڪنھن ٻوڏ جي پاڻيءَ جيان تيز وهندو پيو وڃي. تون ۽ مان بہ تہ وهندڙ وقت جا حصا بڻجي چڪا آهيون ۽ پرارٿنا بہ تہ انسان جو آخري هٿيار آهي. پر رات اونداهي ۽ ڀيانڪ آهي. دور دور تائين ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. ۽ منھنجي هن زندگيءَ جو بہ تہ ڪوئي انت آهي، الائي نہ؟ مان بہ تہ چپ ٿي ويو آهيان. ۽ خاموشي هرطرف کان ڇانئجي رهي آهي.....! رات اونداهي آهي. پر هر رات جي پويان بہ تہ ڪوئي صبح ضرور آهي! (۽ منھنجي هن جيون کي ڪوئي انت ناهي!) پر انتظار ضرور آهي.
دور ڪٿان، هنن وڻن جي پويان جڏهن سورج شاخون ڪڍندو.
پر تون چپ ڇو ٿي ويو آهين؟
(هنن منھنجي آوارا سوچن جو بہ تہ ڪوئي انت ناهي!)
صبح ٿيڻ وارو آهي! ها، صبح ٿيڻ وارو آهي!
رات اونداهي آهي. پر دور ڪٿان روشني ڦٽڻ واري آهي!
۽ رستا ڊگها گهڻا ڊگها، گهاٽن وڻن ۾ گهيريل رستا!
(پر منھنجي هن جيون کي ڪوئي انت بہ آهي؟)
جن شروع ڪئي منزل لاءِ جدوجھد، اهي حاصل نہ ڪري سگهيا!!
(هر شروعات ۽ پڇاڙيءَ جي وچ ۾ وڇوٽي هوندي آهي!)
۽ جڏهن ڳوليوسين تہ ڪوئي سڏ ڏيڻ لاءِ بہ موجود ڪونہ هو!
(خاموشي) زندگيءَ جي رنگ ڀوميءَ تي. خاموشي.