App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

گيديپڻي سان ڀريل جيون

ليکڪ: مشتاق احمد شورو | پڙهڻ جو وقت: 32 منٽ

زندگيءَ جي ڪا خوبصورتي، ڪو سُندر روپ، ڪو حسين پھلو- رخ بہ آهي ڇا؟ ٿي سگهي ٿو ڪن لاءِ هجي بہ، پر آءٌ ان جيون مان سُندرپڻو ڪٿان ڳوليان، جنھن ۾ ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين رڳو ذلت سان ڀريل ناڪامين ۽ بدصورت شڪستن کي ئي منھن ڏيندو رهيو آهيان. مون لاءِ تہ زندگي، پيار، سونھن، خوشيون تہ رڳو خالي- کوکلا لفظ ئي آهن، جن جي ڪا معنيٰ، ڪو مقصد، ڪو مطلب تہ آهي ئي ڪونہ، مون تہ رڳو هڪ ئي حقيقت- سچائي کي ڏٺو، ڄاتو ۽ پاتو آهي، زندگيءَ جي ڪراهت سان ڀريل بدصورتي ۽ پيار تہ زندگيءَ کان بہ وڌيڪ بدصورت ۽ ڌڪار جوڳو آهي.....؟
شايد.....!
هن مڪروھہ ۽ بدبودار زندگيءَ ۾ مون ڪيترائي بي معنيٰ لاڳاپا، بي مقصد رشتا، ناتا- ٺاهيا، جوڙيا، ڳنڍيا، (ڪي تہ ڄمڻ سان ئي جڙيل هئا) جيڪي ٻُڪ ۾ جهليل پاڻيءَ جيان آڱرين جي وٿين مان وهي ويا ۽ مون کي سواءِ خالي هٿن جي ڪجهہ بہ پلئہ نہ پيو آهي ۽ هاڻي ناتن، رشتن، لاڳاپن جي ڀيڙ- هجوم کان ڇڄي، ڪٽجي، ڌار ٿي پري بيھندي- اهو احساس هيڪاري ڇتو بڻجي منھنجي ذهن کي چڪ هڻڻ لڳو آهي تہ آءٌ سڄي ڄمار Disposses ئي رهيس- ڇو؟ نيٺ ڪھڙي ڏوھہ ۾؟
ڪجهہ بہ هجي پر اگهاڙي حقيقت ۽ ظالم- فحش سچ اهو آهي تہ رشتا، ناتا، لاڳاپا سماجي هجن يا فطري پر اهي شخص جي سماجي رتبي ۽ حيثيت پٽاندر ئي ٺھندا، جڙندا ۽ ڊهندا آهن. سماجي يا فطري لاڳاپا ڪنھن بہ ريت ڪنھن بہ صورت ۾ اٽل- اڻمٽ ناهن پر ضرورتن، حالتن، انساني لالچن، غرضن موجب پنھنجي معنيٰ، مقصد ۽ شڪل مٽائيندا ٿا رهن. شايد رشتن- لاڳاپن جي ضرورت آهر تبديلي ئي سڀاويڪ- قدرتي هجي.
ڪيڏي نہ بدصورت ۽ شيطاني صورتحال آهي جو ذهني اٿل پٿل مان اڀريل سوالن جو ڪو جواب ئي موجود ناهي. لڳي ٿو تہ ظالم ۽ انڌيون- انڌوڪار واريون آسماني طاقتون انھن جوابن کي بہ ڳڙڪايو وڃن. هونئن بہ هر سوال جو جواب هجڻ ڇا ضروري آهي؟ انسان ذات جو مقدر اهو آهي تہ اها سوالن جون ڀريون ٻڌيو هلندي رهي. هڪ آنڌي، اونداهي، اڻ ڄاڻ آئيندي ڏانھن سفر ڪندي.
سوزوڪي ڪئريءَ جو تيز- گهٽيندڙ دونھون نڪ جي ناسن کي چيريندو ڦڦڙن ڏانھن پيو وڃي. سامان ڍوئڻ واري گاڏيءَ ۾ ماڻھن کي ڍوئڻ بہ ڪيڏي نہ عجيب- ڪريل ۽ غير انساني حرڪت آهي. عجيب ۽ غير انساني ڇو؟ ڇا ماڻھوءَ جي بہ ڪا حيثيت آهي يا خاص طور تي مون جھڙن ماڻھن جي، جيڪي هنن سوزوڪين ۾ بہ مشڪل سان ٿا چڙهي سگهن، تن جي ڪا حيثيت آهي ڀلا؟ هونئن بہ ماڻھو هڪ اهڙي ڪميني، واهيات، ذليل، ڪِريل ۽ خسيس مخلوق آهي، جنھن سان جيتري بہ ويڌن- جُٺ ٿئي سا ٿوري آهي. ڦاٽڪ کان پُل تائين جو فاصلو ڄڻ ڪيترن ئي ميلن جو فاصلو هجي، کٽڻ جو ئي نٿو لڳي. گهُٽ، ٻوسٽ، گرمي ۽ مٿان وري سوزوڪيءَ ۾ ٻڪرين جيان واڙيل ماڻھو. پُل تي اچي سک جو ساھہ کڻي لٿو آهيان.
اڄ ٽيون ڏينھن آهي ۽ آءٌ ساوڻي سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ لڳاتار ٽن ڏينھن کان پُل تي ايندو رهيو آهيان. پھريان ٻہ ڏينھن تہ دل نہ جهلي سگهيس- ٽپو ڏيڻ لاءِ. ٽيون ڏينھن پوليس وارن پڇيو تہ پُل تي ڇو بيٺو آهين؟ آءٌ اجائي مصيبت ڳچيءَ ۾ وجهڻ کان اتان ڀڄي نڪتس. ڪالھہ بہ گهڻي دير نہ بيھي سگهيو هوس، ان ڊپ کان تہ اُتي هلندڙ وردي وارا ان شڪ ۾ نہ ٻـَـڌي وڃن تہ ڪو دہشتگرد آهيان ۽ پُل اُڏائڻ لاءِ پيو رٿابندي ڪريان، ۽ هونئن بہ اڄ تہ گهران پڪو پھہ ڪري نڪتو آهيان تہ ڪالھہ بہ اهو سوچي واپس وريو هوس تہ سڀاڻي پل تي اچي- گهڻي سوچ، ٻہ دليو ٿيڻ، ڊپ، ها- نہ جي وچ واري ڇڪتاڻ ۾ پوڻ جي پاڻ مھلت ئي نہ ڏيندس ۽ ايندي شرط سڌو ٽپو ڏيندس، بلڪل خالي دماغ سان.
- مون تو جھڙو پٿر دل انسان سڄي زندگيءَ ۾ نہ ڏٺو، تو تي ڪنھن ڳالھہ جو اثر ئي نٿو ٿئي. لڳي ٿو تہ تو وٽ دل آهي ئي ڪونہ.
هن ائين چيو يا جيڪي ڪجهہ هن چيو ان جو مطلب اهوئي هو. مون کي ٺيڪ سان ياد تہ ناهي، پر هن لفظ اهي ئي چيا. ٿي سگهي ٿو لفظن جي جوڙجڪ مان جيڪو جملو ٺھيو هجي، سو ڪجهہ ٻيو ئي هجي، پر مون کي عجب- حيرت، اچرج يا شايد شاڪ ان ڳالھہ جو آهي تہ هن مون ۾ ڏٺو ڇا هو- خاص طور تي ان حالت ۾، جنھن مان آءٌ لنگهان پيو. ڇا سچ پچ هن کي مون لاءِ ايتري- ان حد تائين گهري چاهت ٿي ويئي هئي، جو هن حقيقي زندگيءَ جي ڀيانڪ نتيجن تي بہ نٿي سوچيو. ڇو؟ ڇا لاءِ؟ هن لاءِ منھنجي ڇڪ سڀاويڪ هئي. آءٌ جو سڄي ڄمار ذلت سان ڀريل شڪستن، بدصورت ناڪامين، اذيت ڏيندڙ نامرادين ۽ رجيڪشن جي هڪ وڏي هجوم ۾ گهيريل رهيو آهيان، تنھن کي پھريون ڀيرو ڪنھن حيثيت جو احساس ٿيو. منھنجي بہ ڪا اهميت آهي ۽ ڪو آهي مون کي بہ چاهڻ وارو، مون لاءِ سوچڻ وارو، پر پوءِ بہ ڏيکاءُ مون ئي ڏنو تہ مون کي پرواھہ ناهي- ڪنھن بہ شيءِ جي. منھنجو ورتاءُ هن سان برف جھڙو هو، بلڪل ٿڌو، سائيبيريا جي ميدانن وانگر ڄميل- منھنجي مرضيءَ جي خلاف- ابتڙ شايد! خبر ناهي ڇو؟ ٺيڪ طرح تہ اڄ بہ سمجهي نٿو سگهان تہ ڇو؟ مون ائين ڇو ڪيو ڪنھن جي اٿاھہ پيار- قرب جي موٽ ائين بي جان خالي جذبن سان....! شايد ڊپ لڳو، پنھنجو پاڻ کان يا شايد.....؟
آءٌ پُل تي وڃڻ بدران هيڏانھن هن پاسي- پلا پچائڻ واري ريسٽارنٽ ڏانھن ڇو هليو آهيان. هونئن هڪ طرح سان ٺيڪ بہ تہ آهي. هتي ماڻھن جو هجوم آهي. ڇٻر تي، ڪرسين تي ويٺل، هلندڙ- ڦرندڙ ماڻھو- عورتون، ٻار. هيٺ درياھہ ۾ بيٺل ٻيڙيون. هتي سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي تہ، هتي ڪيتري دير بہ بيٺو، ويٺو، هلندو رهجي تہ بہ ڪوبہ ڌيان نہ ڏيندو ۽ ڪير بہ، ڪجهہ بہ نہ پڇندو، وڏي ڳالھہ تہ ڪنھن کي بہ ڪوبہ- ڪنھن بہ قسم جو شڪ نہ پوندو. شڪ بہ ڇو پوندو؟ هتي تہ هرڪو گهمڻ- ڦرڻ ۽ وندر لاءِ ئي تہ آيو آهي. آءٌ بہ ان سڄي وايو منڊل ۾ ٿڌي دل سان سوچي سمجهي، پريشرس کان آجو ٿي، دل ٻڌي، همت پيدا ڪري ٽپو ڏيئي ڇڏيندس- بلڪل سانت ٿي.
نہ نہ، اهو تہ سڀڪجهہ ابتو ٿي پوندو. ائين نٿو ٿي سگهي، اهو سڀ غلط آهي، بلڪل ٺڳي ۽ ڍونگ پنھنجو پاڻ سان. شايد- شايد نہ پر پڪ ئي پڪ ذهن جي ڪنھن ڪنڊ ۾ اهو احساس هجي تہ هيترن سارن ماڻھن ۽ ٻيڙي وارن مھاڻن جي ڏسندي، هنن اڳيان ٽپو ۽ مون کي هڪدم ٻاهر ڪڍي وٺن. نہ، اهو تہ ڊرامو- تماشو ٿي پوندو. اها دماغ جي جيئڻ واري جبلت جي ڪا چال آهي ۽ آءٌ پاڻ سان اهو دوکو- فريب ٿيڻ نہ ڏيندس. مون کي تہ ڪو ماڻھن اڳيان ناٽڪ- تماشو ڪرڻو تہ آهي ڪونہ. آءٌ تہ سچي دل سان- واقعي هن بدصورت، مڪروھہ زندگيءَ، بي بقا، بي يقين آئيندي مان جان آجي ڪرڻ ٿو چاهيان. مڪتي- ڇوٽڪارو پائڻ ٿو چاهيان هن دنيا مان، پنھنجو پاڻ مان. هيءَ دنيا مون جھڙن ماڻھن جي رهڻ جوڳي ناهي. جنھن دنيا کي سمجهي- سڃاڻي نہ سگهجي تنھن ۾ رهڻ مان فائدو؟ خير آءٌ تہ کڻي ڇا بہ ويچاريان پر سچ- حقيقت تہ اها آهي تہ انسان هڪ اهڙي ڪميڻي، واهيات، بي عزت، بي حياءُ ۽ ڪِريل شيءِ آهي، جيڪا هر وقت، سمجهہ ۾ نہ ايندڙ، عجيب قسم جون ڇرڪائيندڙ حرفتون، چالاڪيون، فريب ۽ مِکر ڪرڻ جي تاڙ ۾ رهي ٿي. ٻين سان تہ خير- پر خود پنھنجو پاڻ سان بہ! گهڻو ڪري ماڻھو آپگهات ڪرڻ نہ چاهيندو آهي پر رڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان مقصد سان ته- مرڻ کان بچي وڃي يا بچايو وڃي ۽ پوءِ جيئن ماڻھن جي ڌيان- توجھہ جو مرڪز بنجي، خيراتي همدردين ۽ مدد سان جهول ڀري سگهي ۽ ماڻھن جي سستين ۽ واهيات ڳالھين- گفتگو جو موضوع بنجي نالو ڪمائي سگهجي. ڪٿي ائين تہ ناهي تہ منھنجي جيئڻ جي جبلت بہ مون کي اهو سڀڪجهہ ڪرائي، مون کي ذليل- خوار تہ ڪرڻ نٿي گهري- لڳي تہ ڪجهہ ائين ئي ٿو.
حيرت جي ڳالھہ تہ اها آهي، ماڻھو موت کان ايترو ڪنبي ۽ ڊڄي ڇو ٿو؟ جڏهن تہ اڄ نہ تہ سڀاڻي موت کي اچڻو ئي اچڻو آهي. موت کي ڪن تہ آهن ئي ڪونہ جو هو ڪنھن جون منٿون ميڙون ٻڌي، خوشامدون ڪندو ڏسي موٽي وڃي. خير ٻيا تہ وڃي ڌوڙ پائين، پر آءٌ ڪڙهان پنھنجي حال کي. مون جھڙو ماڻھو، جنھن جي جيئري رهڻ جا هڙيئي دروازا بند ٿي چڪا هجن، جنھن جو ڪو مستقبل نہ هجي، جنھن تي بک، ڏک، سور، تڪليفون، اذيتون، عذاب، ذلتون جهپون هڻڻ جي اوسيئڙي ۾ هجن ۽ انھن آسماني آفتن کان بچڻ جي بہ ڪا واھہ نہ هجي، تہ پوءِ سڀ کان بھتر ۽ سولي واٽ اها آهي تہ انھن سمورين آفتن جي اچڻ کان اڳ ماڻھو پنھنجي حياتيءَ تان ئي هٿ ڌوئي ويھي ۽ اهو سڀڪجهہ ڏسڻ، ان گهاڻي ۾ پيڙجڻ لاءِ جيئرو ئي نہ رهي. اها حياتي ئي ڪھڙي ڪم جي جنھن ۾ معمولي کان معمولي ۽ خسيس کان خسيس خواهش- ننڍڙي ڳالھہ بہ پوري نہ ٿئي. زندھہ رهڻ لاءِ ڪو معمولي، هلڪو، اڇاترو وسيلو- ذريعو ئي هٿ نہ لڳي. مون جھڙن ماڻھن لاءِ، جن وٽ هن ڌرتي تي ڪابہ پناھہ گاھہ نہ بچي آهي، زندھہ رهڻ جو عمل انتھائي ڀيانڪ، هيبتناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي.
اهو عجب نہ آهي تہ جن ماڻھن وٽ جيئڻ لاءِ گهربل وسيلا- ذريعا بہ اڻ ميا هوندا آهن، سي رڳو معمولي پيار جي ناڪاميءَ جي ڪري آپگهات ڪري ڇڏيندا آهن. پيار، جيڪو مٽيءَ جي ٿانو وانگر ڀُرندڙ هوندو آهي، جيڪو هميشہ روپ پيو بدلائيندو آهي، ڪڏهن ڪنھن سان تہ ڪڏهن ڪنھن سان. ماڻھو بہ پنھنجين سھوليتن ۽ شرطن تي ڪندو آهي ۽ واقعي- سچ پچ اُهي ماڻھو تمام گهڻو بھادر ۽ دلير هوندا آهن جيڪي پيار جھڙي بي معنيٰ، بي مقصد ۽ واهيات جذبي ڪاڻ آپگهات ڪري ڇڏيندا آهن ۽ هڪ آءٌ آهيان جو بک ۽ بي روزگاريءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ سماج کان ملندڙ بي عزتي- ڌڪار کان بچڻ لاءِ سنڌوءَ ۾ ٽپو بہ نٿو ڏيئي سگهان، جڏهن تہ ان سموري صورتحال پويان هڪ پڪو پختو ريشنيل موجود آهي، هڪ ٺوس- سگهارو ڪارڻ، پر پوءِ بہ ٿوري همت پيدا ڪرڻ ۾ سوڀارو نہ ٿيو آهيان اڃا تائين بہ! آخر ائين ڇو آهي؟ بزدلي؟ شايد. اچرج جھڙي ڳالھہ آهي تہ ان بي مقصد- بي معنيٰ، ٽڪي جھڙي خسيس زندگيءَ جو انت آڻڻ لاءِ، ايڏي ٻڏتر، ايڏي گهوٽالي ۾ ڇو آهيان- نيٺ. خواب، اميدون، خواهشون ۽ آسون بہ کسي ورتيون هجن. هونئن بہ جڏهن جيئري رهڻ جا سمورا لنگهہ- گَهٽَ بند ٿي وڃن تہ پوءِ بہ پاڻ کي زبردستي زندھہ رکڻ ئي سڀ کان وڏي ڪانئرتا ۽ گيديپڻو آهي.
ماڻھن جي ڀيڙ- هجوم کان هٽي پري ٿي- پُل ڏانھن وڌان ٿو ۽ پُل تي ٺھيل فوٽ پاٿ وٺي ٻئي ڀر ڏانھن وڃان پيو. زندگيءَ جي ظالم قوتن سان اکٻوٽ ڪندي، بي ڍنگي-
بي تڪي، واهيات مسخري ڪندي چاليھہ سال گذري ويا. هيڏي جبل جيڏي عمر تہ ڇڏي آيو آهيان پٺيان ۽ هاڻي هن ڄمار ۾ ڪنھن بھتري جي، ڪنھن چڱي وقت جي بہ تہ ڪا اميد نہ رهي آهي. نوڪريءَ لاءِ هرهنڌ عمر جي حد رکيل آهي جا آءٌ پار ڪري آيو آهيان. اميد جي کڻي رکجي تہ رکجي بہ ڪھڙي؟ آءٌ سمجهان ٿو تہ ماڻھو بي انتھا مايوسيءَ، نااميدي ۽ ناڪاميءَ کان پوءِ ئي آپگهات جي امڪان جي روبرو اچي بيھي ٿو. آپگهات وجود جو انت آڻي شخص کي ڇوٽڪارو ڏيئي ٿي ڇڏي. هيءَ زندگي بہ هر شخص لاءِ جنگ جو ميدان آهي ۽ آءٌ تہ جيون جي جنگ جو اُهو هارايل سپاهي آهيان، جيڪو اذيتن، ذلتن، بکن، ڏکن جي زخمن سان چور چور ٿي، چڳي- چڳي پنھنجا ڦٽ پيو چٽيان.
هيل تائين تہ منھنجي زندگي کل خوشيءَ سان گذري آهي. مائٽن ڪڏهن دڙڪو بہ نہ ڏنو آهي. اڃا تائين تہ ڪو ڏک نہ ڏٺو اٿم، اڳتي ڇا ٿيندو ان جي ڪا خبر ناهي.
خبر ناهي، ڪھڙي ڳالھہ نڪتي ۽ ڪھڙي حوالي سان هُن ائين چيو. پر جيڪڏهن هن جو پلئو مون سان اٽڪي پوي تہ پوءِ پڪ ئي پڪ هن کي سواءِ ڏکن، تڪليفن، اذيتن، بکن جي ان اوڙاھہ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ هٿ نہ اچي ها. مون ويچاريو، مون کي ان حد تائين خودغرض نہ ٿيڻ کپي، جيڪا ڇوڪري منھنجي غربت، بي روزگاري، مفلسي، ڏسڻ کان پوءِ بہ مون سان ٻنڌڻن ۾ ٻَڌجڻ لاءِ تيار آهي، تنھن کي آءٌ پاڻ سان گڏ دوزخ جي ڌڳندڙ باھہ ۾ ڇو ڌڪيان. اهڙو حق مون کي ڪنھن ڏنو آهي تہ آءٌ ڪنھن معصوم انسان کي پنھنجي باھہ ۾ ساڙيان. اها باھہ تہ رڳو مون لاءِ ئي آهي. ٿي سگهي ٿو تہ ڪٿي، ڪنھن هنڌ تي هن لاءِ ڪو خوبصورت مستقبل اوسيئڙي ۾ هجي ۽ آءٌ هن کان اهو خوبصورت مستقبل بہ کسي وٺان جذباتي بليڪ ميل ڪري. هن جا مون لاءِ جذبا سچا ۽ خلوص وارا آهن، انڪري..... خبر ناهي جذبا سچا ۽ خلوص وارا ٿيندا بہ آهن يا..... ٿي سگهي ٿو وقتي هجن بہ، پر آءٌ ڇو هن جي خوشين تي ڌاڙو هڻي، هن کي ڪنھن سھڻي ۽ سٺي زندگي گذارڻ کان محروم ڪري ڇڏيان. اهڙو تہ خير هن منھنجو ڪو ڏوھہ بہ تہ ڪونہ ڪيو آهي، نہ ئي ڪا دشمني آهي. مفلسي، تنگدستي ۽ بيڪاريءَ جي جنھن گهاڻي ۾ آءٌ پيڙهجان پيو- اُتي سواءِ سکڻين آسن، بيڪار اميدن ۽ بي تعبير خوابن جي ٻيو کيس ملي بہ ڇا ها. مون وٽ تہ هاڻي نہ خواب رهيا آهن، نہ ڪا آس- اميد يا ٻيو ڪو اهڙو جذبو:
منھنجيون تہ ڪي ايڏيون وڏيون خواهشون ۽ ضرورتون بہ ڪونہ آهن. آءٌ هرحال ۾ خوش رهي وينديس.
چيو تہ خير هن اهو بہ هو- پر آءٌ اهو ڪيئن قبول ڪري وٺان تہ ڪو مون جھڙي نڪمي ۽ بيڪار شخص لاءِ پنھنجين خوشين- خواهشن ۽ آسن جو ٻليدان ڪري ڇڏي. ڇا آءٌ ان لائق آهيان بہ سھي. خير اهو تہ مڃڻو ئي پوندو تہ آدرش- پيار جي نشي ۾ ماڻھو لاءِ هيڪر تہ ڪو فيصلو ڪرڻ- قدم کڻڻ ڏاڍو سولو هوندو آهي، پر پوءِ حقيقتن سان ٽڪرجندي جڏهن هن جون اکيون کُلنديون آهن، تڏهن انھن بدصورت ۽ اپاهج حالتن ۾ رهڻ - گذارڻ انتھائي ڏکيو ۽ سھپ کان ٻاهر ٿي پوندو آهي. آدرشن، پيار ۽ رومانٽ ازم جي بي بقا ۽ ڪمزور بنيادن تي ماڻھو ڪجهہ ڏينھن- مھينا تہ گذاري سگهي ٿو پر سڄي ڄمار نٿو ڪاٽي سگهي، جتي هر پل- هر نئون کن هڪ نئين اذيت، هڪ نئين مصيبت کڻي ٿو اچي. مون سان گڏ- انھن ڪنين ۽ ڪوجهين حالتن ۾ رهندي هن جا خواب ڀوائتا خواب بنجي وڃن ها ۽ هن جي سچن ۽ خلوص وارن جذبن ۾ ڪوڙاڻ- نفرت ڀرجي وڃي ها. پڪ ئي پڪ نہ رڳو منھنجي پر هن جي زندگي بہ نسورو زهر ئي زهر هجي ها. بدصورت حالتن کي پري کان ڏسڻ ۽ انھن سان گڏ رهڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
اڻ هوند کان وڏي بيماري- بدصورتي ٻي ڪانہ هوندي. بيزاري ۽ بوريت تہ هر انسان جي تقدير آهي. انھن کان آجو تہ ڪو جيئرو جيو هوندو بہ ڪونہ. انسان جي هن سڄي ترقي ۽ سڌرڻ پٺيان بہ هڪ ئي ڪارڻ آهي- بيزاري بوريت. بوريت ڪارڻ ئي تہ انسان ان درجي تي پھتو آهي، جتي اڄ بيٺو آهي. آءٌ ڀانيان ٿو تہ هر انسان جي وجود ۾ هڪ بدصورت ڏندن وارو بدنماءَ ڄامڙو ويٺل آهي، جيڪو انسان کي ڪنھن اجنبي خوشيءَ ۽ ڇوٽڪاري جي نالي ۾ ان صورتحال ۽ حالتن مان ڇوٽڪارو وٺڻ لاءِ اُڀاريندو- ڀڙڪائيندو ٿو رهي، جنھن ۾ انسان رهي ٿو. پوءِ جن وٽ ڪجهہ هڙ ۾ آهي سي دياواني، سخاوت، خيرات ۽ ڀلي جي ڪمن ۾ ڇوٽڪارو ٿا ڳولين. (ڀلي جا تہ ڪم تہ خبر ناهي ڪھڙا آهن- گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ڀلائي ۽ چڱائي کي ڪواليفاءِ نٿو ڪري سگهان) جن وٽ ڪجهہ بہ ناهي، سي اُن ورتاءُ- هلت کي اپنائين ٿا ۽ اها واٽ وٺن ٿا جيڪا سماج کي قبول ناهي، جنھن لاءِ سماج سخت سزائون گهڙيو ويٺو آهي (سماج سزا کان سواءِ ڏيئي بہ ڇا ٿو سگهي!) ڪي مذهب- ڌرم جو سھارو وٺي جنوني ۽ اڻ سھو بڻجي ٿا وڃن، ڪي تياڳ جي واٽ ٿا وٺن تہ ڪي صوفي ۽ ﷲ لوڪ بنجي، من کي ماري دنيا- سماج کان پري ٿي ٿا وڃن. بھتر واٽ ڪھڙي آهي. ان جي تہ مون کي بہ سڌ ناهي، پر مون وٽ تہ چونڊ لاءِ ڪجهہ آهي ئي ڪونه- سواءِ هن بي معنيٰ- بي مقصد وجود کي ختم ڪرڻ جي، جو نہ رڳو مون لاءِ، پر ٻين لاءِ، ۽ هن ڌرتي تي بوج بڻيل آهي.
لڳي ٿو آءٌ جيترو گهڻو ويچاريندس ان سوال تي اوترو منھنجو ارادو هيڻو ٿيندو ويندو. ساڳي ٻڏتر جي ڪري اڳين ٻن ڏينھن جيان اڄ بہ وري خالي هٿين ورڻو پوندو. ڪجهہ سوچڻ، گذري ويل وقت کي ياد ڪرڻ يا ان ڳالھہ تي دليل بازي ڪرڻ تہ هيئن نہ ڪريان ها، هونئن نہ ڪريان ها. هينئن ڪريان ها تہ هي ٿي پوي ها، هو نہ ٿئي ها. ماضي هئي گذري ويئي- ان کي موٽائي نہ ٿو آڻي سگهجي. جڏهن ان کي موٽائي نٿو سگهجي، ان ۾ ڪا درستي، ڪو سڌارو، ڪا ڦيرڦار نٿي ڪري سگهجي تہ پوءِ اجايو ويھي ان تي مٿاڪٿ ڪرڻ مان ڀلا هڙ حاصل؟ ڪجي بہ ڀلا ڇا؟ ماڻھو ويچارو ايترو تہ ڪنگال آهي جو هن وٽ ماضي ۽ يادن کان سواءِ آهي بہ ڇا؟ لاچار آهي ماضي ۾ رهڻ لاءِ. ها پر مون کي تہ چڱيءَ ريت پروڙ آهي تہ منھنجي لاءِ هڪ ڀيانڪ، اذيت ناڪ، ذلت سان ڀريل آئيندو اوسيئڙي ۾ ويٺو آهي. ماضي پنھنجيءَ جاءِ تي، پر جيتري دير ڪندس، اوترو وڌيڪ ان کان بہ هٿ ڌوئي ويھندس. مون کي خبر آهي تہ بي روزگار- بيڪار ماڻھوءَ ويچاري جو تہ ڪو پنھنجو حوالو- ريفرنس تہ آهي ئي ڪونہ. هن بي جوڙ ۽ يڪ طرفي سماجي ڍانچي- جوڙجڪ ۾ اهڙي شخص لاءِ نہ ڪا عزت آهي ۽ نہ ئي ڪا جڳھہ. بي روزگار ماڻھو تہ بس ائين ئي آهي- خوار خراب، نفرتن- ڌڪارن جو شڪار، هر هنڌان ڏتڙيل، تڙيل، سماجي رتبي- حيثيت جي بلڪل هيٺئين ڏاڪي تي بيٺل- بيٺل بہ نہ پر ڪِريل. جنھن جي نہ ڪاوڙ، نہ خوشيءَ جي ڪنھن کي پرواھہ هوندي.
آپگهات جو فيصلو ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ ايتري ڪا وٿي- فاصلو آهي، ان جو احساس مون کي هاڻي هنن ٽن ڏينھن ۾ ٿيو آهي. هونئن بہ هر ماڻھو ڪڏهن نہ ڪڏهن، ڪنھن نہ ڪنھن موقعي تي آپگهات جو فيصلو ڪندو تہ ضرور آهي پر عمل رڳو بھادر انسان ئي ڪندا آهن. ڪانہ ڪا پريشاني تہ آهي ئي هر جيئري جيو سان جڙيل، باقي آپگهات اخلاقي ۽ قانوني ۽ وغيرہ وغيرہ لحاظ کان خراب آهي يا سٺي، اهو مسئلو منھنجو ناهي. هتي، هيڏو پنڌ ڪري آءٌ ڀلا اهو فيصلو ڪرڻ آيو آهيان ڇا تہ دريا ِّ ۾ ٽپو ڏيڻ اخلاقي آهي يا غير اخلاقي، قانوني ۽ سماجي لحاظ کان ٺيڪ آهي يا نہ؟ لعنت آهي! منھنجو وڏي ۾ وڏو دشمن تہ منھنجو پنھنجو ذهن آهي، آءٌ تہ هروڀرو سماج کي ڏوهاري ٺھرايو پيو گهمان. خير.... آهي تہ سماج بہ انتھائي ذليل شيءِ. اهو بہ انسان تي عذاب جي صورت ۾ نازل ٿيو آهي. سماج ۽ مذهب جو زور رڳو ان ڳالھہ تي آهي تہ انسانذات جي ٻڌي- اتحاد ٿئي تہ جيئن فرد لاءِ ڀڄي نڪرڻ جو ڪو گس، ڪو لنگهہ ئي نہ بچي ۽ نہ ئي فرد وٽ پنھنجي آزادي ۽ پرائيويسي جو حق رهي. سڄو سماج- سڄي دنيا زهر سان ڀريل آهي جنھن ۾ سوچيندڙ ۽ حساس فرد لاءِ ڪابہ جڳھہ ناهي. هتي تہ رڳو چالاڪي، مڪاري، فريب، ڪوڙ، ڊوھہ، ٺڳي، ڪمينائپ، دلاگيري، منافقت، خوشامد، پرايا حق ڦٻائڻ سان ئي جيئي سگهجي ٿو. جنھن بہ شخص ۾ اهي گُڻ ناهن، تنھن کي سماج، مذهب، دنيا جيئڻ ڪونہ ڏيندي.
هن آخري نوڪري مان جڏهن ڪڍيو ويو هوس، تڏهن اسلام آباد ڇڏڻ کان اڳ، هن سان سندس آفيس ۾ ملڻ/ موڪلائڻ ويو هوس. مون کي ڏسي هوءَ مـَـرڪي ۽ منھنجي منھن تي بہ مئل ڦڪي مرڪ تري آئي. ويھندي چيو هوم.
- اڄ توسان فلرٽ ڪرڻ نہ آيو آهيان، موڪلائڻ آيو آهيان.
- اهو تہ تنھنجي چھري مان لڳي ٿو، پر ٿيو ڇا آهي؟
- پھرين ڪافي پيئار.
- ڪافي تہ پيئاريان ٿي، پر ٻڌاءِ تہ سھي ڇا ٿيو آهي؟
- منھنجي نوڪري هلي ويئي.
- هاڻي ڇا ڪندين؟
- في الحال تہ وڃان پيو.
- ڪيڏانھن؟
- واپس- ڄام شوري
- اُتي ڇا ڪندين؟
- ٻي ڪنھن نوڪريءَ جي ڳولا ڪندس.
- ملندي؟
- خبر ناهي؟
- جي نہ ملي تہ پوءِ؟
- پوءِ...پوءِ.... خبر ناهي پر شايد خودڪشي ڪري ڇڏيان.
- ڪري سگهندين؟
- مون کي تہ ڪا رڪاوٽ نظر نٿي اچي، ڪو سماجي ٻنڌڻ، ڪو اهڙو سنٻنڌ، رشتو، ناتو، لاڳاپو، منھنجو آهي ڪونہ جو پيرن جو ڏاوڻ بنجي پوي. اڪيلو ماڻھو جو ٿيس.
- آهي... پوءِ بہ هڪ ٻنڌڻ، جو تنھنجي پيرن جي زنجير بنجي سگهي ٿو.
- ڪھڙو؟
- زندگيءَ جو، جيئڻ جو، زندھہ رهڻ جي جبلت جو، ۽ خود تنھنجو پنھنجو ذهن بہ توسان بغاوت ڪري سگهي ٿو. بھرحال آءٌ توکي مس ڪنديس ڏاڍو. ساري، مون تنھنجي نوڪري وڃڻ لاءِ ساري نہ چيو.
تڏهن فقط ڳالھہ ڪيم، هاڻي جڏهن فيصلو ڪيو اٿم تہ همت جواب ڏيئي ويٺي آهي. سماجي ۽ نفسياتي ڄاڻو- ماهر ڀلي ڪھڙي بہ بڪواس ڪن تہ آپگهات بزدلي آهي، ڪانئرپڻو آهي. بزدلي- ڪانئرپڻو تہ اهو آهي تہ ماڻھو مفلوج، بدصورت حالتن ۾ جيئرو رهڻ تي سندرو ٻڌي ويھي. آءٌ تہ سمجهان ٿو تہ اهي دنيا جا بھادر ترين انسان آهن، جيڪي آپگهات ڪن ٿا. انھن ٽن ڏينھن ۾ ئي مون کي خبر پئي آهي تہ زندگيءَ کان پلئہ آجا ڪرائڻ ڪيڏو نہ ڏکيو- مشڪل آهي، ذري گهٽ اڻ ٿيڻو.
پُل جي ٻيءَ ڀر پھچي ويس. هي سڄو چڪر ئي اجايو هليو ويو. نہ هتي نہ بيھان، هتي بيھڻ خطرناڪ آهي. قانون نافذ ڪندڙ ادارا يا پوليس ڪنھن بہ شڪ ۾ ٻڌي سگهي ٿي. شڪ جي بہ ڪھڙي ضرورت آهي. جي هنن کي منھنجو چھرو پسند نہ آيو تہ بہ ٻڌي ويندا. پوليس جو تہ خير آهي، پر جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ور چڙهي ويس تہ پوءِ انتھائي خطرناڪ، دل ڏاريندر ٽارچر جو شڪار ٿيڻو پوندو، شايد ماڻھو ذهني ۽ جسماني طرح اپاهج بہ بنجي وڃي.
وري واپس ٻئي ڪناري ڏانھن هلڻ لڳان ٿو. هيڏانھن پڃاري ۽ ڦليلي بہ تہ آهن. انھن ۾ بہ تہ ٽپو ڏيئي سگهجي ٿو. اتي تہ آهي بہ ڪير ڪونہ، سواءِ پل جي ڪنڊ تي ويٺل پوليس وارن جي ۽ اُهي بہ گاھہ ۽ بوھہ وارين ٽرڪن کان مال ڇڏائڻ ۾ مصروف آهن ۽ اتان اچي مون کي بچائيندا هونئن بہ ڪونہ. پر سنڌوءَ جي پنھنجي رومانيت آهي. جي سنڌوءَ جي رومانيت جي چڪر ۾ ڦاٿس تہ پوءِ ٽپو ڪڏهن بہ نہ ڏيئي سگهندس. ائين ذلتن، اذيتن ۾ چچرجي- چچرجي، بڇڙو ٿي، خوار خراب ٿي مرندس. ماڻھو جي پاڻ کي پنھنجو پاڻ کان بچائي، ڇڏائي وٺي تہ ان کان وڌيڪ خوشنصيبي ٻي ڪھڙي ٿي سگهي ٿي.
اها واقعي حيرت ۽ اچرج جھڙي ڳالھہ آهي تہ فرد پنھنجي وجود- هستيءَ جو انت آڻڻ جو فيصلو ڪري تہ سماجي ۽ رياستي ادارا مڇرجيو پون- هروڀرو جي ٺيڪيداري! ڪيڏي نہ وڏي منافقت آهي جو هڪ طرف تہ سماج- رياست بي گناھہ- معصوم ماڻھن کي ديس ڀڳتي، وطن پرستي ۽ شھادت جا ڀرم ڏيو، بيوقوف بنايو، اجاين- بي سود جنگين ۾ ڌڪيو اجتماعي آپگهات ڪرايو ڇڏين ۽ مٿان وري انتھائي بي شرميءَ سان ان عمل کي گلوريفاءَ ڪيو وڃي ٿو ۽ سماج ۽ رياست جي چرچ تي ٻئي طرف جي فرد پنھنجي مرضيءَ سان آپگهات ڪري تہ انھن ادارن کي مرچ پئجيو وڃن ۽ اهو شخص سماج- رياست جي نظرن ۾ ڏوهاري ۽ مجرم آهي. هي اها دنيا آهي، جنھن ۾ انسان زندہ رهي ٿو. اهو تمام ضروري آهي تہ گڏيل قومن جي بنيادي انساني حقن واري پڌرنامي ۾ آپگهات جي حق کي بہ مڃيو وڃي. سماج، رياست، قانون يا ٻئي ڪنھن شخص کي اهو حق نٿو ڏئي سگهجي تہ هو فرد جي پنھنجي ذاتي زندگيءَ بابت ڪيل فيصلي ۾ هٿ چراند ڪن يا ان فيصلي تي عمل ڪرڻ کان فرد کي روڪين. آپگهات تہ فرد جو نجي فيصلو آهي، ان سان ڪابہ ٻي ڌر متاثر نٿي ٿئي. آءٌ يا ريشنيل جي اميد ٿو رکان. آپگهات ڪرڻي هوندي سو انھن بيڪار ڳالھين ڏانھن ويھي ڏسندو ڇا؟ يا هن کي ڪنھن جي اجازت جي ضرورت پوندي!
هاڻ تہ مون لاءِ هن جا جذبا بہ ماٺا ٿي برف جيان ڄمي ٿڌا ٿي ويا هوندا شايد (؟) يا شايد نفرت بہ ٿي ويئي هجيس مون لاءِ! مون لاءِ! ڪجهہ بہ ٿيو هجي مون لاءِ ڪو فرق پوي ٿو ڀلا؟ هونئن بہ پيار ۽ نفرت جي وچ ۾ ايتري تہ سنھي ۽ نازڪ ليڪ آهي، جنھن کي اورانگهڻ ۾ ويرم ئي ڪونہ لڳندي آهي. جذبن ۽ پيار جو بہ تہ ساڳئي جو ساڳيو رهڻ ممڪن ڪونھي. پيار، چاهتن، پسندن، ناپسندن، نفرتن جا جذبا بہ تہ موسمن وانگر ڦرندا، مٽجندا رهندا آهن- وقت آهر جيڪڏهن پيار اهڙو لافاني ۽ اڻمٽ جذبو آهي، جيئن اڪثر چيو ويندو آهي، تہ پوءِ ماڻھو ڪنھن وقت، ڪنھن ڪيفيت ۾ اهو ڇو محسوس ڪندو آهي تہ هن جنھن سان بي انتھا پيار ٿي ڪيو، جنھن کان سواءِ زندگيءَ جي ڪا معنيٰ، ڪو مقصد نہ هو، سو هاڻي بلڪل اجنبي آهي. ماڻھو جنھن سان، پاڻ کي مٽائي، ٽٽي پيار ڪندو آهي، تنھن ڏانھن ڪنھن مرحلي تي ورتاءُ بہ جذبن کان خالي ڇو ٿي ويندو آهي. مون کي تہ لڳندو آهي تہ پيار بہ پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان آهي، جيڪو هلڪي اڻ لکي ٺوڪر، هوا جي هلڪي جهوٽي سان بہ ڦاٽي پوندو آهي.
منھنجيون مجبوريون تہ شايد هوءَ سمجهي نہ سگهي يا شايد هن جي انا جو سوال هو، پر پڪ ئي پڪ اڳتي هلي وقت سان هن کي اهو احساس ضرور ٿيندو تہ هن جيڪي ڪجهہ چاهيو ٿي، اهو نہ ٿي سٺو ئي ٿيو. هوءَ هينئر جڏهن آخري ڀيرو اتفاق سان اچانڪ واٽ ويندي ملي هئي تہ لڳو تہ ڪونہ ٿي تہ هن وٽ مون لاءِ ڪا تلخي، ڪا ڪوڙاڻ هئي. ائين سڀ ڪجهہ عام رواجي ئي لڳو يا ٿي سگهي ٿو تہ هن تلخيءَ - نفرت کي لڪائي ڇڏيو هجي، ظاهر ڪرڻ نہ چاهيو هجي. ڪارڻ تہ ڪوبہ ٿي سگهي ٿو. منھنجي آپگهات جي خبر جو ڪھڙو اثر وٺندي؟ خير اثر تہ کڻي ڪھڙو بہ وٺي، ان سان منھنجو ڇا. ڇا واهياتپڻو آهي، آءٌ ڇا ڀلا ماڻھن جا ردعمل ڏسڻ لاءِ ٿو آپگهات ڪريان ڇا؟ انھن سڀني ڳالھين سان منھنجي آپگهات جو ڪھڙو واسطو. ڪجهہ بہ هجي پر گهٽ ۾ گهٽ هن کي اها تہ خبر پئجي ويندي تہ ٻاهران سخت نظر ايندڙ اهو شخص اندر مان ڪيترو نہ هيڻو، ڪمزور، ڀڳل - ڀريل، ٽٽل ۽ پرزا - پرزا ٿيل هو.
خبر ناهي ڇو ٿو ٿئي. مون سان جيڪي ڏک، تڪليفون، اذيتون، ذلتون آهن - تن لاءِ ڏک ناهي مون کي ۽ نہ ڪو پڇتاءُ، ڪنھن سان شڪايت بہ ناهي، نہ قدرت سان نہ سماج سان ڪا شڪايت آهي. ڏک ڇو؟ شڪايت ڇا لاءِ؟ اهي حالتون سڄي دنيا ۾ رڳو مون هڪڙي سان لاڳو ناهن. آءٌ ئي تہ اڪيلو ناهيان جو اهو سڀڪجهہ ڀوڳيان ۽ لوڙيان پيو مون سان گڏ، مون جھڙا ٻيا بہ انيڪ ڪروڙين - لکين انسان هوندا، مون کان بہ وڌيڪ بدتر، غير انساني حالتن ۾ رهندڙ - چڳندڙ. مون کي جي ڪاوڙ - غصو آهي تہ رڳو ان ڳالھہ تي تہ اهو سڀ ڪجهہ هوندي بہ مون ۾ اها همت ڇو نٿي پيدا ٿئي تہ انھن حالتن کان هميشہ هميشہ لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺان. ائين بہ تہ ناهي تہ انھن حالتن کان جند ڇڏائڻ جي ڪا واٽ ئي نہ هجي. واٽ تہ آهي پر رڳو ٿوري همت جي ضرورت آهي.
ماڻھو جيڪڏهن چريو ٿي پوي تہ بہ انھن تڪليفن کان مڪت ٿي سگهي ٿو. اها تہ خير خبر ناهي تہ چريو ماڻھو تڪليفن کان مڪت ٿي ويندو آهي پر اهو ضروري آهي تہ تڪليفن جو احساس نہ ٿيندو هوندو يا خبر ئي نہ پوندي هوندي. جڏهن دماغ ڪارڻ ڳولڻ بند ڪري ڇڏيندو ۽ شين، حالتن، ماڻھن جي وچ ۾ سڃاڻپ ڪرڻ جي شڪتي ئي نہ رهندي تہ پوءِ احساس ڇا جو؟ خبر ڪھڙي؟ چريو ٿيڻ بہ تہ ڪو ماڻھوءَ جي وس ۾ آهي ڇا؟ عجيب بڪواس آهي. سوال تہ اهو آهي تہ ٻين Options تي ويچارجي ئي ڇو، جڏهن تہ هڪ سولو آسان رستو موجود آهي - ان تي عمل ڪرڻ ۾ نيٺ ڏکيائي ئي ڪھڙي آهي؟ هونئن جي آپشنس تي ئي ويچارجي، ويچارڻ ۾ ڪو هرج يا ڏوھہ بہ ڪونھي، تہ سماجي اڻ برابري، نا انصافي ۽ وڃايل موقعن واري صورتحال ۾ سماج، رياست خلاف بغاوت بہ تہ ڪري سگهجي ٿي. چوريون، ڌاڙا، ڦر، ٻين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏجي. هونئن بہ تہ انسان رڳو هروڀرو ڏيکاءُ لاءِ ئي تھذيب ۽ مذهبپڻي جو نقاب اوڍيو پيو گهمندو آهي. جي اهو نقاب ڇڪي لاهي وٺجي تہ هر انسان مان هڪ وحشي، خطرناڪ ڪرمنل ئي نڪرندو. ان ڳالھہ ۾ تہ ذري جو بہ شڪ ڪونھي تہ هر انسان ۾ هڪ ڪرمنل موجود آهي جو ڪڏهن نہ ڪڏهن، ڪنھن نہ ڪنھن موقعي تي ڪونہ ڪو ڏوھہ ڪرڻ وارو هوندو آهي يا ڪرڻ چاهيندو آهي. ڳالھہ رڳو موقعي ملڻ جي آهي. موقعو ملندي ئي انسان جي اندر جي ڪرمنل ڀڀڪيون ڏيئي اٿي ويھندو آهي. انسان ذات جھڙي ذليل، ڪميڻي مخلوق بنيادي طرح آهي ئي ڪرمنل.
مون کي پنھنجي ذهن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. جيترو وڌيڪ مونجهارا ذهن ۾ پيدا ٿيندا، جيترو وڌيڪ آءٌ دليلن ۾ ڦاسندو رهندس، پنھنجو پاڻ سان آرگيومينٽ ڪندو رهندس، ڪجهہ بہ ڪرڻ جوڳو نہ ٿي سگهندس. ائين بيڪار اجايو وقت وڃائيندو، پاڻ کي کپائيندو رهندس. هن دماغ جو نيٺ آءٌ ڇا ڪريان؟
هڪ ساعت لاءِ منھنجون کڄندڙ بيمار وکون بيھجي ٿيون وڃن ۽ مون کي پھريون ڀيرو پُل تان لنگهندڙ ٽرئفڪ جو احساس ٿو ٿئي. پُل جي درن مان تيزيءَ سان نڪرندڙ پاڻيءَ جي گجگوڙ، ٽرڪن، بسن جو تيز آواز ۽ تکا هارن، پُل جي ريلينگ تي ٻئي هٿ رکي اٿاھہ - ٽھڪندڙ، گجندڙ پاڻيءَ ڏانھن ڏسان ٿو. هن پاڻيءَ مان تہ لاش بہ نہ ملندو. درن مان گجي نڪرندڙ پاڻيءَ جي هوا جي اڇل تي منھن تي پوندڙ هلڪي بوند ۽ تيز - ٿڌي هوا مان ڪيڏو نہ سرور پيو ملي. ٻڏندڙ سج جي سنڌوءَ تي پوندڙ لالاڻ، پکين جي اڏام، وڻن جي ساوڪ، سنڌوءَ جو عجيب اسرارن سان ڀريل گوڙ. ان سڀ ڪجهہ ۾ هڪ عجيب ڪيفيت آهي، سمجهہ ۾ نہ ايندڙ. ڇا سونھن اها ئي آهي. اهو سڀ ڪجهہ منھنجو بکيو پيٽ ڀريندو؟ هونئن بہ بکئي پيٽ ۽ سخت تڪليف واري حالت ۾ سونھن جي ڪھڙي ساڃھہ ٿي سگهي ٿي. مڃان ٿو تہ اها ڪيفيت جا آءٌ هاڻي محسوس پيو ڪريان، مون کي ڪجهہ ساعت لاءِ، کن پل لاءِ هلڪو سرور ۽ سڪون ڏيئي ٽينشن کان ڪجهہ دير لاءِ آجو تہ ڪري سگهي ٿي پر زندھہ رهڻ لاءِ اتساھہ نٿي ڏيئي سگهي، هن بدصورت زندگيءَ ۾ سونھن ڀري جيئڻ لاءِ موھہ پيدا نٿي ڪري سگهي. ڇا چنڊ جي چانڊاڻ، سنڌوءَ جون مستيون ڪندڙ موجون، پکين جون لاتيون، سمونڊ جو سانت ۽ پراسرار ڪنارو، ٿڌي هوا، جهرڻا، خوبصورت نظارا، مڌر سنگيت منھنجي اونداهي مستقبل ۾ اميد جي لاٽ ٻاري سگهن ٿا، منھنجو خالي پيٽ ڀري سگهن ٿا. انھن شين ۾ پيٽ ڀريلين. هوند وارن لاءِ ئي اتساھہ، چارم، رومانيت ٿي سگهي ٿي پر مون ۽ مون جھڙن لاءِ نہ! منھنجيون تڪليفون ايتريون تہ گهڻيون، ذلتون ايتريون تہ گهريون ۽ اذيتون ايتريون تہ اڻ مئيون آهن جو ڪابہ شيءِ، ڪابہ سونھن، ڪوبہ جذبو مون کي اتساھہ يا آٿت نٿو ڏيئي سگهي، جيون لاءِ موھہ نٿو جاڳائي سگهي. آءٌ نااميدي، نراسائي، ناڪامي ۽ ان ڇيڙي تي پھچي ويو آهيان، جتي اميد جي بہ اميد ناهي، آس جي بہ ڪا آس نہ رهي آهي. مون وٽ چونڊ ڪرڻ لاءِ بہ ڪجهہ نہ بچيو آهي. منھنجا تہ هڙيئي Option کٽي ويا آهن، تڏهن ئي تہ ماڻھن سان منھنجي ميل ملاقات، اٿ ويھہ ڪافي حد تائين گهٽجي ويئي آهي. گهٽجي ڇا وئي آهي، بس ختم ٿي ويئي آهي. شايد ڪوبہ مون سان ملڻ ئي نہ چاهيندو هوندو، ڪير مون سان ملندو يا تعلق رکندو بہ ڇو؟ آءٌ ڪنھن کي ڏيئي بہ ڇا ٿو سگهان؟ ڪنھن جي ڪھڙي ڪم اچي سگهان ٿو؟ هونئن بہ قدرتي طور رشتن، ناتن، دوستين جو بنياد ڏي وٺ ۽ لالـچ تي ٻڌل هوندو آهي، جنھن کي پوءِ ماڻھو خلوص، سچائي ۽ بي لوث جا نقاب ڍڪائي، انساني لاڳاپن ۾ لڪل لالـچ ۽ غرض کي لڪائي ڇڏيندا آهن. منھنجي تہ ٻي طرح ڪابہ بارگين ڪانھي، ان ڪري ظاهر آهي تہ ڪنھن بہ ليکي ۾ نہ آهيان.
ڪڏهن ڪنھن تي اعتبار بہ ڪري ڏس.
هن چيو هو ڪجهہ ڪاوڙ مان يا بيزاريءَ وچان يا مون کي ئي ائين لڳو. ڪاوڙ ۾ تہ بھرحال مون هن کي ڪڏهن ڏٺو تہ ڪونہ آهي. مون کي ياد ناهي ان وقت مون ان ڳالھہ جو ڪھڙو جواب ڏنو هو. جواب ڏنو بہ هئم يا ائين لنوائي ويس يا ماٺ رهيس. پر هاڻي ويچاريان ٿو تہ هن تي تہ کڻي گهڻي ئي اعتبار ڪريان، پر مون کي پنھنجو پاڻ تي بہ تہ اعتبار هجي نہ! هن کي اهو ڪين ٻڌايان ها تہ آءٌ تہ پنھنجو پاڻ تان ئي ويساھہ وڃائي چڪو آهيان.
چُڪ تہ سڄي منھنجي آهي. مون کان ئي ڪٿي - ڪا نہ ڪا ڀُل ٿي ويئي آهي، جنھن جي سزا اڄ آءٌ ڀوڳيان پيو. پر اهو ايئن ڇو پيو ٿئي. آءٌ هتي سنڌوءَ ۾ ٻڏي مرڻ لاءِ آيو آهيان يا پنھنجيون غلطيون ڳڻڻ ۽ ڀلن چڪن جا حساب ڪرڻ آيو آهيان. هاڻي هن حالت ۾ گذري ويل پل جي غلطين، ڀلن چڪن، پنھنجين اوڻاين، ڪمزورين، ڪڌن ڪرتوتن جو ڪھڙو ويھي حساب ڪتاب ڪجي؟ ڪجي بہ ڇا لا”! سڄي ڄمار ڪڏهن بہ، ڪنھن بہ موقعي تي نفعي - نقصان جو جڏهن سوچيو ئي ڪونہ تہ پوءِ هاڻي ڇو؟ لعنت آهي هن اهڙي سوچ تي. جيڪي ڪجهہ ٿيو، سٺو يا خراب، غلط يا صحيح، اهو هاڻي هن وقت منھنجي مٿي جو سور ڇو اچي بڻيو آهي؟ ڇا آءٌ هتي جنھن نيت - مقصد سان آيو آهيان، ان کان لنوائڻ ۽ ڀڄي نڪرڻ جا بھانا پيو ڳوليان؟ اهي حسابن ڪتابن جون ڳالھيون تہ اهي وڃي ويچارين جن کي هن دنيا کان ڪجهہ ڏيڻو وٺڻو آهي، جن کي سماجي ضابطن، ٻنڌڻن جي پرواھہ هجي. جيڪي هر وقت روايتن، رسمن، قدرن، رک رکاءُ، رواداريءَ، مٽي مائٽي جون ڀريون ٻڌيو - مٿي تي کڻيو هلن ٿا ۽ وڏي ڳالھہ تہ اهڙن ماڻھن وٽ جيئڻ جو زوردار ڪارڻ بہ موجود آهي. مون کي تہ ائين سوچيندي بہ شرم اچڻ گهرجي. نيٺ ڪيستائين ڏيوالو نڪتل جيون کي گهليندو رهندس.
نہ، هاڻي هروڀرو ايئن بہ تہ ڪونھي تہ منھنجي مٿي تي ڪو وڏو بار اچي ويو آهي يا منھنجي زندگيءَ جو مقصد ئي اهو هو يا آهي تہ  سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيئي پنھنجو انت آڻيان. ڳالھہ اها ڪونھي. آءٌ جذباتي بڻجي تہ ٽپو ڏيان ڪونہ پيو، پر ائين ڪرڻ لاءِ مون وٽ اثرائتا، وزندار ڪارڻ بہ تہ آهن نہ. ٺيڪ آهي ڀلا - مون وٽ چونڊ لاءِ آهي بہ ڇا؟ اهو ئي نہ تہ يا تہ خوار خراب ٿي، بڇڙو ٿي، ڪنو ٿي ڌپ ڪڍان ۽ اذيت ناڪ، ڀيانڪ، مفلوج زندگي جيئان ۽ جبري موت جو انتظار ڪندو رهان. جڏهن بہ، جھڙي بہ شڪل ۾ اچي يا اهو سڀ ڪجهہ ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي، جيڪي ڪجهہ بدنماءُ، مڪروھہ، بدصورت ٿيڻو آهي، رضا خوشيءَ جي موت وسيلي پنھنجو انت آڻي ڇڏيان. نہ هوندو وجود، نہ ئي سورن کي حملي ڪرڻ جو وجهہ ملندو. پر ڇا انت آڻڻ جو اهو ئي هڪڙو طريقو آهي. پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيئي، ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀري، ٻڏي مرڻ. لايو اليڪٽرڪ وائر ۾ بہ تہ هٿ وجهي سگهجي ٿو، زهر کائي سگهجي ٿو، جي اهو بہ ڏکيو لڳي تہ پوٽيشيم سينائيڊ جي چپٽي ئي سيڪنڊ جي هڪ حـصي ۾ پنھنجو ڪم ڪري ويندي ۽ وڏي ڳالھہ تہ خبر بہ نہ پوندي. ضروري آهي تہ ماڻھو هروڀرو باھہ يا پاڻي ۾ ئي ٽپو ڏيئي، اذيت ناڪ نموني سان پنھنجو انت آڻي. هڪڙو ماڻھو سڄي عمر سور چري، سختيون سھي، وڌيڪ ايذائن کان بچڻ لاءِ مرڻ جو فيصلو ڪري تہ مري بہ اذيت ناڪ نموني سان! جي چونڊ لاءِ ٻيو ڪجهہ بچيو ناهي تہ پوءِ گهٽ ۾ گهٽ وجود کي ختم ڪرڻ جي طريقي لاءِ تہ چونڊ موجود آهي. ڪافي Options آهن پنھنجو پاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ. لاجڪ تہ خير ائين آهي، پر سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيڻ ۾ هڪ عجيب قسم جي رومانيت آهي. خبر ناهي ڇو سنڌو مون لاءِ هميشہ عجيب ۽ پر اسرار رهيو آهي. مون کي سنڌوءَ لاءِ سدائين هڪ انڌي فئسينيشن رهي آهي. خوابن ۾ اڪثر سنڌوءَ کي ڏسندو آهيان- ڪڏهن ان کي پار ڪندو، ڪڏهن ڦاٿل. سمجهي تہ ڪڏهن بہ نہ سگهيو آهيان، پر اهو ضروري آهي تہ منھنجي انت سان سنڌوءَ جو نالو جڙيل هجي. زندگيءَ ۾ ٻي تہ ڪا آس پوري ٿي ڪانہ ۽ اها تہ...... ڇا ان سان فرق پوندو؟ فرق تہ الائي ڪھڙو پوندو انت کان پوءِ! پر پوءِ بہ الائي..... جي منھنجي وس ۾ هجي تہ هي دماغ ۽ سوچ جي سگهہ ڪٿي ٻئي هنڌ رکي پوءِ هتي اچان ها پر..... جي آپگهات نہ بہ ڪري سگهيس تہ بہ شايد چريو ٿي ويندس - لڳي تہ ڪجهہ ائين ئي پيو.
وري بہ سڄي پُل تان هلندو ڇيڙي تي اچي پھتو آهيان. اتي پُل کان هيٺ ورديءَ وارا ڪارون بيھاري، جهڙتيون وٺي، ڪارن ۾ ويٺل ماڻھن کي ذليل ۽ خوار پيا ڪن. سج بہ تہ لھي ويو آهي هاڻي. هلڪي هلڪي اونداهي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن آءٌ صبح جو سويل يا رات جو دير سان اچان تہ پوءِ شايد ٽپو ڏيڻ ۾ ڏکيائي نہ ٿئي. اڪثر خودڪشيون ان ئي وقت تي ڪيون وينديون آهن. شايد ان وقت تي دماغ ڪنھن بہ قسم جي مزاحمت نہ ڪندو آهي يا شايد دماغ ئي تيار هوندو آهي آپگهات لاءِ ان وقت. جي ڪٿان پئسو هٿ لڳي وڃي تہ خوب شراب پي پوءِ اچي ٽپو ڏيان، ان حالت ۾ تہ پڪ ئي پڪ ٽپو ڏيئي ويندس. پر پئسو اچي ڪٿان- جو پئسو هجي، تہ پوءِ خودڪشي ئي ڇو ڪريان؟ آءٌ هڪ اهڙي شخص کي سڃاڻان جنھن هڪ شام جو وهسڪي جي بوتل خريد ڪئي ۽ ٻئي اسٽور تان پوٽيشيم سينائيڊ خريد ڪئي ۽ هو رات جو گهڻيءَ دير تائين ڏاڍي مزي سان وهسڪي پيئندو رهيو. آخري پيگ ۾ هن شام جو خريد ڪيل پوٽيشيم سينائيڊ بہ ملائي ڇڏيو ۽ هڪ ئي ڳيت ۾ هو سڄو پيگ خالي ڪري ويو. خالي گلاس چپن تان لاهي هيٺ رکڻ کان اڳ اهو شخص پاڻ پـَـٽ تي ڪري پيو!
اڄ تہ منھنجي کيسي ۾ واپس ورڻ لاءِ سوزوڪيءَ جو ڀاڙو بہ ناهي. جڏهن مون کي واپس ورڻو ئي نہ هو تہ....! آءٌ تہ پنھنجي ليکي هڙئي ٻيڙيون ساڙي آيو هوس. اڄوڪو ڏينھن بہ ويو بيڪار، اڳين ٻن ڏينھن وانگر. لڳي تہ ائين ٿو. جيون ڪيئن بہ گذريو هجي، پر موت کان مون کي مايوس ٿيڻ نہ گهرجي. هڪ نہ هڪ ڏينھن ڪامياب ضرور ويندس. نہ، سڀاڻي تہ پڪ سان ايندي شرط سڌو ٽپو ڏيندس، بنا ڪجهہ ڏسڻ - سوچڻ جي. چالاڪي رڳي اها ڪرڻي آهي تہ دماغ کي ڏسڻ - سوچڻ جي مھلت ئي نہ ڏجي. هونئن بہ ماڻھو هروڀرو ٿو ڊڄي، ساھہ جي ڏوري تہ ڪچي ڌاڳي کان بہ وڌيڪ ڪمزور آهي. رڳو ٿوري دل کپي، باقي ساھہ وڃڻ ۾ تہ ويرم ئي ڪانہ لڳندي.
گهر وڃڻ لاءِ سپر هائي وي تي پنڌ هلندي ويچاريان ٿو تہ جيڪر ڪنھن ٽرڪ يا بس جي هيٺان اچي وڃان - موت بہ خيرات ۾ کپي مون کي. لعنت آهي هن بئنڪ رپٽ وجود تي.