App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

روپوش

ليکڪ: حليم بروھي | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ

مون روپوشن جي لسٽ تي نظر ڊوڙائي. ٻہ سؤ کان بہ وڌيڪ نالا هئا لسٽ ۾. منھنجو ٽيمپر لوز ٿيڻ لڳو. جنھن ضلعي ۾ ٻہ سؤ روپوش هجن، تنھن ضلعي جا پوليش آفيسر يا تہ رشوتي هئا، يا نااهل هئا. مان اٿيس ۽ لسٽ کڻي ڪانفرنس روم ڏانھن روانو ٿيس. منھنجي وک تکي هئي، تنھنڪري اردلي ڊڪندو منھنجي اڳيان هليو.
ڪانفرنس روم جو در اردليءَ تڙ تڪڙ ۾ کوليو، ۽ در مان اندر داخل ٿيندي مون ڪرڙي نظر صوبيدارن تي ڦيرائي جيڪي ٽپ ڏيئي ڪرسين تان اٿي کڙا ٿيا هئا. مون ڪرسيءَ تي ويھندي صوبيدارن کي ”سٽ ڊائون“ چيو. سڀيئي ويھي رهيا. لسٽ ٽيبل تي رکي ان تي مون پنھنجو هٿ رکيو، ۽ صوبيدارن تي نظر ڊوڙائيندي مون چيو تہ ”ٻين ڳالھين تي مان ڪنھن ٻي ميٽنگ ۾ ڳالھائيندس. هن لسٽ ۾ مون وٽ انھن روپوشن جا نالا اهن. ٻہ سؤ نالا گهٽ ڪينھن. تمام گهڻا آهن. جنھن ضلعي ۾ ٻہ سؤ ائبسڪانڊر هجن تنھن ضلعي جا پوليس آفيسر يا تہ رشوتي آهن يا نا اهل آهن. جيڪڏهن اوهان رشوتي بہ نہ آهيو ۽ نااهل بہ نہ آهيو، تہ پوءِ هي ٻہ سؤ روپوش ڇو اڃا هن لسٽ تي آهن؟ اها ائبسڪانڊرس جي لسٽ هر هڪ ٿاڻي تي هوندي آهي. هر هڪ ٿاڻي تي هنن ائبسڪانڊرس جا فوٽا هوندا آهن. مان ڊائريڪٽ ايس. پي. ڀرتي نہ ٿيو آهيان. مان صوبيداريءَ مان چڙهي ايس. پي. مان پاڻ ٿيو آهيان. مون کي خبر آهي، تہ صوبيدارن کي خبر هوندي آهي، تہ سندن تر ۾ ڪھڙا روپوش رهندا آهن. ۽ ڇا ڪندا آهن. مان ڪنھن جي بہ ائڪسپلينيشن ٻڌڻ لاءِ تيار نہ آهيان. مان پاڻ بہ رشوت نٿو وٺان. مون کي صاف ۽ ڪلين ائڊمنسٽريشن کپي. روپوشن جي پشت پناهي بند ڪريو. روپوش کان جيڪو ڀتو وٺندا آهيو، سو بند ڪريو. هن لسٽ تي جيڪي ماڻھو آهن، سي هڪ مھيني اندر گرفتار ٿيڻ گهرجن. هن لسٽ جي ڊيگهہ اوهان جي ۽ منھنجي آفيسريءَ تي داغ آهي. ايندڙ مھيني اندر گرفتار ٿيڻ گهرجي. ايندڙ مھيني واري ميٽنگ کان اڳ هيءَ لسٽ ختم ٿيڻ گهرجي. هرڪو پنھنجي ٿاڻي وڃي ۽ پنھنجي حد ۾ رهندڙ روپوس جهلي لاڪ اپ ڪري. ڪوتاهيءَ تي مان اوهان کي رورٽ بہ ڪندس ۽ سسپينڊ بہ ڪندس. اڄ مان ڪنھن بہ ٻئي ڪم جي باري ۾ نٿو ڳالھايان. ايندڙ ميٽنگ کان اڳ هيءَ ائبسڪانڊرس لسٽ ختم ٿيڻ گهرجي.“
لسٽ هٿ ۾ کڻي مان موٽي پنھنجي آفيس آيس. هاڻي منھنجو ٽيمپر آهستي آهستي لھڻ لڳو. پنھنجو پاڻ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ، ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ جي بھاني مون لسٽ تي ائين ئي نظر ڊوڙائي. ٻن سون نالن جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي پھرئين نمبر تي ٽنڊي ڄام ٿاڻي جي ويھہ سال پراڻي روپوش ﷲ ڏني جو نالو هو. لکيل هو ”ﷲ ڏنو، ولد رحيم ڏنو، ڪاٺير، ويھن سالن کان روپوش، ٽنڊي ڄام ٿاڻي کي ايف.آءِ.آر نمبر 1930/322 ۽ 1930/401 ۾ گهربل.“ هي اهوئي ﷲ ڏنو هو. هن جو نالو ويھن سالن کان پوءِ بہ ائبسڪانڊرس لسٽ تي چڙهيل هو.
ويھہ سال اڳ مان ٽنڊي ڄام ٿاڻي تي صوبيدار هوس جتي ڪن همراهن ﷲ ڏني ڪاٺير کي جهلي آڻي اسان جي حوالي ڪيو، ۽ فرياد لکايائون تہ ﷲ ڏني ڪاٺير ۽ سندس ڪنھن همراھہ سندن گهر کي کاٽ پئي هنيو تہ مالڪ سجاڳجي پيا. سندس همراھہ تہ ڀڄي ويو، پر ﷲ ڏنو جهلجي پيو. اهو فرياد مون ايف.آءِ.آر بڪ ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ لڳس ﷲ ڏني ڪاٺير تي محنت ڪرڻ، تہ پنھنجي همراھہ جو نالو ٻڌائي. پھرين مون ﷲ ڏني کي گشا پتا هنيا، پر ﷲ ڏني نالو نہ ٻڌايو. پوءِ مون ﷲ ڏني کي خاطري ڏني، تہ مان سندس همراھہ کي گرفتار نہ ڪندس، پر ﷲ ڏني نالو نہ ٻڌايو. مون ﷲ ڏني کي واعدو ڏنو، تہ مان کيس بہ ڪيس مان ڇڏائيندس، پر هو هوڏ تان نہ لٿو. سو پوءِ مون کنيو پادر ۽ اچي کيس ورتم. بوٽ جا ٿڏا ۽ لتون وغيرہ هو سھي ويو، ۽ لڪڻ چھبڪ هو سھسائي ويو. همراھہ جي نالو ٻڌائڻ کان صفا نابري واري ويٺو. مان بہ هوس ضدي، سو ٽي ڏينھن ساندھہ، صبح شام ۽ ڏينھن رات ماريندو رهيو سانس. هن پنھنجيءَ ساٿيءَ جو نالو تہ نہ ٻڌايو، پر پاڻ بہ اوچتو مري ويو. منھنجي مار مشھور هئي، پر هي پھريون ڀيرو هو، جو ڪو قيدي منھنجي مار ڪري ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ئي مري ويو هو. هڪڙو سڄو ڏينھن لاش لاڪ اپ ۾ پيو رهيو ۽ مان ٿاڻي ۾ ويٺو رهيس. شام آئي، رات ٿي، ۽ پوءِ صبح ٿيو، پر انھيءَ وچ ۾، رات جي اوندھہ ۾، مون ۽ منھنجي ماتحت عملي، ﷲ ڏني جو لاش ٿاڻي پويان کڏ کڻي دفنائي ڇڏيو هو.
سوير صبح منھنجو جمعدار هڪ ٻہ سپاهي وٺي ٿاڻي سامھون هوٽل ۾ وڃي ويٺو، ۽ چانھن پيئندي، هوٽل ۾ ويٺل ماڻھن سان ڪچھري ڪندي، شوشو ڇڏي آيو، تہ شام جو جوابدار ﷲ ڏني کي حيدرآباد وٺي وڃبو جتي ٻئي ڏينھن صبح جو هن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي. ويھہ سال اڳ ٽنڊو ڄام ننڍڙو ڳوٺ هو، جنھن ۾ فقط هڪ يا ٻہ ننڍڙيون هوٽلون هيون. اهو جمعدار وارو شوشو ڪافي هو، ۽ شام تائين اها ڳالھہ عام ٿي وئي، تہ اڄ ﷲ ڏني کي حيدرآباد وٺي ويندا.
شام جو سج لھڻ کان اڌ منو ڪلاڪ اڳ، چار پنج سپاهي ڊريسن ۾ گهوڙن تي سوار ٿيا، ۽ انھن جي وچ ۾ هڪڙي گهوڙي تي، هڪڙو سپاهي مٿان ڪيل اجرڪ ۾ پنھنجو منھن ۽ ڊريس لڪائي ائين ويٺو، جيئن ڏسندڙ سمجهن، تہ ﷲ ڏني کي پوليس حيدرآباد وٺيو پئي وڃي. اهي گهوڙي سوار پوليس وارا، جڏهن ٿاڻي جي احاطي مان نڪري رستي تي آيا، تڏهن سامھون واريءَ هوٽل ۾ اسان جي هڪڙي سپاهيءَ بہ ڳالھين ڪندي گهوڙي سوارن ڏانھن اشارو ڪري چيو، تہ پوليس ﷲ ڏني کي سڀاڻي حيدرآباد ۾ ڪورٽ ۾ چالان ڪرڻ لاءِ وٺيو پئي وڃي. ٿورڙو اڳتي هلي، اجرڪ واري سپاهيءَ گهوڙي کي اڙي هڻي تکو ڪيو، ۽ گهوڙو ڊوڙائي اڳيان نڪري ويو. ٻين سوار سپاهين ’ﷲ ڏنو ٿو ڀڄي، جهليوس‘ چوندي پنھنجا گهوڙا ان سپاهيءَ پويان ڊوڙايا. هوٽل تي ويٺل ماڻھن بہ سمجهيو تہ ﷲ ڏنو ٿو ڀڄي، سو اُٿي ماڻھن کي سڏ ڪرڻ لڳا، تہ ﷲ ڏني کي جهلڻ ۾ پوليس جي مدد ڪن.
اجرڪ واري سپاهيءَ وڻن پويان پھچي اجرڪ لاهي گهوڙي جي سنجن ۾ لڪائي، ۽ پوءِ پاڻ بہ ﷲ ڏني جي ڳولھا ۾ شامل ٿي ويو. اوندھہ ٿيڻ تي سپاهي موٽي ٿاڻي تي آيا، ۽ مون ايف. آءِ، آر بڪ ۾ داخلا ڪئي، تہ ڪيئن جوابدار ﷲ ڏنو پوليس ڪسٽڊي مان ڀڄي ويو. ائين ﷲ ڏني ڪاٺير جو نالو ائبسڪانڊرس لسٽ تي آيو ۽ پوءِ سال بہ سال جيڪا نئين لسٽ ٺھندي وئي، تنھن ۾ هن جو نالو هوريان هوريان مٿي چڙهندو ويو.
هي اهو ﷲ ڏنو ڪاٺير هو، جنھن جو نالو مون اڳيان پيل لسٽ ۾ پھرين نمبر تي هو. مون ڳاڙهي مس پين سان لسٽ ۾ لکيل ﷲ ڏني جو نالو ڪاٽي ان تي پنھنجي صحيح وڌي، ۽ پوءِ ايندڙ ميٽنگ ۾، يا ڪنھن بہ ٻي ميٽنگ ۾، مون ائبسڪانڊرس لسٽ جو نالو بہ نہ ورتو. مان ڪيئن ٿي اعتبار ڪري سگهيس، تہ انھيءَ ائبسڪانڊرس لسٽ مان ڪو هڪڙو روپوش بہ جيئرو هوندو!