وِھہ - اَمرت
ليکڪ: سحر امداد | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ
”رائيٽر ٿيا آهن.....“ هن ڪروڌ مان چيو هو. پر نہ، سندس لھجي کي ڪروڌي نٿو چئي سگهجي. شايد اَشانت يا اڃا بہ شايد دُکي. هن لاڳيتو، ذري گهٽ ٻن ڪلاڪن کان ادب تي پئي ڳالھايو- انھن ٻن ڪلاڪن ۾ ٻيا موضوع نڪتا هوندا، تہ بہ هن وري ’رائٽر ٿيا آهن.....‘ چئي هڪ نئين اسٽارٽ ٿي ورتي. ٻيا موضوع هن لاءِ ساهيءَ جا ڪي کن هئا- ۽ ائين اڄ پھريون ڀيرو نہ ٿيو هو. هو ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان هڪ ئي موضوع تي ڳالھائيندا هئا.
*
ٻولي، ادب: ان جا مسئلا. اديب: انھن جا رويا. ٺيڪيداريون، حرامپايون، لٻاڙون، گند، بڪواس، جيلسيز، ليبلز، ٺپا، نعرا، (نئين گندگي- پراڻي گندگي: ٺا-واھہ. رجعت پسند- ترقي پسند: زندھہ باد- مردھہ باد). شارٽ ڪٽس جون ڳولھائون. ادب ۾ ڪاهي پوندڙ شوقيه فنڪارن جي لوڌ (فوٽوءَ واري خاني ۾ آڱوٺي جو ٺپو لڳل).
*
ان ريلي ۾، ان ڊوڙ ۾ ٻيا اسان کي آڱوٺو ڏيکاري اڳتي، اڃا بہ اڳتي وڌي ويا آهن. ۽ اسين ڪٿي بيٺل آهيون؟ (شايد ڪٿي بہ نہ!) سائنس، آرٽ، زراعت، صنعت، نوڪريون، رانديون، ٿئيٽر، ادب: اسان ڇا ڪيو آهي؟ انھن سڀني ۾ اسان جو ڪھڙو ۽ ڪيترو حصو آهي؟ اسين ڪٿي بہ ناهيون، ڪجهہ بہ ناهيون- پوءِ بہ اهو ئي، تہ اسين هرهنڌ آهيون، سڀڪجهہ آهيون.
*
نہ، پر اسين گهڻي جدوجھد ۽ جاکوڙ ۾ رڌل آهيون. ۽ ان ڊوڙ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ هُڦجي پيا آهيون...... ڪنھن جو پڳڙ سڀني کان وڏو آهي. ٻين لفظن ۾ ڪنھن جي پڳ ۾ گهڻي ۾ گهڻيون اڳڙيون آهن! اسين سڀ وڏا وڏا پڳڙ ٻڌي چڱا مڙس بڻجي ويھي رهيا آهيون، ۽ ٻين جي پڳن لاهڻ جي فخر لائق ڪارنامن ۾ رڌل آهيون. ۽ سنڌي..... (الاءِ ڇا ڇا) جي بھتري ۽ بقا جي نالي ۾ هر ناجائز ڪم کي جائز، هر ڪوڙ کي سچ ۽ هر ويساھہ گهاتيءَ کي پنھنجي عظيم ڪارنامن جا اطلسي چوغا پيا پارايون. انھن پڳڙين جي پت وائکي ڪندڙن ۽ اطلسي چوغن کي ڇڪي لاهيندڙن لاءِ جيئڻ جرم بڻجي ويندو آهي. ۽ کين ٽي- بي، پاڳلپڻو، بيروزگاري ۽ فرسٽريشنز جون سوکڙيون ڏنيون وينديون آهن.
*
سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب اُهي ڍورَ آهن، جن کي ڍَڪَ منشي پاڻ ڪاهي وڃي ڍَڪَ داخل ڪندو آهي ۽ پوءِ سندن پونيرن کان ڏنڊ اوڳاڙي، ڍور واپس ڪري مٿس ٿورو پڻ ٿڦيندو آهي. ڍَڪَ منشيءَ جي رول ۾ بھترين پرفارمر کي پروموشنز جا ايوارڊ ۽ ڪيش انڪريمنٽس جا انعام آڇيا ويندا آهن.
*
انھن ورتائن جي نتيجي ۾ هڪڙا مري ويا، ٻيا مرڻ ڪنڌيءَ تي آهن (۽ ٽيان ساڳي واٽ وٺيو پيا اچن). ۽ اسين سڀ سندن مرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون. نہ رڳو اهو بلڪ مرهيات جي تعزيتي گڏجاڻين لاءِ پنھنجي تقرير (جنھن ۾ ساڻس پنھنجي دوستي ۽ ڪيل ڪچھرين جي اُپٽار سان گڏ، مٿس ڪيل پنھنجي مھربانين ۽ نوازشن، سندس خوددارين جو ذڪر، قوم لاءِ ڪيل سندس خدمتن- جن جو سندس زندگيءَ ۾ ڪڏهن اقرار بہ نہ ڪيوسين- جي گهڻي ساراھہ سان گڏوگڏ قوم جي ايڏي قيمتي سرمايي جي کسجي وڃڻ ۽ جُواڻ جـُماڻ ڪمھلي موت تي گهري رنج ۽ غم جو اظھار ڪيل هوندو) بر زبان ياد ڪري ۽ آرسيءَ آڏو بيھي اُن جي ڪمپليٽ ريھرسل بہ ڪري ڇڏي اٿئون (اسٽيج اسان جا، اسان سان، اسان لاءِ آهن!)
*
اسان جي پويان ايڏو شاندار لوڪ- ڪلاسيڪل اتھاس آهي. پر اڄ......!
(ڌرتي کَري تہ اَڪ ڪري!)
هڪڙا ڄمندي نہ ڄاوا- ٻيا ڄمندي ئي مري ويا- ۽ جي مُئي پڄاڻان بہ جيئرا آهن، انھن کان اسان ڇا پرايو؟ ميلا، ملاکڙا ۽ فقط اخبار ۾ ڇپجندڙ خبر ۾ نالي اچڻ ۽ فوٽو ڇپجڻ جيتري دلچسپي- ساڳين لُٻيل موضوعن تي، ساڳين کوکلن لفظن ۾، ساڳي اَخرج مخرج سان- رڳو اسٽيج ۽ مائيڪ تي اچڻ جي موھہ ڪاڻ!
*
نئين گندگي- پراڻي هر خوشبوءِ جي پاڙ پٽڻ ۽ هر اُجري شيءِ کي گدلي ڪرڻ جو عزم ڪرڻ آهي. ان لاءِ اسان کي پنھنجي همخيال دوستن جو ساٿ گهرجي:
سِٽَ هجي يا سَٿو
اچو اچو اچو
ڦڙي ڦڙي تلاءُ ٿيندي
ٿوري ٿوري گندگي ڊومڻ واھہ بڻجندي
*
جَنين سندي مُنھن ۾، نِهائِيون نَڪن،
جِئان وڍيو هيڪڙو، تہ ڪھڙو ٿورو تن.
(شاھہ)
*
جنھن ليکڪ جي ڪھاڻين تي هڪ عدد ٿيسز(!) لکي هڪ ئي ڌڪ سان چار سَو رپيا روڪ ايڊوانس انڪريمنٽس ٿا وٺون، ان ليکڪ وٽ ايترو بہ ناهي جو هو چار سَو رپيا درماھہ پنھنجي ٻارن کي گهر جي خرچ لاءِ ڏيئي سگهي.
*
سچي! مان تہ اُن روٽين مان تنگ ٿي پيو آهيان
سڀڪجهہ بيڪار آهي، بڪواس آهي
آفيس، باس، مسٽ رولس، آفيس رولز، مينرز
ميٽر/ليٽر
لفافا/جوابي لفافا
سڄو ڏينھن رڳو بڪواس
ماڻھن کان ويندي ميٽر تائين
ڍونڍ لفظن جا لاشا ڪاغذ جي ڪفن ۾ ويڙهيل
*
اگهوتري ٺاهي آفيس (کڏڙيءَ) جي ڀت تي چنبڙائي ڇڏيان
ڪھاڻي ٺيڪ ڪرڻ/لکي ڏيڻ......
غزل ٺيڪ ڪرڻ/لکي ڏيڻ (في شعر).....
طويل نظم/مختصر نظم/وائي/ڪافي/بيت/دوها/ ٽيڙو/ ترائيل/ٿيسز/مضمون/....
ٺيڪ ڪرڻ/لکي ڏيڻ.....
*
ادب ۾ Creation آهي. اسان وٽ ادب بزنس ٿي پيو آهي. هرڪو پنھنجي لکڻين جو اگهہ پيو چُڪائي..... هرهنڌ.... ادب کان ويندي..... پوڙهي، گهنجيل، ڪُروپي ڪلا تي گهري گهاٽي ميڪ اپ جا تھہ چاڙهي، جوڀنونت ۽ رُوپونت هئڻ جو ڀرم ڏيندڙن جا جڏهن پول پڌرا ٿي پوندا آهن، تڏهن ڪُٽڻپا ڪرڻ لڳندا آهن.
*
ادب اُهو ڀولڙو آهي، جنھن کي اديب، ايڊيٽر، پبلشر.... رنگبرنگي چتيون لڳل پَڙي پارائي، پنھنجي ڍيٻڪيءَ سان نچائي ٿو. نعرا لڳائي ميڙ ڪٺا ڪري ٿو. پوءِ ان ڀولڙي کان ڪرتب ڪرائي-- جنھن ۾ ٻين کلائيندڙ ڪرتبن سان گڏ، نقلي بندوق هلائڻ کان ويندي، ننڍي ساليءَ کي پرچائڻ تائين جا ڪرتب شامل آهن-- پبلڪ کان تاڙيون ۽ اٺ اٺ آنا اوڳاڙي ٿو.
*
انھن اوڳاڙين جي آڌار تي پاٿاريون قائم ٿينديون آهن. ننڍيون پاٿاريون وڏين پاٿارين ۾ بدلجنديون آهن. ليٿو مشين واري پريس، آفسيٽ پريس ۾ بدلجي ويندي آهي. ماضيءَ ۾ سنڌي قوم لاءِ کاڌل سورن جو کٽيو کائيندا ۽ دستارون پائيندا آهيون. ۽ پوءِ رستي تي بيھي هڪ- هڪ کي جهلي اها دستار ڏيکاريندا ۽ ٻڌائيندا آهيون، تہ اسان سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي قوم لاءِ ڪيڏا نہ ڏک ڏٺا آهن ۽ مصيبتون سٺيون آهن. اهڙو ذڪر ڪندي گليسرين جا ڳوڙها ڳاڙيندا آهيون.
*
شاھہ جي ’سر ڪاپائتي‘ کي ليکڪ ۽ ان جي رچنا (وسيع معنائن ۾ سڄي سنڌي سماج) تي as it is apply ڪري سگهجي ٿو. پر تڏهن ”اندر عدالت“ هوندا هئا:
”اڳلڙي آئون، مون کان ڀِڙا ڀڳا نہ ٿيا.“
” اڄ جو ”ڀڙا“ نٿو ڀڃي سگهي-- سو ٻئي جي ”لسي تند“ تي سلوگنس، الزامن، فتوائن جون قينچيون ۽ ڪات کنيو اچي.
*
بشنيءَ جي انھن ٻن آڱرين جو نالو وڃي ادب بچيو آهي-- جن سان اسان جي کيسن کان ويندي ذهن تائين کي پار ڪيو پيو وڃي!
*
ڪنھن جي لاءِ لکون؟
لکڻ بڪواس آهي-- هروڀرو اَجايو. اَڪارٿ.
ڇا لکون؟
ننگي ترار لڙڪيل آهي تارونءَ تي--
بورڊ لڳل آهن: ڇا لکڻ کپي، ڇا نہ لکڻ کپي.
گهرا ٿي وڃون-- ڀوڳيون.
پر ڪنھن لاءِ؟
ڇو؟
پڙهندو ڪير؟
اڃا بہ ائين تہ سمجهندو ڪير
تون-- مان!
*
تڏهن ئي رات جي پوئين پھر ريل جي ڪوڪ انھيءَ تسلسل کي ٽوڙي ڇڏيندي هئي ۽ کين احساس ٿيندو هو، تہ رات ڪيڏي نہ وهامي وئي آهي-- صبح جو آفيس بہ تہ وڃڻو آهي ۽ هو ڪمري جون لائٽون وسائي ڇڏيندا هئا. پر تڏهن بہ سندن سُرٻاٽ اونداھہ کي روشن رکندا هئا.