بارُود
ليکڪ: سانول | پڙهڻ جو وقت: 5 منٽ
سڀ ڳالھيون ڳُڙ ٿي ويون هيون ۽ هو سڀ اُنھن کي چَٽي رهيا هئا، ماڪوڙن وانگر.
ماڪوڙي جو مؤنث ڇا آهي؟ لـِپ اِسٽڪ چَپ چوريا.
واھہ واھہ! ڊارڪ گلاسز داد ڏنو.
ڇا مطلب؟ اهو جوتن جو آواز هو، جيڪي ٽيبل تي رکيا هئا، پــيرن سوڌا.
ڇا جو؟ واھہ واھہ جو! لِپ اسٽڪ چَپ چوريا.
ماڪوڙي جي مؤنث جو مطلب! اهو مُڪ جو آواز هو، جيڪا پوري زور سان اچي ميز تي لڳي هئي ۽ ميز کان رڙ نڪري وئي هئي. هونئن بہ مُڪ کي لِپ اِسٽڪ ڏٺي نہ وڻندي هئي. لِپ اِسٽڪ تہ هن کي سدائين ائين لڳندي هئي، ڄڻ ڪنھن جو تازو تازو رت پي آئي هجي. ڪوسو ڪوسو رت. ڳاڙهو ڳاڙهو رت.
مان ڄاڻان ٿو! انڌي کوھہ ۾ پڙاڏو ٻُريو.
ڇا؟ نيل پالش کان رهيو نہ ٿيو.
تہ ماڪوڙي جو مؤنث ڇاهي؟ پررر...! انڌي کوھہ ۾ پڙاڏو ٻُريو.
هڪڙو تہ تنھنجي انھيءَ ”پر“ مان اچي ڦاٿا آهيون.
سنڌي جيڪڏهن انھيءَ ”پر“ کي ڇڏين نہ، تہ سڄي دنيا تي سندن راڄ هجي! مُڪ ميز تان کڄي، پوري زور سان اچي ميز تي لڳي.
هي تون ماڪوڙن جي ڳالھہ ۾ سنڌين کي ڪٿان گهلي آئين؟
جوتا ٽيبل تان هيٺ لھي آيا، پيرن سوڌا.
سنڌي رڳو تون آهين ڇا؟ لائٽر جو شعلو چمڪيو.
تو وري سگريٽ دُکايو! نيل پالش چيو.
دُکايو نہ، پر دُکائي! دونھين اوڳاڇيو.
دُکايو ڇو نہ؟ نيل پالش پڇيو.
ان ڪري جو منھنجي چپن ۾ آهي! دونھين جو ڇلو ٺھيو.
واھہ واھہ! ڊارڪ گلاسز داد ڏنو.
انھيءَ ۾ واھہ واھہ جي ڪھڙي ڳالھہ هئي ڀلا! مُڪ ميز تان کڄي چنبي جي روپ ۾ کُلي، مُٺ جي روپ ۾ بند ٿي، ميز تي رکجي وئي.
هَل دُکائي، پر ڇو دُکائي؟ نيل پالش مَڇڏ ٿي پئي.
منھنجو جڏهن بہ اندر دُکندو آهي، تڏهن مان سگريٽ دُکائيندو آهيان! دونھين اوڳاڇيو.
واھہ واھہ! ڊارڪ گلاسز ڀُڻڪيو.
وري واھہ واھہ! مُڪ هڪڙو ڀيرو وري ميز تان کڄي، چنبي جي روپ ۾ کُلي، مُٺ جي روپ ۾ بند ٿي، ميز تي رکجي وئي.
ائين ڇو نہ ٿو چوين تہ ڪاغذ کي باھہ ڏيکاريندو آهيان! جوتا وري ٽيبل تي رکجي ويا، پيرن سوڌا.
ڪاغذ کي ئي تہ ڏيکاريندو آهيان نہ باھہ! دونھين جو ڇَلو ٺھيو.
تہ ڇا مان - مان- ڇا- تہ! جوتا ٽيبل تان هيٺ لھي آيا. پيرن سوڌا. پوءِ اُنھن پيرن تي ٽنگون اُٿي بيٺيون.
ڌڙ کي کڻي. ڌڙ مٿان هڪ مُنڍي رکيل هئي. مُنڍيءَ ۾ هڪ چھرو هو. چھري تي ٻہ اکيون ٻہ رَتاڻيون اکيون. پوءِ اُهي رَتاڻيون اکيون هئڊيون، سايون ٿينديون اڇيون ٿي ٿيون وڃن. صفا ڪفن جهڙيون اڇيون اکيون.
ڪارو منھن ۽ اڇيون اکيون هڪ ڀيانڪ منظر ٿيون پيش ڪن.
واھہ واھہ! ڊارڪ گلاسز اُٻڙڪيو.
ڇا چيئي؟ مُڪ ميز تان کڄي هوا ۾ لھرائي ۽ وري ميز تي زور سان اچي لڳي.
اصل ڳالھہ تہ اتي ئي رهجي وئي! ڪَٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.
ڪھڙي اصل ڳالھہ؟ جوتا وري ٽيبل تي رکجي ويا. پيرن سوڌا.
اُها ئي، ماڪوڙي جي مؤنث واري! ڪَٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.
پر اصل ڳالھہ تہ ڪا ٻي هئي! لائٽر جو شعلو ڀڙڪيو.
تو وري سگريٽ دُکايو! نيل پالش چيو.
دُکايو نہ، پر دُکائي! دونھين جو ڇلو ٺھيو.
ان ڪري جو تنھنجي چپن ۾ آهي؟ ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.
ها! دونھين اوڳاڇيو.
۽ جي منھنجي چپن ۾ هجي ها تہ - ! لِپ اِسٽڪ آکيو.
تہ پوءِ هڪ ئي مُڪ سان تنھنجو ٻُوٿ ڦيھي ڇڏيان ها! مُڪ ميز تان کڄي، وري پوري زور سان اچي ميز تي لڳي. ميز کان دانھن نڪري وئي.
ميز ٿو ڀڃين! دونھين اوڳاڇيو.
تنھنجي پيءُ جي آهي ڇا ميز! مُڪ ڀيڙجي وئي، پر ميز تي ئي رکيل رهي.
تہ ڇا تنھنجي پيءُ جي آهي؟ دونھين جو ڇَلو ٺھيو.
اڙي، اصل ڳالھہ تہ ٻڌڻ ڏيو! جوتن جو آواز هو اهو.
ڪھڙي هئي اصل ڳالھہ؟ ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.
اصل ڳالھہ تہ اها هئي تہ اسان کي پنھنجي قومي آجپي تي ويچارڻو هو! دونھين جو ڇلو ٺھيو.
قومي آجپي يا پنھنجي آجپي تي؟ لِپ اِسٽڪ چپ چوريا.
واھہ واھہ! ڊارڪ گلاسز آکيو.
شٽ اَپ! مُڪ کڄي، زور سان اچي ميز تي لڳي. ميز کان ڪنجهہ نڪري وئي.
تہ پوءِ وِيچاريون پنھنجي - قومي - آجپي تي! ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.
في الحال اسان کي ڪجهہ ناهي ڪرڻو! جوتن چيو. جيڪي ٽيبل تي رکيل هئا. پيرن سوڌا.
سکڻو بيان بہ نہ! دونھين جو ڇَلو ٺھيو.
نہ! جوتن چيو.
ڇو نہ؟ مُڪ ميز تي رکيل رهي.
مٿان کان اڃا آرڊر نہ ٿيو آهي! جوتن چيو.
مٿان کان ڪٿان کان؟ ﷲ سائينءَ کان! دونھين اوڳاڇيو.
مٿان کان معنيٰ مٿان کان! ٽيبل تي رکيل جُوتا پاڻ ۾ ٽڪرايا.
ڪٿان کان؟ ڪراچيءَ کان! ڪٽيل وارن کي جهٽڪو آيو.
اسلام آباد کان. لپ اسٽڪ چپ چوريا.
واشنگٽن کان، نيل پالش ڌُڪو هنيو.
تنھنجو ڇا مطلب آهي تہ اسين-! جوتا ٽيبل تان هيٺ لھي آيا پيرن سوڌا.
واھہ واھہ! ڊارڪ گلاسز ڪُڇيو.
اوندھہ ۾ بہ ڊارڪ گلاسز! مُڪ اُمالڪ ميز تان کڄي. چنبو بڻجي، ڊارڪ گلاسز تي جهپو هڻي، جوتن ڏانھن اُڇليا. چورررڪ ررچ...
جوتا شايد هوندا ئي ان لاءِ آهن، تہ جيئن شيشا چُور چُور ڪري سگهن! لپ اسٽڪ ڀُڻڪيو.
جوتا ان لاءِ هوندا آهن، تہ جيئن نيرا پير لڪائي سگهن! دونھين اوڳاڇيو.
جوتا ان لاءِ هوندا آهن، تہ جيئن هڪ ئي ٿُڏي سان تنھنجو ميڄالو مُڃ ڪري سگهن! جُوتا ٿُڏي لاءِ سنڀريا-
- در کي ٿُڏو لڳو. ٿُڏي سان در جا ٻئي پَٽ پٽجي ويا. ۽ ڪجهہ ماسڪ اندر ڌُوڪي آيا. ماسڪ جيڪي مُنڍين تي چڙهيل هئا. مُنڍيون ڌڙن تي رکيل هيون. ڌڙ جيڪي ٽنگن تي بيٺل هئا. انھن جي هٿن ۾ ڪلاشنون هيون. هو ايندي ئي برسٽ کولي ٿا ڇڏين....