App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

قربتون ۽ فاصلا

ليکڪ: خيرالنساءِ جعفري | پڙهڻ جو وقت: 7 منٽ

”ڪڏهن ڪڏهن قربتون فاصلا وڌائي بہ ڇڏينديون آهن. تارن جو حُسن تہ انھن کي پري کان ئي ڏسڻ ۾ هوندو آهي...“ هن چيو هو ۽ مان سمجهي ئي نہ سگهيو هوس.
کيس پھريون ڀيرو پنھنجي سؤٽ فرزانہ جي شاديءَ ۾ ڏٺو هوم. هوءَ معمولي شڪل صورت جي ڇوڪري هئي. منجهس ڪابہ ڳالھہ اهڙي نہ هئي جا ڪنھن اوپري ماڻھوءَ کي مٿس ڪجهہ سوچڻ تي مجبور ڪري. پر الائي ڇو سندس لباس ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ کيس منھنجي ڌيان تي آڻي ڌريو هو.
شاديءَ جھڙن هنگامي موقعن کان آءٌ هونئين ڏاڍو الرجڪ هوس. اهڙن موقعن تي هوندو ئي ڇاهي؟ هروڀرو جو ڇرڪائيندڙ روشنيون ۽ آواز، مصنوعي چھرا ۽ لباس، اجايا رسمي ٽھڪ ۽ جملا! شخصيتن ۽ سماج جا اهي ٻٽا ٻٽا روپ- اندر ڪجهہ، ٻاهر ڪجهہ!
پر هن شاديءَ ۾ مون کي ضرور شريڪ ٿيڻو هو، جو فرزانہ سان واعدو ڪيل هوم. چيو هئين ”مِٽي مائٽي بہ آخر ڪا شيءِ ٿيندي آ. رشتن ناتن کي ڪڏهن ڪڏهن نباهڻ لاءِ اگر ڪي ٻہ- چار ڪلاڪ قربان بہ ڪرڻا پون تہ ان ۾ ڪھڙو حرج آ.“ نتيجي طور چئن ئي طرفن کان گوڙ گهمسان جي هن ميلي ۾، جتي ڀانت ڀانت جا ڪيئي ماڻھو حقيقتن جي کوکلائپ کان خائف ٿي وڏن وڏن ٽھڪن ۾ پناھہ وٺي رهيا هئا، پاڻ کي سڀني کان ڇنل ۽ ڌار محسوس ڪري رهيو هوس، ۽ جڏهن پاڻ تي ۽ ٻين تي جک کائي رهيو هوس تڏهن اوچتو مون هن کي ڏٺو هو. هوءَ مون کي ٻين کان تمام مختلف ۽ ڏاڍي اوپري لڳي هئي. انتھائي معمولي ۽ سادي، بيحد قديم ۽ اَجنبي!
کانئس وڌي پڇيم ”توهين ڪٿان کان آيون آهيو؟“
(’توهين‘ بہ پنھنجي عادت کان مجبور ٿي چيو هوم، ورنہ هوءَ تہ ’تون‘ ڪري ڳالھائڻ جي بہ لائق نہ هئي.)
وراڻئين ”مئن جي دڙي کان“. منھنجو ڌيان هيڪر وري سندس سراپي تي ويو.... خاموش معمولي اکيون.... سانورو رنگ، سوسيءَ جي سلوار، ڪچ ڀريل گج تي چولو ۽ لاک رتي اَجرڪ! شاديءَ جو هئو مئو ٽريو تہ ڏٺم سندس هٿ ۾ ڪو رسالو هو.
”پڙهيل آهين؟“ پڇيومانس.
”نه“ وراڻئين.
”پوءِ هي رسالو ڇو کنيو اٿئي؟“
”واءُ ڪرڻ لاءِ.“
شاديءَ جي ٻئي ڏينھن تي هوءَ ڏاڍي بي تڪلفيءَ سان گهر ۾ گهمي رهي هئي. فرزانہ کان آهستگيءَ سان پڇيم.
”اها پراڻي شيءِ ڪير آ؟“
چيئين، ”پري کان پنھنجي مائٽاڻي لِڇ مان آ ۽ منھنجي سٺي دوست بہ آ.“
”۽ خير سان بيڪار بہ آ.“ مون کلي آهستگيءَ سان وراڻيو هو.
تنھن ڏينھن شام جو گهوٽ ڪنوار کي هل پارڪ وٺي وڃڻو هوم. گاڏيءَ جي آرسيءَ ۾ پويان نھاريم تہ ڪنوار جي پاسي کان هوءَ بہ ٽُنبي ويٺي هئي. ان شام کيس ڏاڍي سوبر رنگ جي ساڙهي پاتل هئي، جنھن ۾ هوءَ ڪجهہ ڪجهہ سمارٽ ٿي لڳي. کيس ڏسي مون کي سندس وجود ڪجهہ ڪجهہ گوارا لڳو هو، جو ڀانيو هوم تہ هن ’نئين جوڙيءَ‘ سان آءٌ ڪھڙو اينجواءِ ڪريان ها. سو هيءَ ’پراڻي شيءِ‘ وقتي وندر لاءِ مڙيئي چڱي ثابت ٿيندي محسوس ڪئي هئم.
هل پارڪ جون هوائون کائيندي ۽ ڪافي پيئندي هن کي مون ڪيترائي دفعا ڳالھين ڪاڻ ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڇلڪڻ جو نالو ئي نہ ورتو هو. تڏهن مون دل ۾ سوچيو تہ مون کي منجهانئس اهڙي اميد ئي نہ رکڻ گهربي هئي. اَڪن کان اَنب گهرڻ وارا بيوقوف هوندا آهن، ۽ مون بہ تڏهن پاڻ کي بيوقوف ڀانيو هو!
پوءِ الائي ڪھڙيءَ ريت ڪو دلچسپ موضوع ڇڙيو هو. بحث ڇڙيو تہ هوءَ بہ کُلي پيئي هئي، ائين جيئن سنڌوءَ جي پَوتـر پاڻيءَ جا بند ڀڳا هجن. هن جي گفتار ۽ خيالي پرواز پسي مان دنگ رهجي ويو هوس. حيرت کاڌي هئم ان ’پراڻي شيءِ‘ تي، جنھن ۾ ايڏو علم ۽ عرفان، ادب ۽ تھذيب جو اَکٽ درياھہ موجزن هو. ان گهڙيءَ هُن آڏو مون پاڻ کي حقير ڪک جيان ڀانيو هو، جو سندس وهڪري آڏو لڙهندو ٿي ويو. پر تڏهن بہ لڙهندي لڙهندي مون سوچيو هو تہ هيءَ قديم شيءِ پنج هزار سال اڳ بہ تازي هئي ۽ سڀان بہ تازي رهندي. وقت جي هر وک هن جي قدامت کي نواڻ ۽ تازگي بخشيندي ۽ هن جي جوڀن کي جياريندي. هيءَ شيءِ اَمر هئي ۽ اَمر رهندي. ماکي جيئن پوءِ تيئن مٺي!
تڏهن ڀانيو هوم تہ هن جي مقابلي ۾ منھنجي زندگي تہ ڄڻ ٺوٺ ڌرتيءَ جو حصو هئي، جنھن تي اُن پَوتر پاڻيءَ جي پالوٽ ئي نہ ٿي هئي، ۽ جنھن ۾ هيل تائين ڪو ساوڪ جو سلو سرجيو ئي ڪونہ هو. سوچيم منھنجي حصي جا سلا تہ وڃي اُنھن گسن تي اُڀريا، جت ان پوتر پاڻيءَ جا سھڪار هئا. ڀلا ريج بنا ڌرتي ۽ جوت بنا جيئڻ بہ ڪو جيئڻ هو!
اُها سڄي رات آءٌ پنھنجي گذريل زندگيءَ تي سوچيندو رهيس. هوءَ پراڻي شيءِ رکي رکي مون کي پنھنجي وجود جو احساس ڏياريندي رهي. اُنھيءَ رات مون ڪيئي خواب ڏٺا هئا. هر خواب ۾ مون سنڌوءَ جي سھڪار ۾ ساوڪ جا سلا سرجندي محسوس ڪيا، جن کي ڌرتيءَ ۾ جڙون تہ هيون پر جن کان هيل تائين ريج رُٺل رهيو هو. هر خواب ۾ مون چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ اُميدن جا مور نچندي محسوس ڪيا هئا.
صبح سوير نئين جوت سان جيئڻ جو عزم ڪري هُن جي گس وڃي بيٺو هوس، پر خبر پيم تہ هوءَ پنھنجي شھر وڃي چڪي هئي. سندس وڃڻ جو ٻڌي هٿن مان ڪجهہ ڇڏائيندي محسوس ڪيو هوم ۽ خالي هٿ مٿي تي ڏيئي آفيس هليو ويو هوس.....
فرزانہ کان آڏي پڇا ڪري سندس فون نمبر هٿ ڪيم. آواز مان ڀانيم تہ پاڻ ئي آهي. تڪڙ مان پڇيم، ”ڪٿان پئي ڳالھائين؟“
”مئن جي دڙي مان.“
پڇيم، ”ڪيئن آهين؟“
وراڻئين، ”في الحال مٽيءَ ۾ مبھوت آهيان.“
چيم، ”مڱڻيءَ جون مبارڪون هجنئي.“ پر هن ڪو جواب ئي نہ ڏنو. ڇوھہ مان چيم، ”منھنجي زندگيءَ جا تہ ليکا لاهي ڇڏيئه....پر هِت فون تي منٽ منٽ جو ليکو ٿيندو آ، سمجهيئه.“ تڏهن بہ ڪو جواب نہ مليو. هيڪر وري پڇيم، ”ڇو مبارڪن جو جواب نہ ڏنئه؟“
وراڻئين، ”اسان جي تھذيب ۾ ڇوڪريون مبارڪون ’وٺنديون‘ ئي ناهن.“
”تڏهن؟“
”ڏيڻ ۾ مزو آ....سو وٺڻ ۾ ڪھڙو!“
”تڏهن بہ ڀانيان ٿو خوش آهين؟“
”ها. آهيان تہ!“
هيڪر وري باھہ لڳم. بُڇان کائيندي چيومانس، ”اهو تو وارو مڱيندو پڪ ڪو وڏو آفيسر هوندو.“
جواب ڏنئين، ”ڏس، پھريون لفظ واپس وٺ، باقي آفيسر ناهي.“
”تڏهن پڪ ڪو عالم فاضل هوندو اُهو تيس مار خان؟“
چيئين، ”پويون لفظ واپس وٺ، باقي عالم فاضل ناهي.“
”تڏهن پوءِ قبوليئه ڇالاءِ؟“
”منھنجو پنھنجن مان آهي.“
ڏُک وچان چيم، ”تون پڙهيل ڪڙهيل ٿي ڪري اهي رواج نہ ڀڃي سگهينءَ؟“
”ڀڃڻ جون ٻين کي صلاحون ڏيندي آهيان، باقي پاڻ ڀڃڻ جي همت ڪانہ هيم.“
۽ پوءِ ٻڌو هئم تہ اُن ’پراڻي شيءِ‘ تي ڏاڍي اهتمام سان قديم ريتن جي هڪ ديوار ڪري پئي هئي ۽ هوءَ اُن ۾ دَٻجي ويئي هئي. تڏهن هيڪر وري مون کي ساين اُميدن جا ساوا سلا سُڪندي محسوس ٿيا هئا.
ٻئي دفعي فون ڪيم تہ هن فون ڪرڻ جو سبب پڇيو. چيم، ”گهر ٺاهڻ لاءِ صلاح وٺڻ گهران ٿو، تنھنجي راءِ گهرجي.“
جواب ڏنئين، ”ڀل گهر ٺاهيو، چڱي ڳالھہ آهي، ڌرتيءَ جي هر رهواسيءَ کي بنيادي جياپي جو پورو حق حاصل آهي.“
مذاق مان چيم، ”تہ پوءِ ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ واري اصول جي پيروي چاهيان ٿو....گهر ٺاهي ڏيندينءَ.“
”نہ، مون کان ائين نہ پُڄندو.“
پڇيم، ”ڇو؟“
چيئين، ”ننڍي لا ٻين ٻارڙن سان جي ريتيءَ جا گهر ٺاهيندي هئس تہ اُهي سڀ کان پھرين منھنجا جهرندا هئا.... سو هاڻي پنھنجو موڊ ناهي.“
”پر منھنجو گهر تہ ٺاهي ڏي؟“
چيئين، ”آءٌ حالتن جي هٿان جهُريل آهيان.... مون کان ڪي بہ ڪين جُڙندو....“
ڪجهہ عرصي کان پوءِ ٻڌو هئم تہ هن جي مڱڻي ٿي ويئي. صدمي هڻي نھوڙي رکيم. جک کائيندي هيڪر وري فون تي کيس جنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪيم.