منزل
ليکڪ: ممتاز مھر | پڙهڻ جو وقت: 7 منٽ
جڏهن هو ريل جي دٻي ۾ داخل ٿيو تڏهن سڀ سيٽون ڀريل ڏٺائين. هڪڙي ڄڻي کيس هيٺ مٿي جاچي پوءِ سري ويھڻ جي جاءِ ڏني. ويھڻ ۾ هو پاڻ کي تنگ محسوس ڪرڻ لڳو، لاچار هو. هٿ ۾ جيڪا بئگ هيس سا سيٽ جي هيٺان رکي ڇڏيائين.
”ڪيڏانھن پيا وڃو؟“ ڀر واري ماڻھوءَ ڏاڍي اشتياق مان کانئس پڇيو.
”..... شھر“ مختصر جواب.
”..... شھر؟“
”هائو... الف شھر“. کيس هو ماڻھو بلڪل بور پئي لڳو، تنھنڪري کيس لنوائڻ جو ارادو ڪري بئگ مان هڪ رسالو ڪڍي پڙهڻ لڳو. آخرڪار ريل هلڻ لڳي. جڏهن ريل جي رفتار تيز ٿي ويئي تڏهن دٻي جون سڀ دريون بند ڪيون ويون. در تہ اڳ ۾ ئي بند ڪيو ويو هو. نہ رڳو شيشن واريون دريون، پر ٻاهرين تاڪن وارين درين کي پڻ بند ڪيو ويو هو. (شايد ٿڌ جي ڪري يا اندر ايندڙ مٽيءَ جي ڪري) تنھنڪري بيٺل سج هوندي بہ دٻي جي اندر اوندھہ ٿي پيئي هئي.
”دٻي جي اندر اوندھہ، گهُٽ، سگريٽن جي دونھين، ويھڻ جي تنگ جاءِ جي ڪري من مُنجهڻ لڳس. روشني نہ هئڻ ڪري پڙهي بہ نٿي سگهيو، تنھنڪري سيٽ تان اُٿي ڪري جيئن ئي هڪ دريءَ جا طاق مٿي ڪرڻ لڳو، تہ ڪنھن همراھہ اچي سندس هٿ کي جهليو ۽ چوڻ لڳس: ”ڇو سائين! اوهان کي سيءُ نٿو ٿئي ڇا؟“
”مون کي مونجهہ ٿي ٿئي... مھرباني ڪري ٿوري تازي هوا کائڻ ڏيو“، وراڻيائين.
”واھہ سائين واھہ... اسين پيا ٿڌ ۾ ڏڪون ۽ اوهان کي تازي هوا کپي!“ هڪ ٻئي ويٺل چيو.
”ڀلا ٻاهريون طاق تہ مٿي ڪرڻ ڏيو، جيئن ڪجهہ ڏسي سگهجي!“
”ڏسڻ لاءِ ٻاهر رکيو ڇاهي... سڄو جهر جهنگ لڳو پيو آ!“
”نظارا پسڻا اٿو تہ اونھاري ۾ڪنھن پھاڙ تي وڃو... ها، سامونڊي نظارا بہ من کي موهيندا آهن!“
”ٽوڪ مٿان ٽوڪ... رونشو”“
”منھنجو اهو مطلب ڪونہ هو...“ چيائين، “منھنجو مطلب هو تہ دٻي جي اندر اوندھہ ٿي پيئي آهي، شيشن مان مڙئي ڪجهہ نہ ڪجهہ روشني ايندي!“
”سائين ڇڏيو اجاين ڳالھين کي... وڃي پنھنجي جاءِ والاريو، متان ٻيو نہ وڃي والاري.... ٿوري دير انتظار ڪريو، بتيون ٻرنديون ۽ سڄو دٻو روشن ٿي ويندو“. ائين چئي بيٺل همراھہ کيس ٺونٺ سان پرتي هٽائي، دريءَ جا اڳيان پويان طاق هيٺ ڪري ڇڏيا.
هُو لڄي ٿي پنھنجيءَ سيٽ تي وڃي ويٺو. سندس ڀر وارو ساٿي مڱيرا کائي رهيو هو، کيس صلاح ڪري مڱيرن جو لفافو ڏانهس وڌايائين.
”نہ..... مھرباني“. اهو چئي هن پنھنجو منھن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
مونجهہ... وڌندڙ مونجهہ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين ۽ ڊگها ساھہ کڻڻ لڳو. ائين ڪرڻ سان ڪجهہ سڪون ملي رهيو هوس. گهڻي دير تائين پنھنجون اکيون ٻوٽيل رکيائين. ڀرسان ويٺل همراھہ ڪجهہ پڇي رهيو هو: ”طبيعت تہ ٺيڪ اٿوَ؟“ پر هن ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ ڪو جواب نہ ڏنائينس.
گاڏي تيز رفتار سان ڊوڙندي پئي ويئي. گاڏيءَ جا ڦيٿا پٽن تان ترڪندا، جيئن اڳتي وڌندا ۽ گاڏيءَ جي لوڊ کي ڇڪيندا پئي ويا، تيئن انھن مان مختلف قسمن جا آواز پڻ نڪري رهيا هئا. مختلف قسمن جا سُريلا آواز (ڪِن کي اهي آواز بي سُرا لڳندا هوندا!) کيس ياد آيو تہ ”ننڍي هوندي، ڊوڙندڙ ريل گاڏيءَ جو سُريلو آواز جڏهن ڪنن تي پوندو هو، تہ ائين ڀائيندو هوس ڄڻ ريل چوندي هجي: ”ٽڪو پيسو... ٽڪو پيسو“، تڏهن ائين لڳندو هوم ڄڻ ريل جي بہ ڪنھن جيوَ جيان ڪا هستي هجي، جيڪا شانَ سان پنھنجي رستي تان لنگهندي ٿي وڃي ۽ وچ ۾ ايندڙ ننڍيون وڏيون اسٽيشنون، سندس آرام ۽ ٿڪ پٽڻ جو عارضي هنڌ هجن ”... اسٽيشن کان اڳ ۾ اُڀا نظر ايندڙ سگنل ڪنڌ نمائي ڄڻ تہ ريل گاڏيءَ جو آدرڀاءُ ڪندا هجن!... ساڳيءَ ريت اسٽيشن جي آخري حد تي بيٺل سگنل وري ڪنڌ نمائي ريل گاڏيءَ کي موڪلاڻي ڪندا هجن! ننڍي هوندي ٻاراڻيون رانديون ڪندي، امان هڪ ڀيري هٿ جي هڪ ننڍڙي ريل گاڏي ٺاهي هئي، جنھن کي مقرر ليڪن (پٽن) تي گول چڪري ۾ ڦيرائيندا هياسين ۽ ڪن هنڌن کي اسٽيشنن جا نالا ڏيئي، اُتي گاڏيءَ کي بيھاريندا هياسين... ۽ ڪانن جا ٺاهيل سگنل ريل گاڏيءَ جي آجيان يا موڪلاڻي ڪندا هئا!“
هُو ننڍپڻ جي انھن ڳالھين تي سوچيندي دل ۾ کلي رهيو هو: ”اڄ جون گاڏيون وڌيڪ سھڻيون لڳنديون آهن ۽ ڊيزل انجڻ وسيلي وڌيڪ تيز ڊڪنديون آهن. هاڻوڪا سگنل ڪنڌ نمائي آجيان ۽ موڪلاڻي ڪونہ ڪندا آهن، پر آٽوميٽڪ طور تي، انھن سگنلن جي سائي، ڳاڙهي يا پيلي رنگ جي بتين منجهان تيز روشني نڪرندي آهي (سرچ لائيٽ جيان!) تنھن کان سواءِ هڪ ٻيو بہ فرق آهي... اڳ وارين ريل گاڏين ۾ ماڻھن جي رش ۽ پيھہ گهٽ ٿيندي هئي ۽ ڪاڪوس صاف رهندا هئا ۽ انھن ۾اهڙي بدبوءِ نہ هوندي هئي، جو ماڳھين ارواح کڄي وڃي....!
سندس سوچون ڦري گهري وري پنھنجي هاڻوڪي حالت تي ٿي اچي بيٺيون. سندس حالت خراب کان خراب ٿيندي پئي ويئي، ائين ٿي لڳو تہ ڄڻ بيھوش ٿي ويندو. هن پنھنجي ڀر واري کي پنھنجي حالت کان آگاھہ ڪرڻ ٿي چاهيو، پر ڏٺائين تہ هُو جهوٽا کائي رهيو هو.
خبر ناهي تہ ان وچ ۾ گهڻو وقت گذري ويو، سندس ڀر واري کيس ٻڌايو تہ، ”تون بيھوش ٿي ويو هئين... جڏهن سڀني پنھنجا پادر توکي سنگهايا، تڏهن مس مس توکي هوش آيو هو“.
”منھنجي دل ٻڏي پئي... خدا ڪارڻ دريون کولرايو!” ڀر واري کي ٻاڏائيندي چيائين.
”دريون....“ سندس ڀر واري زور ڏيندي چيو، ”دريون کلنديون تہ پوءِ ٻيا ماڻھو اندر ڌوڪي ايندا ۽ اسان سڀني جو وڌيڪ ساھہ منجهندو... ٻيو تہ مان جيڪڏهن چاهيان بہ تہ دريون نہ کلنديون... ٻيا ماڻھو ڪنھن بہ حالت ۾ دريون کولڻ نہ ڏيندا“.
هو مايوس ٿي ڪنڌ جهڪائي، آهستي آهستي ساھہ کڻڻ لڳو... ائين وقت گذرندو ويو... سيڪنڊ... منٽ... ڪلاڪ!
اوچتو هُو ڇرڪ ڀري اُٿيو. دريون جيتوڻيڪ اڃا بہ بند هيون، پر نڪ مان تازي هوا اندر وڃي رهي هيس... اها تازي هوا جنھن ۾ خوشبو سمايل هجي! گُلن ڦُلن جي... وڻن ٽڻن جي... ڌرتيءَ مان ڦٽندڙ اَنَ جي!
اوڏيءَ مھل هن پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪيو. هاڻي نڪو هوس ٿڪ، نہ بيچيني، نہ ئي مونجهہ يا اُٻس. هڪدم واچ ۾ وقت ڏٺائين: ٺيڪ شام جا ست ٿيا هئا.
”منھنجي منزل اچي ويئي... ماڳ تي پھچي ويس... هاڻي دريون کوليو.... دٻي جو در کوليو.... مان لھندس... مان لھندس...“ هن ذري گهٽ جوش ۾ اچي رڙيون پئي ڪيون.
”ڪھڙي منزل؟... ڇا جي منزل؟“
”منھنجي منزل!“ وراڻيائين ”ٻڌو نٿا آواز... ڄاتل سڃاتل ماڻھن جا آواز... اهائي تہ منھنجي منزل آهي... منزل!“ پنھنجو ڳلو خشڪ ٿيندو محسوس ڪرڻ لڳو.
”بند ڪر پنھنجي بڪواس... منزل اچي ويس... هون!“
”خواب ٿو لھي... ها ها ها... هي هي هي!“
”مان خواب نٿو لھان... سچ ٿو چوان... ڏسو تہ گاڏيءَ رفتار گهٽائي ڇڏي آهي... ڄاڻ بيھڻ واري آهي!“
”دماغ خراب ٿيو اٿس“. (ٽھڪ)
هُو وڌيڪ پريشان ٿيندي پنھنجي ڀر واري کي ڌُونڌاڙي، پڇيس ٿو: ”ادا... ڇا هيءَ گاڏي نہ بيھندي؟“
”گاڏي!“... ”هيءَ گاڏي ايترو جلد ڪا بيھڻ واري آهي!“ ڪاوڙ گاڏڙ ٽوڪ جي لھجي ۾ همراھہ جواب ڏنس.
”ڇا مان غلط ٽرين ۾ تہ نہ چڙهيو آهيان؟“...
”ڇا هيءَ اپ... ڪانھي؟“ پريشانيءَ جا اهڃاڻ سندس منھن تي.
”اپ...!“ هلڪو ٽھڪ، ”خبر ڪانھي تہ ڪھڙي اَپ آهي... ائين ٿو لڳي تہ هيءَ گاڏي جلد بيھڻ واري ڪانھي“. ايترو چئي سندس ڀر واري ٻيھر پنھنجيون اکيون ٻُوٽي ڇڏيون.
”مان ٻڌايانءِ تہ هيءَ گاڏي ڪڏهن بيھندي؟“ هڪٻئي ويٺل مسافر گنڀير ٿي چيس.
”ها ها ٻڌاءِ..... اوهان جي وڏي مھرباني ٿيندي“. سندس اکين ۾ اوچتو چمڪ پيدا ٿي ويئي.
”ها تہ ٻڌي ڇڏ.... هيءَ گاڏي تڏهن بيھندي، جڏهن ريل جا پٽا ختم ٿي ويندا ۽ ريل گاڏيءَ جا ڦيٿا وڃي زمين ۾ کپندا“.
”ائين نہ ٿيندو... ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو... منھنجي منزل اچي ويئي آهي... مون کي وڃڻ ڏيو... در کوليو... مھرباني ڪري در کوليو“. بدحواس ٿي هُو ماڻھن جي وچ مان پنھنجو رستو ٺاهيندو ٿاٻڙندو وڃي گاڏيءَ جي در وٽ پھچي ٿو، جنھن جي اڳيان ٻہ متارا ماڻھو ٽيڪ ڏيو بيٺا آهن. هو کين آزي نيزاري ڪري ٿو، پر هُو در نٿا کولين ۽ کيس ڌڪو ڏين ٿا. هُو ٿڙندو ٿاٻڙندو ٽڙيل پکڙيل سامان تان ٿڙندو ٿاٻڙندو ماڻھن جي مٿان وڃي ڪِري ٿو ۽ ريل گاڏي وڌيڪ زوڪاٽ ڪندي اڳتي ڊوڙندي وڃي ٿي.