App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

فوڪس کان ٻاهر زندگي

ليکڪ: ولي رام ولڀ | پڙهڻ جو وقت: 8 منٽ

هوءَ اڪثر ڪري اهڙيءَ طرح ڏسندي رهندي آهي. اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي اينديون اٿس ۽ پوءِ اکين آڏو ڌنڌ ڇانئجي ويندو آهي. گهڻو ٿيو تہ چُنيءَ جي پلوَ سان اکيون اگهي ٿڌو ساھہ ڀريندي آهي. انھيءَ کان وڌيڪ هوءَ ڪجهہ ڪري بہ تہ نٿي سگهي.
اڱڻ جي اڳيان ورانڊي ۾ کٽ تي پـپو، ٽپائي تي ڍير شيشيون، گلاس ۽ ڪوپ- اهي سڀ کيس رنڌڻي مان پيا ڏسبا آهن. جڏهن ٻيا ٻار کائي پي اسڪول هليا ويندا آهن ۽ پاڻ اڪيلي کائڻ ويھندي آهي تہ نازُوءَ جي نہ هئڻ جو احساس گهرو ٿي ويندو اٿس. ان وقت گهڻيئي سوچون سندس دماغ ۾ ميڙاڪو ڪري ڳجهن جيئن لامارا ڏيئي هُل مچائينديون آهن ۽ تڏهن کيس لڳندو آهي تہ هوءَ ڪٿي پاڳل تہ نہ ٿي ويندي.
تازو ٽيون ڏينھن جڏهن کيس اها سُڌ پيئي هئي تہ پپو پاڙي واري جي گهر مان پيسا چورايا آهن تہ دل جي عجيب ڪيفيت ٿي ويئي هيس. نڪي پپو تي ڪاوڙ آئي هيس ۽ نڪي پاڙي وارن سان ڪا شڪايت ئي ڪرڻ ويئي هئي. بس مٿو جهلي ويھي رهي هئي چپ چاپ.
اڄ صبح جو جڏهن کيس خبر پيئي تہ انُو ڪالھہ ڪلاس مان ڀڄي فلم ڏسڻ هليو ويو هو، تہ وري ساڳي حالت ٿي ويئي هيس. ٿوري دير اڳ اکين ۾ پپوءَ جو چھرو ڇانيل هو، تہ پاڙي وارن جي مـنُو جو چھرو اُڀري آيو هئس:
ڏس ماسي، مان رڳو انھيءَ ڪري چوان ٿو تہ کيس هيرَ نہ پئجي وڃي. بس، نہ تہ جيڪر چوان بہ نہ ۽ ڏس، ڏُک نہ ڪجان. هن عمر ۾ ائين ٿيندو آهي.
هن جي پنھنجائپ واري لھجي جو ايذاءُ کيس اندر ۾ چڀي ويو هو. سندس سامھون رُئڻ کي روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئائين، پر پوءِ بہ....
”نہ پٽ، اسان اهو سڀ ڀوڳڻ لاءِ تہ آهيون. اسان کي اهو سَهڻو پوندو... اسان جي قسمت ۾ ائين لکيل آهي“.
منو وائڙو ٿي ويو هو. پوءِ چيو هئائين، ”چڱو ماسي، ڪاليج کي دير پيئي ٿئي، پوءِ ڪڏهن ايندس“.
سندس وڃڻ کان پوءِ هڪدم ٻوساٽيندڙ خاموشي ڇانئجي ويئي هئي. اوچتو ٺڪاءُ کان پوءِ ڄڻ ساڳي چڪ وجهندڙ خاموشي هئي ۽ هن وقت انھيءَ بابت سوچي رهي هئي. ور ور ڪري ائين ٿو لڳيس ڄڻ سارو گهر سندس وس کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي يا ٿي ويو آهي. هوءَ ڪجهہ بہ نٿي ڪري سگهي. ڪجهہ بہ نہ. زينو، انو، پپو، غازو ۽ سندس وچ ۾ هوءَ.
ايتري تي بہ هوءَ انھيءَ باري ۾ پنھنجي مڙس سان تمام ورلي ڳالھائيندي آهي. هوءَ اهو سڀ پاڻ ڀوڳڻ جي ڪوشش ۾ محسوس ڪري ٿي ۽ ساھہ جو هانڀارو وڌي وڃيس ٿو.
پر هوءَ چويس بہ ڪيئن؟ خبر اٿس تہ نوين وڳي کان اڳ گهر مان نڪرندو آهي ۽ ڇھين وڳي مس ڏسبو آهي، تڏهن مھيني ۾ ڪٿي وڃي ساڍا چار سؤ رپيا ملندا اٿس. جيڪڏهن اوورٽائيم نہ ڪري تہ جيڪر ويھہ ڏينھن بہ نہ نڪرن. ائين ئي دماغ ٿڪل ۽ منجهيل رهندو اٿس. جيڪڏهن هوءَ اهو سڀ روئڻو کڻي ويھي رهي، تہ جيڪر کانئس اڳ پاڻ پاڳل ٿي وڃي! وري هو لڙائي جهيڙو بلڪل سھي نہ سگهندو آهي. جيڪڏهن ڪا جھڙي تھڙي ڳالھہ سندس اڳيان ٿي وڃي، تہ هڪدم توائي ٿي ويندو آهي. گذريل هفتي انوءَ کي ڪيڏو ماريو هئائين! الاجي کيس پاڻ کي ئي رحم اچي ويو هو ۽ ڪيترا ڏينھن پشيمانيءَ وچان ڳالھائيندو ئي نہ هو ۽ پاڻ مرادو پيو ڀڻ ڀڻ ڪندو هو.
هوءَ اڃا ماني کائي ويھي سوچي رهي هئي، تہ پپوءَ پاڻي گهريو، تڏهن وڃي ڌيان ٽُٽس. اُٿي ويئي ۽ هٿ ڌوئي پپوءَ وٽ آئي. پپوءَ کي پاڻيءَ پياري مٿي تي هٿ رکيائينس ۽ پوءِ ٿڌڙا ڪڍڻ لڳي. پپوءَ اکيون بند ڪري ڇڏيون.
اڱڻ ۾ اچي ڪپڙا ڏٺائين تہ سستي ٿيڻ لڳس. آرام ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي جاڳي، پر اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو پيو هئس: ٿانوَ ملڻا آهن، ڪپڙا ڌوئڻا آهن، پپوءَ کي موسمي جو رس پيارڻو آهي، تڏهن ڪٿي وڃي سک جو ساھہ نصيب ٿيندو- اهو سوچي نل جي اڳيان ٿانوَ گڏ ڪري آهستي آهستي صاف ڪرڻ شروع ڪري ٿي. اوچتو انھيءَ پوڙهيءَ جي يادگيري اچيس ٿي، جا ڪي سال اڳ ٿانوَ مَلڻ ايندي هئي. تڏهن ڇڙا پنج رپيا ۽ ماني- ڍير ٿانو! هاڻي تہ پنجاھہ کان گهٽ ڪير ڳالھہ بہ نٿو ٻڌي. اهڙين ڳالھين تي پيسي جي هٿ- سوڙھہ محسوس ڪري ڏاڍي بيچيني ٿيندي اٿس، خاص ڪري جڏهن ٿڪل هوندي آهي. پر خبر اٿس تہ ٻي ڪا واھہ بہ تہ ناهي، انھيءَ ڪري سوچڻ اجايو لڳندو اٿس.
ٿانوَ صاف ڪري وٺڻ کان پوءِ هڪ ڊگهو ساھہ کڻي ٿي، ڄڻ چوندي هجي: ڪجهہ بار تہ هلڪو ٿيو. ۽ وري سستي ٿيڻ لڳيس ٿي تہ وري من کي سمجهائڻ لڳي ٿي: بس باقي ڪپڙا تہ آهن، ڌوئي وٺنديس تہ پوءِ آرام سان ليٽي پونديس.
بالٽي کڻي پاڻي ڀري ٿي ۽ ساھہ روڪي اُٿي ٿي، تہ ٿورو اچرج ٿو ٿئيس. هن عمر ۾ هيڏو ٿڪ- پنجٽيھہ ورهيہ بہ ڪا عمر آهي! پر ڪجهہ بہ ڪرڻ تي دل نٿي ٿئيس. خبر ناهي ڪھڙو اتساھہ آهي جو مشين جيئن سڀ ڪندي ٿي وڃي... ڪندي ٿي وڃي. پر هوءَ مشين نٿي ٿي سگهي.
ڪپڙن ۾ زينوءَ جو چولو بہ اچي ويو هو ڌوئڻ لاءِ. ڪپڙا ڌوئيندي جڏهن زينوءَ جو چولو هٿ ۾ آيس تہ لڙڪ لڙي پيس. سندس گهر مان هلئي وڃڻ کان اڳ، کيس اهو ئي چولو پاتل هو. مٿس نور نچوئي ڀرت ڀريو هئائين ۽ پوءِ جڏهن زينوءَ پاتو هو تہ پاڙيسرڻ ور ور ڪري پئي ڏٺو ۽ چيو هئائين، ”چولو ڪيڏو نہ ٺھي ٿو. جھڙي ڌيءُ اٿيئي سدوري تھڙو چولو آهي ٺاهوڪو!“ بس نظر کائي ويس. ائين سوچي چولو ٻنھي هٿن ۾ جهلي ڇاتيءَ سان لائي ٿي. اکيون بند ٿي وڃنس ٿيون ۽ بند پنبڻين مان لڙڪن جي لار وهي هلي ٿي ۽ چولي مان پاڻي. ڪا دير ائين ويٺي رهي. سندس ڪنن ۾ زينوءَ جا لفظ ٻُرن ٿا. جڏهن ڪپڙو آندو هئائين تہ زينو ڪپڙو ڏسي چيو هو: ”امان رنگ تہ نہ ڦِٽندو؟ لڳي ٿو رنگ ڪچو آهي“. هڪدم چولي کي پاڻيءَ مان ٻوڙي ڌوئڻ لڳي ٿي. چولي جو رنگ اڳي کان وڌيڪ نکري بيھي ٿو.
سوچ جي ڪڙي ٻي ڪڙيءَ سان ڳنڍجي وڃي ٿي: عيد ويجهي پيئي اچي. انو، پپو ۽ نازو وٽ ڪپڙا ڪينھن. هن چيو ٿي: ڏاڍي مشڪل سان پنجاھہ سٺ رپيا بچي سگهيا آهن، خيال سان خرچ ڪج. کيس لڳي ٿو تہ هو پيسا ڏيو آزاد ٿيو وڃي، پر مصيبت ۾ مان اچيو وڃان. ڪيئن ڪريان مان؟
ڪپڙا سڪائي پپوءَ جي کٽ ڀرسان ويھي موسميءَ جو رس ڪڍڻ لڳي ٿي. پپوءَ جي پيلي چھري ۽ نٻل بُت تي نگاھہ پيس تہ دل نپوڙجڻ لڳي ۽ اندر گهٽجڻ لڳس.
”پپُو، تون جلدي چڱو ڀلو ٿي پوندين، پوءِ عيد تي سٺيون سٺيون مٺايون “...۽ کيس پنھنجي غلطي محسوس ٿي تہ چپ ٿي ويئي.
”اسان گهر ۾ سَيُون کائينداسين نہ امان؟... مون کي بہ ڏيندينءَ نہ؟“ سندس گهرو اتساھہ کيس اندر ۾ ڇھي وڃي ٿو. بيماريءَ ۾ سڀيئي ٻار ائين چوندا آهن. هن سوچيو.
”ها پٽ.... مان پنھنجي پٽ کي ڪو سِڪائينديس؟“
ڪوپ مان رس پياري سندس هنڌ ٺيڪ ڪرڻ لڳي ٿي. پوءِ ٻي اُڀي ٿيل کٽ ڍاري، بنا هنڌ جي ليٽي ٿي ۽ ٿڌو ساھہ کڻي ٿي. اکيون سامھون فريم ڪيل گروپ فوٽو تي ڄمي وڃنس ٿيون. اهو فوٽو گذريل سال زينوءَ مئٽرڪ جي امتحان کان اڳ اسڪول مان موڪل ملڻ تي ’فيئرويل‘ جي وقت ڪڍايو هو. کيس ياد آيو تہ جڏهن زينوءَ اهو فوٽو فريم ڪرائي گهر کڻي آئي هئي، تڏهن چيو هئائين: ”امان، جڏهن آءٌ تو وٽ نہ هونديس تڏهن هيءُ فوٽو توکي- سڀني کي منھنجي ياد ڏياريندو.“ گروپ فوٽو ۾ نازو مشڪي رهي هئي ۽ ماڻس جي اکين مان لڙڪ وري وهي هليا!
زينو جڏهن پاس ٿي هئي تہ پاڙيسرين کان وٺي مٽن مائٽن تائين سڀني کي حيرت ٿي هئي، تہ زينو ڪيئن پاس ٿي ويئي؟ ۽ سو بہ فرسٽ ڊويزن ۾؟ سندس ڪنڌ اوچو ٿي ويو هو. پر هن ڀيري تہ نَڪ ئي ڪپائي ڇڏيائين. ڪنھن جي اڳيان ڪنڌ کڻڻ جھڙو بہ نہ رکيائين. وري سوچڻ لڳي تہ پر انھيءَ ۾ سندس ڏوھہ بہ ڪھڙو؟ کيس اهي راتيون ياد اچڻ، جڏهن زينو ڪرسيءَ تي ويھي پڙهندي ڏينھن اُڀاري ڇڏيندي هئي. رات جو جڏهن اک کُلندي هيس تہ کيس بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪتابن تي ڪنڌ جهڪائي پڙهڻ ۾ محو ڏسندي هئي. هوءَ کيس چوندي هئي: ”پٽ زينو، هاڻي سمھي پؤ، رات ڳچ ٿي ويئي آهي، ڪٿي طبيعت...“
پر هوءَ وراڻيندي هيس: ”بس امان... ٿورو رهيل آهي... اجهو ٿي سمھان“. ۽ پوءِ پاڻ پاسو مَٽائي سمھي پوندي هئي.
هاڻي اها ڪرسي خالي پيئي هئي، ڄڻ اجهو زينو اٿي اچي ويھندي ۽ پڙهڻ شروع ڪندي. سندس اڳيان ڪتاب هوندو. زينوءَ جي ڳولا ۾ اکيون زينوءَ جي کٽ ڏانھن کڄي ٿيون وڃنس، پر اها بہ خالي آهي! لڳيس ٿو تہ زينو مٿس اجهو اچي سمھندي. اکيون ڇنڀي ٿي. کيس جاڳ جو احساس ٿئي ٿو ۽ سوچڻ لڳي ٿي تہ انھن ڳالھين ۾ ڇا رکيو آهي؟ جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. ڪنھن کي ڪنھن تي ڪو وس بہ آهي ڇا؟ حالتون آزاد آهن. مون کي ڪنھن تي بہ ڪو وس ڪونھي. مون کي حالتن تي وس ناهي. مون کي پنھنجو پاڻ تي بہ وس نہ رهيو آهي! اهو سوچي نِست ٿي وڃي ٿي. گهڙيءَ تي نگاھہ پويس ٿي تہ ساھہ آهستي آهستي کڄڻ لڳيس ٿو: ٻہ وڳا آهن. ٿوري دير کان پوءِ ٻارن جي اچڻ جو وقت ٿي ويندو.
هوءَ اکيون ٻوٽي سمھڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر ننڊ ڪوهين ڏور نڪري ويئي اٿس. جُلھہ ڪندڙ سوچن ۽ يادگيرين کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ ماضيءَ ۽ مستقبل جي دروازن کي زنجير لڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پر کيس لڳي ٿو تہ اهي دروازا کڙڪندا رهن ٿا. هوءَ هيڪلائي جي جُلھن کان بچڻ لاءِ پراڻي اخبار جا پنا اُٿلائڻ لڳي ٿي، پر نظر نٿي ٽڪيس. کيس لڳي ٿو ڄڻ زندگي کانئس هٿ ڇڏائي ويئي هجي-- ۽ پاڻ زندگيءَ جي فوڪس کان ٻاهر ٿي ويئي هجي!