App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

اڇا گل - نيري ڍنڍ

ليکڪ: رعنا شفيق | پڙهڻ جو وقت: 10 منٽ

نيويارڪ کي حق تي Concrete Jungle يعني سيمينٽ جو جهنگ چئبو آهي. هر طرف آڪاش سان لڳل عمارتون (Sky Scrapers)، گاڏين سان زُوزاٽ ڪندڙ هاءِ ويز، ماڻھن جي ڀيڙ هيٺان فُٽ پاٿ ۽ وري زمين جي هيٺان سب ويز جي ٻي دونھاٽيل هٿرادو دُنيا. ان دونھاٽيل شھر منجهہ وري اِهو ميلن تي پکڙيل سينٽرل پارڪ! ڄڻ هڪ اونداهي ذهن جو سُندر سمو.
مينهٽن (Manhattan) جي علائقي ۾ اِهو پارڪن جو بادشاھہ، جتي قدرت پنھنجي سڄي ڪُنئارپ سان بيٺي هئي.
ننڍين وڏين ٽڪرين جي وچ ۾ پتاشن وانگر لسن پٿرن جا ور وڪڙ رستا، هر طرف سائو گاھہ- هر پل ماڪ ڦُڙن سان ڀِڳل. اوچا اوچا گهاٽا جهونا وڻ جن جي تن تي چنبڙيل لڄائيندڙ وَليون. شفاف ڍنڍون ۽ ان تي ترندڙ نيل ڪنول.
آمريڪا ۾ هر شيءِ، توڙي اُها قدرتي هجي يا هٿرادو، هر احساس، هر طبقو سندس ڀرپور انداز ۾ ظاهر ٿيندو آهي.
آءٌ فلمن جي پروڊڪشن جي ڪورس جي لاءِ اٺن مھينن کان اُتي هئس.
اڄڪلھہ اسٽوڊيو وڃڻ جو ڪم نہ هو. صبح جا چار پنج ڪلاڪ لائبرريءَ ۾ ڪم ڪري آءٌ اِتي اچي ويھندو هئس. منھنجي ڪاليج جي زماني جا ڪجهہ پُراڻا دوست اِتي مستقل رهندا هئا. هُو مون کي ڪمري مان ڪڍي پاڻ سان. وٺي ويندا هئا ۽ روز شام جو نيويارڪ جون رنگينيون ڏيکاريندا هئا. ڏاڍو سٺو وقت گذرندو هو هنن سان منجهند جو پارڪ ۾ ڪيفيٽيريا وٽان بيئر جو ڪين وٺي ٿڌي گاھہ تي ويھي رهندو هئس، تہ خبر ئي نہ پوندي هئي. هتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪيئن گذري ويندا هئا. مون کي اِتي ڏاڍو سڪون ملندو هو. قدرت جي ان انمول خزاني ۾ رڳو منھنجي ذات ۽ اِهو نوٽ بڪ ڀريل هو منھنجي اسڪيچن سان. ڪو من ڀائيندڙ منظر، اڳيان ويٺل ڪو اخبار پڙهندڙ ماڻھو، ڪو سُڪل پن، ڪو جهونو وڻ.
پر بنيادي طور آءٌ هڪ شاعر آهيان، سو نوٽ بڪ ۾ لفظن ذريعي پاڻ کي ڳوليندو آهيان. من ۾ ايندڙ ڪو سوال، ڪو خيال ان ۾ قيد ڪندو آهيان. هڪڙو دفعو ڪو خيال جهاتي پائي من مان نڪري فضا ۾ گم ٿي ويندو آهي تہ ڏاڍو ڏُک ۽ پڇتاءُ ٿيندو آهي. اڄ موسم موهيندڙ هجڻ جي ڪري سينٽرل پارڪ ۾ ماڻھن جو ميڙ وڌي ويو هو. ٿورو پري راڪ ميوزڪ جي مڌر ڌن وڄي رهي هئي ۽ ان ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ان جي مدہوش موسيقيءَ تي رقص ڪري رهيا هئا.
اوچتو پارڪ ۾ پٿاريل سون جھڙي قيمتي اُس وسامي وئي ۽ مينھن ڦڙا پوڻ لڳا. پوءِ تہ ڄڻ سڄي دنيا جا بادل نيويارڪ جي پاپي شھر تي ڇانئجي ويا، ۽ آڪاش مان پاڻيءَ جو اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي پيو.
مون ڊوڙي وڃي هڪ وڻ هيٺان اجهو ورتو. اوچتو هڪڙي ڇوڪري ڊوڙندي آئي ۽ مون سان ذري گهٽ ٽڪرائجي وئي. ڏٺم تہ ايشيا جي واسي لڳي.
مون کي ان ڏٺو تہ اکين ۾ چمڪ اچي ويس، ڄڻ سڃاتو هجيس.
مون پڇيو، ”آر يُو ايشين؟“
”يس - اينڊ آر يو سعيد ايجاز؟“ هن مُرڪندي منھنجو نالو ورتو تہ آءٌ حيران ٿي ويس.
”پنھنجي ديس ۾ ڪنھن غير ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ جي واتان پنھنجو نالو ٻڌي عجيب نہ لڳندو هو - پر اُتي... پرديس ۾...“ منھنجي وات مان نڪتو.
”او منھنجا سھڻا چنڊ
چون ٿا پٺيان آهين ڪارو
پر آهين تہ منھنجو پيارو.“
هن جواب ۾ منھنجو ئي شعر پڙهي مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو! اڌ ڪلاڪ مينھن پوندو رهيو ۽ پوءِ آسمان صاف ٿي ويو. مون محسوس ڪيو تہ هوءَ سيءَ جي ڪري ڏڪي پئي. ٻئي هٿ آلي جينز جي کيسن ۾ هئس. مون پنھنجو اوورَ ڪوٽ لاهي ان جي ڪلھن تي رکيو.
ٻئي ڏينھن جو ملڻ جو ٽائيم ڏيئي هوءَ هلي وئي، ڇو جو اوورَ ڪوٽ موٽائڻو هئس. ان کان پوءِ هوءَ ڪڏهن هفتي ۾ هڪ ٻہ ڀيرا ان پارڪ ۾ ايندي هئي. اسان ملندا بہ عجيب انداز ۾ هئاسين. هوءَ آرٽ اسٽوڊنٽ هئي. ان وٽ بہ هڪڙو نوٽ بڪ هوندو هو. هڪ ڏيڍ ڪلاڪ اسان خاموشيءَ سان ويھي پنھنجين پنھنجين ڊائرين ۾ ابتا سبتا ليڪا ڪڍندا هئاسين. ڪڏهن معنيٰ سان ڀريل ۽ ڪڏهن بي معنيٰ گول چڪرا.
هن مون کي اسڪيچ ٺاهڻ جون خاص پينسلون آڻي ڏنيون هيون، پر پنھنجو منھن هميشہ ڪٽيل وارن ۾ ڄاڻي ٻجهي ائين لڪائيندي رهندي هئي تہ متان آءٌ سندس اسڪيچ نہ ٺاهي ڇڏيان.
هن جو نالو ڇا هو، ذات ڪھڙي هئي، ڳوٺ ڪھڙو هو، ڪا خبر نہ پئي. نالو پُڇڻ تي مرڪندي ابتو مون کان سوال ڪندي هئي. ”ڇو، توهان ڪي جوتشي آهيو ڇا، جو نالو ٿا پُڇو؟“ تہ آءٌ ان کي مِس ايشين چئي سڏيندو هئس. اسان ڳالھيون الاهي گهٽ ڪندا هئاسين پر جيڪي بہ ڳالھيون ٿيون، انھن مان اندازو ٿيندو هو تہ هيءَ ٽين دُنيا جي مسئلن تي پاڻ کي ڏاڍو جلائيندي هئي. هڪڙو ڀيرو مون تنگ ڪندي کيس چيو، ”توکي تہ مس ٿرڊ ورلڊ سڏڻ کپي!“
هن بہ تہ مون کان منھنجي باري ۾ ڪجهہ نہ پُڇيو. هونئن پنھنجي ديس جي سڃاتل ۽ نامياري شاعر هجڻ جي ڪري عوام جي ملڪيت ٿي پيو آهيان ۽ منھنجو تجربو آهي تہ الاهي ماڻھن جي ذهنن ۾ ڪمپيوٽر وانگر منھنجي بايوڊيٽا فيڊ ٿيل آهي. ٿي سگهي ٿو تہ هن کي بہ خبر هجي تہ منھنجون هن جيتريون ٻہ ڌيئرون آهن.
ها باقي پنھنجو تازو ڪلام ان کي ضرور پڙهي ٻڌائيندو هئس. هڪڙي ڏينھن مس ايشين مون کي پارڪ جي ٻاهر 27nd Street وٺي وئي. فٽ پاٿ تي سندس ۽ سندس ساٿين جي ٺھيل اِسڪيچن جي سيل هئي. ان سيل جا پئسا ايٿوپيا جي بکايل عوام جي چندي جي لاءِ هئا. مون هن جو ٺاهيل هڪڙو اسڪيچ ورتو. ننڍو ايٿوپين ٻار چانورن جو آخري گرھہ کائي خالي ٿالھيءَ کي ڏسي رهيو هو.
هڪڙي ملاقات ۾ هن مون کان پڇيو، “ان پارڪ ۾ توهان جي آئيڊنٽي گم نٿي ٿئي؟ ڪٿي سنڌ جي وارياسي ۽ گرم فضا ۽ ڪٿي هي بھارون؟”
”دل ۾ سنڌ جي يادن جا جيڪي جهوٽا هلندا آهن...“ مون ڪجهہ پل رکي چيو ”انھن جهوٽن سان منھنجي دل بھار جي سڀني رنگن سان ڀرجي ويندي آهي، ۽ پوءِ منھنجي دل جي دنيا ۽ هيءَ ٻاهر جي دنيا هڪ ٿي ويندي آهي.“
مِس ايشين يڪدم چيو، ”پر ايجاز صاحب.... توهان جي اِها ڪائنات منھنجي واڪمين بنا بلڪل سانتيڪي ۽ بي آواز آهي.“
”مس ايشين، توهان تہ مون کي آمريڪين وانگر اعجاز نہ چئو. اهو منھنجي ڏاڏي جو نالو آهي.“ مون مرڪي چيو.
”پوءِ توهان جي نالي جي پٺيان توهان جي ذات هئڻ گهرجي. هونئن توهان جي ڏاڏي جي شخصيت بہ نالي وانگر موهيندڙ آهي؟“ ”هن جي اکين ۾ مستي هئي. مون ٽھڪ ڏيندي چيو ”منھنجو ڏاڏو وچ ۾ منھنجو رقيب بڻجي ڪٿان اچي ويو؟“.
منھنجا ديس ورڻ جا ڏينھن ويجها اچي رهيا هئا، ۽ آءٌ وڃڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويس. انسٽيٽيوٽ ۾ بہ ڪم وڌي ويو هو. چار ڏينھن کن پارڪ ۾ نہ وڃي سگهيس. هڪڙي ڏينھن وقت مليو تہ هليو ويس. مِس ايشين جو انتظار هو پر هوءَ نہ آئي. ٻئي ڏينھن وري ويس. ڏٺم تہ مون کي ڳوليندي مون وٽ پھتي. هٿ ۾ واڪمين پلئير هئس. اڄ هن معمول خلاف ديسي ڪپڙا پاتا هئا. پيلي چُنيءَ ۾ ٽيولپ جو گُل پئي لڳي. Tulip جو گل، جو پنھنجي سڄي سُونھن ۽ تازگيءَ سان گڏ رڳو بھار ۾ ٽڙندو آهي ۽ سو بہ ڪجهہ ڏينھن لاءِ! منھنجي زندگيءَ ۾ بہ تہ اهو ٽيولپ ٻہ چار ڏينھن ئي ٽِڙيو هو.
هن منھنجي ڀرسان ويھي واڪمين آن ڪيو. سنڌ جي انقلابي ڳائڻيءَ جو آواز يڪ تاري جي سُرن ۾ گڏيل سينٽرل پارڪ ۾ ائين ڇانئجي ويو ڄڻ سوين ڪبوتر يڪدم فضا ۾ پکڙجي پون ۽ گيت هئا منھنجا! ديس تي قربان ٿيڻ جي جذبن کان وٺي پرينءَ جي جدائي جا واڪا ٻڌي منھنجي دل ان نرالي ۽ اتاهين نذراني کان چيرجي وئي.
گيت ختم ٿيا تہ آءٌ پنھنجي جوش جي خول کان ٻاهر نڪتس. پاسي ۾ هڪڙي جهوني وڻ سان چنبڙيل وَل جون ٽاريون اسان جي مٿان جُهڪي رهيون هيون. مس ايشين پھرين وَل مان اڇا گل پٽي پئي لھرون لھرون ڍنڍ ۾ اڇليندي رهي. ڍنڍ ۾ ترندڙ مڇيون ٽٻيون هڻي گُلن کي کاڌو سمجهي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. هوءَ پھرين ڍنڍ جي سانتيڪي مٿاڇري کي ڊسٽرب ڪري، پوءِ وَل جي سنہن پنن کي پٽي آڱرين ۾ مھٽڻ لڳي. اهو سڀ مون کي نہ وڻيو، پر آءٌ ماٺ ۾ رهيس، ڇو جو هوءَ ڪنھن گهري سوچ ۾ هئي.
”ائين ڇو ٿيندو آهي تہ هڪڙي دل اسان جي لاءِ تڙپندي آهي، پر اسان ٻيءَ بي پرواھہ دل جي پٺيان آسائتا هوندا آهيون؟“ هن اوچتو سوال ڪيو.
آءٌ هن کان پنجويھہ سال وڏو آهيان. اڃا بہ منھنجي زندگيءَ ۾ ننڍا وڏا انقلاب ايندا رهندا آهن. شاعر ۽ ريڊيو تي پروڊيوسر هجڻ جي ڪارڻ. پر آءٌ اچرج ۾ پئجي ويس تہ انھن سڀني ڳالھين کي ڪھڙو نالو ڏيان؟ دوستي؟ يا هڪڙي ڇوڪري جنھن جو پيءُ ان جي ڄمڻ کان پھرين ئي مري ويو هو، ان جو مون جھڙي چاليھن سالن جي ماڻھوءَ ۾ ويساھہ رکي ملڻ!؟ يا وري ٻيو ڪجهہ؟
”اسان ڪڏهن تہ پنھنجي دل جا مالڪ ۽ تابعدار لڳندا آهيون، پر ڪڏهن لڳندو آهي تہ اِها دل ڪنھن غير جي ٿي وئي آهي.“ مون جواب ڏيڻ لاءِ چئي ڇڏيو.
”ايجاز صاحب، آءٌ هڪڙي عام ڇوڪري هئس، جنھن زماني کان ڊڄي ڪڏهن غلط قدم نہ کنيو. مون کي اهڙو مستقبل کپندو هو، جنھن ۾ هڪ باوقار مڙس هجي ۽ زندگي عزت ۽ پيار سان گذري وڃي. اهو سڀ ڪجهہ مون کي ملي رهيو هو، پر مون پنھنجي پُرسڪون مستقبل کي جواريءَ جي آخري نوٽ وانگر داءُ تي هڻي ڇڏيو.“
”منھنجو مڱيندو، جيڪو منھنجي چوڪس ذهن جي ڊڄڻن. اصولن تي پورو لھي ها، آخري وقت تي مون هن سان شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“
هوءَ ڳالھائيندي رهي، آءٌ ٻڌندو رهيس. ”ڇو جو دماغ جو فيصلو دل نہ مڃيو. الائي ڪيئن زالون دل کي ماري زندگيءَ کي دماغ جي فيصلي تي گذاري ٿيون ڇڏين!“
”منھنجو ڪزن، جنھن کي خبر ئي نہ هوندي تہ ان جي لاءِ هڪڙي ڇوڪري پنھنجي سلامتي وڃائي ويٺي آهي. هو مون کي ايترو پيارو آهي، جو ان جي بنا زندگي گذارڻ لاءِ آءٌ سوچي بہ نٿي سگهان!“
”جيتوڻيڪ سمجهان ٿي تہ اِهو ڪزن منھنجي پيار جي لائق نہ آهي، پر مجبور آهيان. مون سوچيو تہ شادي ڪٿي بہ ٿئي، پر ان کي ضرور ٻڌائينديس پنھنجي دل جي ڳالھہ. مون پنھنجي مڱيندي کي اِها ڳالھہ ٻڌائي تہ ان چيو تہ هو پاڻ مون کي منھنجي ڪزن وٽ ڇڏي ايندو ۽ هڪ ڀيرو آءٌ ملي ڀلي جيڪي چاهي ڪيان ۽ چوان، پر شادي کان انڪار نہ ڪيان. اهڙا ماڻھو بہ هوندا دُنيا ۾؟ پر منھنجي دل نہ مڃيو، ڇو جو ان سان ظلم ٿئي ها ۽ پوءِ هيءَ اسڪالرشپ ملي ۽ آءٌ هتي اچي ويس.“
”تون پنھنجي سوٽ کي ايترو عرصو ڇو نہ ٻڌايو؟“ مون نہ سمجهي پڇيو.
”انھن جي فيملي سان اسان جا ناتا سٺا نہ هئا. سامھون ئي نہ ٿيندو هو. ٻي ڳالھہ اِها بہ هئي جو هو شِپ ۾ آفيسر هجڻ جي ڪري ملڪ کان ٻاهر وڌيڪ رهندو آهي. پر اعجاز صاحب، اڄ ان جي شپ نيويارڪ پھچڻي آهي. ڪجهہ ڏينھن ٿيا. مون کي ان جو خط مليو. شايد ائڊريس گهران ورتي هوندائين. پھچڻ سان مون کي فون ڪندو. پرديس ۾ ڪنھن کي ياد هوندو آهي تہ ناتا سٺا نہ هئا؟“
هن جي من جي خوشي روشني بڻجي اکين مان پڌري پئي ٿي. مرڪڻ جي ڪري ڳٽن ۾ ٻہ گهرا ۽ سھڻا کُٻ پئجي ويس، جيڪي مون پھرين نہ ڏٺا هئا.
”خدا ڪري، تنھنجي ان سھڻي سپني جي پُڄاڻي بہ اهڙي ئي سھڻي ٿئي، ۽ تون هميشہ خوشيون ڏسين.“ منھنجي وات مان دُعا نڪتي. ”خبر اٿئي، پرهينءَ آءٌ واپس پاڪستان ٿو وڃان“
”واقعي، ايجاز صاحب؟ تہ هيءَ اسان جي آخري ملاقات آهي؟“
”آخري ڇو؟ تون آخر تہ سنڌ واپس ايندينءَ.... ملڻ تہ ٿيندو رهندو،“ مون چيو. ”شايد زندگيءَ جي پارڪ جي ڪنھن موڙ تي اوچتو وري ملي وڃون.“ هن چيو.
اسان هلندا سب وي وٽ پھتاسين. مون کيس ٽڪيٽ وٺي ڏني ۽ هوءَ ٽرين ۾ وڃي ويٺي. در پاڻھي ئي بند ٿيا، ۽ ٽرين هلڻ لڳي.
هن جو وجود هڪ پتنگ وانگر منھنجي ذهن جي آڪاش تي اُڏامندو رهندو. مٿي، الاهي مٿي. جتي هن کي سڄي دنيا الاهي ننڍي ۽ بي معنيٰ ٿي لڳي. جيستائين هن جي زندگيءَ ۾ هن جون من مـرادون پوريون ٿين!.