بڙ جو وڻ
ليکڪ: طارق عالم | پڙهڻ جو وقت: 5 منٽ
اسڪول وڃڻ لاءِ اُٿي هيس تہ ڏٺو هيم، امان بورچيخاني جي ٻاهران ٽن سِرُن جي نئين چلھہ تي چانھہ ٺاهي رهي هئي. ڇيڻن مان نڪرندڙ دونھين تي بہ هن جي اکين مان لڙڪ نہ پئي وهيا. باھہ جون ڄڀيون ڌوتيءَ رَنَ وانگر امان جي سانت چھري تي ڳاڙها پيلا رنگ اڇلائي، زبانون مِرڪائي رهيون هيون. مان بابا ڏانھن ڏٺو هو، جيڪو بنا چانھہ پيئڻ جي در کان ٻاهر نڪتو پئي ويو.
ڏاڏا، ڪاٺ جي صندل تي ويھي مئل ويساھہ مان اڱڻ ۾ پوکيل جهوني بڙ جي ويڪري ٿڙ ۾ گهوري رهيو هو. ۽ ڏاڏي ڪجهہ پريان اڱڻ ۾ رکيل کٽ جي اگهاڙي واڏڻ تي ويھي، ساڳي ئي مئل ويساھہ منجهان ڏاڏا جي ويڪرن پٺاڙن کي گهوري رهي هئي. مان اڳتي وڌي بورچيخاني ۾ جهاتي پاتي هئي. منھنجي مامي ۽ سندس ٻار بيدن سان ماني کائي رهيا هئا.
بورچيخاني جي چانئٺ تان موٽي اچي امان جي ڀر ۾ ويھي رهي هئس. هڪ رات ۾ انقلاب اچي چڪو هو. مان ڇيڻن مان نڪرندڙ باھہ جي ڄڀين ڏانھن ڏٺو هو، جيڪي اڃان بہ ڪنھن ڌوتيءَ رَنَ وانگر امان جي سانت چھري تي زبانون مِرڪائي رهيون هيون.
ان گهڙيءَ منھنجي دل چاهيو هو تہ هٿ وڌائي ڌوتي باھہ جي لھرائيندڙ اکٽ زبانن کي پنھنجي ننڍڙيءَ مُٺ ۾ ڀڪوڙي، ڪاڪڙي مان ڇڪي پٽي، ڪنھن اونھي کوھہ ۾ اڇلائي ڇڏيان.... ڏاڏيءَ جي آواز تي اُٿي اسڪول لاءِ تيار ٿيڻ لڳي هيس.
اسڪول مان واپس آئي هيس تہ ڏٺو هوم-- دٻا، ڪفگير، چمچا، ڇُريون، ديڳڙا، ديڳڙيون، ڪوپ ساسريون الڳ ٿي چڪا هئا. ويريون نہ هوندي بہ آسمان تائين کڄيل نظر آيون هيم. ڏاڏا پُٺي اگهاڙو پنھنجن مضبوط هٿن ۾ هڪ ويڪري ڦَر واري ڪھاڙيءَ سان بڙ جي ٿڙ تي ضربون هڻي رهيو هو. ٿڌ هئڻ جي باوجود پگهر سندس پٺاڙن جي مشڪن مان، رت جان ليڪون ليڪون ڳڙي رهيو هو. الائجي ڇو مون کي محسوس ٿيو هو- ڏاڏا روئي رهيو آهي. چاهي هئم پنھنجي شڪ جي پڪ ڪرڻ، پر همٿ ساري نہ سگهي هيس. هونءَ بہ جڏهن ڏک پنھنجي انتھا تي پھچندو آهي، تہ جسم جي پور پور مان لڙڪ بڻجي سمڻ لڳندو آهي.
ان گهڙيءَ ڏاڏا مون کي سمورو لڙڪ نظر آيو هو ۽ مون کي محسوس ٿيو هو تہ ڏاڏا بڙ جي وڻ کي نہ، پر پاڻ کي ڪھاڙا هڻي ڪٽي رهيو هو.
مون ٿيلھو ٽنگڻيءَ ۾ ٽنگي ڏاڏيءَ جي ڪڇ ۾ ويھي وائڙن وانگر پڇيو هو- ”امان! ڏاڏا بڙ ڇو ٿو ڪٽي-؟“ ڏاڏي ڪجهہ دير ماٺ رهي، پنھنجي منھن ڀڻڪيو هو، ”هاڻ هن گهر کي بڙ جي ضرورت ناهي. بڙ جي وڻ اڱڻ کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڏاڏنھن بڙ کي نہ ڪٽيندو تہ پنھنجو گهر ٺھي نہ سگهندو.“ هاڻ توهان ئي سوچيو، تعمير جو اهو طريقو ڪيڏو نہ اڻ سونھائيندڙ ۽ ڀوائتو آهي؟ - (ڪجهہ ٺاهڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ ڊاهي ڇڏڻ) ڏاڏيءَ ڏانھن ڏٺو هئم. هُن اڇي رئي جي ڪنڊ سان ڇپرن وٽ مڙي آيل لڙڪن کي ڏڪندڙ هٿن ۽ جهرندڙ جيءَ سان ٿڦڪيون ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏي هئي. ڏاڏا ۽ سندس هڪ دوست اڱڻ ۾ ٻن ڪمرن جو گهر ٺاهڻ شروع ڪيو هو.
ڏاڏا گهر جو ڪم ڪندي هر وقت پاڻ کان ڪاوڙيل نظر ايندو هو. هُن ان سڄي عرصي ۾ ڳالھايو گهٽ، پر گهر جون ديوارون وڌيڪ ٺاهيون. ڏاڏا لاءِ ڏينھن جا ٽي پھر ڄڻ هڪ پھر بڻجي ويا هئا. ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ هڪ ننڍڙي اوطاق ٻن ننڍڙن ڪمرن ۽ هڪ مختصر اڱڻ وارو گهر جڙي راس ٿي چڪو هو- مون کي نئين گهر جو اڱڻ وڌيڪ ننڍڙو ۽ سوڙهو ان ڪري بہ لڳندو هو جو ڪٽيل بڙ جي ويڪري ٿڙ ۽ ٽارين نئين گهر جي ننڍڙي اڱڻ کي ويتر سوڙهو بڻائي ڇڏيو هو. شام جڏهن گهرن تڙن ۽ ٻنين ٻارن تي پنھنجي سانوري ٻانھن جي پکيڙ کي سوڙهو ڪندي اسان جي گهر کان ڪجهہ پريان ريل جي بند ڀرسان بڻيل باغ کي پنھنجي گهيري ۾ آڻيندي هئي تہ ڏاڏا گهر ۾ داخل ٿيندو هو ۽ سوڙهي اڱڻ ۾ رکيل ڪاٺ جي صندل تي پلٿي هڻي، بڙ جي ڪٽيل ٽارين کي چُلھہ ۾ دکندي ڏسندو رهندو هو. هڪ شام جو ڪاٺين کي دکندي ڏسي، پھريان هوريان، پوءِ تيز تيز کنگهڻ لڳو، ڄڻ تہ سڪل ڪاٺين جو دونھون سندس ڦڦڙن ۾ ڀرجي ويو هو.
هُو نہ چاهيندي بہ ڪيتري دير کنگهندو رهيو. پوءِ ٻئي ڏينھن صبح جو جڏهن خاڪروب شھر جي روڊن تي ٻھاري ڏئي رهيا هئا ۽ روڊن جي ڪنارن تي مٽيءَ جي سنھي قنات تاڻجي وئي هئي، تہ ڏاڏا هٿ منھن ڌوئي در جي چانئٺ ٽپيو ئي مس تہ ڪٽيل وڻ جيان اڌ گهر ۾ اڌ ٻاهر وڃي ڦھڪو ڪيائين.
ڊاڪٽر جي چوڻ مطابق مٿس دل جو شديد دورو پيو هو ۽ اهڙيءَ طرح ڏاڏا اسان کان الڳ ٿي ويو هو. پر اڄ جڏهن مان سوچيان ٿي تہ مون کي محسوس ٿو ٿئي تہ ڏاڏا الڳ تہ اسان کان ان ڏينھن ٿي ويو هو، جڏهن اسان جي ماميءَ گهر ۾ نفرت جي ويري وڌي هئي ۽ ڏاڏا نئين گهر ٺاهڻ لاءِ پنھنجن هٿن سان ۽ محبتن سان پوکيل بڙ جي وڻ کي ڪٽڻ لاءِ بڙ جي ٿڙ ۾ پھريون ڪھاڙو هنيو هو. اصل ۾ اسان پاڻ کان وڌيڪ پنھنجن گهرن، پنھنجن وڻن ۽ پنھنجي زمين سان پيار ڪندا آهيون، تڏهن تہ ڏاڏا جھڙو مضبوط اعصاب وارو ماڻھو بہ ڏک سھائي نہ سگهيو هو!
ڏاڏا جي مري وڃڻ کان پوءِ بہ ڪيترا ڏينھن اسان جي چلھہ بڙ جي ٽارين سان جلندي رهي ۽ ڏاڏيءَ جا نيڻ لڙڪن سان جلندا رهيا. پوءِ هوريان هوريان بڙ جون ٽاريون ختم ٿي ويون، پر چلھہ ۽ ڏاڏيءَ جا نيڻ ڪڏهن بہ اُجهامي نہ سگهيا.
اڄ جڏهن مان انھن ڳالھين تي سوچيان ٿي، تہ مون کي محسوس ٿئي ٿو تہ گهر جيستائين آباد هوندا آهن، تيستائين چلھيون ۽ دليون ڪڏهن بہ اُجهامي نہ سگهنديون آهن.