مئڊم
ليکڪ: سيد حبيب ﷲ شاھہ | پڙهڻ جو وقت: 4 منٽ
هوءَ پاڻ کي لھندڙ سج وانگر محسوس ڪري رهي هئي. ڇا حاصل ڪيو هو هُن جيون ۾؟- پي.ايڇ. ڊي جي ڊگري هن جي ڪھڙي ڪم جي هئي؟ 19 گريڊ هن جي خوشحالي تہ آڻي سگهيو ٿي، پر جواني واپس واري نٿي سگهيو. هن سرڪاري بنگلي کي سجائي رکيو هو. رنگين ٽي. وي، وي. سي. آر، فون، ڊيڪ، فرج، مائيڪرو ويو، مطلب تہ ڪنھن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ هئي.
سڀ ڪجهہ هجڻ جي باوجود ڪجهہ بہ نہ هجڻ جو احساس هن کي پھريون ڀيرو وارن کي ڊاءِ ڪرڻ مھل ٿيو. مرڪيوري بلب جي تيز روشنيءَ ۾ هن آرسيءَ ۾ نھاريو. کيس پنھنجو چھرو ڪنھن ڪومايل مکڙيءَ وانگر محسوس ٿيو. هن وکريل وقت کي ٻانھن ۾ ڀرڻ چاهيو. ڪاش هوءَ فياض، مجيب شاھہ، رياض يا ڪنھن ٻئي سان کڻي شاديءَ لاءِ هاڪار ڪري ها. هاڻي ڪير ڪندو هن سان شادي؟ (تحفظ نہ هجڻ جو احساس) مرد کان سواءِ بہ هيءَ زندگي گذاري سگهجي ٿي؟
هڪ عجيب قسم جو ضد هو، يا ڪجهہ حاصل ڪرڻ جي تمنا. علم حاصل ڪرڻ جي چاهت هئي يا شھرت حاصل ڪرڻ جي ڪلپنا! شرافت جي تقاضا هئي يا پنھنجي حسن تي غرور. ٻين جي بدصورت هئڻ جو احساس هو يا ڪنھن جي غربت سندس جيون جي رستي ۾ پٿر وانگر هئي. ها، اهي سڀ ڳالھيون هيون - صحيح ۽ سڌيون - پر هاڻ وقت ڦري ويو هو. جڏهن سڀڪجهہ ملي ويو هو تہ ڪو بہ جيون ساٿي نہ ٿو ملي؟ ائين ڇو آهي؟ هوءَ سوچي ۽ دل ئي دل ۾ هن سماج کي پُڻي ٿي.
سندس نالو تہ کيس وسري ويو هو. ”مئڊم“ ”مئڊم“- ڄڻ تہ سندس نالو رضيہ ڪونہ هو، پر مائٽن ٻانگ ڏيئي ”مئڊم“ رکيو هو. شاعرہ، ڪھاڻيڪاره... سڀ منزلون ماڻيندي ڪلا کيتر ۾ وڏو نالو حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڃي دانشورن جي لسٽ ۾ پھتي هئي - ڪا بہ پارٽي هجي، مھورت هجي يا ورسي، سندس سوشل سرڪل وڌي وڃي وڻ ڪيو هو. هر هنڌ سندس استقبال ٿيندو هو. آٽوگراف کان فوٽو گراف تائين. مطلب تہ هر هنڌ سندس مسڪرائيندڙ چھرو اخبارن ۽ رسالن جي سونھن بڻجندو هو.
رضيہ - ڊاڪٽر رضيہ - مئڊم رضيہ - ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويئي، کيس سندس چاچي پالي وڏو ڪيو. سندس چاچو ننڍو زميندار هو. پنھنجي حيثيت سارو رضيہ کي تمام گهڻو ڀانئيندو هو، کيس ڪو بہ ڏک ڪونہ ڏنائين. هن کي ڪو بہ پُٽ ڪونہ هو. ان ڪري رضيہ تي مڱڻيءَ جو ڪو بہ زور ڪونہ هو. هن پنھنجو پورو ڌيان پڙهائيءَ تي ڏنو. پري جي مٽن مائٽن جي ٻين ڇوڪرن کي هن لفٽ نہ ڪرائي. ائين وقت جو وهڪرو وهي ويو - ها البت يونيورسٽيءَ ۾ هن جي پٺيان ڪافي ٻائيتال متو. پھرين سندس ڪلاس فيلو فياض سندس پٺيان پيو. ايترو خوار ٿيو جو ڇوڪرن سندس نالو ئي کڻي رضيہ رکيو. جتان پيو لنگهندو هو کيس تنگ ڪندا رهندا هئا. رياض بلوچ، سندس استاد، جيڪو مٿي تي ميندي ۽ بيجن جو مڪس ليپو ڪري زوريءَ نوجوان ٿيو پيو گهمندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ شادي شدہ هو ۽ کيس ٻہ ٽي ٻار بہ هئا. ڪڏهن اسائنمنٽ تہ ڪڏهن پوزيشن جي چڪر ۾ پيو رضيہ کي آفيس ۾ گهرائيندو هو. هوءَ شروع شروع ۾ تہ آرسيءَ وانگر سندس اڳيان ويٺي هوندي هئي. تيستائين جڏهن ڊپارٽمينٽ جي سڀني شاگردن، استادن ۽ ويندي اسٽاف سوڌو اها ڳالھہ محسوس ڪئي ۽ سائين رياض بلوچ جي اصليت ظاهر ٿي ويئي تہ همراھہ ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي!
ٽيون نمبر وري مجيب شاھہ جو هو، جيڪو هتي جو شاگرد ليڊر هو. ميس جي مئنيجر کان وٺي ڦاٽڪ جي ڪڙهائي گوشت وارا سندس تابعدار هوندا هئا. شاھہ جي اڳيان پٺيان ڪير بہ ڪونہ هو، پر ٻہ ٽي مٿي ڦريا نوجوان ۽ هڪ عدد اسٽين گن شاھہ جي سيني سان دل ۽ ڦڦڙن وانگر فٽ هوندي هئي. سو هليو هو رضيہ سان عشق ڪرڻ! پر هن جي آڏو اَوس ئي رهجي ويو. مائيءَ جو مٿو ڦريل هو. کيس رڳو پوزيشن، ليڪچراري ۽ پي.ايڇ. ڊي جو جنون سوار هو.
خبر ناهي تہ اهي سڀ سوچون مئڊم کي هن وقت واسينگن وانگر ڇو ٿي ڏنگڻ لڳيون. ويل وقت جو وهڪرو وهي ويو. سڀ ڪجهہ هجڻ جي باوجود هن تنھائيءَ جو ايڏو عذاب ڇو پئي ڀوڳيو؟ کيس سندس بنگلو ڪو ڀوت بنگلو پئي نظر آيو ۽ سندس ساهيڙيون جيڪي هن ساڳئي خاموش زهر جو نشانو بڻيل هيون، سندس آڏو ڦرڻ لڳيون. هن سوچيو تہ ٿي سگهي ٿو تہ هو ان ۾ خوش هجن، پر هن کي واقعي هاڻ ڪنھن سھاري جي سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي. هن جون سوچون وري بہ سندس ڪنھن پري جي مائٽ ماستر عيدوءَ تي پون ٿيون، جيڪو ويچارو هن جي ڳوٺ اچڻ تي ان سان ملڻ ضرور ايندو هو-!