App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ليڊر

ليکڪ: بادل جمالي | پڙهڻ جو وقت: 15 منٽ

ڪمزور، ناڪارہ ۽ نااهلِ حڪومت جي مُئل دور ۾، هر انسان مھانگائي، بک ۽ بيروزگاريءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هو. پري پري تائين کيس اميد جو ڪو ڪِرڻو نظر ڪونہ پئي آيو. اهڙيءَ حالت ۾ ملڪ کي امداد ڏيڻ وارن دنيا جي ڪن ملڪن طرفان جمھوريت لاءِ پريشر وجهڻ کان پوءِ، مجبور ٿي، سرڪار طرفان بلدياتي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو، تہ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿرٿلو مچي ويو! چڱا ڀلا حيثيت وارا ماڻھو تہ اهڙن موقعن تي اڳيان اڳيان هوندا ئي آهن، پر ڪي سچا سکڻا شوقين، جن کان گهر وارا بہ بيزار هوندا آهن، فارم ڀرائڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن.... هن ڀيري خاص ڳالھہ اها ٿي، جو ووٽ غير پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان ڪري پارٽين طرفان ٽڪيٽ ملڻ يا نہ ملڻ وارو معاملو پيدا ئي نہ ٿيو، سوڍوخان پنھنجي ڳوٺ مان پھريون ماڻھو هو، جنھن ڪائونسلر جي لاءِ فارم ڀرايو، ان کان علاوہ، ڪن ٻين بہ فارم ڀرايا.
علائقي جي صورتحال کي ڏسندي، وڏي سياسي پارٽيءَ جي ضلعي صدر شيخ صاحب، ’سارنگ فقير ڳوٺ‘ جي هڪ خوشحال ماڻھوءَ گلاب خان کي سڏائي ورتو:
”گلاب خان ڏسين پيو تہ اليڪشن جو دور آهي، هر ماڻھو اڳيان اچڻ لاءِ سِر ڌڙ جي بازي لڳائي پيو. اسان جي خواهش آهي، تہ هن اليڪشن ۾، اوهان اسان جي طرفان بيھو. ڀرپور مدد ڪري اوهان کي کَٽرائينداسين. ڪائونسلر جي حيثيت ۾ علائقي جي سياسي، سماجي معاملن جي تجربي مان نڪري، پڪا پختا ليڊر ٿي ڏيکاريو. ايندڙ قومي اليڪشن ۾ صوبائي ٽڪيٽ مون کان وٺجو، باقي ڇا کپيوَ؟“
”بابا سائين، اوهان جي ان پيشڪش جو ٿورو مڃڻ لاءِ، مون کي لفظ نہ پيا ملن، تہ ڇا چوان! اوهان جو هٿ مٿان هوندو، تہ ڏونگر بہ ڏاري وجهنداسين، پر سائين رستي ۾ ڪجهہ رڪاوٽون بہ آهن، انھن جو ڪو بِلو ٿي پوي تہ.....“
”حڪم ڪريو سھڻا، ڪھڙيون رڪاوٽون آهن...؟“
”سائين ڳوٺ مان سڀ کان پھرين مون واري سؤٽ سوڍي خان فارم ڀرايو آهي، ان کان سواءِ ڪن ٻين شوقينن بہ فارم ڀرايا آهن. مقابلو ڪجهہ سخت ٿي پوندو. اسان جو ڪم بنا مقابلي ٿئي ها، تہ مزو اچي وڃي ها....!“
”اهڙن برساتي ڏيڏرن جي پرواھہ ڇو ٿا ڪريو بابا، اهي تہ رڳو هڪڙو داٻو ٿا گهرن..... باقي رهيو توهان وارو سؤٽ، تہ ان سان دوبدو مقابلو ڪري، مقابلي جو مزو بہ چکي ڏسو نہ! اوهان جي مقابلي ۾ هن جي ڪھڙي حيثيت آهي؟ پر جي ان وٽ بہ لنگهي ويندؤ، تہ اهو بہ هٿ کڻي ويندو. انڪار ڪري، تہ مون کي ٻڌائجو، مان پاڻھي منھن ڏيندوسانس.....“
ملاقات کان پوءِ، گلاب خان سانڊي وانگر سِيٽجي موٽيو. پير زمين تي کُپنس ئي نہ پيا! اچڻ شرط ويجهن دوستن کي سڏائي، صلاح مشورو ڪرڻ کان پوءِ، اليڪشن لاءِ باقاعدي ’ورڪ پلان‘ تيار ڪيائون. ٻئي ڏينھن ننڍڙو جلوس وٺي وڃي، فارم جمع ڪرايائين. سوڍوخان ۽ گهر ڀاتي اهو ٻڌي حيران ٿي ويا.....
شام جو گلاب خان سندس گهر پھچي ويو:
”سؤٽ، مان تو وٽ وڏي اميد رکي آيو آهيان. هي سياسي دور آهي. ووٽ پارٽيءَ کي ٿا ملن. آزاد اميدوار رڳو پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ ٿو بيھي. ان ڪري اسان جي صلاح آهي، تہ تون قرب ڪري اسان جي حق ۾ هٿ کڻي وڃ. منھنجي ڪاميابي بہ، اصل ۾ تنھنجي ڪاميابي ئي هوندي نہ.....!“
”ادا، جمھوريت جو حسن ان ۾ ئي آهي، تہ ڀاءُ جي مقابلي ۾ ڀاءُ بيھي، پيءُ جي مقابلي ۾ پُٽ بيھي. خبر پوي تہ ماڻھو ڪنھن کي ٿا پسند ڪن..... جي ڳَڻُ واري ڳالھہ ٿو ڪرين تہ توکان پھرين آئون بيٺو هئس، ان ڪري منھنجي مٿان توکي بيھڻ نہ کپندو هو. تڏهن بہ تون بيھين ٿو، تہ اسان جون اکيون ٿڌيون، لھي ڏس ميدان ۾، خبر پئجي ويندي تہ......“
”اها آجيان ٿو ڪرين، يا چئلينج ٿو ڏين مون کي......؟“
”مون دل جي ڳالھہ ڪئي آهي، تون ان کي جيئن بہ سمجهين.“
”ٺيڪ آهي سؤٽ، اسان کي پاڻت ۾ تو وٽ اچڻو هو، سو اُها حُجت پوري ڪئي سين. هاڻي تون بہ ڇڪي رک، اسان بہ ڏسي وٺنداسين!! ”رب چڱي ڪندو.“
گلاب خان واپس موٽيو، تہ سوڍي خان خلاف شديد قسم جي نعريبازي شروع ٿي ويئي. ڳوٺ سڄو خوف ۾ وٺجي ويو. جهيڙي ۽ دشمنيءَ جھڙو ماحول پيدا ٿيڻ لڳو.....
ڳوٺاڻن جا ووٽ ڏيڻ بابت پاڻ ۾ مشورا ٿيڻ لڳا:
”سوڍوخان پھرين بيٺو هو، گلاب خان کي هن جي مٿان چَڙهت نہ ڪرڻ گهرجي ها. هڪ ئي گهر جا تہ ماڻھو آهن.“
”ان ڪري تہ چوندا آهن، تہ ”ٻہ ڀائر، ٽيون ليکو.“ سوڍو خان آهي سُڃو سِرُ، هُو ڪيئن ٿو اليڪشن کٽي سگهي؟ هن کي تہ بس، ليڊريءَ جي لسٽ ۾ نالو ڳڻائڻو هو، سو فارم ڀرائي ڳڻايائين. باقي گلاب خان کي تہ پارٽيءَ وارا پاڻ ٿا بيھارين، سو تہ کٽي ئي کٽي....“
”پر گلاب خانَ اڄ تائين ڳوٺ وارن لاءِ ڪيو ڇا....؟ هُو تہ ڪنھن کي سلام جو جواب ڏيڻ لاءِ بہ تيار ناهي، ايڏو ٿو غرور مان ڦاٽي! سوڍو وري بہ سڀني جو حال ڀائي تہ آهي، سک ۾، ڏک ۾، سدائين گڏ تہ هوندو آهي نہ.....“
”سکڻو حال ڀائي بہ ڪھڙي ڪم جو. گلاب چڙهندو، تہ مفت ۾ نلڪا تہ ڏيندو، ڪجهہ سولر تہ ورهائيندو، بيواھہ زالن کي سلائي مشينون تہ ڏيندو.“
”سوڍوخان اِهي ڪونہ ڏيندو ڇا؟“
”سوڍي کي سرڪار وٽان ڪجهہ ملندو، تہ ڏيندو نہ. مٿي حڪومت آهي پارٽيءَ جي. سوڍي کي ڪجهہ ڏيندا ئي ڪونہ، تہ هُو ڪٿان ڏيندو؟“ الغرض، جيترا وات، اوتريون ڳالھيون. ماڻھن جا وات بند ٿيڻا تہ ڪونہ آهن.....
گلاب خان جي گهر تي، جهنڊي وانگر سندس وڏي تصوير لڳائي ويئي. چؤطرف ننڍين جهنڊين جي جهالر ڦيرائي ويئي. سندس اوطاق کي ڪئمپ آفيس بنائي پوسٽرن، بئنرن ۽ تصويرن سان سينگاريو ويو. ڊَئڪ تي اليڪشن بابت جوشيلا گانا هلڻ لڳا، جن تي ٻار جِهمريون پائي، نچندا رهيا. سندس خاص حامين جي گهرن تي بہ تصوير وارا جهنڊا چاڙهيا ويا.... ڪن شوقينن تہ اميدوارن بابت نعرا بہ ٺاهي ورتا، جيڪي ڳوٺ جي ڀتين تي لکيا ويا:
”تنھنجو گل، منھنجو گل، گلاب گل، گلاب گل.“
”ساهن ۾ سرهاڻ، گلاب گل، گلاب گل.“
”بدبوءِ جو دشمن، گلاب گل، گلاب گل.“
ٻئي گروپ بہ گهٽ نہ ڪئي، ٽڪر جا نعرا ٺاهي ورتائون:
”سازشي سردار ڪير، ؟ گلاب خان، گلاب خان.“
”مطلب جو يار ڪير؟ گلاب خان، گلاب خان.“
”پنھنجن جو دشمن ڪير؟ گلاب خان، گلاب خان.“
وچ ۾ وري ڪي چاپلوس قسم جا ماڻھو، پاڻ وڻائڻ خاطر، ڇيڻا ڀور ڪري، ٻنھي سؤٽن وچ ۾، دشمنيءَ واري باھہ کي ڀڙڪائيندا رهيا.
”بابا سائين؛ اوهان کي تہ رب پاڪ بادشاهي ڏني آهي، هر رنگ اوهان کي سونھين ٿو، پر هن سوڍوءَ کي تہ ڏسو، سيٽجي اوهان جي اڳيان اچي بيٺو آهي، هٿ ئي نہ پيو کڻي. اٿس ڪو حياءُ ڪو شرم؟“
”بس يار. دوسل، ويٺو ڏس دنيا جا رنگ، پنھنجي مطلب لاءِ ماڻھو لانگڙ لاھہ ٿي ٿا بيھن، ڪير انھن کي سمجهائي....؟“
”اوهان کي تہ بابا، لھر نڪي لوڏو. ڳوٺ ۾ پنج سؤ ووٽ آهن. منھنجي خيال ۾ تہ سڀ جا سڀ اوهان کي ئي ملندا. پاڻ سؤ پنجاھہ ڪٿي وڌيڪ نہ پئجي وڃن! باقي سوڍي سڃي کي ڪير ڏيندو ووٽ. هروڀرو خوار ٿو ٿئي.....“
يارن دوستن کان چؤ چوايو ڪرائي، گلاب خان ٻين اميدوارن کان تہ هٿ کڻائي ورتو، باقي سوڍي خان تي ڪو اثر ڪونہ ٿيو، هُو بيٺو رهيو. آخرڪار گلاب خان پنھنجي ڀيڻ نور بانو وٽ پھچي ويو:
”ادي نور، تنھنجو گهوٽ تہ هڏي واري هوڏ ڪيو بيٺو آهي، ڪنھن جي ٻڌي ئي نٿو. هاڻي تون ئي ڪا همت ڪري، ڄٽ کي ضد جي اُٺ تان لاھہ، تہ هٿ کڻي.......!“
”مِٺا ڀاءُ، ناراض نہ ٿيءُ توکي اڃان ووٽن جي سنبت ئي ڪانہ هئي، تڏهن کان وٺي سوڍي تياري پئي ڪئي. هن کي پڪ هئي تہ هُو بنا مقابلي کٽيندو. تون اوچتو ڪنھن جي چوڻ تي، وچ ۾ ڪڏي پيو آهين.
بي واجبي تہ تو ڪئي آهي ڀاءُ. آئون ڪھڙي منھن سان مڙس کي چوان، تہ تون هٿ کڻي وڃ....؟“
”اهو جواب تون بنا سوچ سمجهہ جي ڏين پيئي ڀيڻ. آئون توکي سوچڻ لاءِ وقت ڏيان ٿو، اڄ ڀلي تون سوچي وٺ، سڀاڻي مون کي جواب ڏجانءِ. ٺيڪ آهي؟“
”سڀاڻي بہ منھنجو جواب اهوئي هوندئي ادا. مڙس سان ويساھہ گهاتي ڪانہ ڪنديس. ان ڳالھہ تان ناراض ٿو ٿئين، تہ ڀلي ٿيءُ......!“
”ٺيڪ آهي ڀيڻ. جي تنھنجو جواب اهو آهي، تہ پوءِ اڄ کان پنھنجو مرڻي پرڻي اچ وڃ بہ ختم سمجهہ.....! ۽ ها، اسان جي گهر جي چائنٺ ٽپڻ جي ڪوشش بہ نہ ڪجانءِ.....!!“
”اها ڌمڪي نہ ڏي ادا، گهر تہ منھنجي ماءُ پيءُ جو آهي، ان ۾ تہ منھنجو حصو بہ ٿو لڳي، مون کي ان ۾ اچڻ وڃڻ کان ڪير ٿو روڪي سگهي؟ هيترن سالن کان بابا جون زمينون ڦٻايو ويٺو آهين، سال ۾ رڳو ڪڻڪ جا چار ڪٽا مون کي ٿو ڏين، تون ڇا ٿو سمجهين تہ ايتري ۾ منھنجا سڀ حق واسطا پورا ڪري ٿو ڇڏين؟ اليڪشن گذرڻ ڏي، شريعت ڪرائي، زمينن مان پنھنجي حصي جا پنجاھہ ايڪڙ ڇڪي وٺندي سانءِ.....!!“
”چڱو، آئون بہ ڏسندس تہ ڪيئن ٿي وٺين.......!!“
هُو ڀيڻ جي گهران بِرُ ٿي نڪتو. هن کي ياد آيو، تہ ڀيڻس جي گهر وارو پلاٽ بہ اصل ۾ هن جي پيءُ جي نالي تي ئي آهي، سو بہ هاڻي هُن کان خالي ڪرائي وٺندو. رڳو اليڪشن جي جهنجهٽ مان جان ڇڏائي وٺي......
ضلعي صدر شيخ صاحب کي ڳوٺ جي سياسي صورتحال بابت آگاهي ڏيندي گلاب خان چيو:
”بابا سائين، ووٽرن جو لاڙو تہ مڪمل طور اسان ڏانھن ئي آهي، پر بنا مقابلي کٽڻ واري خواهش اڃان بہ مشڪل ٿي لڳي. سوڍوخان بدستور اَڙِي ڪيو بيٺو آهي. وڌيڪ جيڪو اوهان جو حڪم....؟“
”يار حيرت آهي! هڪڙو خسيس ماڻھو اوهان لاءِ مٿي جو سور ٿيو ويٺو آهي! اسان کي تہ اوهان مان وڏيون اميدون آهن..... سڀاڻي ووٽن ۾ چونڊجي، اوهان ڳوٺ جا ليڊر ٿيندؤ، تہ ماڻھن جا منڌل مسئلا ڪيئن حل ڪندؤ؟ ڪيئن جهيڙن ۽ ڦڏن جا فيصلا ڪندؤ؟
ليڊر ٿيڻ لاءِ، پنھنجي اندر ۾ بہ ليڊري پيدا ڪبي آهي بابا، دل سخت ڪري، ٺِڪر ڀتر کي رستي تان ٿڏو هڻي، هٽائڻو پوندو آهي..... سمجهو پيا نہ....؟“
”جي بابا سائين، سمجهي ويس. اوهان جو رڳو اشارو کپندو هو، هاڻي گهٽ نہ ڪبي، اڳتي جي پارت هجيوَ......“
”پرواھہ نہ ڪر سھڻا، مان ويٺو آهيان نہ......!!“
هن سيني تي هٿ هڻي، کيس يقين ڏياريو.
ان دلاسي کان پوءِ، سوڍي خان کي هٿ کڻائڻ لاءِ، گلاب خان آخري حڪمتِ عملي تيار ڪئي. پنھنجي خاص صلاحڪار عبدالھاديءَ هٿان کيس پيغام موڪليائين، تہ ڪائونسلر جي حيثيت ۾، هن کي جيڪو بہ مال ملندو، ان جو ”چوٿون حصو“ سوڍي کي ڏنو ويندو. پوءِ اُهي نلڪا هجن، سلائي مشينون هجن، يا سولر پليٽون ۽ پکا هجن. ترقياتي ڪمن لاءِ مليل سامان مان بہ چوٿون حصو کين ڏنو ويندو. هُو اُهي شيون ڪيئن ٿو استعمال ڪري، ان تي هُو ڪو اعتراض نہ ڪندو.......“
فراخدلانا پيشڪش ٻڌي، سوڍي خان کان کِل نڪري ويئي.
”مون کي نہ هئي خبر، تہ گلاب خان پنھنجي مطلب خاطر ايترو بہ ڪِري ٿو سگهي.....!! سرڪار طرفان مليل شيون تہ ڳوٺ جي غريبن ۽ مسڪينن جون امانتون آهن، جيڪي ليڊر لاءِ حرام هونديون آهن. مون کي ڪانھي ضرورت انھن شين جي. ٻڌائي ڇڏيوس مقابلو ٿيندو دوبدو، پوءِ کٽي قسمت.......!!!“
اِن ڇِڪ ڇِڪان ۾ اليڪشن جي تاريخ اچي پھتي. ڳوٺ ۾ سياسي هلچل عروج تي پھچي ويئي. هر طرف نعرا، هوڪرا، بئنر ۽ پوسٽر کڻي ٻارن جا جلوس، ايڪو سائونڊ تي هلندڙ اميدوارن جا نعرا ۽ گيت. ڳوٺ سڄي ۾ ميلي جھڙو ماحول........ اميدوارن جي ڪئمپن ٻاهران، ووٽرن جون قطارون، پولنگ آفيس ۾ رش.
پولنگ شروع ٿيڻ کان ٿوريءَ دير بعد ئي سوڍي خان جو پولنگ ايجنٽ لالا رشيد اوچتو گم ٿي ويو. ڪنھن کي خبر ئي نہ پيئي تہ هُو ڪيڏانھن ويو، ڇو ويو.....؟ ان جي جاءِ تي ڊمي ايجنٽ ويھاريو ويو، تہ ڳالھہ ظاهر ٿي پيئي. سوڍي خان گوڙ ڪيو، تہ مذاڪرات جو چئي، کيس گاڏيءَ ۾ ويھاري کڻي ويا. ان کان پوءِ ميدان صاف ٿي پيو. ڌڙا ڌڙ ٺپا لڳندا رهيا.
جيئرن ڳوٺاڻن سان گڏ، مُئلن جي نالي تي بہ ووٽ ڪاسٽ ٿيندا رهيا.
مذاڪرات لاءِ ويندڙ سوڍوخان بہ ايجنٽ وانگر گم ٿيو، تہ وري نہ موٽيو، اها خبر جڏهن هن جي گهر واريءَ کي پھتي، تہ هُوءَ ٻار ڪڇ تي کڻي، سھڪندي پولنگ اسٽيشن پھتي. اچڻ شرط پوليس وارن تي چڙهائي ڪيائين:
”ڪٿي آهي سوڍوخان......؟“
”ادي اسان پنھنجي ڊيوٽي پيا ڏيون، اسان کي خبر ڪانھي. اِتي ئي هوندو ڪٿي......“
”اوهان جي موجودگيءَ ۾ اميدوار گم ٿيو آهي، اوهان کي خبر ئي ڪانھي.......! باقي ڏنڊا کڻي، ڪنھن جي ڍورن جي رکوالي ٿا ڪريو؟ هِن کان اڳ، اسان جو ايجنٽ بہ گم ٿي ويو، سو بہ اوهان جي موجودگيءَ ۾.......“
”ڀيڻ، اسان جي ڊيوٽي آهي، هتي امن امان بحال رکڻ، سو تہ بحال رکيو ويٺا آهيون. ڪوبہ جهيڙو فساد ڪونہ ٿيو آهي. باقي اندر ڇا ٿو ٿئي، ان سان اسان جو واسطو ڪونھي.“
هوءَ چَرين وانگر گوڙ ڪندي، خلق ۾ جهوتون هڻندي رهي. اوچتو هن جي نظر گلاب خان تي پئجي ويئي، تہ ڊوڙي وڃي گلي کان ورتائينس:
”اِهو آهي تنھنجو انصاف؟ اِنھي افعالين ڳوٺ جي اڳواڻي ڪندين؟ ڪٿي آهي سوڍوخان.....؟“
هن پنھنجو گلو ڇڏائيندي چيو:
”آرام سان ڳالھاءِ ادي، ماڻھو نہ کلاءِ، سوڍي جي مون کي ڪا خبر ڪانھي!“
”باقي سوڍي ڪنھن جي ڍڳي چورائي هئي ڇا، جو اهو کيس گم ڪندو؟“
ان دوران سپاهي سُري ويجها آيا، گلاب خان جا رضاڪار پھچي ويا. خاتون کي ڌڪي پري ڪيائون. هوءَ برابر ناانصافيءَ جون دانھون ڪندي رهي:
”خدا واحدالقھار آهي، هُو ضرور انصاف ڪندو. ياد رک گلابو! سوڍي کي ڪجهہ ٿيو، تہ منھنجا ٻئي هٿ تنھنجي ڳچيءَ ۾ هوندا، قبر تہ ڇا، محشر ۾ بہ ڪانہ ڇڏيندي سانءِ......!!“
”يار هن چَري مائيءَ مان تہ لوھہ ٿي وياسين، ڪير سمجهائي هن کي“؟
”سائين ليڊرن تي تہ ان کان بہ وڏيون آزمائشون ٿيون اچن. صبر سان ان کي منھن ڏيو. هن وقت ماڻھن جون نظرون، اوهان جي قوت برداشت تي لڳل آهن.“
هن جي صلاحڪار ماستر عبدالھاديءَ کيس سھڻي صلاح ڏني. هُو ٿڌو شوڪارو ڀري رهجي ويو...
شام ڌاري پوليس ٿاڻي کي مٿان حڪم مليو، تہ ڳوٺ سارنگ فقير جي پولنگ اسٽيشن تي، مک اميدوار مٿان، مخالف اميدوار، قاتلاڻو حملو ڪيو آهي، فوراً اتي پھچي، ڏوهاريءَ کي گرفتار ڪري کڻي اچو......“
پوليس انسپيڪٽر، حڪم جي تعميل ڪندي، ٻن موبائلن سان گڏ، اتي پھچي ويو. کين ٻڌايو ويو، تہ ڏوهاريءَ کي پڪڙي، حفاظت خاطر اڳيئي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو آهي..... ڳوٺ ٻاهران پراڻيءَ جاءِ جو ڪمرو کولي، پوليس اندر داخل ٿي، تہ سوڍو خان بيھوشيءَ واري حالت ۾ پيو هو. هن جي نڪ، وات ۽ مٿي مان رت وهڻ ڪري، سندس ڪپڙا، رت ۾ رڱجي چڪا هئا.....
”ابا قاتلاڻو حملو تہ هِن جي مٿان ٿيل ٿو لڳي، جو رت ۾ ڳاڙهو لڳو پيو آهي. هيءُ ڪيئن ٿو ڪنھن تي حملو ڪري سگهي.....“؟
گلاب خان ۽ ساٿين جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي.....!! هُو پاڻ بچائڻ جا حيلا ڪرڻ لڳو:
”سر، ڳالھہ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. هڪڙو دشمن هٿيار کڻي جڏهن اسان تي حملو ٿو ڪري، تہ اسان بہ چوڙيون تہ ڪونھن نہ پاتيون! پنھنجي دفاع ۾ اسان کي بہ هٿ پير هڻڻان پيا نہ. اهڙيءَ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ، اسان جا محافظ اڳي ئي تيار بيٺا هئا. انھن پڪڙي، دشمن کي ٿڙا ٿڦي ڪئي، تہ رت نڪري پيس. جهيڙي ۾ تہ سرڪار، ڌڪ رحماني، ڌڪ شيطاني تہ لڳندا ئي آهن نہ......
اوهان سان شيخ صاحب جي ڳالھہ نہ ٿي آهي شايد.....؟“
”ڪھڙو شيخ صاحب“؟
”شيخ هدايت ﷲ صاحب، پارٽيءَ جو ضلعي صدر“؟
”نہ، شيخ صاحب مون سان نہ ڳالھايو آهي.“
”هُن شايد مٿي ڳالھايو هوندو..... هي ڏسو سائين، حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار بہ ثبوت طور موجود آهي....؟ هن پاسي ۾ رکيل ڇُريءَ ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
”پر هيءَ ڇُري تہ بصر بہ نہ وڍي سگهندي. حملي آور کي ڍنگ جو ڪو هٿيار مليو ئي ڪونہ.....؟“
گلاب خان کي پنھنجو ڪيس ڪمزور ٿيندي محسوس ٿيو، تہ راند کٽڻ لاءِ ترُپ جو يڪو هڻي ورتائين!
”هڪڙو منٽ سائين، ٿورو هيڏانھن اچو....“
”ايڏانھن ڇا اچان، هتي ئي ڳالھايو نہ.“
”سر، آفيسرن سان پنھنجي منھن ئي ڳالھائبو آهي. اندر جون ڳالھيون، عوام جي اڳيان نہ ڪبيون آهن سائين، رڳو ٻہ منٽ اسان کي ڏيو......“
صوبيدار سان گلاب خان خبر ناهي ڇا خلاصو ڳالھايو، جو واپسيءَ تي هن جو چئنل ئي چينج ٿي ويو! اچڻ شرط سوڍي جي ڪلھي تي زوردار ڏنڊي هڻي، هڪل ڪيائين:
”اُٿ ڙي ڄَٽ جا پٽ! اِهي مِکر ٻين سان ڪيا اٿئي. اٿي ويھہ.....!!“
سوڍي تي ڌڪ جو ڪو اثر ڪونہ ٿيو. سپاهيءَ پريشان ٿي چيو:
”سائين هي تہ مري ويو آهي شايد....!!!“
”ڪونھي مئو. ايڪٽنگ ٿو ڪري مرڻ جي. ڇڪي اٿاريوس.....“ سپاهين سھارو ڏيئي، کيس اُٿاريو. هُو مرڻنگ حالت ۾ ڏڪندي ڏڪندي اٿي ويٺو، تڏهن بہ صوبيدار جي ڪاوڙ ۾ فرق نہ آيو. سخت لھجي ۾ حڪم ڏنائين:
”اڙي هڻوس هٿڪڙي....!“
سپاهيءَ اڳتي وڌي هٿڪڙي هنيس، تہ مٿان دڙڪو مليس:
”ڪَنڊا خان ٻنھي هٿن ۾ نٿو هڻينس؟ مائٽ اٿئي ڇا، جو رعايت ٿو ڪرينس؟“
”اجهو سائين، ٻئي هٿ ۾ بہ هڻي ٿا ڇڏيونس!“ هوڏانھن ان دوران اليڪشن جو غير سرڪاري، غير حتمي نتيجي جو اعلان ڪيو ويو، جنھن مطابق گلاب خان 657 ووٽ کڻي، شاندار ڪاميابي ماڻي. سندس مقابلي ۾ سوڍي خان کي فقط 152 ووٽ مليا. هُو هارائي ويو.
گلاب خان جي ڪاميابيءَ تي، ننڍا وڏا ڳوٺاڻا جهمريون پائي نچندي، ڪڏندي، نعرا هڻي جشن ملھائڻ لڳا.
صوبيدار، سپاهيءَ کي موبائل کڻي، ڏوهاريءَ جو بيان ريڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو:
”گلاب خان تي قاتلاڻو حملو تو ڪيو؟“
هو خاموش رهيو.
”چپ ڇو آهين گڏھہ، گونگو آهين ڇا؟ گلاب خان تي قاتلاڻو حملو تو ڪيو....“؟
سندس نڙيءَ تي ڏنڊيءَ سان زور ڏيئي پڇيائين:
”چپ ڇو آهين، جواب کپي مون کي، جواب ڏي نہ.....
گلاب خان تي قاتلاڻو حملو تو ڪيو....“؟
ڊنل نظرن سان صوبيدار ڏانھن ڏسي، بيوسيءَ مان سوڍي ڀڻڪيو؛
”جي سائين......!!“؟
”ٻڌو پيا...؟ ٻڌو پيا نہ......؟“
صوبيدار جو منھن خوشيءَ مان ٻھڪي پيو.
”اوهان سڀني جي روبرو، ڏوهاريءَ، ڏوھہ جو اعتراف ڪري ورتو آهي..... ٿئنڪ گاڊ!!!“
گلاب خان ۽ ساٿين، سک جو ساھہ کنيو. سوڍي کي گاڏيءَ ۾ ويھڻ لاءِ چيو ويو، پر هُو اٿي نہ سگهيو، تہ سپاهين ٽنگو ٽالي ڪري کيس گاڏيءَ ۾ وڌو. حملي آور جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ گاڏيءَ جي چوڌاري وڏي خلق گڏ ٿي ويئي. سوڍي جي گهرواري پري کان رڙيون ڪندي رهي، پر هن کي ويجهو اچڻ ئي نہ ڏنو ويو:
”او ظالمو، خدا غرق ڪريوَ، ايڏو ظلم نہ ڪريو. مون کي مڙس جو منھن تہ ڏسڻ ڏيو......!!!!!“
پر هن جو آواز، نعرن، هوڪرن ۽ ايڪو، سائونڊ تي هلندڙ گانن جي گونج ۾ دٻجي، ختم ٿي ويو..... پوليس پنھنجي ڪامياب ڪاروائيءَ تي، گاڏين جا هوٽر ۽ هارن وڄائي، رنگين بلبن جي چمڪ دمڪ سان رواني ٿي.... ڳوٺ جي ماڻھن نچندي، ڳائيندي، ووٽ ذريعي، جمھوري طريقي سان پنھنجو ليڊر چونڊي ورتو......