ڪَتبو
ليکڪ: موپاسان | پڙهڻ جو وقت: 10 منٽ
هينري ايلبرٽ گائيڊي موپاسان (5، آگسٽ 1850ع- 6،جولاءِ 1893ع) اوڻيھين صديءَ جو هڪ مشھور فرانسيسي اديب هو، جنھن کي جديد ڪھاڻيءَ جي بانين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. موپاسان اڃان يارهن سالن جو مَس هو جو سندس والدين ۾ عليحدگي ٿي وئي. ماءُ موپاسان ۽ سندس ننڍي ڀاءُ کي پاڻ وٽ رکيو. موپاسان کي لکڻ پڙهڻ جو شوق پنھنجي ماءُ کان ورثي ۾ مليو، جو هوءَ ادب جو تمام گهڻو مطالعو ڪندڙ عورت ۽ شيڪسپيئر جي وڏي مداح هئي. جيئن تہ سندس ماءُ جو تعلق هڪ امير گهراڻي سان هو، تنھنڪري موپاسان ٺَٺَ ٺانگر واري زندگي گذاري. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هُو فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ پھرين پروشين((Prussian جنگ ۾ وڏي بھادريءَ سان وڙهيو. ان جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ هُو نارمنڊي کان پيرس منتقل ٿي ويو، جتي هُو ڪجهہ وقت سامونڊي فوج ۾ ڪلارڪ بہ رهيو. ان دوران هن پنھنجي وقت جي هڪ وڏي ليکڪ گستائوفلابرٽ سان دعا سلام وڌائي ۽ پوءِ تہ گستائوفلابرٽ سندس سرپرست ٿي ويو. گستائوفلابرٽ جي گهر ايندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن ۽ ڏاهن سان سندس ڏيٺ ويٺ وڌندي رهي، جيڪا اڳتي هلي کيس ڏاڍي ڪم آئي. 1880ع کان 1891ع تائين جو دور موپاسان جي زندگيءَ جو نھايت اهم دور رهيو، جو ان دوران هن پنھنجا بھترين ادبي فن پارا تخليق ڪيا. 1881ع ۾ سندس لکيل مختصر ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن جا ٻن سالن ۾ ٻارهن ايڊيشن شايع ٿيا. 1883ع ۾ هن پنھنجو پھريون ناول ’هڪ عورت جي زندگي‘ لکيو، جنھن جون هڪ سال اندر پنجويھہ هزار ڪاپيون وڪاميون. موپاسان جون اڪثر ڪھاڻيون فرانسيسي تھذيب ۽ تمدن ۽ سماج جي چوڌاري گهمن ٿيون ۽ انھن ڪھاڻين جا اڪثر موضوع مرد ۽ عورت جا لاڳاپا ۽ بيوفائي هوندا آهن. موپاسان جي هي ڪھاڻي ’ڪتبو‘ سندس اهم ڪھاڻين ۾ ڳڻي وڃي ٿي، جيڪا اوهان لاءِ ترجمو ڪري هتي شايع ڪري رهيا آهيون.
مان کيس چريائپ جي حد تائين چاهيندو هئس. محبت بہ ڪيڏي نہ عجيب شيءِ آهي. ماڻھو هر وقت رڳو ڪنھن هڪ ئي شخص کي ساھہ ۾ سانڍيو گهمندو وتندو آهي ۽ ان جي ئي شڪل هر وقت اکين اڳيان ڦرندي رهندي آهي. منھنجي پنھنجي داستان جي سموري معنيٰ رڳو هڪ ئي لفظ ’محبت‘ ۾ سمايل آهي. مون کي ڪنھن ڊگهي پٽاڙ ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي بس، رڳو ايترو ٻڌائڻو آهي تہ مون کيس ڏٺو ۽ پوءِ حاصل ڪري ورتو، جيڪڏهن مان اهو چوان تہ هوءَ منھنجي زندگي هئي تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو.
پوري هڪ سال تائين هوءَ منھنجي زال رهي. سندس زلفن جي ڇانوَ ۾ رهندي اهو سال ڄڻ تہ اک ڇنڀ ۾ گذري ويو. خبر ئي نہ پوندي هئي تہ ڪڏهن ڏينھن ٿيندو هو ۽ ڪڏهن رات ٿيندي هئي ۽ پوءِ هڪ ڏينھن هوءَ مري وئي.
ڪيئن مري وئي؟ ڇو مَري وئي؟ ان باري ۾ مون کي ڪوگهڻو ياد ناهي.
هڪ ڏينھن هوءَ بارش ۾ ڀنل گهر پھتي هئي. ٻئي ڏينھن کيس سخت کنگهہ ٿي پئي. هن سڄو سارو هفتو کنگهہ جي حالت ۾ بستري تي گذاريو.
ڊاڪٽرن مٿان ڊاڪٽر ايندا رهيا، دوائون تجويز ڪيون ويون، هر قسم جو علاج ڪيو ويو، هڪ ڪُل وقتي نرس بہ سندس سار سنڀال لاءِ رکي وئي، هڙئي حيلا هلايا ويا، پر ڪجهہ بہ نہ ٿيو. سندس هٿ گرم رهندا هئا ۽ سڄو ڌڙ وري برف وانگر ٿڌو. ۽ پوءِ هڪ ڏينھن هوءَ مون کان وڇڙي وئي. رسم مطابق هڪ پادري سڏرايو ويو. هن مون کي چيو ته، ”جيڪڏهن تنھنجيءَ زال ڪي عيب ثواب ڪيا آهن ۽ جن جي تو کي خبر آهي تہ ٻڌاءِ“ مون کي مٿس ڏاڍي چڙ آئي. مون نہ ٿي چاهيو تہ کيس ان معصوم ۽ پاڪ روح جي باري ۾ ڪجهہ ٻڌايان. ڪنھن کي ڪھڙو حق آهي تہ موت کان پوءِ هُو سندس باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪري.
مون کي ماڻھن ميت جي تدفين جي ڏس ۾ الائي ڪيتريون هدايت ڪيون. سچ پڇو تہ مون کي ڪجهہ بہ ياد ناهي. ها! مون کي سندس تابوت ياد آهي. مون کي اهو آواز بہ ياد آهي، جيڪو تابوت جوڙڻ وقت هٿوڙيءَ مان نڪتو هو.
قبرستان ۾ پھچي کيس دفنايو ويو. ياخدا! سندس خوبصورت جسم کي مڻين مٽيءَ هيٺان پُوريو ويو. ان وقت رڳو ڪجهہ مٽ مائٽ ئي مون سان گڏ هئا. مان کانئن جان ڇڏائي ڀڄي نڪتس. ان ڏينھن مان شھر جي گهٽين ۾ گهمندو رهيس؛ اڪيلو ۽ آوارو. پوءِ ٻئي ڏينھن مان شھر ڇڏيو ۽ هڪ ڊگهي سفر تي نڪري پيس.
مان سير سفر ڪري ڪالھہ ئي پنھنجي شھر واپس وريو آهيان. جنھن وقت مان بيڊ روم ۾ پھتس تہ نہ پڇو تہ ان وقت منھنجي ڪھڙي حالت هئي. ڪمري جي هرشيءِ مان سندس خوشبوءِ اچي رهي هئي. منھنجي دل ڏاڍي اُٻاڻڪي ٿي وئي. مان دري کولي صاف هَوا ۾ گهرا ساھہ کنيا ۽ هيٺ رستي کي ڏٺو، پر طبيعت عجيب ٿي وئي. مان ڪوٽ پائي ٻاهر نڪرڻ لڳس. جنھن وقت گَهرَ جي وڏي هال وٽ پھتس تہ منھنجون نظرون ان ڊگهي آئيني ڏانھن کڄي ويون، جيڪو دروازي وٽ لڳل هو. هِي اُهو آئينو هو، جنھن ۾ هوءَ ٻاهر وڃڻ کان اڳ پنھنجو عڪس ڏسندي هئي.
هڪ گهڙيءَ لاءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ منھنجي بدران سندس عڪس آئيني ۾ جهلڪي رهيو هجي. ڏک جي هڪ چيريندڙ لھر مون کي پنھنجي دل ۾ محسوس ٿي ۽ پوءِ مان تيزيءَ سان گهر کان ٻاهر نڪري آيس.
ٻاهر نڪري، بنا ڪنھن ارادي جي منھنجون وِکون ان قبرستان ڏانھن کڄڻ لڳيون، جنھن ۾ هوءَ دفن هئي. مان گهمندو گهمندو سندس قبر تائين پھتس، جتي ڪَتبي تي لکيل هو، ”هتي برائس دفن آهي، جيڪا محبت ۽ وفا جي ديوي هئي.“
مان سندس قبر ڏانھن ڏسندي سوچيو،”هوءَ ويچاري هتي پئي آهي. اڪيلي. مٽيءَ جا مڻ پايو.“ ۽ پوءِ مان هيٺ ڌرتيءَ تي ويھي سُڏڪا ڀري روئڻ لڳس.
مان اُتي ڳچ دير ويٺو رهيس. شام جا پاڇا لھڻ لڳا. اُن وقت هڪ عجيب خيال منھنجي ذهن کي جڪڙي ڇڏيو. هڪ ڏک ۽ وڇوڙي جي ماريل عاشق وانگر منھنجي دل چيو تہ اها رات سندس قبر وٽ گذاريان، پر مون کي خبر هئي تہ جيڪڏهن مون کي قبرستان جي چوڪيدار ڏسي ورتو تہ پوءِ مون کي قبرستان مان ڀڄائي ڇڏيندو. مان خاموشيءَ سان اُٿيس ۽ مُردن جي هن خاموش شھر جو سير ڪرڻ لڳس. منھنجي مٿان ڏکن ۽ پيڙائن جا پھاڙ ڪرڻ لڳا. ذهن ۾ آنڌ مانڌ هئي. مان سوچڻ لڳس تہ اسان ماڻھو عاليشان گهرن ۾ رهون ٿا، عمدا کاڌا کائون ٿا، گهمون ڦِرون ٿا، کلون ڪُڏون ٿا ۽ سڀ مزا ماڻيون ٿا. پران جي پڄاڻي ڪيئن ٿي ٿئي؟ ٻہ گز زمين ۽ ٻيو ڪجهہ بہ نہ!
قبرستان جي سرسبز حصي مان لنگهي آخرڪار مان ان حصي ۾ پھچي ويس، جيڪو ويران لڳو پيو هو. سالن کان هتي ڪنھن کي بہ دفنايو ڪونہ ويو هو. ان هنڌ تي موجود قبرون ڌرتيءَ سان ملي ڌرتي ٿي چڪيون هيون.
جڏهن رات پنھنجا پَر پکيڙي چُڪي ۽ هر پاسي اوندھہ ڇانئجي وئي تہ مان هوريان هوريان قبر جي وچ ۾ ٺھيل چاري تي هلڻ لڳس. مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنھن آواري روح وانگر ڀٽڪندو رهيس. منھنجون نظرون اوندھہ ۾ کيس ڳولڻ لڳيون، پر سندس شڪل مون کي ڪٿي بہ نظر نہ آئي. رات جي گُهگهہ اوندھہ ۾ اڻ ڏٺل ملڪ جي رهواسين جي قبرن جي وچ ۾ گهمندي منھنجون وکون لاڳيتو ڏَڪي رهيون هيون. مان قبرن تي لڳل ڪَتبن کي بيھي بيھي ۽ جهُڪي جهُڪي پڙهندو رهيس ۽ مٿن آڱريون ڦيري انھن جي لفظن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
ان رات آسمان تي چنڊ بہ ڪونہ هو. منھنجي سامھون اَڻ ڳڻيون قبرون پکڙيون پيون هيون. پري پري تائين ڪنھن جانور جو بہ ڪو نانءُ نشان نظر نہ ٿي آيو. مون کي ڊپ ٿيڻ لڳو. مون کي ايئن لڳو، ڄڻ منھنجي دل منھنجي ڪنن ۾ ڌڙڪي رهي هجي. مان ڇِرڪ ڀَري بيھجي ويس. ان گهڙيءَ مون کي محسوس ٿيو تہ ڪو جهيڻو آواز ڪٿان اچي رهيو هو. مان هيڏي هوڏي ڏٺو. مون جيڪي ڪجهہ ٻُڌو هو، سو منھنجي پنھنجي ذهن جي پيداوار هو يا وري ان زمين مان نڪتو هو، جنھن ۾ اڻ ڳڻين مئلن جا جسم ڳري سڙي مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي چڪا هئا؟
منھنجي اندر ۾ ڊپ جي هڪ لَهر اُڀري آئي. مون کي لڳو تہ جنھن پٿر جي سِر تي مان ويٺو آهيان، سا لُڏي رهي آهي. سچ تہ ائين ئي هو. اها سِر سچ ۾ لُڏي رهي هئي. ڄڻ تہ اندران ان کي ڪو مٿي ڌِڪي رهيو هو. اوچتو هڪ زوردار اُڇل سان مان هڪ ٻي قبر تي وڃي ڪِريس. اُتان ئي مون ڏٺو تہ جنھن هنڌ تي مان ويٺو هئس، هڪ هڏن جو پڃرو ٻاهر نڪري آيو. اهو ان قبر جو مُردو ئي هوندو. رات اونداهي ٿي چڪي هئي، پر ويجهي هئڻ ڪري مان کيس صاف ڏسي رهيو هئس. نہ رڳو ايترو، پر مون کي اها لکڻي بہ چٽي نظر ٿي آئي، جيڪا سندس ڪَتبي تي لکيل هئي. ڪَتبي جا لفظ هئا؛ ”هيءَ جُوڪيس اولونٽ جي آخري آرامگاھہ آهي. پاڻ هڪ ايماندار شخص، هڪ محنت ڪندڙ مڙس ۽ هڪ امن پسند انسان هو.“
مون ڏٺو تہ هڏن جو اهو پڃرو ٿورو جُهڪيو ۽ پنھنجي قبر جي ڪَتبي جي لکڻي پڙهڻ لڳو. اها پڙهڻ کانپوءِ هن ڀرسان پيل هڪ چھنبدار پٿر سَٽ ڏئي کنيو ۽ ڪَتبي تي لکيل لفظن کي ڊاهڻ لڳو. ٿوريءَ دير جي ڪوشش کانپوءِ هُو اهي لفظ ڊاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوءِ هن ڪَتبي جي ڊَٿل حصي تي پنھنجي ڊگهين چھنبدار آڱرين سان ڪي ٻيا لفظ لکڻ شروع ڪيا، جيڪي هن ريت هئا.
هيءَ جوڪيس اولونٽ جي قبر آهي، جيڪو پھرين درجي جو بي ايمان، مغرور ۽ ظالم شخص هو. هن نہ رڳو پنھنجي زال کي سڄي عمر عذاب ۾ رکيو، پر پنھنجي پيءُ کي بہ مارايو هو.
مان اهي لفظ پڙهي ڪنڌ ورائي ڏٺو تہ حيران ٿي ويس. آسپاس، ويجهو ۽ پري، مطلب تہ هر پاسي قبرون کُليل هيون ۽ انھن قبرن جا مُردا ٻاهر نڪري اهوئي ڪم ڪري رهيا هئا. اهي سڀئي ڪَتبن جي لکڻين کي ڊاهي پنھنجي آڱرين سان اهي سچائيون لکي رهيا هئا، جن کان دنيا اڻ ڄاڻ هئي.
جنھن جنھن لکڻيءَ تي منھنجي نظر ٿي پئي، تنھن مان اها سُڌ ٿي پئي تہ هن جيئرن جي جھان ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا ويندڙ ۽ عزتدار انسان ڪيترا تہ دل جا ڪارا، بدنيت ۽ بي غيرت هئا. ڪتبا ڊاهي ٻيھر لکندڙن ۾ عورتون، ٻار، پوڙها، هر قسم جا ماڻھو شامل هئا.
ائين لڳوتہ ڄڻ مئلن جي ايڏي وڏي ميڙ ۾ چورن، لوڦرن، بدمعاشن، ڪُوڙن، زانين، مڪارن ۽ دوکيبازن جي، هڪ بہ شريف روح موجود ڪونہ هو.
ان ئي گهڙيءَ مون کي هُن جو خيال آيو ۽ مون سوچيو، ”پَڪ سان هُن بہ پنھنجي قبر جو ڪتبو ضرور تبديل ڪيو هوندو. وڃي ڏسان تہ ڇا لکيو اٿس.“ ۽ پوءِ مان تيزيءَ سان اوڏانھن هلي پيس. رستي ۾ سڀ مُردا ڪتبا تبديل ڪرڻ جي ڪم ۾ مصروف نظر آيا. مان بي پرواھہ ۽ بي ڊپو ٿيو سندس قبر ڏانھن وڌڻ لڳس.
مان کيس پَري کان ئي سڃاڻي ورتو. مون کي سندس چَھرو نظر ڪونہ آيو، ڇو جو سندس جسم تي ڪفن ويڙهيل هو، جيڪو اڃان ڪونہ ڳَريو هيو. سندس چھرو بہ ڪفن ۾ ڍڪيل هو.
سندس ڪتبي، جنھن تي ڪجهہ دير اڳ محبت ۽ وفا جي ديويءَ جھڙا لفظ لکيل هئا اتي هاڻي ٻيو ڪجهہ لکجي چڪو هو. لکيل هو؛
”هتي برائس دفن ٿيل آهي، جيڪا هڪ ڏينھن پنھنجي يار سان ملڻ وئي. بارش ۾ ڀڄندي گهر موٽي ۽ نمونيا جو شڪار ٿي مَري وئي.“
مان ڪجهہ نہ ٿو چئي سگهان تہ اها لکڻي پڙهي مون مٿان ڪھڙي قيامت گذري. دماغ کي چَڪر اچي ويا.
..........
ٻئي ڏينھن صبح جو جڏهن منھنجي اک کلي تہ مان پنھنجي بستري تي هئس. مون کي ٻڌايو ويو تہ مان کين برائس جي قبر وٽ بيھوش پيل مليو هئس.
(پرڏيھي ڪھاڻي)
مترجم: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي