امان.... گُڏي!
ليکڪ: محمد علي پٺاڻ | پڙهڻ جو وقت: 3 منٽ
”امان جيجڙي، مونکي محبڻ تي نہ ٿي وٺي وڃين تہ ڀلا، اتئون منھنجي لاءِ گڏي آڻيندينءَ.“
”ها، گڏي آڻينديسانءِ، پر شرط ان سان تہ نہ وڏي ڀاءُ سان وڙهندينءَ نہ ڏاڏيءَ کي تنگ ڪندينءَ.“
”نہ، ڀائوءَ سان نہ وڙهنديس. آئون ڏاڏيءَ کي بہ تنگ نہ ڪنديس، پر گڏي آڻيندينءَ تہ سھي نہ؟“
”هائو، چيومانءِ نہ تہ آڻينديسانءِ.“
”رک نور تي هٿ.“
”او هي نور تي هٿ. هاڻي تہ يقين آيئي نہ؟“
ڇھن سالن جي ننڍڙي زهران ماءُ جي ”يقين“ ڏيارڻ واري لفظ تي الائي ڇو ڦِسي پئي.
”وري روئين ٿي نہ. روئندينءَ تہ گڏي نہ آڻينديسانءِ.“
”نہ نہ، نہ ٿي روئان.“ ميري پوتيءَ سان زهران پنھنجا ڳوڙها اُگهي ورتا.
”هاڻي کلي ڏيکار.“
زهران جي چھري تي مصنوئي کِل اُڀري. ماءُ ڏسي اطمينان جو ساھہ کنيو ۽ پوءِ برقعو پائي ڳوٺ جي ٽيھارو کن عورتن سان گڏ شبير جي پٽ جي سُکان جا سھرا چوندي پتڻ ڏي وڌڻ لڳي.
عورتن کان اڳيان اڳيان مرد پئي هليا. جن ۾ زهران جو پيءُ ٻنيءَ ۾ ڪو ڪم هجڻ سبب شامل نہ هو.
ماءُ جي پويان پيرُ پيرَ ۾ ڏئي ۽ لڪي لڪي زهران ڪڍ لڳي.
تقريبن ٻن فرلانگن جي پنڌ کان پوءِ عورتون، مرد ۽ ڪجه ٻارڙا پتڻ تي پھچي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا.
زهران پتڻ کان ٿورڙو پرڀرو وڻ جي اوٽ ۾ بيھي حسرت سان ماءُ کي ٻين ماڻھن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهندي ڏسڻ لڳي.
ٻيڙيءَ ۾ سُکان وارن ماڻھن سميت ساٺيڪو کن ماڻھو جڏهن ڪڻو ڪڻو ٿي ويھجي ويا تہ باقي بچيل ڇھہ موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو سامان سڙو لوڊ ٿي ويو . پوءِ ٻيڙيءَ ۾ سَهرن جي آلاپ ۾ موٽر جو آواز بہ گڏجي فضا ۾ ڦھلجي ويو.
ٻيڙِيءَ جڏهن محبڻ ڏي منھن ڪيو تہ مٿي آسمان تي ٽيپھري جو سج زهران جي اکين ۾ وري الائي ڪٿان ڳوڙها کڻي آيو. زهران وري پوتيءَ سان پنھنجا ڳوڙها اگهي ٻيڙيءَ کي ڏٺو. ٻيڙي ائين پاڻي ۾ تيز ڊوڙندي پئي وئي، جيئن زهران جي پيءَ جي گڏھہِ گاڏي روڊ تي تيز ڊوڙندي آهي.
هاڻي زهران وڻ جي اوٽ مان نڪري اچي درياءُ جي ڪناري تي بيٺي. سامھون ٻيڙي تيزيءَ سان محبڻ ڏي وڌي رهي هئي.
۽ جڏهن ٻيڙي محبڻ جي پتڻ تي پھتي ۽ ڪناري سان لڳي تہ لنگرانداز ٿيڻ کان اڳ ٻيڙِيءَ جي آڳي تي چڙهيل چئن ماڻھن تڪڙ ۾ ٽپو ڏئي پاڻ کي ڪناري تي اڇليو. پويان ٻيڙيءَ ۾ ويٺل سڀ ماڻھو هڪدم اٿي بيٺا تہ سھرا بند ٿي ويا ۽ ٻيڙيءَ جو بارُ هڪ پاسي ٿي ويو...
پريان زهران رڙ ڪئي، ’امان........ ‘
ٻيڙي ان مھل هڪ جهٽڪي سان اونڌي ٿي وئي. رڙيون ڌرتي ۽ آسمان ۾ ويون. جن سان زهران جي رڙ بہ شامل ٿي وئي، ’امان............ گڏي ............... امان ...........‘
زهران جي اکين مان وهندڙ زاروقطار ڳوڙهن جي درياءُ جو بند ڀڄي پيو، جن کي روڪڻ وارو ڪو بہ نہ هو...!