فقط ڏھہ ڊالر
ليکڪ: هينري سلاسر | پڙهڻ جو وقت: 14 منٽ
سندن سڪيلڌي پٽ جي ٻارهين سالگرھہ هئي، اهو وڏي خوشيءَ جو موقعو هو، پر سندس سالگرھہ جو ڪيڪ ڪاٽيندي ماءُ ۽ پيءُ جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون، هيءُ ڪجهہ گهڙين جي لاءِ هڪٻئي کي ڏسندا رهيا، پوءِ ڄڻ کين اٿي پنھنجي پٽ جي موجودگيءَ جو احساس ٿيو ۽ هنن کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو، ۽ مرڪڻ لڳا، بيگم جوڊن پنھنجي پٽڙي سان ڳالھين ۾ جنبي ويئي ۽ نيٺ سندس زبان تي اُها ڳالھہ اچي ويئي، جنھن جو ذڪر هُن پنھنجي پٽ سان ڪرڻ نٿي گهريو.
سندس مڙس پيٽر جورڊن پنھنجي زال جي لفظن تي ڇِرڪي کيس ڏسڻ لڳو، هُن پھرين اکين جي اشارن ۽ نرڙ تي گهنج وجهي پنھنجي زال کي خاموش رهڻ جو چيو پر هُوءَ چپ رهي نہ سگهي. اڄ سندس سھپ جي سگهہ جو بند مامتا جي وهڪري ۾ لڙهي ويو، کيس پنھنجي پٽ جي ناراضگيءَ جي پرواھہ نہ هئي، هُن پنھنجي پٽ کي ڇاتيءَ سان لڳائيندي چيو، ”ﷲ ڪري تون امتحان ۾ ڪامياب ٿئين.“ هوءَ اهو چئي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي ۽ پوءِ چيائين، ”ڪاش! تون ڪامياب ٿي موٽين.“
”تون ڪھڙي امتحان جي ڳالھہ پئي ڪرين؟“
معصوم رچرڊ پنھنجي ماءُ جي اکين ۾ لُڙڪ ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ حيرت مان پنھنجي پيءُ کي ڏسندي چيائين، ”اهو ڪھڙو امتحان آهي بابا؟“
”تون ماٺ ڪري ماني کاءُ پٽ.“ هن پٽ جي سوال کي نظرانداز ڪندي پنھنجي زال کي دلاسو ڏيندي چيو، ”هني! مون کي پڪ آهي تہ پنھنجو رچرڊ امتحان ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو.
سالگرھہ جي موقعي تي رچرڊ کي تمام گهڻا تحفا مليا هئا، انھن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي خواهش رچرڊ جي اکين ۾ روشني بنجي چمڪي رهي هئي، پر هاڻ ماءُ ۽ پيءُ جي پراسرار ماٺ کيس اُداس ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو، رڌڻي مان نت نون کاڌن جي اُڀرندڙ سرهاڻ بہ سندس پريشاني ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. هُو سوچڻ لڳو، ”نيٺ بہ هي مون کي ٻڌائين ڇو نٿا تہ مون کي ڪھڙي قسم جو امتحان ڏيڻو آهي؟“
نيٺ پيٽر جارڊن ڊگهي خاموشي ٽوڙيندي پُٽ کي مخاطب ٿيو، ”پٽ! اصل ۾ اهو هڪ معمولي امتحان آهي ۽ اسان جي حڪومت هر سال انھن ٻارن کان هڪ مخصوص امتحان وٺندي آهي، جيڪي ٻارهن سالن جا ٿيندا آهن، جيئن تہ تون بہ ٻارهن سالن جو ٿي ويو آهين، تنھنڪري توکي بہ اهو ڏيڻو پوندو.“ پڻھنس پوري ڪوشش ڪئي تہ سندس لفظن ۾ سندس جذبا شامل هجن، تنھنڪري هُو پنھنجن لُڙڪن کي اندر ئي پي ويو.
”پر بابا، اهو جيڪڏهن اسڪول جھڙوئي امتحان آهي تہ پوءِ اوهان ايترو پريشان ڇو آهيو؟“
’رچرڊ‘ پيٽر جارڊن ڪاوڙيل لھجي ۾ کيس چيو، ”هاڻ تون پنھنجي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪر ۽ ڪھاڻين جو اهو ڪتاب پڙھہ، جيڪو مون تنھنجي لاءِ آندو آهي.“
رچرڊ خاموشيءَ سان اُٿيو ۽ پنھنجي ڪمري ۾ هليو ويو. هن بستري تي ليٽندي ئي ڪتاب تي نظرون کپائي ڇڏيون، پر سندن ذهن مونجهاري جو شڪار ٿي چڪو هو، ڪتاب جو وڻندڙ ڪَور ۽ دلچسپ ڪھاڻيون بہ سندس چھري تي مُرڪ پکيڙي نہ سگهيون، هُو هٿ ۾ ڪتاب جهلي ڪيتري دير تائين ٻاهر وسندڙ برسات جو سھڻو منظر ڏسندو رهيو.
سندس ذهن ۾ هڪٻئي جي پويان سوال اُٿندا رهيا.
”هيءُ مينھن ڇو ٿو وسي؟ ڪيئن ٿو وسي؟ اڄ هيءُ مينھن ڇو پيو وسي؟ ڪالھہ ڇو نہ وسيو؟ وٽس انھن سوالن جو ڪوبہ جواب نہ هو. هُو ڪمري ۾ اڪيلو ويٺو اُداس ۽ پريشان ٿي ويو، ۽ نيٺ ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو، پڻھنس ورانڊي ۾ اخبار پڙهيو رهيو هو، رچرڊ ٿوري دير جي لاءِ کيس خالي خالي نظرن سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ اذيتناڪ ماٺار سندس لاءِ سھپ کان ٻاهر بنجي ويئي.
هُن پنھنجي پيءُ جي ويجهو ٿيندي چيو، ”بابا! مينھن ڇو ٿو وسي؟“
”ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ قدرتي عمل آهي.“ پيٽر سمجهي ويو هو تہ سندس پٽ ڇا ٿو چاهي، هن اخبار تان نظرون هٽائڻ کان سواءِ جواب ڏنو.
”پر بابا! ڇا مينھن وسڻ ضروري آهي؟“
”هائو، اِن ڪري تہ مينھن اسان جي زمين کي نئين زندگي عطا ڪري، ان ۾ نباتات پيدا ڪري ٿو.“ پيٽر وري ٽارڻ واري انداز ۾ چيو.
”مينھن زمين مان نباتات ڪيئن ٿو اُپائي....؟ ڇا مينھن کانسواءِ زمين مان وڻ ٻوٽا ڦُٽي نٿا سگهن؟“
”مون کي خبر ڪونھي.“ اهو چئي پيٽر تيزيءَ سان ڪرسي ٻي پاسي ڦيري ڇڏي، پر پٽ بہ پنھنجي تجسس جي هٿان مجبور ٿي ٻي پاسي گهمي ويو، ”بابا! گاھہ جو رنگ سائو ڇو هوندو آهي، ڳاڙهو يا نيرو ڇو نہ، رچرڊ هڪ ٻيو سوال ڪيو.
”مون کي خبر ڪونھي.“ نيٺ پڻھنس ڦاٽي پيو، ”مون کي تہ ڇا گهر ۾ ڪنھن کي بہ انھن سوالن جي جوابن جي خبر ڪونھي، تنھنڪري تون بہ ڄاڻڻ جي ڪوشش نہ ڪر، ان قسم جي بيڪار سوالن سان رڳو وقت برباد ٿئي ٿو، نيٺ بہ تون اهو سڀڪجهہ ڄاڻي ڇا ڪندين؟“ پيٽر هڪ ئي ساهيءَ ۾ چئي ويو، پر کيس هڪدم خيال آيو تہ اڄ سندن پٽ جو جنم ڏينھن آهي، نہ تہ شايد هو پنھنجي پٽ جي اڳيان پنھنجي دل کولي رکي ڇڏي ها، هن کيس ٻڌائڻ ٿي گهريو ته، ”پٽ! اڄ تنھنجي ذهن ۾ جيڪي سوال جنم وٺي رهيا آهن، ماضيءَ جو ترقي پسند انسان انھن سڀني جا جواب معلوم ڪري چڪو هو، انسان ڏاڍي ترقي ڪئي هئي، پر ان ترقي جو انجام ڏاڍو خراب ٿيو؟ ڀوائتي تباهي ۽ بربادي.... دنيا ۾ ائٽمي جنگ شروع ٿي ويئي، جنھن ۾ بيشمار خطرناڪ ائٽمي هٿيار استعمال ڪيا ويا، جن ڪروڙين انسانن کي اک ڇِنڀ ۾ ساڙي ڦلھيار ڪري ڇڏيو، ڪيترن ئي ملڪن ۾ زمين تابڪاري جي ڪري اُجڙي سُنڍ ٿي ويئي. هاڻي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان اُتي آبادي ٿي آهي.“
پيٽر پنھنجي پٽ کي اهو ٻڌائڻ نٿي گهريو تہ ان هٿراڌو ترقيءَ انسان جو چھرو ڪيترو نہ ڀوائتو ڪري ڇڏيو هو ۽ ترقي ڪندي ڪندي اڄ سندس مھانڊو ڪيترو نہ بڇڙو ۽ ڊيڄاريندڙ بنجي چڪو آهي، نيٺ اسان کي ترقي جي رفتار جي گهوڙي کي لغام ڏيڻو پيو، نہ تہ زندگيءَ جو خاتمو ٿي وڃي ها.
هاڻي هر حڪومت پاران پنھنجن شھرين تي اها سخت پابندي لڳل هئي تہ اُها پنھنجي ٻارن کي ڪنھن بہ سوال جو جواب نہ ڏي، جيڪڏهن اها پابندي نہ هجي ها تہ پيٽر سولائيءَ سان پنھنجي پٽ کي مطمئن ڪري ٿي سگهيو. رچرڊ مايوس ٿي واپس پنھنجي ڪمري ۾ موٽي ويو، پر جيئن تہ اڄ رچرڊ جي سالگرھہ هئي، تنھنڪري پيٽر کيس ناراض ڪرڻ نٿي گهريو هو کيس پرچائڻ جي لاءِ سندس ڪمري ۾ گهڙيو تہ رچرڊ کي ڏسندي ئي سندس پارو ٻيھر چڙهي ويو، سندس پٽ ڪنھن اونھي سوچ ۾ دريءَ وٽ بيٺو، ٻاهر کليل آسمان کي گهوري رهيو هو، مينھن وسڻ بند ٿي چڪو هو ۽ سج نڪري آيو هو.
”تون هِتي بيٺو ڇا پيو ڪرين؟“ پيٽر اڳتي وڌي دري بند ڪري ڇڏي. توکي خبر ڪونھي تہ سج ڏانھن سڌو ڏسڻ سان اکين کي نقصان رسي سگهي ٿو.
”بابا! آءٌ سوچي رهيو هئس تہ سج ڪيڏو نہ وڏو آهي.“ رچرڊ جواب ڏنو، ”آءٌ ڄاڻڻ ٿو گهران تہ اهو زمين کان ڪيترو پري آهي.“
پڻھس هٿ مان جهليندي هڪ پاسي ڇڪيندي چيس، ”اجايا سجايا سوال ڪري پنھنجو مٿو خراب نہ ڪر، ٺيڪ آهي توکي ٻڌايان ٿو تہ سج اسان جي زمين کان پنج هزار ڪلوميٽر پري آهي.“
”ڇا چيئہ بابا! بس رڳو پنج هزار ڪلوميٽر پري؟“ رچرڊ شڪي نظرن سان پيءُ کي تڪڻ لڳو.
صبح جو نيرن مھل رچرڊ جي تکين نظرن کان ماڻس جي اکين ۾ ڇلڪندڙ نمي لڪيل رهي نہ سگهي هئي. رچرڊ جي خواب ۽ خيال ۾ بہ اها ڳالھہ نہ هئي تہ سندس امڙ، سندس امتحان جي سلسلي ۾ ايتري پريشان هوندي، نيرن ڪري پڻس کيس ٻڌايو تہ اڄ سندس امتحان جو ڏينھن آهي، رچرڊ پنھنجي پيءُ کي هڪ نظر ڏٺو ۽ ٻڏتر ۾ مبتلا پنھنجي امڙ کي دلاسو ڏيڻ لڳو، ”امان! توکي خبر آهي تہ آءٌ ڏکئي کان ڏکيو سوال جو جواب بہ ڏيئي سگهان ٿو، توکي خبر آهي تہ آءٌ اڄ تائين ناپاس نہ ٿيو آهيان.“
”پر ٻچڙا! اڄوڪو امتحان ٿورو مختلف آهي، تہ بيگم جارڊن پنھنجي آواز کي پرسڪون ڪندي چيو، ”اهو هڪ مخصوص قسم جو امتحان آهي، پر گهٻرائڻ جي ڪابہ ڳالھہ ڪونھي. اتي ٻيا بہ ڪيترائي ٻار هوندا، پر روزانو هزارين ٻار اهڙو امتحان ڏين ٿا.“
”هيءُ خاص قسم جو امتحان آهي، اوهان جو مطلب ڪھڙو آهي؟“ ڇا ان ۾ ڪافي ڏکيا سوال پڇيا ويندا؟“ رچرڊ پريشان ٿيندي چيو.
”پُٽ! آءٌ توکي سمجهايان ٿو تہ هيءُ ڪھڙو امتحان آهي.“
پيٽر ڌيان سان پنھنجي پٽ کي ڏٺو ۽ پوءِ نظرون چورائيندي ٻڌائڻ لڳو، ”توکي اِن امتحان ۾ سڀ کان پھرين خاص قسم جو شربت پياريو ويندو، ان کان پوءِ توکي هڪ ڪمري ۾ نيو ويندو، جتي هڪ ڪمپيوٽر مشين تنھنجو امتحان وٺندي.“
”هڪ مشين؟“ رچرڊ جون اکيون حيرت ۾ ڦاٽي ويون. ”بابا! هڪ مشين انسان جو امتحان ڪيئن ٿي وٺي سگهي؟“
”پٽ! اها مشين رڳو تنھنجا جواب جانچيندي، اها ڏسندي تہ تون ڪوڙ پيو ڳالھائين يا سچ.“ پيٽر وراڻيو.
”ڀلا آءٌ ڪوڙ ڇو ڳالھائيندس.“ رچرڊ مُنجهندي چيو، پيءُ پاران جواب نہ ملڻ تي هن ماڻس ڏانھن ڌيان ڌريو، امان ٻڌاءِ تہ ڪھڙو چڪر آهي؟“
”پُٽ! ڪو چڪر ڪونھي، ماڻس وڌي کيس ڇاتيءَ سان لاتو، هُن پوءِ پنھنجي مڙس کي ڏٺو ۽ پنھنجن لفظن جي تصديق ڪرڻ گهري.
”ڪيئن پيٽر صحيح پئي چوان نہ؟“
”هائو!“ پيٽر پنھنجن چپن تي زوريءَ مُرڪ آڻيندي چيو، ”رچرڊ ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهي، مون کي خبر آهي تہ هيءُ جلد امتحان ڏيئي اسان جي وچ ۾ هوندو. اسين هڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي پٽ جي سالگرھہ وڏي پئماني تي ملھائينداسين.
رچرڊ پنھنجون اکيون ڇنڀيندي حيرت مان مائٽن ڏانھن ڏسڻ لڳو.
پيءُ پٽ امتحان شروع ٿيڻ کان ڪجهہ منٽ اڳ مقرر جاءِ تي پھچي ويا. پيٽر جارڊن بيچينيءَ مان پنھنجي گهڙي ڏٺي ۽ پنھنجي اندر ۾ اٿندڙ طوفان تي قابو پائڻ جي لاءِ هڪٻئي جي پويان سگريٽ پي رهيو هو، هڪ گهنٽي وڄڻ تي پردو مٿي کڄيو ۽ پنھنجي پٽ سان گڏ هُو لفٽ ۾ داخل ٿيو، جنھن کيس عمارت جي پندرهين ماڙ تي پھچائي ڇڏيو. ان ماڙ تي عجيب ويراني ڇانيل هئي، پيءُ ۽ پٽ جا بوٽ سنگ مرمر جي فرش تي کٽ کٽ ڪرڻ لڳا ۽ جنھن سان ماحول ۾ ڇانيل ويراني ڄڻ ٽُٽي ويئي.
رچرڊ جو معصوم ذهن هڪ مشين بنيل هو، سندس ذهن ۾ هڪٻئي جي پويان سوال اُٿي رهيا هئا. هُو سوچي رهيو هو تہ اڄ امان مون کي پنھنجي هٿ سان نيرن ڇو ڪرائي ۽ مون کي پنھنجن هٿن سان ڦڻي ڏني ۽ مون کان موڪلائڻ مھل ايترو پيار ڇو ڪيو ۽ وري رُني بہ ڇو پئي؟ کيس اها بہ خبر هئي تہ بابا ۽ امان ٻيئي سڄي رات جاڳندا رهيا هئا، ڇو تہ صبح جو سوير ئي سندن ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي، کيس محسوس ٿيڻ لڳو تہ اڄ ضرور ڪا خاص ڳالھہ آهي، تڏهن تہ پُرسڪون رهندڙ بابا سگريٽ مٿان سگريٽ پي رهيو آهي.
پيٽر جارڊن ڪمري نمبر پنج سؤ ويھين جي سامھون بيھي سگريٽ جي ڦوڪ ڀري ۽ ان جو ٽوٽو هيٺ اُڇلي پنھنجي بوٽ جي تريءَ سان ائين رڳڙيو، ڄڻ دماغ ۾ گِهڙي ايندڙ ڪنھن ڀوائتي خيال کي چٿي رهيو هجي. رچرڊ سوچڻ لڳو ڪچري دان ڀرسان هئڻ جي باجود ان اڄ بابا سگريٽ فرش تي ڇو رڳڙيو؟ ڪمري ۾ گهڙندي ئي رچرڊ کي سخت سرديءَ جو احساس ٿيو، پيٽر بہ سرديءَ جي شدت محسوس ڪندي گهڙي کن ڏڪندي پاڻ کي سنڀاليو، ان ميز ڏانھن وڌيو، جتي هڪ سخت چھري وارو همراھہ پکڙيل فائلن جي مطالعي ۾ گُم هو، هن ڪنڌ کڻي ٻنھي کي ڏٺو تہ پيٽر کيس مخاطب ٿيو. ”اڄ منھنجي پٽ جو امتحان آهي، هن جو نالو رچرڊ جارڊن آهي.“
پيٽر وڏي پاٻوھہ مان پٽ کي ويجهو ڪيو ۽ چيو، ”پُٽ! پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪونھي، ٿوري دير ۾ ڪلارڪ توکي سڏيندو، تون خاموشيءَ سان اوڏانھن هليو وڃج.“ هُن هڪ بند ڪمري ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
رچرڊ ٿوري دير اتي ويٺو ڀتين کي گهوريندو رهيو، اچتو رچرڊ جارڊن جو نالو سڏيو ويو.
”وڃ پٽ!“ پيٽر جي اختيار کيس پنھنجي سيني سان لڳايو ۽ پيار ڀرين نظرن سان کيس ڏسندي چيو، ”اسين امتحان کان پوءِ ٻيھر ملنداسين.“
رچرڊ چپ چاپ اڳتي وڌيو ۽ دروازو کولي اندر گهڙيو، ڪمري ۾ وڏي ميز جي پويان هڪ نوجوان ڪلارڪ ويٺو هو، سندس چھرو بہ سرد مھري جو نمونو هو، ”ڇا تنھنجو ئي نالو رچرڊ آهي.“ هُن پڇيس.
”جي هائو.“ رچرڊ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
”تنھنجو امتحاني ڪوڊ نمبر 115-600 آهي.“ هن جذبات کان عاري لھجي ۾ چيو، ۽ پوءِ ميز جي ڀرسان رکيل اسٽول تان هڪ گلاس کڻي رچرڊ کي ڏيندي چيو، ”وٺ! هيءُ پي.“
”هيءُ ڇا آهي؟“ رچرڊ پاڻ کي سوال ڪرڻ کان جهلي نہ سگهيو. ”هن سان ڇا ٿيندو؟“
”توکي جيڪو چيو ويو آهي، اُهوئي ڪر.“ ڪلرڪ سخت آواز ۾ کيس حڪم ڏنو.
رچرڊ گلاس وات تي رکيو ۽ هڪ ئي ٽِڪ ۾ پي ويو، مشروب جو ذائقو مٺو هو، رچرڊ ڪا غير معمولي ڳالھہ محسوس ڪري نہ سگهيو، پر ڪجهہ گهڙين کان محسوس ڪيائين تہ سندس مٿو ڳرو ٿي رهيو هو، جيڪڏهن ڪلارڪ کيس اکيون ڦاڙي نہ ڏسندو هجي ها تہ هُو رڙ ڪري ها، ٿوري دير کان پوءِ هُو نيم بيھوش ٿي ويو.
ڪلارڪ رچرڊ تي ٿيندڙ مشروب جو عمل ڏسندو رهيو ۽ پوءِ وڌيڪ اطمينان جي لاءِ ٽارچ ٻاري رچرڊ جي اکين ۾ روشني وڌي ۽ پوءِ مطمئن ٿي اُٿي بيٺو. ”منھنجي پويان اچ.“ هن دروازي ڏانھن وڌندي چيو.
رچرڊ سندس حڪم تي عمل ڪيو ۽ ڪجهہ گهڙين کان پوءِ هُو ٻي ڪمري ۾ موجود هو. اتي کيس هڪ انوکي ڪمپيوٽر مشين جي سامھون ويھاريو ويو، هن اهڙي مشين پھريون ڀيرو ڏٺي هئي، مشين جي سامھون ڊائلن جي قطار لڳل هئي ۽ بيشمار بلب ٻري ۽ وسامي عجيب تاثر پيدا ڪري رهيا هئا. رچرڊ حيرت مان ان ڪرسيءَ کي ڏٺو، جنھن جي ٻانھن سان سندن ڪرايون، برقي تارن سان جڪڙيو ويون هيون. رچرڊ ڊڄي ويو ۽ پڇيائين، ”هي سڀ ڇا آهي؟“ تون ڇا پيو ڪرين.
”پُٽ ڊڄڻ جي ضرورت ڪونھي.“ ڪلارڪ پھريون ڀيرو رچرڊ کي دلاسو ڏنو، ”هاڻ توکان ڪجهہ سوال پڇيا ويندا، توکي انھن جا جواب ڏيڻا آهن.“ هن ٻيھر مائڪروفون طرف اشارو ڪيو، جيڪو رچرڊ جي چھري جي ويجهو اچي رهيو هو.
”۽ ها، جواب سوچي سمجهي ڏج، هيءَ مشين تنھنجي جوابن جي پڙتال ڪندي. سمجهي وئين نہ؟“
”آءٌ هاڻ وڃان پيو، اڪيلو ٿي وڃڻ کان پوءِ جڏهن توکي محسوس ٿئي تہ تون امتحان جي لاءِ تيار آهين تہ مائيڪرو فون تي تيار آهيان چئج.“ ڪلارڪ رچرڊ جي ڪلھي تي ٿڦڪي ڏيندي ٻاهر نڪري ويو.
ڪلارڪ جي ٻاهر نڪرندي ئي رچرڊ چيو، ”تيار آهيان.“ ۽ مشين جي پينل تي نظرون کُپائي ڇڏيائين، سندس ڳالھائيندي ئي ڪيترائي بلب ٻرڻ لڳا، اوچتو مشين ۾ لڳل اسپيڪر مان آواز آيو، ”ڏھہ، نو، اٺ، ست ان کان پوءِ ڪھڙا انگ ايندا؟“
پيٽر جارڊن ۽ سندس زال سامھون ويٺا شام جي چانھہ پي رهيا هئا، سندن چانھہ ڪڏهوڪي ٿڌي ٿي چڪي هئي، هُو ٻيئي هڪٻئي ڏانھن ڏسڻ کان سواءِ ئي پنھنجي سوچن ۾ گُم هئا، کين ڊپ هو تہ ڪٿي هُو هڪٻئي جي اکين ۾ اڀرندڙ انديشي کي پڙهي ڊڄي نہ وڃن، ٻنھي اها ڳالھہ چڱي طرح ڄاتي ٿي تہ سندن پٽ ضرورت کان وڌيڪ ذهين آهي، ايترو ذهين جو هو ذهن جي اها حد اُڪري چڪو آهي، جيڪا حڪومت ذهانت جو معيار جانچڻ جي لاءِ مقرر ڪئي آهي.
اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، ٻيئي پنھنجي جاءِ تان جهڙپ ڏيئي اُٿيا، فون جي ويجهو پھتا، پيٽر پنھنجي زال کان ڦڙتيلو ثابت ٿيو، رسيور کڻڻ باجود بہ سندس وات مان هڪ لفظ بہ نہ نڪتو.
”پيٽر جارڊن“ ٻي پاسان سرد آواز آيو.
”جي...جي...ها“ پيٽر ٿُڪ ڳڙڪائيندي پنھنجي سڄي سگهہ سھيڙي وراڻيو. ٻي پاسان مشيني انداز ۾ هڪ آواز ڳالھائڻ شروع ڪيو، ”آءٌ حڪومت پاران پيو ڳالھايان، اوهان کي اطلاع ڏيڻو آهي تہ اوهان جو پٽ رچرڊ جارڊن، جنھن جو سرڪاري ڪوڊ نمبر 115-600 آهي ۽ جيڪو ڪالھہ سرڪاري امتحان ۾ شامل ٿيو هو، فيل ٿي ويو آهي، اوهان کي هيءُ اطلاع ڏيندي مون کي دلي صدمو پيو رسي تہ اوهان جي پُٽ جو ذهانت جو معيار حڪومت جي مقرر ڪيل معيار کان گهڻو مٿي آهي.“
بيگم جارڊن جيڪا مڙس سان گڏ بيٺي پوري ڌيان سان ڳالھہ ٻڌي رهي هئي، پنھنجي لاڏلي پٽ جو نتيجو ٻڌندي ئي غش کائي هيٺ ڪرڻ لڳي. پيٽر پنھنجي زال کي سھارو ڏنو ۽ هڪ ڀيرو ٻيھر ڪن تي رسيور رکيو. ٽيليفون تي اطلاع ڏيندڙ، جيڪو بہ هو، ان کي شايد اها خبر نہ هئي تہ سندن ان اطلاع ٻن حساس دلين تي ڪيترا نہ غمن جا پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن. هن تہ بس اطلاع ڏيئي جلد واندو ٿيڻ ٿي گهريو.
”پيٽر جارڊن، تنھنجي پُٽ رچرڊ جارڊن کي سرڪاري قانون 84 ۽ قلم 50 تحت.....
”پر هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“ پيٽر سندس ڳالھہ ڪٽيندي چيو.
”جناب ان جو دارومدار تہ اوهان تي آهي، اوهان پنھنجي پٽ جي ڪفن دفن جو بندوبست پاڻ ڪندا يا ڪنھن سرڪاري اداري جي حوالي ڪرڻ گهرندا.“
ٿوري دير ٻنھي پاسن کان ماٺار رهي، پيٽر جي وات مان هڪ لفظ بہ نڪري نہ سگهيو، هڪ ڀيرو ٻيھر کيس ٻي پاسان مخاطب ٿي چيو ويو، ”حڪومت طرفان ڪفن دفن جي في ڏھہ ڊالر آهي، رڳو ڏھہ ڊالر.“
(پرڏيھي ڪھاڻي)
مترجم: يوسف سنڌي