App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

بادشاھہ مڇي

ليکڪ: مير سجاد اختر ٽالپر | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ

ارباب جو ڄم، سمنڊ جي لڏندڙ لھرن جي ٻيڙين ۾ ٿيو هو، هُو ننڍپڻ کان ئي سمنڊ جي ڇولين سان راند ڪندي ڪندي اچي جانٺو مڙس ٿيو هو، سمنڊ جا ناکئا ٻيا بہ هئا، پر ارباب تہ پنھنجو مٽ پاڻ هو. وڏن طوفانن جي ڪاوڙيل ڇولين کي شڪست ڏيئي، پار وڃي پوندو هو. گهڻا ناکئا توڙي ٺيڪيدار هن کي شينھن ڪري ڪوٺيندا هئا تنھنڪري هر ٺيڪيدار هن کي پاڻ سان کڻڻ لاءِ آتو هوندو هو. هر ناکئي جيان هن جي بہ خواهش هئي تہ ڪا بادشاھہ مڇي هٿ چڙهي وڃي تہ پئون ٻارنھن ٿي پون. انھيءَ لاءِ هُو ڪيترائي ڀيرا سمرين جي اندر وڃي چڪو هو، جتي ڀارت جي سرحد بہ تقريباً لڳولڳ هئي. ڪنھن وقت بہ جهلجي جيل ۾ واڙجي سگهيو ٿي. گهڻا ناکئا هن کي اوڏانھن وڃڻ کان منع بہ ڪندا هئا، پر بادشاھہ مڇيءَ جي مارڻ جي خواهش هن کي سمرين ڏانھن ڇڪي ويندي هئي، پر نصيب ئي ڪو اهڙو هئس. هن جو ڄار بادشاھہ مڇيءَ کان هميشہ خالي ايندو هو. هفتو کن اڳ جي ڳالھہ آهي جو غلام محمد وارن ساڳي پاڻيءَ مان بادشاھہ مڇي ماري هئي. ارباب کي ڏاڍو ارمان ٿيو هو، پر ڪنھنجي ڀاڳ سان ڪھڙي ريس؟ هونئن بہ هر ٻيڙياتيءَ جي اها خواهش هوندي هئي تہ ڪا بادشاھہ مڇي ڦاسائي گهر موٽن تنھنڪري لانچ کولي اندر ڪاهڻ کان اڳ ۾ ﷲ پاڪ کان دعا گهُري پوءِ سمنڊ ۾ گهڙندا هئا تہ ”رب پاڪ، اڄ ڪا بادشاھہ مڇي ڏيار........“ پر هُو ٻين مڇين سان ڀرجي اچي ڪناري تي لھندا هئا، پر بادشاھہ مڇي ور تہ ڪانہ چڙهندي هئن سوها مڇي (جنھن کي ميربحر بادشاھہ مڇي ڪري ڪوٺيندا هئا ڇو تہ اها انتھائي مھنگي ويندي هئي سوها مڇيءَ جي چرٻي يا گوشت منجھان آپريشن کان پوءِ ٽانڪا ڏيڻ وارا ڌاڳا ٺھندا آهن) سمرين جي گهري پاڻيءَ جي تر ۾ رهندي هئي. سياري جي مند، سوها مڇي مارڻ جي آئيڊيل موسم هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن برسات ۽ سامونڊي طوفان ۾ بہ مٿي سمنڊ جي سطح تي چڙهي ايندي آهي. گهڻي برسات يا طوفان ۾ لانچن ۽ غورابن کي سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي هوندي هئي تنھنڪري گهڻن ٻيڙياتن جو ارمان، ارمان ئي رهجي ويندو هو. ارباب نئون لانئون لھي، گهوٽ بڻيو هو. سندس پيءُ وراڻيو هئس تہ ”پٽ، اولاد آهي گهوٽ جي ڀاڳ جو ۽ رزق آهي ڪنوار جي ڀاڳ جو، سو تون لانئون لھي پئو تہ من ڪنوار جي ڀاڳ جي بادشاھہ مڇي اچي تنھنجي ڄار ۾ ڦاسي......“ انھي ڪري هي لانئون بہ لھي پيو هو، هاڻ ڪنوار جي ڀاڳ جي بادشاھہ مڇي هئي يا نہ، سو خدا ئي ڄاڻي، پر شاديءَ کانپوءِ بہ ارباب جو ڄار اڳ جيان بادشاھہ مڇيءَ کان خالي ئي موٽندو هو. وقت ٻرانگهون ڀريندو ويو پئي ارباب جي گهر ۾ هاڻ ٻہ مان گهر جا چار ڀاتي ٿي پيا هئا، ننڍڙو بھادر ۽ ننڍڙي سھڻي گهر ۾ واڌاري جو سببب بڻيا هئا. ٻچن جي اچڻ سان گڏ ايترو سو ضرور ٿيو هو جو ٽڪو ٽڪو گڏ ڪري، پنھنجي لانچ ورتي هئائين سو هاڻي روزيءَ ۾ مڙئي ڪشادو ٿي پيو هو. بادشاھہ مڇي مارڻ واري خواهش گهٽجڻ بجائي ويتر وڌي وڻ ٿي ويئي هئس، جڏهن تہ هاڻي جواني بہ ٻرانگهون ڀري، هن کان ڄڻ ڪي موڪلاڻيءَ تي هجي. ڪارن وارن ۾ اڇن وارن اچي ڀيرو ڀڳو هو، بت ۾ بہ اها جانٺائي نہ رهي هئس، پر هن جي نسبت سمنڊ پنھنجو جوڀن اهڙي ئي آب و تاب سان قائم رکيو پئي آيو ڄڻ ڪٿان آبِ حيات پي آيو هجي جنھن کي ڪڏهن بہ، نہ پوڙهپ ايندي نہ ئي ڪڏهن مرندو، اهي ئي اڇي گج سان ڀريل ڇوليون، اهي ئي ڪناري تي اڇلايل ڪوڏ، سپون ۽ گهونگها، اها ئي واريءَ جي لٽ، ڪنھن وقت کڻي وڃي تري ۾ اڇلائي تہ ڪنھن وقت اچي ڪناري تي ڦٽو ڪري پنھنجو نشان ڇڏيو وڃي. اڙٻنگ ڇوليون ساڪت ٿيل ڦڪن ٽڪرين ۽ پٿرن سان ٽڪرائي عجيب شور پيدا ڪري رهيون هيون. ارباب انھي مادرِ سمنڊ مان الائي ڪيتريون مڇيون جهلي پنھنجو ۽ پنھنجن ٻچن جو پيٽ گذران ڪندو رهيو هو. اهو سمنڊ اڄ بہ هن جو محبوب هو، هن جا آر ۽ انگل ڪنھن محبوب جي پرچڻ ۽ روسامي جيان ٿي لڳا. ڀل هن کي سمنڊ بادشاھہ مڇي نہ ڏني هئي، پر سمنڊ جي پيٽ تي هن ننڍڙي ٻار جي معصوم ادائن جيان ليٿڙيون پاتيون آهن. هن جي ڇولين مان جهولن جھڙو لطف ورتو هو، پر انھيءَ محبوب مان جوڙي ڪين نہ سگهيو هو، هن جي ڪونج جھڙي سھڻي ڌيءَ بہ اچي جوان ٿي هئي. سندس لاءِ رشتا بہ اچڻ شروع ٿي ويا هئا. هي تہ آڻين ۽ چاڙهين واري ڪرت ۾ مس پورو هو. نياڻيءَ لاءِ چار ڪپڙن جا جوڙا بہ ڪين نہ ٺھرائي سگهيو هو، هن کي ڌيءَ جي ڳاراڻي، ڳارڻ شروع ڪري ڏنو هو. اهڙو ڪنڌار مڙس جهڪو ٿيندو پئي ويو. سھڻيءَ کي بہ خبر هئي تہ هن جو پيءُ، هن لاءِ پريشان آهي سو هڪ صبح قرآن پاڪ جي تلاوت پوري ڪري، پنھنجي پيءُ کي وراڻي، جيڪو هميشہ جيان پنھنجا ڄار سنڀاري، دادلي سمنڊ ڏانھن اسھڻ جي تياري ڪري رهيو هو تہ ”بابا، اڄ بادشاھہ مڇي کڻي پوءِ ڪناري تي ورندين.....“ ارباب، اميد ڀرين نظرن سان پنھنجي نياڻيءَ ڏانھن نھاريو ۽ وڏي آواز چيائين ”آمين ﷲ“ ۽ سمنڊ ڏانھن اسھي ويو، جئين لانچ ۾ سڀ ٻيڙياتا ويٺا، جئين ناتاري ڇڪڻ لڳا تہ ارباب وراڻيو تہ ”اڄ سمرين ۾ هلنداسين“ ارباب کي سُهڻيءَ جا لفظ بار بار ڪنن ۾ گونجي رهيا هئا تہ ”........بابا، اڄ بادشاھہ مڇي کڻي پوءِ ڪناري تي ورندين........“ بس هن کي اها ڳالھہ دل ۾ ويھي ويئي سو اچڻ شرط هن پنھنجن ٻيڙياتن کي گهَري پاڻي سمرين ڏانھن هلڻ لاءِ چيو، ٻيڙياتا بہ ٻيڙين هاڪاري ٿيا روانا، جڏهن تہ سمنڊ ۾ طوفان اچڻ جي مدِنظر گهري سمنڊ ۾ نہ وڃڻ جون هدايتون ڏنل هيون، پر ارباب سڀ ڳالھيون نظرانداز ڪري نڪري پيو گهري پاڻي سمرين ڏانھن، ڳچ پنڌ ڪرڻ کانپوءِ سمنڊ ڄڻ ڀنڀرجڻ لڳو هو. ڇولين جي اڏام بہ وڌڻ لڳي هئي. ارباب جي لانچ جي ٻيڙياتن ۾ ڀئو اچي پيو، پر ارباب بضد هو تہ سمرين هلو، هُو اڳ بہ اهڙن ڪيترن طوفانن مان پار پيل هو، پر تڏهن جواني هئي، هينئر عمرڪي موٽ هئي. سمنڊ ۾ ڪُنن جا ڄڻ ڪڙڪاٽ پوڻ لڳا هئا. طوفان اچڻ جا آثار چٽا پئي نظر آيا، پر موٽڻ ارباب لاءِ ڄڻ ميھڻو هو، هاڻي يا تہ بادشاھہ، مڇي مارڻي هئي يا موت کي گلي لڳائڻو هو وچ ۾ ٽيون ڪو رستو نہ هو، سمنڊ بہ چوي اڄ نہ ڇُلان تہ ڪڏهن بہ نہ ڇلان، هن واري لانچ بہ وڏن لوڏن ۽ لمن ۾ هئي. ٻيڙياتن کي تہ هاڻ پنھنجي موٽ يقينن پئي نظر آئي. ڪناري تي ويٺل ميربحرن ۾ بہ رڙيون پئجي ويون هيون تہ ارباب ڪونہ موٽيو آهي. طوفان بہ پنھنجي آمد جا نياپا ڄڻ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، سمنڊ جي صورتحال کي ڏسي، ڪناري تي ويٺل سڀ تقريبن مايوس ٿي چڪا هئا. ارباب جي گهر بہ اطلاع ڏيئي ڇڏيائون تہ ارباب وارا طوفان جي ورچڙهي ويا آهن. ارباب جي گهر مصلا وڇائجي ويا، کجين جي کيکڙين تي آيتہ ڪريما ”لاﷲ الا انتِ سبحانڪ اني ڪنتم من الظامين“ جو ورد شروع ٿي چڪو هو، شام ڌاري طوفان جو پيٽ چيريندو، ارباب اچي ڪناري لڳو. سڀئي ٻيڙياتا ساڻا هئا، پر چھري ۾ سرها پئي لڳا، سرها لڳن بہ ڇو نہ، ڇو تہ هڪ بہ نہ پر ٻہ بادشاھہ مڇيون جهلي اچي ڪناري لٿا هئا.