سج اسان جي ڳوٺ مان ٿو اُڀري!
ليکڪ: يار محمد چانڊيو | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ
سنڌ وطن ۾ شايد اسان جو ئي ٻن سؤ گهرن تي مشتمل ڳوٺ آھي ، جتي ڪوبہ هٿيارن جو شوق نہ ٿو رکي، جتي ڪوبہ جوئا نٿو کيڏي ۽ کيڏائي، جتي منشيات ۽ ڪنھن نشي آور شئي جو ڪو تصور بہ نہ آھي. مطلب تہ سڀ رشتا هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام جي ڀرم رکڻ ۾ بي تحاشا خوشي محسوس ڪندا آھن!!
ڌڻي! بابي کي جنت ۾ جايون ڏئي، جنھن ھن ڳوٺ کي مثالي ڳوٺ بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو... نفرتون پاليندڙ ماڻھن کان پاڪ هڪ نگري جو قيام هن جو خواب هو... ۽ خواب جي ان پورڻتا ۾ ھن ڪاميابي ماڻي هئي!
اڄ ٻن اڍائي سؤ گهرن تي مشتمل هن ڳوٺ کي سنڀالڻ جي ذميواري منھنجي مٿان آھي... سچ تہ مان بہ وسان ناهيان گهٽائيندو، چاهيندو آھيان، بابي سائينءَ جو هيءُ اڏيل ڳوٺ ’پريت نگر‘ قيامت تائين سلامت رهي ۽ خوش و خرم رهن سڀ ڳوٺ واسي، جن جي بھتر ڪردار سان سموري ڳوٺ ۾ نفرت ۽ نفاق جو ڪو نانءُ نشان ڪونھي !!
خوش نصيب آھيان مان، جو هن پيار ڪندڙ ماڻھن جي ڳوٺ ۾ جنم ٿيو... اسان جي ڳوٺ ۾ ٻہ چار گهر اسان جي سئوٽاڻن جا ۽ پنج ست گهر منھنجي پٽن جا، باقي سمورا گهراڻا اسان جي عزيزن ۽ رشتيدارن جا آھن.
مولا منھنجي لکيي ۾ ٽي زالون ۽ يارنھن پٽ عطا ڪري وڏي ڪرم نوازي ڪئي آھي !!
منھنجا پٽ ڇٽيھ لڇڻا...! فرمانبردار....... سندن مائرن جي تربيت کين هر وصفين سلڇڻو بڻايو آھي... رات هجي يا ڏينھن، کين منھنجو سڏ ٿيندو تہ جيءُ جيءُ ڪندا ڊوڙندا پھچندا... اهڙو نيڪ صالح اولاد سڀني کي نصيب ٿئي!!!
خوشنصيب آھيان مان....! سياري جي هن ماھ پاري ۾ باھ جو مچ ٻاري اوطاق تي ويٺل آھيان... ڳوٺ جا ڪافي نوجوان ۽ پوڙها مچ جي چوڌاري ويٺل آھن... جنوري جو سکڻو نالو آھي. باقي سيءُ تہ ڊسمبر جا!...هوا جو زور... چؤماسي برسات ۽ ڪوھيڙي جي ڌُنڌ سان ڊسمبر جا ست پارا گهر تائين محدود ڪريو ڇڏين، پر ڳوٺاڻو ماحول آھي، ڳوٺاڻن سان عليڪ. سليڪ هجڻ سبب گهر کان سري اوطاق تي اچڻو پوي ٿو... ڳوٺن ۾ جيتوڻيڪ اهي پراڻيون ريتون ۽ رسمون ناهن رهيون، پر پوءِ بہ اڃا اوندھ ناهي ٿي ۔ ھر طرف کان سڏ ۾ سڏ ملي ٿو....!! رشتن جا قدر اڃا ڪي باقي آھن!
منھنجا يارنھن فرزند وصفين ۽ مھانڊن پنھنجي مائرن ۽ مامن تي ويا آھن، باقي ٽي شھزادا سرفراز... شھباز... سرتاج هوبھو تيلي ٻہ ٽڪر بابي جي مھانڊي آھن، سندن اٿڻي ويھڻي ۽ مھمانن جي آڌرڀاءُ ۾ هميشہ اڳرا ۽ عاجز هوندا آھن، چوندا ”مھمان خدا جي رحمت هوندا آھن... هرڪو پنھنجو نصيب پاڻ سان کڻيو اچي ٿو...!!!“
ھن سال ڊسمبر جي ٿڌ مڙيو ئي سرس آھي، ڪيترائي ڳوٺ واسي اسان جي اوطاق تي ڪھي آيل آھن ۽ هُو باھ جي وڏي مچ تي پاڻ کي گرم ڪندي دنيا جھان جي خبرن تي تبصرو ڪري رهيا آھن، شابس هئي، مرحوم بابي کي، جنھن ڳوٺ ۾ پھريان پرائمري ۽ پوءِ مڊل اسڪول ۽ ٻن ڪمرن تي ھڪ سرڪاري ڊسپينسري جو بنياد وجهرايو هو، جنھن جي نتيجي ۾ اڄ ڳوٺ جا سمورا نوجوان پڙھيا لکيا ٿي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روزگار سانگي نوڪرين تي لڳل آھن !!
سنڌ وطن جو هيءُ واحد ڳوٺ آھي، جتي سڀ جا سڀ ماڻھو امن جا پرچارڪ، سوشل مائينڊ ۽ هڪ ٻئي جو احترام رکندڙ آھن... هتي پنھنجين ملڪيتن زمينن هوندي ڪوئي وڏيرو ۽ ننڍيرو ناهي ھوندو... سڀ انسانيت ۾ ويساھ رکندڙ...!!!
سومھڻيءَ جو آذان مليو ۽ ڳوٺاڻا جيئن ئي مسجد ڏي نماز پڙھڻ لاءِ روانا ٿي ويا تہ منھنجي ڌيءُ بتول ڊوڙندي اوطاق طرف آئي، چيائين ”بابا امان کي اوچتو الائي ڇا ٿي ويو آ!“
شھباز جي ماءُ جي تڪليف جو ٻڌي مان پريشان ٿي گهر آيس، جتي شھربانوءَ جي حالت واقعي ڏسڻ جھڙي نہ هئي.
”هن کي اوچتو ڇا ٿيو؟“
”الائي ابو!“ منھنجي نياڻي بتول جون اکيون ڳوڙھن ۾ لال هيون، سڏڪندي چيائين ”ادا شھباز گهر آيو ۽ نہ ڄاڻ تہ ڪھڙي ڳالھ تي اچي امان سان ضد ڪيائين ۽ پوءِ ....“
”ماءُ سان ضد ڪيائين!“ منھنجي ڪاوڙ بي قابو ٿيڻ لڳي ”پر ڪھڙي ڳالھ تي؟“
”الائي ابو!...“ مون سمجهيو ، بتول ڪجهہ نٽايو پئي. هن جي آواز ۾ ڪجهہ گهٻراھٽ هئي.
مون شھباز جي ماءُ شھربانوءَ کي اسپتال پھچائڻ ۾ دير نہ ڪئي ۔ ڊاڪٽرن هن کي هارٽ اٽيڪ اچڻ جي تصديق ڪئي تہ ڄڻ منھنجو هانءُ ڇڄي پيو. سوچيم ”آخر اھڙي ڪھڙي ڳالھ هوندي، جنھن جي دٻاءُ ۾ شھربانو جي حالت ٿي!...“
مان خود انتھائي ڳنڀير حالتن مان گذريس۔ پريشاني، تڏهن وڃي ڪجهہ گهٽ ٿي، جڏھن هن اکيون کولي مونڏي سواليہ نظرن سان ڏٺو.
”سدا بھار!“ شھربانو اکيون کوليندي ئي مون کي آواز ڏنو ۔
”جي شھربانو!“ وراڻيم ”ڇو پريشان آھين؟... مان جو آھيان ...پنھنجا ڏک مون سان ونڊين ھان... ٽينشن کڻڻ جي ڪھڙي ڳالھ هئي... !! “
شھربانو منھنجي ننڍي ۽ دل پسند شادي هجڻ ڪري سڀني کان وڌيڪ پياري ۽ سگهڙ زال لڳندي آھي، پر زماني جي حساب سان سڀني زالن کي هڪ جيترو ڀانئڻو پوندو آھي ...
”سدا بھار!..“
”جي راڻي! “
”سرتاج ڪيئن آھي؟“
”سرتاج!...ڇا ٿيو آ سرتاج کي؟“ مان دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس سرتاج شھربانوءَ جو پٽ تہ ناھي!...هُو تہ منھجي ٻيءَ گهرواريءَ دلاويز جو پٽ ھو... مگر شھربانو جو سرتاج لاءِ اونو ڇا معنيٰ رکي ٿو؟... هن کي تہ پنھنجي پٽ شھباز جو پڇڻ گهربو هو!...“
”سرتاج جو ڇو ٿي پڇين شھربانو!“ جهٽ رکي مون کانئس پڇڻ ضروري سمجهيو.
”شھباز جو اڄ مٿو خراب هو!“
”ڇو؟“
”چيائين پئي بابي زرتاج سان منھنجو مڱڻو ڇو نہ ڪرايو ... !!“
”ڇا؟“
”مون کي ڊپ ٿو ٿئي سدا بھار!... “
”ڇا جو ڊپ ؟“
” شھباز ڪجهہ ڪري نہ وجهي !...“
”اڙي شھربانو هُو سياڻو پٽ آھي... هن کي سمجهائبو تہ زرتاج جي ماءُ پيءُ ڌيءَ جي رضا خوشي کي نظر ۾ رکي سندس رشتو سرتاج کي ڏنو.... ڇوڪريون کٽيون آھن ڇا ؟... شھباز لاءِ کوڙ سندر ڇوڪريون ملنديون ...تون هن کي سمجهائي نہ سگهينءَ تہ مان ئي کڻي سمجهائي وٺانس ها... هروڀرو پنھنجي سِر تي پريشاني کنيئي !!..“
” مون ھن کي سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ...نئين رت کي جوش آھي !..“
”چڱو تون ڳالھ دماغ تي نہ وٺ... مان پاڻھي کيس سمجهائي سنئين دڳ لائيندس!!!...“
شھربانو مطمئن ٿي تہ مون بہ سُڪون جو ساھ کنيو ۽ صبح صادق جو آذان ملندي مان اسپتال جي ڀرسان واري مسجد ۾ نماز پڙھڻ لاءِ نڪري آيس، جتي پنھنجي ٻچڙن، ڳوٺ وارن، سنڌ وطن ۽ پوري عالم جي امن لاءِ دعائون گهريم ...!!!
نماز پڙھي جيئن ئي اسپتال پھتس تہ ڳوٺ جي ڪيترن ئي ماڻھن کي ڏسي گهٻرائجي وکون وڌائي سندن ڀرسان اچي بيٺس...ڇا ڏسان سامھون کٽ تي پنھنجي نوجوان پٽ سرتاج جو ڇُرا لڳل لاش پيل هو !!
مون کان دانھون نڪري ويون، محسوس ڪيم ” شايد هاڻي اسان جي پريت نگر ۾ امن ۽ سک جو سج وري نہ اڀري!.... فقط درد جو سج اڀرندو!!...“