App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

اکين ۾ ٿي ويھہ

ليکڪ: نسرين الطاف | پڙهڻ جو وقت: 4 منٽ

ڊگهين ڊگهين ۽ اونچائين تي ٻڌل ڀتين سان سندس شناسائي ورهين جي هئي، اهي مھرابن سان مزئين ڊگهيون ڀتيون ئي سندس سرتيون هيون، جن سان هوءَ ڳالھيون ڪندي هئي. ٽھڪ ڏئي کلندي هئي ۽ ڳراٺڙيون پائي روئيندي هئي.
جڏهن کان هوءَ ان چوديواري ۾ آئي هئي اهي ديوارون ئي سندس سرتيون سھيليون هيون. جيڪي سندس ٽھڪ رڙيون رانڀاٽ پنھنجي بلندين ۾ جذب ڪري ڇڏينديون هيون. ڪنھن کي بہ تہ خبر ڪونہ هئي تہ هوءَ هيڏي ساري ماڙي ۽ حويليءَ ۾ ڪيڏي اڪيلي آهي. جنھن جي چاهت واري ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي هوءَ حويلي ۾ آئي هئي سو تہ بنھہ ڪٺور ۽ سنگدل شخص هو. جنھن لاءِ هُو سڀ رشتا ناتا ڇڏي آئي هئي تنھن تہ هڪ پل لاءِ بہ کيس مُرڪي نہ نھاريو هو.
پنھنجي ويڙهي ۽ ڪھول ۾ هوءَ جڏهن کان سامائي هئي تہ کيس ئي اکين ۽ دل ۾ سمايو هئائين، پر هُو بي چيو شخص تہ صرف بازاري محبتن جو قائل هو، سندس دل ۽ هردي ۾ تہ ڪي اسٽون ڪريشر پيوست ٿيل هئا جن کي ريشمي جذبا ۽ شيشي جھڙيون دليون بس ٽوڙڻ ئي اينديون هيون. سندس چري چاهت کي هُو ڪڏهن بہ سمجهي نہ سگهيو. هوءَ ڪنھن اڃايل هرڻيءَ جيان سندس پويان ڊوڙندي ۽ ڀڄندي رهندي هئي، پر موٽ ۾ کيس رڳو سراب ئي پلئہ پوندا هئا. هوءَ ڪيڏي بي وس ۽ لاچار هئي، جو پنھنجي ڪرب جو حساب ڪري بہ کيس ٻڌائي نہ سگهندي هئي، جيڪو پنھنجو هوندي بہ پرايو هوندو هو. هوءَ لمحن جا لمحا سوچيندي هئي تہ مرد وٽ ايڏي ڪٺور دل ڇو هوندي آهي، سندس لطافتن جا معيار ايڏا هلڪا، معمولي ۽ عارضي ڇو هوندا آهن؟ اهي عورت کي بازار جو سودو ڇو سمجهندا آهن؟ وٽس سوين هزارين سوال هوندا هئا، پر ڪٿان بہ ڪو جواب نہ ملندو هوس.
سماجي ۽ معاشرتي ٻنڌڻ کين هڪ تند ۾ تہ ٻڌو هو، پر ڪڏهن بہ اها تند ڪو ساز بنجي وڄي نہ سگهي هئي، نہ وري ڪو زندگيءَ جو سُر آلاپي سگهي هئي. بس هوءَ هڪ پاسي تي رکيل بانسريءَ جيان هئي، جنھن کي کڻي هن ڪڏهن بہ پنھنجي چپن تي نہ آندو هو نہ ئي وري وڄايو هو. هوءَ هر دفعي اهو سوچيندي هئي تہ اها ڪچي تند ڪوڙو رشتو هميشہ لاءِ ٽوڙي ڇڏي، جنھن محبت ۾ ڪا موٽ ناهي رڳو ٽوٽ ئي ٽوٽ آهي سا ڀلا ڪيترو سانڍي يا سنڀالي سگهبي؟
هڪ ڀيرو هُن ويڙهي جي ڪنھن وڏي سڏي کي پنھنجي وارتا ٻڌائي هئي، جنھن سندس مٿي تي هٿ رکي چيو هو:
”بس نڀاءِ ، اسين نڀائڻ لاءِ ئي پيدا ٿينديون آهيون“ ان ڏينھن کانپوءِ وري هُن ڪنھن کي بہ ڪا دانھن ڪونہ ڏني. سمجهي ۽ سھي ڪري وئي تہ سندس زندگيءَ ۽ پرڻو پور وڇوٽ پٽڙيءَ جيان آهي، جنھن تي ڏور ڏور هوندي بہ گڏ گڏ سموري عمر هلڻو پوندو آهي. زندگيءَ جي آخري اسٽيشن تائين. هوءَ هاڻي روح جي گهرائين تائين ٿڪجي پئي هئي، ڪجهہ ورهيہ اڳ ڪٺور دل انسان کي هن ٻانھن مان جهلي روڪيو هو ۽ پڇيو هئائين تہ آخر سندس ڪھڙو ڏوھہ آهي ۽ ڪھڙو قصور آهي جو سندس سُهاڳ کي ڏهاڳ مليو آهي؟
کيس جواب مليو هو تہ ’تو هڪ ڀيرو شاديءَ کان اڳ پنھنجي سؤٽ سان کِلي ڇو ڳالھايو هو؟‘ هوءَ ان لمحي صفا سراپجي وئي هئي. سامائجڻ واري دؤر جي سموري ياد سندس اکين ۾ تري آئي هئي. دل ۾ سوچيو هئائين ’سوٽ تہ منھنجي ڀائرن جھڙو هو، مون تہ پنھنجي اکين ۾ صرف تنھنجا خواب سجايا ۽ سانگ رچايا هئا‘
هوءَ اُن ڏينھن کان سراپجي وئي هئي، ڄڻ سڪتي ۾ وٺجي وئي هئي. هوءَ اهو سوچي حيرت ۾ هئي تہ مرد جي دل ۽ ذهن ايڏو سوڙهو ڇو هوندو آهي؟ پر کيس ڪڏهن بہ ڪو مطمئن ڪندڙ جواب ملي نہ سگهيو هو. هوءَ بس اهو سوچي دل ئي دل ۾ کِلندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن رانڀاٽ ڪري روئيندي هئي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
’عورت جي دل ڪيڏي وسيع آهي جيڪا پل پل ۾ مرد کي ورهائجندي ڏسندي آهي، پنھنجي مستيءَ سميت بازار ۾ نيلام ٿيندي ڏسندي آهي پوءِ بہ پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندي آهي ۽ مرد ايڏو مئل ۽ بي دليو آهي جو جيڪڏهن عورت ڪنھن پنھنجي سان ئي بي خبريءَ ۾ کِلي ڳالھائي ٿي نھاري ٿي تہ سموري عمر سوريءَ تي چاڙهي وڃي ٿي، پل صراط وارو عذاب کيس ڀوڳڻو پوي ٿو. هُن جو مقدر بس بي جان ديوارون ئي بنجن ٿيون، جيڪي مصنوعي ئي سھي ڀاڪر پائي کيس ڪو آٿت ڏئي سگهن.