App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

اندر ڪارو ڪانءُ

ليکڪ: محمد قاسم ڪلوئي | پڙهڻ جو وقت: 7 منٽ

”مئو بڇڙو، سڄو ڏينھن ڪُتي وانگيان تڪيو بيٺو آهي، وڏيرو نہ هجي ها تہ هوند آئون بہ بُڇڙي رن آهيان، جو اصل وڃي مُنھن تي ڀونڊو رکانس ها.“
ڪونج جي ماءُ تماڪ جي ڀونگري مان ڪاري دونھين جا سُوٽن مٿان سُوٽا ڪڍندي، ڪاوڙ مان اهي لفظ وڏيري سانوڻ خان کي گهر اندر نِم جي ڇانوَ هيٺ کٽ تي ويٺي چيائين پئي.
ڪونج لوڙهي مان جهاتي پائيندي آڏي اک سان وڏيري کي ڏسندي، ماءُ کي وراڻي:
”ائي، امان ڇو ٿي وڏيري تي جُلھون ڪرين، هُو تہ ويچارو پنھنجي ٻنيءَ ۾ بيٺو آهي.“
”ائي ڇوري، چُپ ڪر، نہ تہ ڏيئين نہ ڪاڪڙي کي ڏنڀ!“
ڪونج ماءُ، ڪونج جي اشارن کي سمجهندي، ڪونج کي ڇڙٻ ڏني.
ڪونج جي ماءُ ڦتِي بہ ڪنھن زماني ۾ حُسن جو پيڪر هئي. تڏهن تہ رئيس گلڻ خان پاڻي مان نڪتل مَڇيءَ جيان، ڦتِيءَ لاءِ ڦٿڪيو هو ۽ نيٺ وڃي، نينھن اٽڪائي، پنھنجي گهر وٺي آيس.
ڦتِي، رئيس گلڻ جي ڄار ۾ اهڙي ڦاٿِي ڪي بي نڪاحي، رئيس وٽ وڃي رهي، ڪيئي راڄ سمجهائڻ وارا، پر ڦتيءَ کي گلڻ خان تي ايترو اعتماد هو ڪي، هو هُن کي ڪو نہ ڇڏيندو، پر ٻہ ٽي سال رکي، جڏهن ڪونج هنج ۾ اچڻ جو سعيو ڪيو تہ رئيس گلڻ خان، هن کي ڪڍي، ڪنھن ٻي پوپٽيءَ کي ساڻ وٺي آيو ۽ ڦتِي ويچاري رُلي ويئي.
نيٺ وڃي پاڻ کان 40 سال وڏي مُڙس سان شادي ڪيائين، جتي ڦتَيءَ کي ڪونج ٿي. ڦتيءَ کي پنھنجا ڦٽ ساريا پيا هُئا، ٻيو ڪونج بہ تہ حُسن جو هڪ بي مثال ۽ تابندا ستارو هو.
”ٺھيو امان، تُنھنجي ڪري ڪو پنھنجو ٻني ٻارو ڇڏي ڏيندو ڪي!“
ڪونج، لوڙهي وٽ پيل مَٽ مان پاڻي جو گِلاس ڀريندي وراڻي.
”ڇوري، ڇو اچي مٿو خراب ٿيو اٿئي. ڪجهہ حيا ڪر حيا! اهي تہ ڪارا نانگ آهن، اهڙو ٿا ڏنگين ڪي وري ماڻھو سامت ۾ ورلي ٿو اچي.“
”پر امان، هيءُ وڏيرو تہ سُٺو ماڻھو آهي، ڪنھن کي ڪٿي ٿو تنگ ڪري؟“
ڪونج وري بہ وڏيري ڏانھن جهاتي پائي، ماءُ کي وراڻي.
”ڌوڙ آهيس مُنھن ۾، سڄو ڏينھن وتي هلندو ڪولھين ۽ ڀيلن جي گهرن ۾، نہ ڪا نياڻي جي ساڃاھہ اٿس نہ ئي وري ڪو نڪ بہ اٿس.......“
ڪونج ماءُ وڏيري کي اڃا بہ ڪي ست سُريون سُڻائي ها، پر ڪونج جو پيءُ عُمر گهر اندر گهڙيو. ”ڪٿي هُئين.....؟ قبر ۾ پير پيا لٽڪن، مُڙس سير سپاٽي تي، يکا سارا ٽي هفتا گائب ٿي وئين. هيڏانھن جوان ڇوري سامائي ويٺي آهي، سو هڪڙي ڏينھن بہ گهر جي سار نہ لڌئي.....“
ڪونج ماءُ ڪاوڙ وچان ڀونگري جو زور سان سُوٽو هڻندي، عُمر ڏانھن ڪرڙين اکين سان نھاريندي چيو.
”ڪٿي وري ڪٿي هُئس؟ پنھنجي مُرشد وٽ ويو هئس اُتي مُرشد ويھاري ڇڏيو....... (کوکو کو کو کو)، مُرشد جي پُٽَ، ڪا ڀيلڻ زوري کنئي، سو ڀيلن کي پئي خبر سو ابا راڄن جا راڄ (کوکو کو کوکو)، وڃي شھر ۾ گڏ ٿيا. اي ڪو، ميڙاڪو ۽ جلوس ڪڍيون، توبھن ڀلي ڪونج جي ماءُ، توبھن ڀلي، نڀاڳن کي مرشد جھڙو سونھارو مليو. دوزخ کان آجو ڪري ها، ۽ ڇوري بہ شينھن ڪلھي چڙهي ها، اهي تہ ازلي جھنمي (کوکو کو کو کو) اصل ڪونج جي ماءُ، جھنمي آهن، سو مَت وين مارجي، اهڙو جو ميڙاڪو ڪين تہ پوليس بہ مُرشد کي چيو تہ ڇوري ڀرائي ڏي نہ تہ ڳالھہ خراب ٿيندي، نيٺ ڊوڙائي نڀاڳيءَ کي هٿ ڪري، ڪيائون جھنمين جي حوالي، تنھنڪري مرشد وٽ ماڻھو آيا ويا پئي...... ۽ مون پئي خدمت ڪئي.“ (کوکو کو کوکو).“ ڦتِي اڳئي، وڏيري جي ڪري باھہ ٿي ويٺي هئي، اها ڳالھہ ٻُڌي وراڻي:
”توبھن توبھن، سيدن جو اولاد ٿي ڪري، پرايون نياڻيون پيا کڻن، پاڻ کان پھرين تہ هنن مئن جي قيامت ڪاري ٿيندي.“
عمر جو مرشد جي گلا ٻڌي تہ پنھنجي مُنھن ڀڻڪيو، ”هونء...! مٿو اچي خراب ٿيو آهيس، آخر ۾ اچي، پنھنجي آخرت ٿي خراب ڪري، مرشد تہ اصل ڪونہ ڇڏائيندس، اهڙي بي دينيءَ کي ڪٿي ٿو بخش ڪرائي.....“
”نہ ڪرائي، باھہ ۾ تہ اڇلائيندو. اهو بہ گهڻي ئي آهي، پر پنھنجي تہ جان آجي ڪرائين..... هونءَ..... ڌنڌا رنون کڻڻ ۽ قيامت ٿا ڇڏائين.“
ڦتِي اڄ چڙيو ويٺي هئي.
”ڌوڙ اٿئي مُنھن ۾، ائي امان ڪونج، ڪا سليماني چانھہ جو ڪوپ چلھہ تي چاڙهي وٺ، چانھہ ڍُڪ پيان، ڪو مٿي جو سور لاهيان.“ عمر بيزاريءَ مان وراڻيو.
ڪونج رڌڻي ۾ پيءُ لاءِ چانھہ ٺاهڻ ويئي تہ ماءُ جي کُسر ڦسر ٻُڌائين تہ هڪدم در تي ڪن لائي ٻڌڻ لڳي.
”ڪونج جا پيءُ، هاڻي گهر ۾ ويھہءُ، هيءُ مئو وڏيرو، نڪي ڏسي رات، نڪي ڏسي ڏينھن، سڄو ڏينھن پيو باز وارا لامارا ڏي. ٻيلي منھنجو تہ هانءُ ٿو ڦاٽي، ڪٿي وڏيرو گهر ۾ زوري نہ گهڙي اچي تہ پاڻ ڇا ڪنداسين؟ ڇوري جواڻ جماڻ آهي جلدي ڪو بلو ڪرينس نہ تہ هوندئي مٿي تي خواري جو ٺِڪر!!!!“
ڳالھہ سچي ٿي ڪرين، ملڪ ۾ رهيو ئي ڪٿي آهي؟ اڄ شام جو ئي ادي پُنھل وٽ وڃي ڳالھہ ٿو پڪي ڪريان.“
ڦتِيءَ اها ڳالھہ ٻُڌي سک جو ساھہ کنيو. ڪونج، ماءُ ۽ پيءُ لاءِ چانھہ جا ڪوپ کڻي آئي، چانھہ ڏئي کٽ تي ٻئي ٻانھون ڏيئي سڌي سمھي رهي، ڦتي ڳالھہ کي اڳئي پروڙي ورتو هو، سو آڏي اک سان ڌيءَ جي پرڪارن کي پئي ڏٺائين.
شام جو تہ عمر تہ ويو ادي پُنھل ڏانھن، ڪونج پاڙي ۾ وڃڻ جو بھانو ڪري وڏيري ڏانھن نياپو اُماڻيو ۽ پاڻ ڪمند ڏانھن هلي ويئي. وڏيرو بہ واءُ مينھن جيان ڪمند ۾ اچي پھتو.
”سائين وارو ڪر، نہ تہ هيءَ ڪونج تو سوا مري ويندي!“
”ڇا ٿيو آهي؟“
”امان، بابا منھنجي شادي پيا ڪرائين!“
وڏيرو مُرڪيو.
”شادي!..... آئون مئو آهيان جو تنھنجي شادي ٻئي هنڌ ٿا ڪرائين.“
”سائين....... ڪو بلو ڪر نہ!!!!“
”اها بہ راڻي ڪا ڳالھہ آهي؟.......... تون مِٺي پريشان نہ ٿيءُ.“
ائين چئي وڏيري ڪونج کي کڻي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ وڏيري کي نينھن جا نشا چڙهي ويا.
جڏهن اهو نشو لٿو، تڏهن وڏيري پنھنجي نِرڙ تان پگهر اُگهندي، ٻاهر نڪتو تہ ڪمدار بندوق ساڻ پھري تي بيٺو هو.
”ڏي خبر رئيس، ڪم ٿيو!؟“
ڪمدار وڏيري جي پويان هلندي هلندي پڇيو.
”هائو ڪمدار ڪم ٿي ويو.“
”واھہ سائين واھہ، مَڇي ڄار ۾ ڦاٿي مس تہ جهٽ ڏئي، کائي بہ وڌؤ؟“
سانوڻ خان پنھنجي بندوق کي ڦُوڪ ڏيندي وراڻيو، ”ڪمدار، شڪاريءَ کان شڪار نڪري وڃي تہ پوءِ اهو شڪاري چئبو ڪيئن تہ!“
ڪمدار وراڻيو، ”بروبر سائين....، پر سائين انھيءَ ڪونج کي قيد ڪبو ڪي..........“
سانوڻ خان وراڻيو:
”نہ نہ ڪمدار نہ، شيءِ کاڌي، هاڻي ڦر اُڏائي ڇڏبي....‘ جئين ٻيو ڪو هٿ نہ لاهي سگهيس.“ ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ عمر وڏيري جي اوطاق ۾ در وٽ جُتي لاهي، رئيس کي سلام ورايو؟
”السلام عليڪُم سائين.“
”عمر، رات جو، ڪمھلو آيو آهي، خير تہ آهي؟“
ڪمدار، عمر کي هيئن رات جو ايندي ڏٺو تہ شڪ جاڳيس تہ متان ڇوري ڦاٽي آهي!
”سائين، ڪجهہ روپيا گهرجن نياڻي اُٿارڻي اٿم، انھيءَ لاءِ پنڌ پيو آهيان.“
ڪمدار ۽ وڏيري ٿڌو ساھہ کنيو.
”ڪمدار، عمر کي ڪجهہ روپيا ڏي.“
”جيءُ بابا سائين.“
ڪمدار ڪجهہ دير لاءِ اندر هليو ويو.
”عمر ڪنھن کي ٿو ڏئين؟“
”سائين، پنھل جي نينگر علوءَ کي.“
”اهڙي تڪڙي!!!“
”سائين نياڻي سامائي تہ اُٿاري ڇڏجي تہ چڱو ٿو لڳي.“
ڪمدار مُرڪندو اچي ۽ وڏيري کي اک ڀڃيندي، هزار جا ٻہ نوٽ کڻي اچي عمر جي هٿ تي رکندي چيو.
”عمر اهو اٿئي سخي مرد، جو اهڙي موڙي جي وقت بہ تو لاءِ هٿ نہ روڪيائين.“
”آئون تہ رئيس جو گولو غلام آهيان، وڏا احسان آهن سائينءَ جا.“
ائين چئي عمر گهر ڏانھن روانو ٿيو تہ سندس گهر وٽ ڳوٺ وارن جو ميڙاڪو لڳو پيو هو. ڦتيءَ جي پار ڪڍڻ جو آواز آيو پئي، عمر ڀڄي گهر پھتو تہ ڪونج جو سري وڍيل لاش پيل هو ۽ لوڙهي جي ٻاهران علوءَ جو لاش پيل هو. ڦتي وارن ۾ مٽي وجهي پاراتا ڪڍي روئي رهي هئي. عُمر ڪنھن وقت ڪونج جي لاش کي ڏسي تہ ڪنھن وقت هٿ ۾ جهليل ٻن هزارن کي...........
ٿوري دير ۾ پوليس جي موبائيل وين پھچي ويئي، ساڻ ڪمدار بہ هو.
”سائين، صوبيدار صاحب، ڇوري اصل ڪارو نانگ هئي. سائين، بڇڙن جو هونءَ بہ بُڇڙي موت ٿئي ٿو، سائين، علو سان تہ ڪڏهونڪر ڦِٽل هئي، سو سائين غيرت بہ ڪا شيءِ آهي ڪي نہ، چاچي ڏسي ورتس، بس حساب پورو ڪري ڇڏيائين........“
پڃل کي پوليس جهلي، ڪاروڪاري جو ڪيس داخل ڪري ورتو، پڃل جي چھري تي اڻ لکي مُرڪ بہ هئي، آخر وڏيري کان روپين جون دستيون ۽ آزاديءَ جي پرواني جو وعدو جو مليو هئس.