App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ڪارو ڌاڳو

ليکڪ: وفا صالح راڄپر | پڙهڻ جو وقت: 7 منٽ

رئيس علڻ خان حڪيم جي ڏنل ڪُشتي سان رات کي رنگين ڪري مڌُ جي ٽڙيل مستيءَ ۾ لڏندو لمندو بنگلي جي ڏيڍي ٽپي گهر ۾ داخل ٿيو سانت ۾ ٻڏل گهر مان چڻ پڻ جا پڙلاءَ ڪن تي پيس، تہ ڇرڪي بيھي ڪنائڻ لڳو، چڻ پڻ جا آواز سندس ڌيءُ نسيم جي ڪمري مان پئي آيا، هُو اڳتي وڌي ڪمري جي دروازي سان لڳي ڪنائڻ لڳو.. هُو بہ چار جملا جيڪي جهٽي سگهيو، هو ٿورو لکيو گهڻو سمجهڻ واري لاءِ گهڻو ڪجهہ هئا، نشا هرڻ ٿي ويا هئس. مئہ جا سرور ڪافور بڻجي پگهر جي صورت ۾ نراڙ تان وهڻ لڳا هيس، اکين اڳيان غريب پورهيت نوروءَ جي بي پھچ نياڻيءَ جو چھرو ڦرڻيءَ وانگر اکين اڳيان ڦرڻ لڳو هئس، جنھن کي ڪجهہ دير اڳ کنڀائي چادر وانگر جسم سان ويڙهي گهنج گهنج ڪري اماڻيو هئائين، جسم ۾ ڏڪڻيءَ اچي ورايس، ڪاوڙ ۾ جسم سان گڏ شھپرن جا وار بہ ڦرڪيس پئي. ٻئي مٺيون ڀيڪوڙجي ويون هئس، سمجهہ ۾ ڪجهہ نہ پئي آيس تہ ڇا ڪري؟ يڪدم چيلھہ سان ٻڌل مائوزر ڪڍي ورتائين، پر بت ۾ ايتري سگهہ نہ هئس جو مائوزر هٿ ۾ جهلي سگهي.
هو فرش تي ويھي، اڀا ساھہ جائيتا ڪرڻ لڳو، ڌيءُ نسيم جو چھرو اکين اڳيان ڦرڻ لڳس، چئني ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ ۽ سندس وڏهر ڌيءَ نسيم جي مٿي ۾ چانديءَ جو تندون ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون، پر سندس هٿ پيلا نہ ٿيا هئا. ايئن بہ ڪونہ هو تہ رئيس علڻ خان وٽ نسيم لاءِ جوڙ جيس ۽ برابري حيثيت وارا رشتا نہ آيا هئا، پر علڻ خان نياڻيءَ کي پرڻائي پنھنجي مڇ جي وار کي هيٺ ٿيڻ نہ پئي ڏنو. ڪو مائيءَ جو لال سندس نياڻو سڏائي، اها ڳالھہ کيس پسند نہ هئي. اميدن جي ڀريل سج جا پاڇا، جڏهن سماج جي هٿرادو قانون سان مٿو ٽڪرائي، مايوسيءَ جي لاهو سج وانگر لاڙو ٿيڻ لڳا هئا، تڏهن کان نسيم بيمار رهڻ لڳي هئي. بيھوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا هئس. رئيس علڻ خان شھر جي وڏن ڊاڪٽرن کان سندس علاج ڪرايو، پر نسيم جيئن پوءِ تيئن ڀترن جيان ڀرندي پئي وئي. نسيم جي ماءُ ڊاڪٽرن جي علاج کان تنگ ٿي ڌاڳن ڦيڻن جو گس وٺي ڌيءُ کي چڱو ڀلو ڪرڻ پئي گهريو، پر رئيس علڻ خان کيس ايئن ڪرڻ نہ پئي ڏنو.
هڪ ڏينھن علڻ خان جيئن ئي گهر آيو تہ نسيم کي شديد دورو پيو هو. هُوءَ بيھوش ٿي وئي هئي ۽ وات مان گڦ پئي وهيس، ڏندڻ پئجي ويا هئس، ڳوٺ جي ڪراڙي ماسي مٺل سرائيءَ سان سندس ڏندڻ پئي ڪڍيا. گهر جون عورتون ۽ نوڪرياڻيون ميڙاڪو ڪري مٿان بيٺل هئس. ڏندڻ ڪڍڻ کانپوءِ ڪراڙي ماسي مٺل، گلاس مان پاڻيءَ جا ڇنڊا منھن تي هنيس تہ هن اکيون کوليون ۽ نماڻي نھار سان چوڌاري ڏسڻ وائسڻ لڳي. سندس نگاھہ رئيس علڻ خان تي پئي تہ اکين مان بي اختيار ڳوڙها ڳڙي پيا هئس ۽ سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي. نسيم جي ماءُ جيڪا بارود جيان ڀري ويٺي هئي، علڻ خان کي ڏسي ڄڻ چڻنگ ڏسي ورتي هئائين.
توکي گهڻا ڀيرا چيو اٿم تہ ڇوڪريءَ کي غيبات جي لڳت آهي، تڏهن تہ ڪابہ دوا اثر نہ ٿي ڪري، پر تون آهين جو..........!“
”مان بہ ڇا ڪريان؟ علاج تہ گهڻا ئي ڪرايا اٿم“  رئيس علڻ خان بہ پريشان ٿي ويو هو.
”مئو ابو“، انھن ڊاڪٽرن جو. لڳت کي ڊاڪٽر ڇا ڪندا؟
”چوانءِ پئي تہ ڇوڪريءَ کي سائين ڀورل شاھہ کان پڙهت ڪرائي ڌاڳو وٺي ڏيون“ نسيم جي ماءُ چيو.
”تنھنجو تہ اڇي مٿي ۾ اچي ڏاڪو ڦريو آهي.“
”ڏاڪو منھنجو نہ پر تنھنجو اچي ڦريو آهي. ڀورل شاھہ وٽ چـڱا مٺا راڄ پيا ڳاهٺ ٿين. سڀ چريا آهن. اٽي لپ ڪونہ ٿا کائين؟“
”ابا....! سائنڻ جو چوڻ کڻي مڃ، اکئين ڏسيو پئي اچان ڪالھہ هڪڙي جوان ڇوڪريءَ کي گاڏيءَ تي کڻي آيا هئا.“
”سائين ڀورل شاھہ جي پڙهت کانپوءِ، ڇوڪري کلندي گاڏيءَ ۾ رواني ٿي وئي.“ ماسي مٺل ڳالھايو.
مائي مونکي تہ ڪابہ ڳالھہ سمجهہ ۾ ڪانہ ٿي اچي، رئيس علڻ خان وراڻيو.
”ابا.... ماٺ ميٺ ۾ وينداسين، ڪنھن جي ملائڪن کي بہ ڪل ڪانہ پوندي.“ ماسيءَ مٺل چيو.
رئيس علڻ خان ڪابہ ورندي ڪانہ ڏني، ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
پھريون سھائو سومر ڀيٽي، نسيم ماءُ سان گڏ موٽي تہ اڌ بيماري ڇڏي وئي هئس. ڀورل شاھہ جو ڪارو ڌاڳو ڳچيءَ ۾ ٻڌو هئائين تہ دورا پوڻ بہ بند ٿي ويا هئس. خوش رهڻ لڳي هئي. بيماريءَ جي ڄڻ پاڙ پٽجي وئي هئي. ساڳيا هار سينگار، ساڳيو آرسيءَ سان جهيڙو، ساڳئي کل خوشي، ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ هو. نہ رڳو نسيم جي ماءُ، پر گهر جا ڀاتي بہ خوش هئا. ڀورل شاھہ جي ڪاري ڌاڳي ۽ ڪرامت جا چرچا هئا ڳوٺ ۾. نسيم جي چڱ ڀلائيءَ جي زندہ مثال سان ڀورل شاھہ جي سڄي تر ۾ هاڪ پئجي وئي هئي.
ڀورل شاھہ، نسيم جي ماءُ کي ٻڌايو هو تہ ڇوڪريءَ تي زبري جن جو اثر آهي. في الحال تہ ڪوبہ نقصان نہ پھچائيندو، پر سدائينءَ لاءِ ڇوٽڪارو ضروري آهي ان لاءِ توهان کي ست ڀيرا سھائي سومر تي اچڻو پوندو. نسيم، ماءُ سان گڏ ڇھہ سھائا سومر تہ ڀورل شاھہ وٽان ڀيرو ڪري آئي هئي. ستون سومر وڃي بچيو هو. ان کان اڳ جو نسيم جي ماءُ کيس ستين سومر ڀيٽڻ لاءِ وٺي وڃي، کيس نسيم ۾ ڪا ڳالھہ کٽڪڻ لڳي هئي. سڀاڻ ستون سومر هو ۽ اڄ ماڻس نسيم سان جهيڙو لايون بيٺي هئي.
نسيم جي ماءَ جي تکو ڳالھائڻ تي علڻ خان اٿي بيٺو ۽ ڪن سرلا ڪري دروازي سان لڳائي ڇڏيائين. هن ڪاوڙ مان چيو پئي.
”ڇوري....! اکيون ڦاڙي ڇا پئي ڏسين؟ ٻڌائين ڇو نہ ٿي تہ اهو اڇو منھن ڪٿان ڪرايو اٿئي؟“
”امان...! ايئن پئي پڇين ڄڻ توکي ڪا خبر ئي ڪانھي؟“
نسيم جو لھجو بہ تکو ٿي ويو هو
”اڙي، مٺيس.....! ڇوري، مون کي ڪھڙي خبر تہ تو ڪٿان منھن تي دانگي ملائي؟“
”امان...! پاڻ کان پڇ ، اهو سمورو تنھنجو ڪيو ڪرتيو آهي.
آئي، گهوڙٽ...! ڏسو تہ سھي، الٽو مون کي پئي ڏوهي ڪرين“ ماڻس جو لھجو روئڻھارڪو هو.
”ها، امان..! تون ئي ذميدار آهين ان جي.“
”ڇوري، ڪيئن....؟ آءُ بہ تہ ٻڌان.“
”تون ئي مون کي ڀورل شاھہ وٽ وٺي هليئنءَ ۽ ڀورل شاھہ سان ڪمري ۾ ايئن اڪيلو واڙي ڇڏيو، جيئن ٻڪري، بگهڙ جي هٿ ۾ ڏبي آهي. ڀورل شاھہ ئي مونسان .....!“ هن کان اوڇنگار ڇڏائجي وئي.
”آئي... نڀاڳي ، ندوري....! ڪامل مرشد تي ڪوڙ هڻي پنھنجو پاڻ پئي لڪائين؟“
”بکيو بگهڙ آهي. وحشي ۽ زناور. مون جھڙيون الائجي ڪيتريون نياڻيون هن جو نشانو بڻيون آهن.“
”تو دانھن ڪُوڪ بہ نہ ڪئي.“
”دانھون تہ ڪيم، پر تو خليفي جي چوڻ تي سمجهيو تہ پير جن سان جهيڙو پيو ڪري، پر هن تہ....! هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي.
رئيس علڻ خان بت بڻيو بيٺو رهيو. بت مان ساھہ ڇڏائجي ويو هئس. سڄو بنگلو ڦرندو محسوس پئي ٿيس. هن اونھو ساھہ کڻي مائوزر واپس رکيو ۽ اڳتي وڌي پنھنجي ڪمري ڏانھن وڃڻ بدران پويان پير ڪري واپس بنگلي ڏانھن وڃڻ لڳو. رئيس کي ساڳين پيرن تي گهران واپس ايندي ڏسي بنگلي جا نوڪر پريشان ٿي ويا.
هن پراڻي نوڪر ادلوءَ کي سڏ ڪيو ۽ کيس مال جي وٿاڻ مان مئنيجر کي سڏي اچڻ لاءِ چيو ۽ اڳتي وڌي پاڻ کي پلنگ تي پاڻ کي ايئن ڦٽو ڪيائين ڄڻ جُوا جي داوَ ۾ سڀ ڪجهہ هارائي ويٺو هو. مئنيجر سھڪندو ڪمري ۾ داخل ٿيو تہ رئيس علڻ خان بيڊ تان اٿي، سگريٽ دکائي وڏو ڪش هنيو. مئنيجر معاملو نہ سمجهڻ واري حيرت مان کيس ڏٺو پئي.
هن کيس ويجهو سڏي ويھاريو ۽ پوءِ کيس سُرٻاٽن ۾ ڪجهہ چيو، مئنيجر ٻئي هٿ ڇاتيءَ تي رکي ڪنڌ کي هاڪار ۾ لوڏي ٻاهر نڪري ويو.
صبح سوير اڃا ڀنڀراڪو هو. سج ڪني بہ نہ ڪڍي هئي تہ سڄي ڳوٺ ۾ هُل پئجي ويو هو. ننڍي وڏي، مرد توڙي عورت جي وات وائي هئي، تہ ”قھر ٿي ويو. بغداد ٿي ويو“ سادن ماڻھن پئي ڳالھايو، پر سندن ذهنن ۾ ڀريل عقيدي جي بارود پئي ڳالھايو. ايئن پئي لڳو ڄڻ ڳوٺ جي هر گهر ۾ قضيو ٿيو هو. ڪن گهرن مان، تہ عورتن جي روئڻ ۽ پار ڪڍڻ جا آواز بہ آيا پئي. هنن لاءِ وڏي ڏک ۽ ماتم جھڙي بہ ڳالھہ ئي تہ هئي، ان ڪري، سادن ماڻھن نہ پئي ڳالھايو پر سندن ذهنن ۾ ڀريل عقيدي جي بارود پئي ڳالھايو، اها خبر هنن مٿان وڏي ڇپ وانگر ڪري هئي تہ رات دير سان، وڏي اسر ڌاري، ڪي اڻ سڃاتل هٿياربند، سائين ڀورل شاھہ جي آستاني ۾ گهڙيا ۽ لڳاتار فائرنگ ڪري، ٻن خليفن سميت کيس موت جي ننڊ سمھاري ويا هئا.