App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

پھرين تاريخ، پگهار ۽ بايوميٽرڪ

ليکڪ: عبدالواسع ’عبد‘ سھندڙو | پڙهڻ جو وقت: 8 منٽ

اڄ پھرين تاريخ مون لاءِ ذري گهٽ عيد جو ڏينھن آهي ڇو تہ پھرين تاريخ مون کي پگهار ملندي آهي ان لاءِ منھنجي گهر ۾ خوشين جا خرار ان سان گڏ ڪافي قرار بہ هوندا آهن. مون کي تہ خوشي ٿيندي ئي ٿيندي آهي، پر زال بہ ٻھڪندي ۽ ٽھڪندي نظرايندي آهي، پر اها کل خوشي ٻہ ٽي ڏينھن پوءِ گهر ۾ روڄ راڙو پِٽڪو ڊَشڪو، ڪِرڪِر ۽ ڪِروڌ جو پاڇو سدا ساندھہ سڄو مھينو جاري ۽ ساري رهندو آهي.“
ها تہ ڳالھہ پئي ڪيم تہ پھرين تاريخ ۽ پگهار جي يعني هڪ ڏينھن جي خوشي ۽ خريد. اڌ گيدو تڙ ڪري ٺھي سنبري کٽ تي ويٺس ۽ نيرن پاڻيءَ لاءِ جهاتيون پائڻ لڳس. منھنجي چرپر ۽ سرپر تي کٽ بہ چيڪاٽ ڪري پنھنجي عمر رسيدہ هئڻ جو ڏس پتو ڏيئي رهي هئي. زال منھنجي حال تي رحم ڪندي ٻہ ڦلڪڙيون ۽ چانھہ جو پيالو کڻي اچي کٽ تي منھنجي سامھون رکي پاڻ بہ پاسو وٺي ويھي رهي تہ کٽ جي ٻانھين جي رنگهہ چنگهہ جو آواز ڪَن جَن پيو. اهي ڦلڪڙيون مون لاءِ ڄڻ هوڙ ڪوسي ڪرڻ جي لائق بہ نہ هيون. مون شڪايت درج ڪرائيندي چيو: ”ڊڳڙيون تہ ڪجهہ سَوايون وجهندي ڪر، انھن ٻن ڦلڪڙين مان تہ هڪ ڪنڊ بہ ڪانہ ٿي ڀرجي.“ منھنجي شڪايت جو ازالو ڪرڻ لاءِ بيگم ٺھہ ڦھہ چيو تہ ٻاجڪي مان کوهي کسوهي آخري اٽي جي لپ مس ڪڍي اٿم، جنھن مان اهي ٻہ ڦلڪڙيون ٿيون آهن، خبردار ڪندي چيائين تہ اٽي جو بہ آخري وقت اچي پھتو آهي.
ماٺڙي ڪري اهي ٻہ ڦلڪڙيون چانھہ سان تڳي ويم، بيگم کي چيم تہ ”اڄ پھرين تاريخ آهي، پگهار ملڻ جو پڪو آسرو ۽ اميد آهي سودي سوڌ جي فھرست لکراءِ تہ اسڪول کان موٽڻ وقت شھر مان پگهار بہ کڻندس تہ سامان بہ ورتيون ايندس.“
ڇا لکرايان هڙئي سودو کَپي ويو آهي ڪنھن شيءَ جي بہ ذري پرزي نہ بچي آهي.
منھنجون وايون ولڙيون ٿيون تہ مار! ڪجهہ نہ بچو!
”هر شيءِ وٺڻي پوندي. اڳي تہ ٻينءَ ٽينءَ تاريخ تائين بچو سچو هلندو هو، هن دفعي ڇو الھہ تلھہ اڳي ئي پورو ٿي ويو؟“ منھنجن انھن لفظن تي هن کي ڄڻ چڙ لڳي وئي ۽ ورنديءَ ۾ چيائين تہ ”ڄڻ مان وڪڻان ٿي يا پيڪن ٿي پڄائي اچان. جيڪڏهن پت نہ ٿي پوئي تہ پيٽيءَ ۾ رکي قلف ڪڙو ڏيندو ڪر بس نہ!“ هڪ ئي ساهيءَ ۾ چيائين. دل ۾ چيم سڀ خبر آهي ڪيترو ۽ ڇا ڇا پيڪن پڄائيندي آهين؟“ پر جيڪڏهن ڏاڍيان چوان تہ ڄڻ ڀنڀور کي باھہ لڳي وڃي. ”بس مِٺي بہ ماٺ، مُٺي بہ ماٺ.“ هيٺانھين وٺندي چيم تہ بس ڌوڙ پئي: ختم ٿي ويو تہ ختم ٿيڻ ڏينس، اهو سودو هوندو ئي ختم ٿيڻ لاءِ آهي.
مون قلم ۽ پنو کنيو هن کي لکائڻ لاءِ چيم، پر هن خار کائيندي چيو اهو جيڪو سڀ ڪجهہ آڻيندو آهين هر مھيني هَرون ڀَرون ڇڙو مِجاجُ ڪندو آهين. مُنھن ۾ سونڊ وجهندي چيائين.
مان پاڻ هرتو لکيو هڪ ڪَٽو چانورن جو ڄڻ واڪ ڏيندو ٿو هلان. چيائين چانور ڪجهہ چڱا آڻ اَڌَ ٿو آڻين ڄڻ مال جو کاڄ آهن. ڪالھہ پاڙي مان ادي زينيءَ کان وٺي چاڙهيم چانور هيڏا چوپ ٿي پيا ۽ ڪڍيم ٿال ۾ ڄڻ چُرن پيا. تون بہ اهڙا وٺي اچ. دل ۾ چيم انھيءَ زينيءَ تہ تنھنجو خانو خراب ڪيو آهي. مڙس اٿس ڪلرڪ پگهار کان سواءِ روزاني روز مٿين ڪمائيء جا هزار ٻہ، کڻي گهر اچي ٿو. شام جو کيسا بہ گرم ڪيو اچي ٿو ۽ ان سان گڏ ٻنھي هٿن ۾ ڦل فروٽ جون بہ ٿيلھيون بہ آڻي گهر واريءَ جي اڳيان حاضر ڪري ٿو، مون ماستر جي سُڪي پُڪي پگهار ڇڙا چوونجاھہ هزار ۽ ڊزن ٻارن جو بہ ڪنڌ ۾.
ڪَٽو اَٽي جو، کنڊ ٻارنھن ڪِلا، چانھہ 2 ڪلو، وچ ۾ لنئوڙو هڻندي چيائين، اها چانھہ جيڪا آڻين ٿو حرام جو سواد اٿس. مٿي جو سور بہ نہ ٿي لاهي ۽ رنگ بہ ڪارو ٿئيس ٿو. لبٽڻ (لپٽن) آڻ واھہ جو چانھہ آهي. ادي زينيءَ کان ڪالھہ چپٽي اڌاري ورتم ۽ چانھہ ڪاڙهيم تہ مغز مان ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏيائين. (دل ۾ چيم زيني شل ڄنگهہ ڀڄَئي.) مان جوابي ڪاروائيءَ ۾ چيو تہ اها چانھہ آهي. جنھن ۾ الائي ڪھڙيون ڪھڙيون حرام شيون ملائِن ٿا. هونئن بہ تون پڪي مُلياڻي آهين حرام کائڻ سان روزو نماز چاليھن ڏينھن تائين نہ ٿيندو آهي. پنھنجي ملڪ واري چانھہ ڀلي حلال شين جي تہ آهي نہ! (ٽيڪر واري انداز ۾ چيم) ها صحي ٿو چئين. اها ئي آڻ جيڪا توکي وڻي (دل ۾ چيم نشانو صفا صحيح جاءِ تي لڳو) انھيءَ عظيم سوڀ تي هنبوڇيون هڻڻ لڳس.
گيھہ 15 ليٽر- (يعني ٽي پنجن ليٽرن جون بوتلون) تنھن تي چيائين گيھہ ۾ بہ ڇَٽ هوندي آهي ڪو سٺو تہ وٺي اڄ. ها ادي زينيءَ واريون تہ حبيب پڪوان آڻينديون آهن خوشبوءِ بہ ڀلي اٿس ۽ اڇو بہ کير جھڙو آهي. سوچڻ لڳس اها زيني مون کي نہ ڪٿي ڊَهو ڊَھہِ ٿي تہ اڳيون پويون حساب وٺندوسانس وڏي ڪا ”کاروکٻڙ“ آهي.
مان هاڻي ساهي پٽڻ جي بھاني سان ڪياڙي کنھڻ لڳس ۽ سوچڻ لڳس منھنجي پگهار جو ٻيڙو سير تي آهي.
صَرفُ، السعوديہ پنج ڪلو ٿيھلو. انتظار ڪرڻ لڳس تہ ڪھڙو ردعمل ظاهر ٿئي ٿو. ”انڌو ڀڄي ڦاهيءَ کان اهائي ڦاهي“. اهو سعودي وارو اٺ ڇاپ تہ صَرفُ نہ آڻ حرام جو جهڳي ڪري ٿو ٻيو ڪو آڻ ۽ ها! ايڪسريس. (ايڪسپريس) آڻ واھہ جو جهاڳ ۽ خوشبوءِ اٿس (هڪئي ساهي ۾ چيائين) ڄڻ منھنجي سيني ۾ سڌو فائر ڪيائين. او چري! ائين نہ چئو ڀلي پار جو آهي، توبھن ڪر، توبھن. (ٻئي هٿ ڪنن تي رکندي چيائين ﷲ بخشجانءِ زبان آلو لڪڻ آهي) معنيٰ منھنجي مراد پوري ٿي.
شيمپو بايو آملہ- ٽيھہ ساشا- (في ساشو 2 رپين وارو) بغير ساهيءَ جي ٻيو ڪجهہ لکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيم تہ عمل جو رد عمل ظاهر ڪندي چيائين تہ انھيءَ شيمبو (شيمپو) ڪاري ڪٻري ۾ ڪائي غزا ئي ڪانھي ڪا. هڻ تہ ڪُل وار اڳيان ڪريا پيا آهن اڃان بہ مٿي مان چيڙھہ بہ ڪونہ ٿو ڪڍي رهندو کھندو منھنجا وار کُسندا وڃن ٿا. ثبوت ڏيکارڻ لاءِ پوتي لاهي پنھنجو مٿو هيٺ ڪندي چيائين (ڏٺم تہ ڪُل ڪوڙ، وار ڪارا رُم اٿس ۽ گهاٽا اهڙا جھڙو شاھہ ٻيلو. پوءِ بہ اجائي رناڻو ڪروڌ ۽ ڪِرڪِر.
چيم باقي ڪھڙو آڻيان، (مون هٻڪندي ڪاوڙ مان چيو) ٽي.ويءَ ۾ ڏيکارن ٿا پيٽيڻ (پينٽين) رِزِلَٽُ (رِزَلٽُ) بہ ڀلو اٿس. مون ڏندين آڱريون ڏنيون ۽ ڪاوڙ ۾ چٻاڙي چٽ ڪيم عقل ويڙهائيندي دف تي بندوق ڇوڙيم تہ پڪ اهو سين بہ زيني بِينيء جي گهر ٽي وي تان ڏٺو هوندئين.
مون بہ توائيءَ مان چيو اهو شيمپو پورن پنجن سَوَن ۾ ۽ هيترڙي دٻڙي ٿي ملي. ايڏو مھانگو مان نہ ٿو وٺي سگهان. ڪجهہ مون تي بہ رحم ڪر. ڪمائڻ وارو هڪ ۽ کائڻ وارا کوڙ (عاجزي ۽ انڪساريءَ واري انداز ۾ چيم) منھنجي پنجن سون واري شيمپو سان ڪھڙي قيامت ايندي. نہ آڻ تہ نہ آڻ. هُونئن بہ تون منھنجي ڪھڙي مڃيندو آن چؤ تہ منھن ۾ موٽائي هڻندو آهين. منھنجي بہ نہ سَرندي آهي جو توکي چئي پنھنجي عزت پاڻ لھرائيندي آهيان. هڪ ئي ساهيءَ ۾ وڪيلن وارا دليل ڏيندي چيائين. منھنجي بہ هيءَ سينڌ آهي جو وري توکي ڪجهہ چوان. ڪاوڙ واري لھجي ۾ چوندي اٿي.
مون بہ اڄ چيو تہ ”جيءَ جهيڙو تہ ابو جهيڙو“ اڄ مڙسي ڪري ”هڪ هڪاڻي ڪبي“. ”گدڙ جي سؤ سال واري زندگيءَ کان شينھن جي هڪ ڏينھن واري زندگي بھتر آهي.“ اڃا انھيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ طريقو نمبر تيرنھن سوچڻ لڳس تہ موبائيل جي گهنٽي وڳي. تڙ تڪڙ ۾ کيسي مان ڪڍيم تہ اسڪرين تي اسڪول جي هيڊماستر جو نالو لکجي آيو. رهندو مون کي ڦِڦڙيءَ ورتو. بٽڻ دٻائي هيلو ڪيم تہ هن منھنجي هيلو کي کنگهيو ئي ڪونہ. اٿندي ئي چيائين ڀر واري اسڪول ۾ بايوميٽرڪ وارو پڳو آهي اچڻو اٿئي تہ جُود ڪري اچ نہ تہ غير حاضر ٿي ويندين پوءِ پاڻ ڄاڻجانءِ. (ائين چوندي فون ڪٽجي ويو).
منھنجون تہ ”هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي ٿي ويون“ تڙ تڪڙ ۾ پنو پين اڳئين کيسي ۾ وڌم ۽ کٽ تان ڀولي وانگر ٽپو ڏيئي اٿس. بوٽ جي بدران تڙ وارو چپل کڻي پير ۾ پاتم. زال جو ڏٺو تہ هن کي الائي ڪھڙي مرنگهيءَ ورتو آهي، جو وايون بتال ٿي ويون اٿس. مون نہ ڪئي هم نہ ڪئي تم بس لانگ ورائي موٽر سائيڪل جي زومائتي ڪِڪ هنيم تہ چالو تہ نہ ٿي اتر ۾ پير تِرڪي ويو ۽ پاچو ڦاٽي پيو، اهو ڏسندي زال چيو، ”پاڇو ڦاٽي پيو اٿئي، لاھہ تہ سبي ڏيانءِ، ۽ چپل بہ لاھہ، بوٽ پاتيون وڃ“ (همدرديءَ طور چيائين)
مون ان جي توجھہ واري نوٽس کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي ٻي ڪِڪ هنيم تہ چالو ٿي. ائين برڙاٽ ڪندو گهر کان نڪتم چَين لھي وئي. سوچيم اڄ بچيم تہ نئون ڄايم. چَين چاڙهي زرڙاٽ ڪرائيندو ڌوڙ اُڏائيندو ويم تہ سڀني ڳوٺ وارن ڏٺو تہ ماستر کي جِن ٿي ويو آهي، جو مينھن واءُ هڪ ڪيون ٿو وڃي؟ ۽ مان خير سان درود پڙهندو ٿو وڃان ۽ پاڻ تي شوڪاريندو ٿو وڃان.