App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

تبديلي

ليکڪ: عبدالرافع شيخ | پڙهڻ جو وقت: 7 منٽ

آڪڙباز اميرن کي ڏسي خدا بخش جي حالت ائين ٿي ويندي هئي، ڄڻ ڪنھن ڪِرڀائتي جانور تي پئجي وئي هجي. هن کي لڳندو هو، اهي امير ماڻھو روز هن جي اميراڻي زندگيءَ کي غربت ۾ بدلائي ڇڏيندا آهن، صبح جو هُو ننڊ مان اٿندو هو تہ پاڻ کي دنيا جو سڀ کان خوشحال ماڻھو سمجهندو هو، دنيا جي هر شئي تہ هئي هن وٽ پيار ڪندڙ زال، ٻہ ذهين ۽ ادب وارا پٽ ۽ هڪ ڪوھہ قاف جي ديس جي پرين جھڙي پياري ڌيءَ، ان کانسواءِ اٽي لٽي ڪمائڻ لاءِ ريڙهي ۽ حليم جي ديڳ سميت ٻيو ضروري سامان، جن مان هن جي گهر جو گذارو ڪنھن ڪارخاني جي مالڪ کان بہ وڌيڪ آرام سان ٿيندو هو، جڏهن تہ ڪيترن ڪارخانيدارن جي واتان هن مشڪل سان گذارو ٿيڻ جي شڪايت ٻڌي هئي، پنھنجي حليم جي ريڙهي مان نہ صرف سندس گذارو سٺو ٿي رهيو هو، پر ڪجهہ بچت پڻ ٿي ويندي هئس، شايد ان جو ڪارڻ هن جي زال ۽ ڌيءَ جو واندڪائيءَ ۾ ڪجهہ سلائي ۽ ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪري اتان بہ پئسا جوڙڻ ۽ ٻنھي پٽن جو نہ صرف اسڪالرشپ تي شھر جي سٺن ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ، پر ان سان گڏ ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي پنھنجو خرچ ڪڍڻ بہ هو.
 خدا بخش روز صبح جو گهران پنھنجي حليم جي ريڙهي سميت خوش خوش اچي، هڪ وڏي مارڪيٽ ٻاهران ائين بيھندو هو، جيئن ڪو سيٺ پنھنجي نئين دڪان جي ڪائونٽر تي بيٺل نظر ايندو آهي، پر پوءِ اها اميري تڏهن غائب ٿي ويندي هئس، جڏهن ڪو ٽرڙو نوجوان، پيءُ جي پئسن سان خريد ڪيل گاڏيءَ جو زور سان هارن وڄائيندي هن کي دڙڪو ڏئي ريڙهي کي اڳتي ڪرڻ لاءِ چوندو هو يا پنھنجي چھري جي بدصورتيءَ کي ميڪپ جي ليپي سان لڪائيندڙ ڪنھن راشي آفيسر جي زال گاڏي مان لھي هن جي گاڏيءَ تي حليم جي ديڳ ۽ پيالن ۾ ڪٽيل بصر، ادرڪ ۽ ليمن تي نظر پوڻ سان منھن کي خراب ڪري ائين ڏسندي هئي ڄڻ هو حليم نہ، پر زهر کپائيندو هجي، اُنھن جي اِنھن روين مان کيس پنھنجي اوقات چڱي طرح خبر پئجي ويندي هئي اهو بہ سمجهہ ۾ اچي ويندو هئس تہ گاڏن وارن ۽ گاڏين وارن ۾ رڳو هڪ جو نہ پر زمين آسمان جو فرق آهي. اهڙي طرح صبح جو گهر کان آيل هيءُ امير ماڻھو منجهند تائين غريب ٿي ويندو هو، پر وري جڏهن شام جو پنھنجي جنت جھڙي گهر ۾ پنھنجن ٻارن ۽ گهرواريءَ سان ملندو هو تہ هڪ دفعو ٻيھر اميري واپس ملي ويندي هئس. هن جي زندگي ائين 12 کان 12 تائين جو سفر ڪندڙ گهڙيال جي سئيءَ وانگر روز هيٺائينءَ جو سفر ڪري واپس مٿاهينءَ تي اچي بيھندي هئي.
ان ڏينھن خدا بخش ٽن مھينن کانپوءِ پنھنجي پٽ سان گڏ روزگار تي وڃي رهيو هو، هن جي اڳيان گهڙيءَ گهڙيءَ ٽي مھينا اڳ وارو منظر اچي رهيو هو، ريڙهي ڀرسان هن جو پليٽن ۾ حليم وجهڻ، هڪ نوجوان جو گهڙيءَ گهڙيءَ هارن ڏئي هن کي ريڙهي پري ڪرڻ تي زور، هن جي طرفان دير تي نوجوان جو گاڏيءَ مان لھي هن کي گاريون ڏيڻ، هن جو بہ جواب ۾ ريڙهي هٽائڻ کان انڪار ۽ ان نوجوان جو گاڏي ۾ اڳتي وڃي وري ان کي تيزيءَ سان پوئتي ڪري هن جي ريڙهي سان هڻڻ، جنھن کان پوءِ گرم حليم جي ديڳ جو هن جي مٿان ڪرڻ ۽ هن جو ٽي مھينا اسپتال ۽ گهر جي پلنگ تي گذارڻ.
جيتوڻيڪ کيس ٽي مھينا روزگار کان پري رهڻ جو افسوس هو، پر ان ڳالھہ جي خوشي بہ هئس تہ ان عرصي ۾ سندس وڏو پٽ پنھنجي ننڍي ڀاءُ جي مدد سان، ڪاليج مان موٽڻ کان پوءِ حليم کپائي گهر هلائيندو رهيو، بنا اهو سوچي تہ هُو جنھن وڏي ڪاليج ۾ اسڪالرشپ تي پڙهي رهيو آهي، ان جا شاگرد هن کي حليم کپائيندي ڏسي ٺٺوليون ڪندا.
هن اسڪوٽر تان لھي هيڏي هوڏي نھاريو پر کيس ڪٿي بہ حليم جي ريڙهي جو نظر ڪونہ آيو، خدا بخش جي سوال ڪندڙ نظرن سان پٽ ڏانھن نھارڻ سان هو مرڪي سندس هٿ پڪڙي کيس پاڻ سان گڏ ٿورو اڳتي هڪ ننڍي پر صاف ۽ سنواريل دڪان ڏانھن وٺي ويو، هن ٻڌايس تہ جنھن وڏي ماڻھو جي پٽ هن کي پنھنجي ڪار سان زخمي ڪيو هو ان جي پيءُ پوليس مان ڪيس واپس وٺڻ تي هن کي پنج لک رپيا ڏنا، جن مان هن پنھنجي ڪاليج جي دوستن جي مشوري سان هيءُ دڪان ٺاهيو آهي، هن دڪان جي بورڊ ڏانھن اشارو ڪندي پيءُ کي ٻڌايو تہ ڪاليج جي دوستن دڪان جو نالو خدا بخش حليم وارو بدران ڪي بي پَلس اينڊ پروٽين (K.B Pulse and Protein) رکڻ جو مشورو ڏنو جنھن سان وڏن ماڻھن اندر هتان جو حليم کائي ڪنھن خاص شئي کائڻ جو احساس پيدا ٿيندو آهي.
دڪان اندر هڪ نوجوان ديڳ مان حليم وجهي بيٺل ماڻھن کي ڏئي رهيو هو کيس هٿن ۾ ڪليءَ وارا دستانا، مٿي تي ڊگهي ٽوپي ۽ ڪپڙن مٿان صاف سٿرو ايپران پھريل هو، هن کي ڏسي ننڍي پٽ تڪڙ ۾ ڪائونٽر اندران اٿي، پيءُ کي پنھنجي جڳھہ تي ويھاريو. خدا بخش ڪرسيءَ تي ويھي ٻيھر حليم جي ديڳ تي بيٺل همراھہ ڏانھن ڏسڻ لڳو، جيڪو وڏي اسٽائيل سان حليم ٿيلھي ۾ وجهي ان کي پلاسٽڪ جي هڪ دٻي ۾ بصر، ادرڪ، ليمي ۽ مصالحي جي ٺھيل الڳ الڳ پُڙين سان رکندي، وري ان کي هڪ ٻي پلاسٽڪ جي وڏي ٿيلھي ۾ وجهي گراهڪ حوالي ڪري رهيو هو، هن کي ان جي هڪ ٿيلھي ۾ هن وانگر حليم ۽ مصالحا وجهي ڏيڻ بدران ڪيترين ٿيلھين ۽ مھانگي دٻي ۾ بند ڪري ڏيڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ڏهن رپين جي فضول خرچيءَ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، پر اها ڪاوڙ ان وقت خوشي ۾ مٽجڻ لڳي جڏهن حليم وجهڻ واري همراھہ رڙ ڪري هن کي چيو: ”صاحب کان هڪ پيڪٽ حوليم جا  هڪ سو پنجاھہ رپيا وٺجو.“ هن کي لڳو هن کان ٻڌڻ ۾ غلطي ٿي آهي، ٽي مھينا اڳ هو ايترو حليم پنجاھہ رپين ۾ کپائيندو هو، اهو هاڻي ٽيڻ تي مھانگو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، هن جڏهن پڪ ڪرڻ لاءِ وري پڇيو ۽ جواب ۾ ڏيڍ سئو رپيا ٻڌو تہ يڪدم ان پڪ جي انتظار ۾ بيٺل مرڪ هن جي چپن تي تري آئي، هن خوشيءَ مان ڀرسان بيٺل وڏي پٽ کان پڇيو. هيءُ هڪ پليٽ حليم جا 150 آهن؟
جي بابا پر هي هاڻي حليم نہ پر حوليم آهي. حليم غريب ماڻھو کائيندا آهن، هي وڏن ماڻھن جي پسند جو حوليم آهي، هيلدي اينڊ هائيجينڪ حوليم. هن جي پٽ وات کي گول ڪندي ورندي ڏني.
ڪجهہ مھينن کان پوءِ خدا بخش پنھنجي نئين ڪار مان لھي دڪان جي ڪائونٽر تي اچي ويٺو، روز وانگر اوريان پريان جي آفيسن ۾ منجهند جي مانيءَ جي وقفي ۽ ڪاليجن ۾ موڪل ٿيڻ جي ڪري حوليم وٺڻ لاءِ ماڻھن جي پيھہ لڳي پئي هئي. خدا بخش ماڻھن جي ميڙ کي ڏسي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو هو. جو اوچتو هڪ ميرن ڪپڙن ۾ ڪراڙي همراھہ هن جي اڳيان 50 رپئي جو نوٽ وڌائيندي چيس.
”مون کي تنھنجو حليم ڏاڍو وڻندو آهي، آءُ سال ڏيڍ اڳ تنھنجي ريڙهي تان حليم وٺي کائيندو هئس، پر پوءِ ڪجهہ وقت لاءِ ٻئي شھر ويل هئس، هاڻي موٽيو آهيان تہ تنھنجو همراھہ 50 رپئي جو حليم ڪونہ ٿو ڏئي، تون تہ اڳئي مون کي 50 واري پليٽ 20 رپئي ۾ بہ ڏئي ڇڏيندو هئين، پنھنجن ماڻھن کي چئو نہ تہ مون کي 50 جو حليم ڏيندا ڪن.
ڪراڙي جي ڳالھہ ٻڌي خدا بخش کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، هن ڪاوڙ ۾ ڪراڙي ڏانھن ڏسي چيو. ”هتي مھانگائيءَ جي ڪري 150 ۾ پليٽ کپائڻ سان بہ اسان جو گذارو ڪونہ ٿو ٿئي تون وري 50 رپئي جو حليم وٺڻ آيو آهين، نڪر هتان.“
اهو چئي هن رڙ ڪندي صفائيءَ واري ڇوڪري کي گهرائي، ڪراڙي کي دڪان مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ چيو.
ڇوڪرو ڪراڙي کي ٻانھن کان پڪڙي ڌڪا ڏيندي ٻاهر ڪڍڻ لڳو تہ ڪراڙي هڪ نظر خدا بخش تي وجهي يڪدم نفرت مان ڪنڌ ائين ڦيري ڇڏيو، ڄڻ هن جي نظر خدا بخش تي نہ پر ڪنھن ڪِرڀائتي جانور تي پئجي وئي هجي. خدا بخش بہ ڪاوڙ ۾ هن ڏانھن نھاري يڪدم منھن ڦيري دڪان ۾ لڳل گهڙيال ڏانھن ڏسڻ لڳو، جنھن جون سُيون سيل سڙي وڃڻ ڪري ڪيترن ڏينھن کان ساڍن ڇھن تي بيھجي ويون هيون.