بُرقعو.....!!
ليکڪ: اعجاز انڙ | پڙهڻ جو وقت: 7 منٽ
اڇي رنگ جو شٽل ڪاڪ جھڙو برقعو پھريل هڪ عورت ۽ هڪ ستن اَٺن سالن جو ٻار شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ مريضن لاءِ ٺھيل ويٽنگ هال ۾ ويٺل هئا، سخت گرميءَ هوندي بہ هال جي ڇت ۾ ٽنگيل پکا ايئن چري رهيا هئا، ڄڻ هُو بہ مريضن وانگر بيمار هجن.
هال ۾ ويٺل مريض عورتون ۽ ٻار هڪ پاسي ويٺل هئا پوڙها ۽ جوان مرد ٻئي پاسي ويٺل هئا، مرد گرميءَ کان تنگ ٿي هوا کائڻ لاءِ هال کان ٻاهر ٿي ويا ۽ وري موٽي اچي ويھي ٿي رهيا، پر عورتون ۽ ٻار اتي ئي ويٺل هئا، ڪي ٻار ٻاهر وڃڻ لاءِ نڪتا ٿي تہ انھن کي ڇڙٻ ڏيئي ويھاري ٿي ڇڏيائون، کين اسپتال آئي ڪلاڪ کان مٿي وقت گذري ويو هو، پر اڃان تائين هنن کي چڪاسڻ لاءِ وڏو ڊاڪٽر ڪونہ آيو هو. برقعو پھريل عورت هال جي ڪنڊ ۾ پيل بينچ تي ٻار سان گڏ ويٺي هئي سندس برقعو جسم کي ايئن ويڙهيل هو، جيئن ڪنھن مسافر جو سامان ويڙهيل هوندو آهي، سندس مڙس هٿ ۾ جهليل تسبيح جا داڻا سوريندي رب سان حساب ڪتاب ۾ رڌل هو، هُو صبح جو سوير ئي ڳوٺ کان اچي پھتا هئا. گرميءَ جي شدت سج جي مٿي ٿيڻ سان وڌي رهي هئي، ان سان گڏ هال ۾ ماڻھن جي پيھہ بہ وڌندي ٿي ويئي، جنھن سان هال جو ماحول وڌيڪ گهُٽ ۽ ٻُوسٽ وارو ٿيندو پئي ويو. گرميءَ جيئن وڌي رهي هئي تيئن ئي عورت جنھن کي کنگهہ ۽ بخار جو عارضو هو تنھن لاءِ ساھ کڻڻ ڏکيو ٿيندو ٿي ويو. ڳوٺ جي ڊاڪٽر کين چيو هو ”تہ مائيءَ جو شھر مان ڇاتيءَ جو ايڪسري ۽ رت جون ٽيسٽون ٿينديون ۽ وڃي ڪنھن وڏي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو مون کي شڪ ٿو پوي تہ هن کي ٽي بيءَ جي بيماري وڪوڙي وئي آهي. ٽي.بيءَ جو نالو ٻڌي عورت جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي، جو کيس خبر هئي تہ جيڪو مڙس هن کي زڪام ۽ بخار جي دوا وٺي ڏيڻ ۾ ڏينھن لڳائيندو آهي ۽ رڳو وظيفا ٻڌائي پاڻي پڙهي پياريندو آهي، سو کيس هن بڇڙي بيماريءَ جو علاج ڪٿان ڪرائيندو؟؟ وقفي وقفي سان عورت کي اُٿندڙ کنگهہ کيس سيني ۾ سُور سان گڏ ساھه کي بہ سوڙهو ڪري رهي هئي. هوءَ برقعو مٿي ڪري وات ۾ آيل کانگهاري کي ٻاهر اُڇلائڻ بدران پنھنجي پوتيءَ جي پلاند سان صاف ڪري رهي هئي ڇو جو سندس مڙس پردي جو سخت قائل هو، هُو تہ کيس ڏيرن ۽ سؤٽن جي بہ منھن پوڻ ڪونہ ڏيندو هو، عورت جي جڏهن کان هن سان شادي ٿي آهي تڏهن کان هوءَ پردي ۾ ايئن بند ٿي وئي آهي، جيئن ڪو ڦاهي جو قيدي کوليءَ ۾ بند ٿي پنھنجي موت جو انتظار ڪندو آهي. مڙسھنس جي اهڙي ورتاءُ تي جڏهن مٽ مائٽ کيس ٽوڪيندي چوندا ھئا ”ڇو ڙي! تو واري جوءِ مٿئون لھي آئي آهي ڇا جو لڪائيندو ٿو وتينس يا زال تي اعتبار نٿي؟؟“ تہ هو کين ٻہ ٽي حديثون ٻڌائي چپ ڪرائي ڇڏيندو هو مڙس جي اھڙي سختيءَ ڪري هوءَ مٽن مائٽن جي شادين مرادين ۾ بہ رڳو اهڙين رسمن ۾ شرڪت ڪندي هئي، جتي هوءَ پاڻ کي ڪنھن نامحرم جي نظرن کان بچائي سگهي. ورد، وظيفي ۽ ڳوٺ جي حڪيم ۽ ڊاڪٽرن جي علاج سان بہ عورت جي تڪليف ۽ بيماري ۾ ڪو فرق نہ پئي آيو، پر مڙسھنس پوءِ بہ کيس شھر جي اسپتال وٺي اچڻ لاءِ تيار نہ هو، پر جڏهن ڏٺائين تہ جوڻس جي طبيعت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي پئي وئي هوءَ ڳري صفا ڪنڊا ٿي وئي هئي. کانئس گهر جو ڪم ڪار ۽ رڌ پچاءُ ڪرڻ بہ ڪونہ پئي ٿيو، مٽن مائٽن بہ کيس مھڻا پئي ڏنا ”تہ ملان رب ڏنا! مسلمان اسان بہ آهيون يا تون نئينءَ مان ڪلمو پڙهيو آ...؟؟ اڙي مائي بي ڪفني ڪري ماريندين ڇا...؟ ڪجهہ خدا جو خوف ڪر! شھر کڻي وڃي ڪنھن وڏي ڊاڪٽر کي ڏيکاريس، تنھنجي ٻچن جي ماءُ آ... ڀيڻھيان پنھنجي ننگ جو ڪجهہ تہ خيال ڪر... سڀاڻي جوڻھين تہ مري ويندي... پر تون ۽ تو وارا ٻار بہ ان موذي مرض ۾ وٺجي ويندا...“
ملان رب ڏني کي وچڙندڙ بيماريءَ واري ڳالھ ڊيڄاري ڇڏيو هو ۽ هُو نہ چاهيندي بہ زال کي برقعي ۾ سامان جيان ويڙهي سيڙهي ۽ ننڍي پٽ جي ضد تي ان کي بہ ساڻ ڪري شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ وٺي آيو هو، لوڊشيڊنگ جي ڪري اسپتال جي بجلي بند ٿي وئي تہ ويٽنگ هال ۾ گرمي اڃان وڌي وئي. مرد هال مان نڪري اچي پڌر ۾ بيٺا. عورت پنھنجي ڀر ۾ ويٺل پٽ کي ڪجهہ چيو هو. اُٿي پنھنجي پيءَ ڏانھن آيو. پڻس ڳالھ ٻڌي تہ نرڙ ۾ گهنج پئجي ويس ۽ منھن خراب ڪري هليو ويو ڪجهہ دير کانپوءِ هُو واپس وريو تہ هٿ ۾ ونجڻو هوس، هن ونجڻو اچي عورت کي ڏنو، هوءَ پاڻ کي ونجڻو هڻڻ لڳي، پر ان سان بہ کيس مونجه ۽ ساھہ جي تڪليف ۾ ڪو آرام نہ آيو. سندس ڀر ۾ ويٺل پٽ هن جي تڪليف کي محسوس ڪري رھيو ھو نيٺ هن ماءُ کان پڇيو؛ امان! گرمي ٿي ٿيئي!!؟؟
”ها ابا! ساھ منجهي ٿو.“ ماڻس نٻل آواز ۾ وراڻيو، جيڪا برقعي اندران سڄي پگهرجي وئي هئي.
”امان! پکو مانکي ڏي تہ مان هڻانءِ!“ پٽ کي مٿس ڪھل آئي.
”نہ ابا! تون ٿڪجي پوندين ٻچا...“
”نہ امان! مانکي ٿڪ نہ ٿيندو...“ هن هٿ وڌائي ماءُ کان ونجڻو وٺڻ چاهيو، ماڻس پيار مان سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي منع ڪئي ۽ پاڻ کي گرميءَ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
”امان! تون برقعو ڇو پاتو آ؟ هتي ٻيون مايون برقعي کانسواءِ بہ تہ ويٺون آهن انھن کي گرمي نٿي ٿي، امان تون بہ برقعو لاهي ڇڏ؟؟“ پٽ کيس زور ڀريندي برقعي ۾ لاهڻ لاء هٿ وڌو.
”نہ ابا! برقعو لاهيندس تہ پڻھين اتي ئي ماري ڇڏيندو!“ ماڻس خوف مان جواب ڏيندي سندس هٿ مان برقعو ڇڏايو.
”امان بابا ڇو ماريندئي...امان ٻڌاءِ نہ...؟؟“ پٽھنس سندس ٻانھن کي لوڏيندي پڇيو کيس پنھنجي پيءُ مٿان ڪاوڙ اچي رهي هئي.
”بس ابا! اهو هر ڪنھن جو پنھنجو نصيب آ مٺا...“ ماڻس کيس کنگهہندي ۽ سھڪندي وراڻيو.
”امان! اهو نصيب ڇا ٿيندو آ؟؟“ پٽ کانئس وري سوال ڪيو.
”ابا! نصيب ﷲ سائينءَ طرفان هر ماڻھوءَ جو لکيل هوندو آهي.“ ماڻس هڪ ڀيرو ٻيھر کيس جواب ڏيندي چپ رهڻ لاءِ چيو،
”امان! تنھنجي نصيب ۾ برقعو لکيل آ..؟؟“
ها ابا! ماڻس ونجڻو هڻندي ڪنڌ ڌوڻي ”ها“ ڪئي.
”امان! پوء ڀلي تون برقعي ۾ گرميءَ جي ڪري مري وڃين تہ مري وڃين..!!؟؟“ سندس پٽ ڏک گاڏڙ حيرانيءَ مان پڇيو.
”ها ابا! ڀلي مري وڃان تہ مري وڃان!!“ ماءُ کيس سوري ڀاڪر ۾ ڀريو، سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا..
”امان! مان ﷲ سائينءَ کي چوندس تہ منھنجي ماءُ جي نصيب مان برقعو ڪڍي ڇڏ... امان پوءِ تون برقعو نہ پائجان..امان پوءِ توکي گرمي بہ نہ ٿيندي...“ پٽ ماءُ ڏانھن نھاريندي چيو سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هو ماءُ کي زور ڏيڻ لڳو.
ماڻس ٿڌو ساھ ڀريو ۽ پٽ جي منھن تي آيل پگهر کي پنھنجي برقعي سان صاف ڪري کيس ونجڻو هڻڻ لڳي تہ هن کي هڪ ڀيرو ٻيھر سيني ۾ سُور سان گڏ کنگهہ اٿي. هوءَ کنگهہندي کنگهہندي ساڻي ٿي بينچ تان هيٺ ڪِري پئي. سندس ونجڻو هٿ مان ڇڏائجي ويو. پٽ ماءُ کي هيٺ ڪرندو ڏسي دانھن ڪئي امان! هن ماءُ جي منھن تان برقعو مٿي ڪري ڇڏيو ۽ کيس هيٺان کڻي بينچ تي ويھارڻ لڳو.
پٽ جي رڙ تي پڻس هال ۾ گهڙيو. هن پنھنجي زال جي منھن تان برقعو لٿل ڏسي کيس دڙڪو ڏنو.
”رن برقعو هيٺ ڪر“ پٽ پيءُ ڏانھن ڪاوڙ ۾ ڏٺو ۽ عورت منھن تان مٿي ڪيل برقعو لاهي هيٺ ڪري ڇڏيو!!!