مسافر محبتون
ليکڪ: بادل جمالي | پڙهڻ جو وقت: 21 منٽ
لاهور مان ريل ۾ سوار ٿيو، مٿئين سيٽ تي ٿيلھو رکي، هيٺئين سيٽ تي ويٺو. گڏ ويٺل مسافرن، هن سان دلچسپي نہ ڏيکاري، تہ ٿوري دير کان پوءِ، بور ٿيڻ لڳو. مسافرن، ڪولين ۽ هاڪرن بہ کيس بيزار ڪري وڌو. نيٺ موبائيل کڻي، مختلف پيج ڏسڻ لڳو. وڏيءَ دير کانپوءِ، گاڏي رواني ٿي، تہ هن سک جو ساھہ کنيو…
شھر مان هوريان هوريان هلڻ دوران، مختلف منظر هن جي اکين مان گذرندا رهيا… شھر مان نڪري، گاڏيءَ اسپيڊ تيز ڪئي، تہ هُو مٿئين سيٽ تي وڃي سُمھي پيو، پر ننڊ کيس نہ آئي، وچ وچ ۾ هاڪرن جي آوازن تي، يا ڪنھن اسٽيشن تي بيھڻ واري شور تي بہ اُٿڻ جي ضرورت محسوس نہ ڪيائين. ننڊ ڪيڏي مھل آيس، خبر ئي نہ پيس.
ملتان ۾ گاڏي بيٺي، تہ هو لٿو، پليٽ فارم تان برگر کائي، چانھن پي، وري اچي سمھي پيو… صبح جو شور ٻڌي هُو اوٻاسيون ڏيئي سجاڳ ٿيو، منھن هيٺ ڪري پڇيائين: ”ڀائي صاحب، ڪھڙي اسٽيشن آهي؟“
”روهڙي“. ڪنھن مختصر جواب ڏنس. کيس ياد آيو تہ روهڙيءَ کان هن وارو گاڏو ڪٽجي، ڪوئيٽا وڃڻ واري گاڏيءَ ۾ لڳڻو هو. هن کي ان گاڏي مان لھي، ساڳي گاڏيءَ جي ٻئي گاڏي ۾ سوار ٿيڻو آهي. هن کي خبر هئي تہ روهڙي جنڪشن تي، گاڏي پورو ڪلاڪ بيھي ٿي، انڪري هُو ٿيلھو کڻي هيٺ لٿو، پليٽ فارم جي نل تان هٿ منھن ڌوئي، فريش ٿيو. چانھن جي اسٽال تي ويھي، چانھن ۽ ڪيڪ سان ناشتو ڪري، وري اچي گاڏيءَ تي چڙهيو، ڪوئيٽا وڃڻ وارن گاڏن مان لٿل، ڪيترائي مسافر وري بہ نئين گاڏي ۾ ساڻس گڏ سوار ٿيا، ان ڪري گاڏن ۾ رش وڌي ويئي ويھڻ ڇا، ڪٿي آرام سان بيھڻ جي جاءِ بہ ڪانہ پئي ملي. ٿيلھو پيرن ۾ رکي، مٿئين سيٽ جي ڪنڊ کي پڪڙي، هُو جهُولندو رهيو. هيٺ ٻنھي پاسن وارين سيٽن تي هڪ بزرگ خاتون، ٽن جوان ڇوڪرين سان گڏ ويٺي هئي. ٻنھي بينچن تي ڪپڙو وڇائي پنھنجو قبضو ڄمائي رکيو هئائون. هُو بيھي بيھي ٿڪو، تہ همٿ ڪري پوڙهيءَ سان ڳالھايائين:
”مئڊم اوهان کي اعتراض نہ هجي، تہ مان هن ڪنڊ ۾ ويھي سگهان ٿو؟“
”اڙي واه! ڪيئن ٿا ويھي سگهو، سو بہ عورتن سان گڏ…!!! هي ٻئي سيٽون اسان جون بُڪ ٿيل آهن ڪراچيءَ تائين.“
”بيشڪ بُڪ ٿيل هونديون، پر رات جي وقت سمھڻ لاءِ. رات گذري ويئي، هاڻي تہ ٻيا پيسنجر بہ هِنن تي ويھي سگهن ٿا.“
”پوءِ تہ هيترا ٻيا ماڻھو بيٺا آهن، اهي بہ چوندا تہ اوهان وانگر، انھن کي بہ اسان پاڻ سان گڏ ويھاريون…؟ ڪمال ٿا ڪريو! آخر تھذيب بہ ڪا شيءِ هوندي آهي…!!“
پوڙهيءَ جي آخري جملي، هن کي ٽانڊا ڏيئي ڇڏيا، مفت ۾ ذليل ٿي ويو، شرم پرچائڻ لاءِ، دل تي پٿر رکي معافي گهريائين:
”ساري مئڊم، مون کان غلطي ٿي، مان معافي ٿو گهران…!!“
هُو ڦڪائيءَ کان منھن هيٺ ڪري بيٺو. اوسي پاسي بيٺل ماڻھو، هن جي حالت تي طنزيہ مرڪندا رهيا…
سامھون ويٺل شوخ ۽ چنچل ڇوڪريون، انڊين فلمن بابت ڳالھائينديون رهيون. هُو ڪنھن ڳالھہ تان پاڻ ۾ اٽڪي پيون، تہ هن کي نہ چاهيندي بہ ٽياڪڙي ڪرڻي پئجي ويئي:
”معاف ڪجو، راجڪپور، ڪرينہ ڪپور جو چاچو نہ، پر ڏاڏو هو، ڪرينہ جو والد رنڌير ڪپور، راجڪپور جو وڏو پٽ هو، ان جي وڏي ڌيءَ ڪرشمہ ڪپور آهي، جيڪا ڪرينہ جي وڏي ڀيڻ آهي.“
هن جي تفصيل ٻڌائڻ سان، ڇوڪرين پنھنجو ڌيان ڦيرائي، هن طرف ڪيو.
”اوهان کي بہ فلمن سان دلچسپي آهي ڇا…؟“
”ها، مون کي بہ فلمن ۽ گانن سان ٿوري ٿوري دلچسپي آهي.“
”ڀلا اهو ٻڌايو تہ شاھہ رخ خان، دليپ ڪمار جو ڇا لڳي، ڀائيٽو يا ڀاڻيجو…؟“
”شاھہ رخ خان، دليپ صاحب جو ڪجهہ ڪونہ لڳي، ٻئي مذهب جي حوالي سان مسلمان آهن، باقي رت جو رشتو ڪونہ اٿن.“
هن جي فضيلت سان ڳالھائڻ، پوڙهيءَ کي چڱو متاثر ڪيو، پنھنجو موڊ بدلائي، نرميءَ سان چيائين:
”پٽ، اوهان ويھي ڳالھايو ڀلا، هيڏي دير کان بيٺا آهيو…“
”ٿئنڪيو مئڊم، مان اِتي ئي ٺيڪ آهيان، خوامخواه اوهان کي تڪليف ٿيندي…“
”نہ پٽ، تڪليف ڇو ٿيندي، هيڏي ساري سيٽ تي رڳو ٻہ ڄڻيون تہ آهيون، اچو…“
هن سُري، کيس پاسي ۾ جاءِ ڏني.
”فضي باجي، اوهين ڇو خاموش آهيو؟ اوهان بہ ڪجهہ پڇو نہ سر کان؟“
”پڇڻ لاءِ اوهين ڪافي آهيو، مون کي فلمن سان دلچسپي ڪانھي.“
هن موبائيل ڏسندي چيو.
”پوءِ تہ اوهان کي يقيناً شاعريءَ سان دلچسپي هوندي…؟“
”اوه ييس، شاعريءَ جي تہ مان ديواني آهيان…!“
فضيلہ، شاعريءَ جي نالي تي ڀڙڪي پيئي، هن جو موڊ ڏسي، نبيلہ جملو هنيو:
”اِجهو، هن جو وات کليو، هاڻي ٻين کي ڳالھائڻ ڪٿي ڏيندي!“
”اوهان جو وات ڪنھن بند ڪونہ ڪيو، اوهين بہ ٻڌايو نہ شاعري؟“
”اسان واري شاعري ڪھڙي هوندي.
رب کا شکر ادا کر بھائی۔
جس نے ہماری گائے بنائی۔
عقيلہ نخري سان شعر ٻڌايو، جنھن تي ننڍڙو ٽھڪڙو اڀريو.
”شاعري ڪرڻ ۽ شاعري ٻڌڻ، ڪو آسان ڪم ڪونھي جناب. اهو اهلِ ذوق جو ڪم آهي.“ ياسر چيو.
”اهلِ ذوق آهي نہ اسان وٽ مس فضيلہ پروين… آپي، هاڻي ڪو ڦڙڪندڙ شعر ٻڌائي، محفل کي گرم ڪريو.“
”منھنجا تہ سڀ شعر اوهان جا ٻڌل آهن، سر کان ٿا ٻڌون نوان شعر، سر پليز، اوهان پنھنجي پسند جا شعر ٻڌايو…“
”مان اوهان کي ڀٽائي گهوٽ جو سنڌي بيت ٿو ٻڌايان، اردو شعر تہ اوهان روز ٿيون ٻڌو.“
”ارشاد“، فضيلہ اتساھہ مان چيو.
”کامان، پچان، پَڄران، لُڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تئونس پرين جي، پيئان نہ ڍاپان،
جي سمنڊ منھن ڪيان، تہ سُرڪيائي نہ ٿئي!“
”واه سر واه! بيت تہ ڪمال جو آهي، پر مٿان مٿان گذري ويو، سمجهہ ۾ ڪونہ آيو، سر پليز تشريح ڪيو نہ…
نبيلہ چيو.
”مان تہ سمجهي ويئي آهيان سر، اهو بيت ڪاليج ۾ اسان جي سنڌي ٽيچر اسان کي ٻڌائيندو هو، سر هنن کي اهو بيت سمجهہ ۾ نہ ايندو. هنن کي تہ سڌوسنئون ڪو اردوءَ جو شعر ٻڌايو…“
”بيٽا ڪجهہ خدا جو خوف ڪريو، پنھنجا معاملا پاڻ ڄاڻو، سائينءَ کي سک سان سفر ڪرڻ ڏيو…“
”امي، اها چُڻ ڀُڻ نہ رهندي، تہ ڪراچيءَ جو سفر ڪيئن ڪٽبو؟ اڃان هاڻي تہ سنڌ ۾ داخل ٿيون آهيون.“
نبيلہ وضاحت ڪئي.
”سر توهان شعر ٻڌايو پنھنجي پسند جو.“ فضيلہ فرمائش ڪئي:
"کرم کرو کہ ستم، ہم گلہ نہیں کرتے
خزاں میں پھول عموماً کھلا نہیں کرتے
ملاؤ خاک میں ہم کو، مگر خیال رہے
کہ ہم سے لوگ دوبارہ، ملا نہیں کرتے!"
”واه سائين واه! ڇا تہ خوبصورت قطعو آهي، ناصر ڪاظمي جو آهي نہ سر؟“
”جي نہ مس فضيلہ، هي هڪ ٻئي وڏي شاعر قمر صديقيءَ جو آهي.“
”بيوٽيفل! فضي باجي، اڄ سر اوهان کي ٽف ٽائيم ڏيندو…؟“
”سر تہ سر آهي نہ، منھنجو سر سان ڇا مقابلو ٿيندو… سر اوهان جو گڊ نيم؟“
”ياسر محمود.“
”۽ سروس؟“
”سروس ڪائي ڪانھي، پنھنجي ننڍڙي زمينداري آهي، سؤ سوا سؤ ايڪڙن جي، گهمڻ ڦرڻ جو شوق گهڻو اٿم، ان ڪري ڪڏهن ڪراچي ڪڏهن ڪوئيٽا تہ ڪڏهن لاهور، اسلام آباد جا چڪر لڳائيندو ٿو رهان.“
”رهائش ڪٿي اٿو؟“
”حيدرآباد، قاسم آباد ۾، اوهان بہ پنھنجو ٻڌايو نہ.“
”اسان گلستان جوهر ڪراچي ۾، اچو نہ ڪڏهن اسان وٽ تہ ڄمايون شاعريءَ جي محفل.“
”اچبو، ضرور اچبو، ڪنھن مناسب وقت تي.“
”سر وقت تہ سدائين مناسب ئي هوندو آهي، رڳو ارادو پڪو ڪري وٺجي.“
”ارادو بہ پڪو ٿي ويندو… گهر ۾ ٻيو ڪير ڪير اٿوَ؟“
”ٻيو تہ ڪير ڪونھي، رڳو اسين ٽي ڀيڻيون ٿيون رهون امي سان گڏ. پنھنجو نمبر تہ ڏيو سر، ڪٿي ڳالھين ۾ رهجي نہ وڃي…“
”بلڪل نمبر وٺو…“
”سر مان اوهان کي مس ڪال ٿي ڏيان، منھنجو نمبر نوٽ ڪري وٺو… شام چار کان ڇھين بجي تائين نمبر بند هوندو آهي، ٽيوشن ٽائيم جي ڪري، باقي ڪيڏي مھل بہ فون ڪري سگهو ٿا.“
ان دوران هڪ اڌڙوٽ عورت، ٻن ٻارڙين سان گڏ، اچي ڇوڪرين واريءَ سيٽ تي ويٺي، هُنن کي اهو تمام گهڻو برو تہ لڳو، پر ڪجهہ چئي نہ سگهيون، ٻارڙين جي زور سان ڳالھائڻ ۽ شرارتن جي ڪري، هنن جي ڪچھري متاثر ٿي، ڳچ دير تائين تہ هنن وٽ خاموشي ڇانئجي ويئي… هن ٻاهر نھاريندي چيو:
”مان سمجھان ٿو تہ منھنجي منزل اچي ويئي آهي، مان هاڻي لھندس، مئڊم اوهان بہ هلو اسان سان گڏ، تہ دل سان اوهان جي خدمت ڪيون…؟“
”مھرباني پٽ، سدا سلامت هجو، آباد هجو…“
هڪ زندہ دل همسفر جي جدائي تي، ڇوڪرين جي منھن تي بہ اداسي ڇانئجي ويئي، دل مَلور ٿي وين، هو پنھنجي سفري ٿيلھو کڻي، سڪ ڀريل ”ويوَ“ وٺي، حيدرآباد اسٽيشن تي لھي ويو. هُو چارئي کيس پرجوش انداز ۾ ”باءِ“ ڪنديون رهيون…
سفر جون خوشگوار يادون کڻي، هُو گهر پھتو، ٻئي ڏينھن کان وري پنھنجو ساڳيو سلسلو کنيائين، ٻنيءَ جا چڪر، فصلن جي سارسنڀال، هارين سان حساب ڪتاب، هفتو ائين گذري ويو، رات دير سان کيس فون آئي، نمبر اهوئي هو، جيڪو سفر دوران کيس مليو هو.
”هيلو…؟“
”سر مان ٿي ڳالھايان فضيلہ پروين.“
”هيلو مس فضيلہ، هائو آر يُو…“
”سر مان بلڪل ٺيڪ آهيان، اوهان کي سڀ گهر وارا ياد پيا ڪن، اوهان تہ فون ئي ڪانہ ڪئي سر…؟“
”ساري، مان دراصل زمين جي معاملن ۾ هارين سان ڪجهہ بزي ٿي ويو هئس، فون ڪرڻ جو وقت ئي نہ مليو، چڱو ٿيو جو اوهان فون ڪئي.“
”سر ڪراچي ڪڏهن ٿا اچو…؟“
”ڪراچي ايندس، جلدي ايندس ڪجهہ ڏينھنِ ۾.“
”سر ڪو ٽائيم ڏيو ها، ائين تہ انتظار رهندو.“
”مان اوهان کي وڌيڪ انتظار نہ ڪرائيندس، مٿئين هفتي ضرور ايندس.“
”اوڪي سر، انتظار رهندو اوهان جو…“
”ڇوڪرو فضيلت وارو ٿو لڳي، مون کي تہ وڻيو آهي، پر آهي تہ وري بہ سنڌي نہ، مائٽ اسان کي طعنو ڏيڻ ۾ دير ئي نہ ڪندا، هونئن بہ اسان وٽ دهليءَ وارا، دهلي وارن سان ٿا گڏجن، تہ لکنؤ وارا لکنؤ وارن سان ٿا ملن، شاديون بہ اهي ٿيون ڪامياب ٿين.“
”اهي پراڻيون ڳالھيون آهن امي، منھنجي ٻنھي ڀائرن پنجابين ۽ پٺاڻن مان شاديون ڪيون، اسان جي مائٽن ڪيو ڪو اعتراض؟“
”ظاهر ٿي تہ ڪونہ ڪيائون، پر اندر ۾ ڏک تہ سڀني کي ٿيو هو نه… مان ڏسان پئي تہ ڪڏهن تون پنھنجي زميندار گهوٽ سان گڏ، چمڪندڙ پيجيرو گاڏيءَ مان اچي لھندينءَ، تہ اوڙي پاڙي واريون توکي ڏسي سڀ رشڪ ڪنديون تنھنجي بخت تي، ڇا تہ شاندار منظر هوندو!“
”امي توهان تہ نعمان لاءِ بہ ائين ئي چيو هو، تہ ناظم آباد جو سيٺ ڪُڙتي پائجامي تي شيرواني پائي، جڏهن اسان جي اڱڻ تي اچي لھندو، تہ پاڙي وارين جون اکيون، حيرت مان ڦاٽي وينديون، پوءِ ڇا ٿيو…؟
”تون بہ ڪمال ٿي ڪرين فضيلہ پٽ، ڪٿي ناظم آباد جي ڪِرياني جو دڪاندار، ڪٿي سنڌ جو وڏيرو! توکي فرق نظر نٿو اچي…؟
بس، دعا ڪر تہ پروردگار، آسون اميدون پوريون ڪري…“
”ڳالھہ چُري، تہ ڳالھائجي نہ، اڃان تہ رڳو اسان جون پنھنجيون سوچون آهن…“
واعدي مطابق هُو ڪراچيءَ پھچي ويو، رسمي ڳالھين ۽ کائڻ پيئڻ کان پوءِ پڪنڪ جو موڊ ٿيو، هُو فئمليءَ کي کڻي سمنڊ ڪناري سِي ويو واري جديد پارڪ پھتا، ٻئي ننڍيون تہ گاڏيءَ مان لھندي ئي، لھرن جي نظارو ڪرڻ لاءِ، ڊوڙي وڃي پٿرن واري ديوار تي چڙهيون، پويان هي ٽيئي کائڻ پيئڻ وارو سامان کڻي، ديوار کي ويجهو پھتا، پلاسٽڪ مئٽ وڇائي، ماءُ چيو:
”بس پٽ، مون کي هتي ڇڏيو، ھھڙي ماحول ۾ اسان جھڙا ماڻھو روز روز تہ نٿا اچي سگهن… اوهان ڀلي پنھنجي مرضيءَ سان گهمي ڦري انجواءِ ڪريو… گهڻو پري نہ وڃجؤ.“
هُو خوبصورت راهدارين تان هلندي، بيھندي چيوئنگم چٻاڙيندي، گلن ٻوٽن ۽ ماحول تي تبصرا ڪندي، هڪ ٻئي کي متاثر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهيا. ماحول جو اثر وٺندي، ياسر کان رهيو نہ ٿيو، هو ڪجهہ وڌيڪ رومانٽڪ ٿي ويو:
”هيءَ حسين شام. هيءُ سمنڊ ڪنارو، ٿڌڙي هير ۽ اوهان جو حسين ساٿ، قرب ڪري اهو حسين ساٿ، هميشہ هميشہ لاءِ مون کي ارپي ڇڏيو نہ!!“
هُن مرڪ ڀريل نظر هن تي وڌي، ۽ پاسي مان اڳتي وڌي ويئي، ياسر کي عجيب لڳو:
”مان پنھنجي عرض ڪيل سوال جو جواب ٿو چاهيان مئڊم!“
”اوهان تمام وڏي ڳالھہ ڪئي آهي سر. اهڙي ڳالھہ ڪرڻ کان اڳ، سؤ دفعا سوچبو آهي، تہ ڪٿي اوهان جلدبازي تہ ڪونہ پيا ڪيو؟“
”توهان تہ سؤ دفعا سوچڻ جو ٿيون چؤ، پر مون شايد هزار ڀيرا سوچيو هوندو. جڏهن کان اوهان سان ملاقات ٿي، تڏهن کان شايد ئي ڪو اهڙو لمحو گذريو هجي، جو مون اوهان بابت نہ سوچيو هجي، منھنجو فيصلو اٽل آهي، رڳو اوهان جي جواب جو انتظار آهي.“
”ڏسو، اسان ڪجهہ ڏينھن اڳ ملياسين. هڪٻئي کي متاثر ڪيوسين. شايد… شايد پسند بہ ڪيوسين. ان ڪري اسان اڄ هيترو قريب اچي وياسين. پر اڃان بہ اسان کي هڪ ٻئي بابت پوري معلومات ڪانھي. شاديءَ کان پوءِ ممڪن آهي، ڪٿان نہ ڪٿان ڪا اهڙي ڳالھہ نڪري سامھون اچي، جيڪا اسان جي پُرسڪون زندگيءَ ۾ ڪي مسئلا پيدا ڪري وجهي. انڪري بھتر آهي تہ اهڙي معاملي کي اڳ ۾ ئي ڪليئر ڪري ڇڏجي…“
”مون وٽ تہ اهڙو معاملو ڪونھي، اوهان وٽ هجي تہ ٻڌايو…“
”ڳالھہ ڪندي چڱو نہ پيو لڳي، پر خير… منھنجي ڪنھن سان مڱڻي ٿي هئي. ماڻھو تمام سٺي حيثيت وارا هئا. ڇوڪرو بئنڪ ۾ جاب ڪندو هو. ڇھہ مھينا کن تہ رشتو سھڻي نموني هليو. اچ وڃ بہ رهي. جڏهن ڳالھہ شاديءَ تائين پھتي، تہ حيرت انگيز طور هُو ماڻھو، انتھائي لالچي ٿي پيا. ڏاج جو مطالبو ڪري وڌائون… ڏاج بہ ڪو جھڙو تھڙو نہ، پندرهن تولا سون، نئين ماڊل جي ڪلٽس ڪار، ۽ گهر جو پورو سامان…!!“
اميءَ چيو، ”رشتو ڪرڻ وقت تہ اوهان اهڙو ڪو مطالبو ڪونہ ڪيو هو. اسان اهو سڀ نٿا ڏيئي سگهون…“ ان تان اهو رشتو ٽُٽي ويو…
سڀاڻي، ان معاملي کي، نئين سر لوڻ مرچ لڳائي، ڪير اوهان آڏو پيش ڪري، تلخيون پيدا ڪري، مان ان کان اڳ ۾ اوهان کي ٻڌائي ٿي ڇڏيان…“
”چڱو ٿيو، جو ٻڌائي ڇڏيو اٿو. جوان ڇوڪرين لاءِ رشتا اچن بہ ٿا، تہ رشتا ٽٽن بہ ٿا، حقيقي رشتو تہ مقدر سان ئي ملي ٿو… منھنجو ڏاج وغيرہ جھڙو ڪو فضول مطالبو ڪونھي، مون کي صرف اوهان جي ٻانھن کپي…!“
هن سندس هٿ کي، پنھنجي هٿن ۾ جهلي، سندس کير جھڙي اڇي تِريءَ تي پنھنجا چپ رکي ڇڏيا…! هوءَ تڙپي پيئي، جسم ۾ جهُرجهُري ڊوڙي ويس…!! هٿ ڇڏائي، پنھنجي جهوليءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين! ياسر ٿورو پريشان ٿي ويو:
”ڇو، ڳالھہ پسند نہ آئي شايد…“
”ڇوڪري آهيان نہ آخر، مرد جو ڇھاءُ، برداشت کان ٻاهر هوندو آهي.“
”اهائي تہ ڪنوارپ جي نشاني آهي…“
”منھنجي خوش بختي آهي، جو مون کي اوهان جھڙو ساٿي مليو آهي، مون کي اوهان تي پورو پورو اعتماد آهي، منھنجي اعتماد جو مانُ رکجو پليز!
”اوهان بي فڪر ٿيو، قدم قدم تي ساٿ رهندو انشاءﷲ.“
”هاڻي هلون امان وارن ڏي، انھن کي بہ ٿورو ٽائيم ڏيون.“
”جيڪا اوهان جي مرضي… “
هُو اُٿي ماءُ ڏانھن روانا ٿيا.
مين گيٽ تي ڪنھن بيل ڏني، ماءُ چانور سوئيندي، وڏي آواز ۾ چيو:
”فضيلہ، ڏس تہ ڪير آيو آهي…؟“
فضيلہ جواب نہ ڏنس، تہ ڪم ڇڏي، هُوءَ پاڻ دروازي تي پھتي:
”اڙي سراج پٽ تون آهين…؟ اڄ ڪيئن ڀلجي پيو آهين، زمانن کان پوءِ اسان جو گهر ياد آيو اٿئي…“
”ڀلجي نہ پيو آهيان چاچي، سھي سنڀري اوهان سان ملڻ آيو آهيان.“
”آهي تہ خير، اسان ڏانھن سھي سنڀري اچڻ جو ڪو مقصد؟“
”ها خير ئي آهي، ٻڌون پيا تہ اڄڪلھہ اوهان وٽ ڌارين ماڻھن جي اچ وڃ ڪجهہ وڌي ويئي آهي، سير سپاٽا پيا ڪريو، پڪنڪون پيا ملھايو، بابا چيو جاچ وٺي آءُ، تہ ڇا معاملو آهي…؟“
”هي تون ڇا پيو چوين سراج…؟ هوش ۾ تہ آهين نه… مھرباني ڪري اسان جي گهر جي جاسوسي ڪرڻ ڇڏي ڏيو! اسان پنھنجي گهر جي حفاظت پاڻ ڪري سگهون ٿيون…!“
”آنٽي مون تہ ٻڌل ڳالھہ پڇي. اوهان تہ صفا ناراض ٿي پيون آهيو. مون تہ پنھنجائپ جي ڪري پڇيو آهي…“
”اها پنھنجائپ اوهان کي هاڻي ياد آئي، جڏهن اميرالدين کي دنيا ڇڏي، پندرهن سال گذري چڪا آهن…؟ هڪ بيوه عورت، پنجن ٻارن جي پرورش ڪيئن پئي ڪري، اهو ڪڏهن سوچيو هُيوَ…؟
صبح جو اسڪول ۾ پڙهائڻ، شام جو ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ، ان کان پوءِ گهر سنڀالڻ، اهو ڪو سولو ڪم هو؟ ڪڏهن اهو بہ سوچيو هُيوَ، عيدن تي ٻارن کي نوان ڪپڙا مليا بہ هوندا، يا نہ؟ گهر ۾ چُلھہ ٻري بہ هوندي يا نہ؟ هاڻي جڏهن اسان ڏڪي ڏڪي پنھنجي پيرن تي بيٺا آهيون، تڏهن اوهان کي رشتا ياد پيا آهن… ڪانھي اسان کي اهڙن منافقانہ رشتن جي ضرورت…!!“
خيرخواهيءَ جي نالي ۾، لوڻ جا لپ ڀري، ٻُرڪڻ ٿا اچو، اسان کي ڇڏي ڏيو اسان جي حال تي، وڏي مھرباني ٿيندي…!!“
سراج هيسجي، خاموش ٿي ويو، ٿوريءَ دير کان پوءِ پڇيائين:
”ڇوڪريون ڪٿي آهن چاچي…؟“
”ننڍيون پڙهڻ ويون آهن، فضيلہ پنھنجي ڪمري ۾ هوندي.“
”سڏ ڪيوس ڀلا، آيو آهيان، تہ ملندو وڃانس…“
”ڪانھي ضرورت ملڻ جي، هوءَ پنھنجي حال ۾ خوش آهي!“
”گهر آيل مھمان سان ايڏو رکو تہ نہ ڳالھائبو آهي، چاچي، آخر تہ اسان پاڻ ۾ آهيون، اوهان جون نياڻيون بہ جوان ٿي ويون آهن، انھن جا رشتا بہ…“
”جي نہ، رشتن لاءِ بہ دنيا گهڻي پيئي آهي، پنھنجن کانسواءِ ٿي ويندا! اوهان پريشان نہ ٿيو…!!“
”ٺيڪ آهي، مان هلان ٿو، پر اوهان چڱو نہ پيا ڪريو…“
سراج منھن سُڄائي نڪري ويو، هُوءَ پنھنجي منھن ڀُڻڪندي رهي.
امي، ياسر ٻڌايو تہ هو ٽن ڏينھن لاءِ ڪوئيٽا وڃي پيو، وڃڻ کان پھرين، اسان وٽان ٿيندو ويندو.“
”ياسر سيلاني ماڻھو آهي پٽ، گهمڻ جي وَهي اٿس، ڀلي گهُمي.“
”ياسر ايندو تہ، هن ڀيري مان هن کي پنھنجي ڪمري ۾ ويھاريندس مون کي هن سان ڪجهہ ڳالھيون ڪرڻيون آهن.“
”نا بيٽا نا، اهڙي غلطي متان ڪرين! ڪنواري ڇوڪريءَ جو ڌارئين مرد سان ڪمري ۾ هجڻ، فضول خواهش کي دعوت ٿو ڏي، جنھن جو نتيجو، اڳتي هلي، عذابن ۾ وجهيو ڇڏي…!!“
”اوهان کي مون تي اعتماد ڪونھي امي؟ مان اول آخر هن جي تہ ٿيڻي آهيان…؟“
”بيشڪ، پر اهو وقت اڃان آيو ڪونھي پٽ، جڏهن وقت ايندو تہ اسان نچندي ڪڏندي، ڳائي وڄائي، توکي گهوٽ جي حوالي ڪنديونسين، تيسين تہ صبر ڪر نه… هينئر بہ جھڙي نموني تون هن سان ملين ٿي، ڳالھائين ٿي، سچ پُڇين تہ مون کي اهو پسند ڪونھي…“
”امي، اسان بہ هن دنيا ۾ ٿيون رهون، اسان کي بہ دنياوارن وانگر، آزاديءَ سان ساھہ کڻڻ ڏيو. ڇو ڀلا اسان کي آثارِ قديمہ جي ميوزيم ۾ بند رکڻ ٿيون چاهيو…؟“
”اهو مان نٿي چاهيان پٽ، اخلاقي تقاضا آهي، نياڻي نڪاح ڪري، جڏهن گهوٽ وٽ پھچي ٿي تہ اُها ٻوٽي مان نڪتل ڪپھہ وانگر صاف، شفاف ۽ پاڪ پوتر هجڻ گهرجي، ڪوبہ ميرو هٿ هن تائين نہ پھتو هجي! عزت ڀري زندگيءَ لاءِ، اهو معيار پنھنجي ذهن ۾ ويھاري ڇڏ…!
”الائي ڪڏهن ايندو اهو پاڪ پوتر ڏينھن، اڌ وهي تہ گذري وئي…!!“
”ڄاڻ اچڻ وارو آهي. بس ڪجهہ ڏينھن جي ڳالھہ آهي، عدنان پٽ ستين تاريخ تي ايندو، ٻارهين يا تيرهين تاريخ نڪاح لاءِ هنن کي ڏيندو، ان کان پوءِ تون ۽ تنھنجو گهوٽ، پاڻ ۾ ڄاڻو…!!“
فضيلہ سمھڻ جي تياري ڪرڻ لڳي. هُوءَ اڃان بيڊ تائين پھتي ئي هئي، تہ مٿان موبائيل جو ميسيج وارو بيپ وڳو، هن موبائيل کنيو، تہ ميسيج پڙهندي ئي پيرن مان زمين نڪري ويس! بدحواسيءَ ۾ بيڊ تي ستل ماءُ تي چڙهي ويئي:
”امي، امي هو ڏس تہ ڇاهي…؟؟“
”ڇا ٿيو، ڇا ٿيو، خير تہ آهي امان…؟“
ماڻس تڙتڪڙ ۾ عينڪ لڳائي، موبائيل وارو ميسيج پڙهڻ لڳي:
”نادان ڇوڪري، تنھنجي عيش عشرت واري زندگي، ڄاڻ تہ پڄاڻيءَ تي پھتي… تنھنجي گهر ۾ عنقريب اهڙو ڌماڪو ٿيندو، جنھن کان پوءِ گهر، توڙي گهروارن جو دنيا ۾ نالو نشان نہ رهندو…!! ياد رک، اسان جيڪي چؤن ٿا، سو ڪري ٿا ڏيکاريون…!!“
”ميسيج پڙهندي، ماڻس جي بہ ساڳي، هن واري حالت ٿي ويئي…
”امان، هيءَ تہ سنئين سڌي ڌمڪي آهي، دهشتگردي آهي، پر ڪير ٿو ٿي سگهي…؟؟ نمبر بہ ڪونہ ڏنو اٿس، نہ وري ڪا نشاني ڇڏي اٿس، ياﷲ اسان تي رحم ڪر…!!“
”امي مون کي ڊپ ٿو ٿئي…!!“
”ڊپ نہ ڪر منھنجي راڻي، رب خير ڪندو، مان آهيان نہ توسان گڏ…!“
هوءَ ننڍڙي ٻارڙيءَ جيان، ماءُ کي چنبڙي پيئي.
”ياد ڪر، تہ پنھنجا دشمن ڪير ڪير ٿي سگهن ٿا…؟ متان نعمان تہ اها حرڪت نہ ڪئي آهي، جيڪو اڃان تائين اندر ۾ سڙيو ويٺو آهي…؟“
”نعمان ڇو ڪندو هاڻي؟ ان کي تہ هيڏو عرصو ٿيو آهي، شادي بہ ڪري ڇڏي اٿس، هو ڇو ڪندو؟“
”ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي… ياسر جي مائٽن تہ نہ ڪيو هوندو، جيڪي هن شاديءَ مان بلڪل بہ خوش نہ هوندا…؟“
”نہ امي، ياسر تہ اڃان تائين مائٽن سان هن سلسلي ۾ ڳالھہ ئي نہ ڪئي آهي، تہ ڪو ڪٿان ڪندا… تازو ان ڏينھن سراج ڀائي اوهان سان ڏند ڏيئي ويو هو، ڪٿي ان تہ نہ ڪيو هوندو…؟“
”ها پٽ، واقعي سراج ڪري بہ سگهي ٿو! ان کان بعيد ڪونھي…!! پر خبر ڪيئن پوي تہ اِها حرڪت سراج ئي ڪئي آهي؟ عدنان پٽ سان ڳالھايون. هُو شايد ڪا چڱي صلاح ڏئي…“
”عدنان ڀائي سان بہ صبح جوئي ڳالھائجي، هينئر ڇو هنن جي ننڊ ڦٽائجي؟“
”صحيح ٿي چوين… هاڻي هن گهر ۾ رهڻ مشڪل ٿي پيو آهي، ڪِنا ماڻھو پويان پئجي ويا آهن، مان ڪٿي وڃان پنھنجيون نياڻيون کڻي…؟“
”مون کي ڀؤ ٿو ٿئي امي، ننڊ ڪانہ ايندي مون کي…“
”ڀؤ نہ ڪر مِٺي، اچ منھنجي بيڊ تي، مون سان اچي سُمهِجُ، آيت الڪرسي پڙهي، پاڻ تي دم ڪري، سمھي پئہ، ﷲ خير ڪندو پٽ…“
جيئن تيئن ڪري، عذابن جھڙي رات گذاري ورتائون، صبح سوير ئي فون ڪري، عدنان ڀائي کي سڄي حقيقت ٻڌايائون، راتوڪو ميسيج بہ هن سان شيئر ڪيائون.
”امان اوهان ڇوڪرين کي وٺي، فوراً اسلام آباد پھچي وڃو. اهو شھر هاڻي رهڻ لائق رهيو ئي ناهي، اتي اوهان کي ڪوبہ نقصان پھچي سگهي ٿو!“
”پٽ، فضيلا جي شاديءَ جون تياريون لڳيون پيون آهن، گهوٽيتن جا لکين روپيا خرچ ٿي چڪا آهن، انھن جو ڇا ٿيندو…؟“
”اِن ڳالھہ کي ڇڏيو في الحال، زندگي پياري اٿوَ تہ هيڏانھن نڪري اچو. پڙهيل ڪڙهيل نوجوان هتي بہ آهن، هتي بہ شاديون ٿين پيون… مان ڪوچ وارن سان ڳالھائي، آن لائين اوهان جي بڪنگ ڪرائي ٿو وٺان، ڪجهہ ڪپڙا لٽا ۽ ضروري سامان کڻي، اوهان نائيٽ ڪوچ ۾ هليا اچو…“
فضيلا ۽ ڀينرن، اسلام آباد وڃڻ جي خوشيءَ ۾ فوراً سامان جي پئڪنگ شروع ڪري ڏني، هميشہ وانگر صبح کان ئي ياسر فون ڪرڻ لڳو، پر هر دفعي کيس اڳيون فون بند مليو، هو پريشان ٿي، ڪراچيءَ لاءِ نڪري پيو.
”واءُ مينھن ڪندي، هُو ڪراچيءَ پھچي ويو:
”خير تہ آهي، آنٽي، مسلسل بيل پيو ڏيان، دروازو پيو ڪُٽيان، در نہ پيا کوليو، ڇو…؟“
”پٽ اسان دنيا ۾ آهيون ئي ڪونہ، تہ در ڪٿان کوليون…!!“
”ڇو، ڇو، ڇا ٿيو؟ هي ڪھڙيون ڳالھيون پيون ڪيون، آنٽي فضيلہ ڪٿي آهي؟“
”پئڪنگ پئي ڪري، پنھنجي ڪمري ۾.“
”پئڪنگ…؟ ڇا جي پئڪنگ؟“
”سامان جي پئڪنگ. وڃون پيا اسلام آباد.“
”هيءُ اوچتو
”ڇا ٿيو جانو اسلام آباد وڃڻ جو ڪھڙو پُور پيو اٿوَ…؟“
”اچو، مٿي اچو فضيلہ جي ڪمري ۾.“
هو مٿي پھتا، تہ فضيلہ ڪپڙا ۽ ڪتاب ٻڌڻ ۾ مصروف هئي، ياسر کي ڏسي بہ، هن ڪا گرم جوشيءَ ڪانہ ڏيکاري، پنھنجي ڪم ۾ مصروف رهي ڀيڻن سان گڏ.،، ڪھڙي پريشانيءَ ۾ آهيو…؟“
”اميءَ کان پڇو.“ هن مختصر جواب ڏنو، ماڻس هن جو موبائيل کڻي، راتوڪو ميسيج هن کي ڏيکاريو:
”پٽ رات هيءُ ميسيج آيو آهي، جنھن اسان جو ساھہ سُڪائي ڇڏيو!“
”اڙي آنٽي، هي تہ فئڪ ميسيج آهي، بلڪل ڪوڙو، هن تي نہ تہ موڪليندڙ پنھنجو نمبر ڏنو، نہ وري ٻيو ڪو نشان ڇڏيو اٿس. هي تہ ڪنھن ٽرڙي ڇوري جي شرارت ٿي لڳي! اوهان خوامخواھہ پريشان ٿيون آهيو…“
”پٽ، اسان عورتون تہ جهرڪيءَ جي اڏامڻ تي بہ پريشان ٿيو ٿِيون وڃون، هيڏي ساري ڌمڪي اسان کي ڪيئن برداشت ٿيندي؟“
پٽ عدنان سان ڳالھہ ڪئي سون، هن فوراً اسلام آباد پھچڻ لاءِ چيو آهي…“
اهو ٻڌندي ئي ياسر جي من ۾ سياٽو ڊوڙي ويو، ڪن گهڙين لاءِ تہ دماغ سُن ٿي ويس، پاڻ سنڀالي، اندر جي ڳالھہ چپن تي آندائين:
”پوءِ هي شاديءَ جو تياريون هيڏو سارو انتظام، انھن جو ڇا ٿيندو…؟“
”دعا ڪريو تہ خير ٿئي، زندگي رهي، تہ گهوٽن لاءِ ڪنوارون گهڻيون، ڪنوارن لاءِ گهوٽ گهڻا…!!“
اهو ٻڌي، ياسر وڏي ٻوڏار ۾ اچي ويو! ڪجهہ سوچي، پنھنجي طرفان نئين تجويز ڏنائين:
”آنٽي، اوهان تہ هڪ خسيس ميسيج تي پريشان ٿي ويون آهيو… منھنجي مڃو تہ اسلام آباد وڃڻ بدران، حيدرآباد هلي منھنجي گهر ۾ رهو. پنھنجي گهر جھڙو سڪون ملندوَ…“
”مھرباني پٽ، پر اهو اسان لاءِ ممڪن ڪونھي، تہ ناٺيءَ جي گهر ۾ رهون…!!“
”پوءِ ڀلا مون کي پاڻ وٽ رهايو، مان ڏسندس تہ ڪيئن ٿو ڪير اچي ڌماڪا ڪري…!!“
”هي اسان جو خانداني معاملو آهي بابا، ان کي اسان پاڻھي نبيرينداسين. منھنجا پٽ، ماشاءﷲ ايڏي هلندي پڄندي وارا آهن، جو اسان کي هتي بہ تحفظ ڏياري ٿا سگهن، اوهان جي آڇ جي مھرباني…“
گهر جو بدليل ماحول ڏسي، ياسر تمام گهڻو پريشان ٿيو، پر ان جو اظھار سِڌن سَنون لفظن ۾ ڪرڻ بدران، اشارن، ڪِناين ۾ ڪيائين:
”مسافريءَ دوران مليل محبتون بہ، ڪڏهن ڪڏهن عجيب نتيجا ڏيئي وينديون آهن… جي چڙهڻ تي ٿيون اچن، تہ پھاڙ جي چوٽيءَ تائين بہ چڙهيو وڃن، وري جي ڪِرڻ تي ٿيون اچن، تہ پراڻي بلڊنگ وانگر ڌڙام سان، زمين بوس ٿيو وڃن! نہ شِڪوه، نہ شڪايت، نہ داد نہ فرياد…!!“
ماءُ وٽ، هن جي هيڏي ساري ڏک جي جواب ۾ چوڻ لاءِ ڪجهہ ڪونہ هو، ان ڪري جان ڇڏائڻ لاءِ، هوءَ رڳو هڪ ننڍڙو بھانو ئي بڻائي سگهي:
”پٽ، هاڻي توهان ڀلي هلو، پاڙي واريون اسان کان موڪلائڻ اچن پيون، اوهان کي هتي ڪنھن ڏسي ورتو تہ وري نوان قصا جُڙندا، ڪير انھن کي منھن ڏيندو…!!“ اهو چئي، هوءَ اتان هلي ويئي…
ياسر محسوس ڪري ورتو تہ اسلام آباد جي دلاسن تي، گهر جو ڪلچر ئي بدلجي ويو.
هو کامي، پچي، پڄري ويو! هڪڙي لمحي لاءِ سوچيائين تہ ڊوڙي وڃي فضيلا کان پڇي، تہ هن کي ڪھڙي ڏوھہ جي سزا ڏني پئي وڃي؟ جو جنھن گهر جو کيس مالڪ بنايو پئي ويو، ان مان هن کي فالتو سامان وانگر ڌڪي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي…؟ پر هُو پاڻ تي جبر ڪندي، غصي کي چپن اندرئي پي ويو، رت ڇڏيندڙ اکين سان فضيلا ڏانھن ڏٺائين، هن جي پريشانيءَ کان بي نياز هوءَ ڀيڻن سان گڏ، پنھنجي ڪم ۾ مصروف هئي! زهر جا ڍُڪ ڀري، هارايل زندگيءَ جيان، ڪنڌ هيٺ ڪري، چپ چاپ هُو ٻاهر نڪري ويو…!!“