App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

وڃڻ کان اڳ ۾

ليکڪ: انور ابڙو | پڙهڻ جو وقت: 4 منٽ

گلاب جڏھن پنجاھہ سالن جي عمر ٽَپي هليو تہ کيس پنھنجي باقي عمر ٿوري محسوس ٿيڻ لڳي. هِن کي پنھنجي گهٽ رهجي ويل عمر جو ايترو شديد احساس شايد هونئن نہ ٿئي ها، پر جڏهن ٻہ سال اڳ سندس وڏو ڀاءُ برين هيمريج سبب ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي بستري تي ويھي رهيو هو ۽ اُن جي ٻئي سال تي سندس والد صاحب پنھنجي وڏي پٽ جي اهڙي لاچاريءَ وارو صدمو برداشت نہ ڪري هميشہ جي لاءِ هليو ويو هو گهڻو گهڻو پري.....تہ اُن بعد گلاب پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو هو. اهي هُن جا ڀاءُ ۽ پيءُ نہ، پر هِن جا دوست هئا، ۽ اهو هن جي وهم گمان ۾ بہ نہ هئو تہ، هُو ائين اوچتو هليا ويندا! انھن جو اِئين اوچتي وڃڻ ئي هِن کي پنھنجي اوچتي وڃڻ واري سوچ جو قيدي بڻائي ويو هو.
 ان بعد هِن کي پنھنجي حياتي اجائي تہ محسوس نہ ٿيندي هئي، پر کيس اهو يقين ضرور ٿي ويو هو تہ،”زندگي هڪ مھمان آهي، جا ڪنھن بہ گهڙيءَ موڪلائي وڃي سگهي ٿي.“
تنھن ڪري هِن چاهيو هو تہ، هيءُ پنھنجي هوندي پنھنجيون سموريون شيون پنھنجي گهرواري سلميٰ ۽ پنھنجي اولاد جي حوالي ڪري وڃي. هِن جي ڪُل ملڪيت سندس هڪ گَهرُ ۽ ٻنيءَ جا ٻہ ٻارا هئا، جيڪي سندس وَئي کانپوءِ سلميٰ ۽ سندس اولاد کي ملي پئي سگهيا. هن جا ٻہ بئنڪ اڪائونٽ تہ سولا هئا، جو انھن جي چيڪ بُڪس جي سلميٰ کي بہ خبر هئي. هن جي ڪمپيوٽر ۾ جيڪي بہ تصويرون ۽ ٻيون لکتون پيل هيون، سي بہ محفوظ هيون، جيڪي سندس گهر وارا ڪڏهن بہ ڪمپيوٽر کولي اهي کڻي سگهيا ٿي، پر هِن جي، خاص ڪري فيس بڪ، ٽوئٽر، انسٽاگرام، يوٽيوب چينل ۽ اِي ميل ايڊريس جي پاس ورڊس جي سلميٰ کي خبر نہ هئي.
گلاب جو لکڻ پڙهڻ سان بہ واسطو هو، تنھن ڪري هِن پنھنجي اي ميل اڪائونٽ ۾ پنھنجا ڪيترائي ڪتابي مسودا، تصويرون ۽ ٻيون يادگار شيون محفوظ ڪري رکيون هيون. ان طرح فيس بڪ تي بہ سندس تمام گهڻيون اهڙيون پوسٽون پيون هيون، جيڪي هن جي ڪمپيوٽر ۾ موجود نہ هيون، تنھن ڪري انھن سڀني ڳالھين کي ذهن ۾ رکي هيءُ سوچڻ لڳو تہ، ”جيڪڏهن مان اوچتو هليو ويس، پوءِ تہ منھنجا پونئير منھنجي اِن سموري خزاني کان محروم ٿي ويندا؟“
 ائين سوچيندي سوچيندي سندس ذهن ۾ اها ڳالھہ آئي تہ، هيءُ اُنھن اڪائونٽس جا پاس ورڊ پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکي، اها ڊائري هڪ اهڙي جاءِ تي رکي، جو سڀاڻي، جڏهن هيءُ هليو وڃي، ۽ سلميٰ صدمي مان ٻاهر اچي هن جون شيون ڳولڻ، ڏسڻ ۽ پڙهڻ لڳي تہ، کيس اها ڊائري بہ سولائيءَ سان ملي سگهي.
رات جو سمھڻ کان اڳ ۾ گلاب پنھنجي ڊائريءَ ۾ پنھنجي اِي ميل ايڊريس، فيس بڪ، ٽوئٽر ۽ يوٽيوب چينل جا پاس ورڊ لکيا ۽ ڊائري پنھنجي وهاڻي جي هيٺان رکي، اهو سوچي سمھي پيو تہ، هُو صبح جو اها الماريءَ ۾ رکي ڇڏيندو.
اڌ رات جو اوچتو گلاب کي دل جو دورو پيو. سندس گهرواري کيس ويجهي اسپتال کڻائي ويئي، جتي هن جو باءِ پاس ٿيو. هُو بچي ويو.
....
جڏهن گلاب اسپتال مان واپس گهر آيو تہ، سندن گهر ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مائيءَ هن کي دل جي پيل دوري کانپوءِ واري صبح جو سندس بستري مان مليل اها ڊائري سلميٰ کي اِهو چئي ڏني تہ، هِنن کي اِها صبح جو صاحب جي بستري مان، سندس وهاڻي هيٺان پيل مِلي هئي.
سلميٰ جيئن ئي اُها کڻي کولي - ۽ اُن جي ٻئي صفحي تي لکيل هنن لفظن تي سندس نظر پئي تہ، سندس اکيون اُتي ٽِڪي بيھي رهيون. هن پڙهڻ شروع ڪيو:”منھنجي جيون ساٿياڻي سلميٰ، تو تہ مون سان سڄي عمر وفا ڪئي آهي، پر جڏهن منھنجي زندگي مون سان وفا نہ ڪري، ۽ گهڻو پري هليو وڃان اوهان کان، جبلن جي چوٽين جي ٻئي پارِ، تہ تون هيءُ پاس ورڊ پاڻ وٽ سنڀالي رکجانءِ ۽ اُهي اسان جي پٽن کي بہ ڏجانءِ، تہ جيئن اُهي منھنجن انھن اڪائونٽس ۾، جيڪي ڪجهہ پيو آهي، اُهو کڻي پاڻ وٽ محفوظ ڪري سگهن. منھنجي سموري زندگيءَ جي ميڙي چونڊي انھن اڪائونٽس ۾ محفوظ ٿيل آهي. توکي گهڻو سک نہ ڏيئي سگهيس، ان لاءِ مون کي معاف ڪجانءِ.“
ان کانپوءِ پاس ورڊ لکيل هئا.
سلميٰ جيئن ئي اِهي اکر پڙهيا تہ سندس اکين مان ڳوڙها وهي پيا. اُن لمحي گلاب اسٽڊي روم مان ٻاهر نِڪتو. هُو سلميٰ جي هٿ ۾ پنھنجي ڊائري ڏسي پريشان ٿي ويو. زرد پتي جھڙي مرڪ مرڪيو تہ، سلميٰ جي چپن تي ميارَ ۽ ڏکُ لکجي آيو. ٻنھي هڪ ٻئي سان هڪ لفظ بہ نہ ڳالھايو. ان دوران سندن ننڍڙو پٽ بادل ڊوڙندو آيو، جنھن ماءُ جي هٿَ ۾ ڊائري ڏسي کيس چيو،”امان امان....، اها مون کي ڏي. مون کي هن ۾ اسڪول جو ڪم لکڻو آهي.“ هُن جيئن ئي اها ماءُ کان ڦري تہ گلاب هاڻي ’سچي مرڪ‘ مرڪندي چيو،”امانت صحيح هٿن تائين پھتي.“ سلميٰ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا.