App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

روحن جو رشتو

ليکڪ: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي | پڙهڻ جو وقت: 7 منٽ

مائيڪل اَوِبي خوشيءَ ۾ نہ ٿي ماپيو، جو قدرت واري سندس عرض اگهايو هو ۽ هُو جنوري 1949ع ۾ ندومي سينٽرل اسڪول جي هيڊماستر طور بدلي ٿي پنھنجي شھر کان وڃي رهيو هو. اهو مُنڍ کان وٺي هڪ غير معياري اسڪول رهيو هو ۽ ان ۾ پڙهائي بہ پُوري ساري هئي، تنھنڪري مشن جي اختيارين اهو فيصلو ڪيو تہ ان اسڪول کي هلائڻ لاءِ ڪنھن نوجوان ۽ سرگرم ماڻھوءَ کي موڪليو وڃي. اِها ذميواري مائيڪل اَوِبيءَ کي سونپي وئي، جنھن کي هن وڏي جوش سان قبوليو. اسڪول کي بھتر بنائڻ جي ڏس ۾ وٽس ڪيتريون ئي رٿائون هيون، جن کي هن عملي شڪل ڏيڻ جو پَڪو پھہ ڪري ڇڏيو هو. سندس تعليمي پسمنظر بہ سرڪاري رڪارڊ ۾ کيس ”مرڪزي استاد“ جو درجو حاصل هو. مٿانھون رتبو ڏنو ويندو هو، هُو پوڙهن ۽ گهٽ پڙهيل هيڊماسترن جي تنگ نظرين جي مذمت ۾ بدتميزيءَ جي حد تائين وات ڦاٽوڙو هو.
”واھہ جو موقعو مليو آهي. هاڻي ان اسڪول کي سڌارڻ جي ڏس ۾ ڪا ڪَسر نہ ڇڏبي.“ هن پنھنجي مقرريءَ جو آرڊر پنھنجي زال نينسيءَ کي ڏيکاريندي چيو.
”ها! اسان پوري ڪوشش ڪنداسين.“
نينسيءَ وراڻيو، ”مان اسڪول جي آڳر تي هڪ سھڻو باغيچو بہ لڳائيندس، اُتي هر شيءِ نئين ۽ وڻندڙ هوندي.“
ٻن سالن جي ازدواجي زندگيءَ دوران نينسي پنھنجي مڙس جي تعليم جي جديد طريقن کي رائج ڪرڻ واري جذبي کان ڀليءَ ڀت سونھين ٿي چڪي هئي. هوءَ اڪثر پنھنجي مڙس کي چوندي هئي، ”انھن پوڙهن کي تہ اَوِنتشا جي بازارن ۾ دڪانن تي نوڪري ڪرڻ کپي، تعليم ڏيڻ سندن وَس جي ڳالھہ ناهي.“
هاڻي جڏهن سندس مڙس جي بدلي ندومي سينٽرل اسڪول ۾ هيڊماستر جي طور تي ٿي هئي تہ هن پاڻ کي هڪ ذهين ۽ قابل هيڊ ماستر جي زال سان گڏوگڏ ”اسڪول جي راڻي“ سمجهڻ شروع ڪيو هو. هن اسڪول ۾ نيون ريتون رسمون ۽ رواج وجهڻ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا. هوءَ سوچڻ لڳي تہ ٻين استادن جون زالون ساڻس ريس ڪرڻ لڳنديون.
اوچتو مائيڪل اَوبيءَ اها ڳالھہ پڌري ڪئي تہ اُتي استادن جون زالون ڪونہ هونديون. نينسي ڏکاري ٿي وئي. هن مايوس اکيون مڙس ڏانھن کڻي کانئس پڇيو، ”پر ڇو....؟“
”منھنجا سڀ ساٿي نوجوان ۽ ڪنوارا آهن.“ مائيڪل اَوِبيءَ جوش سان وراڻيو، ”اها ڏاڍي ڀَلي ڳالھہ آهي جو اهي سڀ ڇَڙا پُڙا آهن.“
”اها ڀلي ڳالھہ ڪيئن؟“ نينسيءَ پڇيو.
”ڀلي ڳالھہ ان ڪري جو اِهي پنھنجو سمورو وقت ۽ توانائي اسڪول کي ڏيندا.“ هن ٻڌايو.
نينسي ماٺ ٿي وئي، ڪجهہ گهڙين کانپوءِ هن پنھنجي مڙس کي ڏٺو، جيڪو ڪاٺ جي هڪ ڪرسيءَ ۾ دٻيو ويٺو هو. سندس ڪُلھا جهڪيل ۽ بدن ڏٻرو هو. تنھن هوندي بہ هُو ڪڏهن ڪڏهن ماڻھن کي پنھنجي جسماني سگهہ جي اوچتي اظھار سان اچرج ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هاڻي لڳو ٿي تہ هن پنھنجي سموري سگهہ اسڪول جي بھتريءَ تي خرچ ڪرڻ جو اٽل ارادو ڪري ورتو هو. هُو رڳو ڇويھن سالن جو نوجوان هو، ڪارو ڪلُوٽو، ڪوجهو ۽ چپن ڊولو.
”ٺيڪ آ.... تون ڀلي اڪيلوئي وڃ، پر اسڪول ۾ باغيچو ضرور لڳائجانءِ.“ نينسيءَ، عورتن جي هڪ رسالي کي بند ڪري ميز تي رکندي چيو.
”نينسي! مان هن وقت اهو سوچي رهيو آهيان تہ انھن ماڻھن کي ڏيکاريندس تہ اسڪول ڪيئن هلائبو آهي، هي منھنجي لاءِ هڪ عظيم موقعو آهي.“
ندومي سينٽرل اسڪول دنيا جي پٺتي پيل اسڪولن مان هڪ هو، اسڪول پھچي مائيڪل اَوِبيءَ پاڻ کي محنت ۽ جاکوڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن جا رڳو ٻہ ئي مقصد هئا: تعليم جو معيار وڌائڻ ۽ اسڪول جي آڳر کي هڪ سھڻي باغيچي ۾ بدلائڻ. هن انھن ٻن مقصدن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو. باغيچو لڳي ويو ۽ ڪجهہ عرصي کانپوءِ جڏهن بارش ٿي تہ سندس زال نينسيءَ جي خوابن جي باغيچي کي زندگي ملي وئي، ۽ گل ٻوٽا ڦُٽڻ ڦولارجڻ لڳا. گهنٽيءَ جهڙن تيز رنگن جي گلن جي وَلين، چمڪندڙ ڳاڙهن ۽ هيڊن گلن وارن ايلامانڊا جي ٻوٽن جي ڪيارين اسڪول جي آڳر کي سھڻو ڪري ڇڏيو هو. جڏهن تہ اسڪول جي ٻين حصن ۾ ڦُٽل ڪُنڊ بيحد بڇڙي لڳي رهي هئي.
هڪ شام جو جڏهن هُو باغيچي کي فخر وارين نظرن سان ڏسي رهيو هو تہ اوچتو ڳوٺ جي هڪ پوڙهي عورت کي منڊڪائيندي ميري گولڊ جي هيڊن گُلن جي ڪياريءَ ڏانھن ويندي ڏٺائين. ان ئي گهڙيءَ اُها عورت اُتي ئي گُم ٿي وئي. هُو ڏاڍو حيران ٿي ويو. هن اڳتي وڌي ڏٺو تہ ڳوٺ کان هڪ رستو ٿي آيو، جيڪو اسڪول جي آڳر کان ٿيندو ٻئي پاسي ڦُٽل ڪُنڊ ۾ ختم ٿي ٿِي ويو. ڪجهہ ماڻھن جي پيرن جا اڻ چِٽا نشان بہ ان رستي تي موجود هئا.
”اها منھنجي لاءِ حيران ڪندڙ ڳالھہ آهي.“ ٻئي ڏينھن مائيڪل اَوِبيءَ پنھنجي اسڪول جي هڪ استاد کي چيو، جيڪو گذريل ٽن سالن کان اتي پڙهائي رهيو هو. ”توهان ڳوٺ وارن کي اهو رستو استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، پر مان ائين نہ ڪندس. منھنجي برداشت کان اها ڳالھہ چڙهيل آهي.“ هن نھڪار ۾ پنھنجو ڪنڌ ڌوڻيو.
”سَر! اهو رستو انھن ماڻھن لاءِ بيحد اهم آهي.“ استاد معذرتاڻي انداز ۾ ٻڌايو، ”هي رستو گهٽ ئي استعمال ٿيندو آهي، پر اهو ڳوٺ جي مندر کي قبرستان سان ملائيندو آهي.“
”تہ پوءِ ان جو اسڪول سان ڪھڙو ڪم؟“ هيڊ ماستر پڇيو.
”سَر! مون کي ناهي خبر.“ استاد ڪلھا لوڏيندي جواب ڏنو، ”اسان ان رستي کي بند ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي، پر هر ڀيري ناڪامي ٿي آهي.“
”ڇا بہ ٿي پوي، پر هاڻي هي رستو هرگز استعمال نہ ٿيندو.“
مائيڪل اَوِبيءَ زور ڏيندي چيو، ”تعليم کاتي جو بالاآفيسر ايندڙ هفتي اسڪول جي انسپيڪشن تي اچي رهيو آهي. اهو رستو ڏسي ڇا سوچيندو؟ ۽ ها! ٻڌو اٿم تہ ڳوٺ وارن منھنجي اجازت کانسواءِ انسپيڪشن واري ڏهاڙي اسڪول جي هڪ ڪمري ۾ ڪا مذهبي رسم ادا ڪرڻ جو بہ فيصلو ڪيو آهي.“
اسڪول ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ وارن رستن تي وڻن جا وڏا بُنڊ رکي انھن کي بند ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ ڪنڊيدار تارون بہ لڳايون ويون.
ٽن ڏينھن کانپوءِ ڳوٺ جي پادري هيڊ ماستر سان ملڻ لاءِ وٽس آيو. هُو بيحد پوڙهو هو ۽ ٿورو جهُڪي ٿي هليو. سندس هٿ ۾ هڪ ٿلھي ٿنڀري لٺ بہ هئي، جنھن کي زور زور سان زمين تي هڻندي هُو هيڊ ماستر جي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو.
مان ٻڌو آهي تہ رسمي دعا سلام کانپوءِ هن ڳالھايو، ”اسان جي وڏڙن جو رستو بند ڪيو ويو آهي.“
”ها.“ مائيڪل اَوبِيءَ جواب ڏنو، ”مان ماڻھن کي اها اجازت ڪونہ ڏيندس تہ اهي اسان جي اسڪول جي آڳر کي رستي طور استعمال ڪن.“
”منھنجا پٽ! ڳالھہ ٻُڌ!“ پادريءَ لٺ هيٺ هڻندي چيو، ”هي رستو تنھنجي پيدا ٿيڻ ۽ تنھنجي اَبي ڏاڏي جي پيدا ٿيڻ کان بہ اڳ جو آهي. ڳوٺ وارن جي زندگيءَ جو دارومدار ان رستي تي آهي. اسان جا مري ويل مٽ مائٽ اسان کان ڌار ٿي ان رستي کان ويندا آهن ۽ اسان جا وڏڙا بہ اسان سان ملڻ لاءِ ان ئي رستي کان ايندا آهن، پر سڀ کان مکيہ ڳالھہ اها آهي تہ نون ڄمندڙ ٻارن جو رستو بہ اهوئي آهي.“
مائيڪل اَوبيءَ ڌيان سان سندس ڳالھہ ٻُڌي ۽ مسڪرائي ڏنو.
”اسان جي اسڪول جو مقصد اهڙن عقيدن جي پاڙ پٽڻ آهي.“ هن ڳالھايو، ”روحن کي رستن جي ضرورت ٿوروئي هوندي آهي. اهو توهان جو وهم ۽ خام خيالي آهي. توهان جي ٻارڙن کي اهڙن عقيدن تي چَٿرون ڪرڻ جي تعليم ڏيڻ ئي منھنجو فرض آهي.“
”تنھنجي سوچ تو وٽ....!“ پادريءَ جواب ڏنو، ”پر اسان وڏڙن جي واٽ ڪونہ ڇڏينداسين. جيڪڏهن تون رستو کوليندين تہ پوءِ توسان ڪو جهيڙو ڪونھي. مان سدائين اها ڳالھہ چوندو آهيان تہ، ”باز کي بہ ويھڻ“ ڏيو ۽ڳيري کي بہ ويھڻ ڏيو.“ اهو چئي هُو اُٿڻ لڳو.
”مون کي افسوس آهي“ نوجوان هيڊ ماستر وڏي اعتماد سان چيو، ”اسڪول جو آڳر رستو نٿو ٿي سگهي. اهو اسان جي ضابطي جي اُبتڙ آهي. مان توهان

 
کي اها صلاح ڏيندس تہ توهان اسان جي اسڪول جي پاسي کان ڪو ٻيو رستو ٺاهيو. ان رستي کي ٺاهڻ لاءِ مان پنھنجي اسڪول جي شاگردن جي مدد بہ اوهان کي ڏئي سگهان ٿو. منھنجي خيال ۾ تہ اوهان جي وڏڙن کي ٿورو پَرڀرو رستو استعمال ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانہ ٿيندي.“
”مان وڌيڪ ڪجهہ بہ نہ چوندس.“ پادريءَ وراڻيو ۽ لٺ ٽيڪيندو ڪمري مان نڪري ويو.
ٻن ڏينھن کانپوءِ هڪ عورت ٻار کي ڄڻيندي مري وئي، هڪ روحاني هستيءَ سان رابطو ڪيو ويو تہ هن ٻڌايو تہ رستي بند ٿيڻ ڪري روحن جي توهين ٿي آهي، اهي روح ڏاڍو چِڙيل آهن. انھن جي تاءَ کان بچڻ لاءِ ڳَري قرباني ڏيو.