App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

سائنسي مھم جوئي

ليکڪ: بھادر ٽالپر | پڙهڻ جو وقت: 1 منٽ

مون کي ناسا وانگر اچي شوق ورايو تہ ڪائي سائنسي مھم جوئي ڪريان…! آءٌ رات جو بيگاھہ وقت ٻاهر نڪري ويس…، پريان هڪڙو گهاٽو وڻ بيٺو هو…!! آءٌ وڻ جي هيٺان بيھي وڻ ۾ مٿي ڏسي رهيو هئس… تہ وڻ جي ٽارين جي وٿين مان مون کي چنڊ ڏيکاري ڏيندو نظر آيو… تہ مون سوچيو اڄ ڇو نہ چنڊ لاءِ اُسھجي… وڻ مون لاءِ چنڊ گاڏي هو… آءٌ تصور جي طاقت سان وڻ کي خلائي گاڏي بڻائي مٿي وڌي رهيو هئس… تہ وڻ جي ڪنھن پکي آکيري مان ائين ٻوليو… ڄڻ هُو منھنجو حوصلو وڌائيندو هجي…! پريان هڪڙو ڪڪر ڊوڙندو ٿي آيو… جنھن ۾ وڄ جي چمڪ سان هڪ ڌماڪو ٿيو… ۽ ٽاري ٽُٽڻ جو آواز بہ آيو…!! منھنجون ٻيئي خماريل اکيون کُلي ويون… جن کي ڪوبہ بند ڪرڻ وارو ڪونہ هو… منھنجو بي جان جسم بستري تي پيو هو… ۽ وڻ ۾ ويٺل پکي ٽاھہ کائي آکيري مان اُڏامي چڪو هو…!!