مھربان دوست
ليکڪ: بھادر ٽالپر | پڙهڻ جو وقت: 1 منٽ
شھر ۾ ڪيترائي نامھربان دوست هئا… جيڪي مھربانن جي صورت ۾ مون جھڙن سادن سان پيش اچڻ ۾ ڪابہ ڪسر نہ ڇڏي رهيا هئا… انھن جي ٽولي سان جڏهن منھنجو مکا- ميلو ٿيو تہ محسوس ٿيو تہ آءٌ الائي ڇو ايستائين اهڙن مھربانن کان محروم رهيو پيو هئس…!! انھن مون کان منھنجي کيسي واري سڀ پونجي ورتي… ۽ هڪ ڪاري ٿيلھي بدلي ۾ هٿ ۾ ٿمائيندي چيائون: ”هي گهر وڃي کولجانءِ…!“ منھنجي خاطر- تواضع بہ ڪيائون… ۽ وڌيڪ چيائون تہ: ”اڄڪلھہ هر شيءِ ٻيڻي ٿيڻ لڳي آهي… ۽ تون اڳتي لاءِ اهڙي نعمت کان محروم نہ رهجانءِ…!!“ گهر اچڻ کان پوءِ باقي ايندڙ سڄو مھينو آءٌ ان نعمت جي سحر ۾ رهندي ايترو معذور بڻجي ويس… جو ماڻھن کان مھيني لاءِ کنيل اوڌر بہ نہ ڏئي سگهيس… منھنجي گهرواري مون تي کلندي کلندي گهر جو ڪم ڪار بہ ذري گهٽ وساريندي رهي…!!