App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

قرض

ليکڪ: بھادر ٽالپر | پڙهڻ جو وقت: 1 منٽ

هُن کي ماڻھو انتھائي حيرت مان ڏسندي وري هڪٻئي ڏانھن منتظر نگاهن سان ڏسندا ٿي رهيا…! هُو واقعي اهوئي ماڻھو هو… يا ڪو ٻيو هو… جنھن جي نسبت ۾ ماڻھن ڪي انتھائي عجيب قسم جون ڳالھيون ٻڌيون هيون… جيڪي ويساهن ڏکيون هيون! آءٌ بہ انھن حيرت زدہ ماڻھن ۾ هئس… پر جڏهن ماڻھن منھنجي مُنھن ۾ چِتائي ڏٺو… تہ اهي شڪجي پيا… ۽ هاڻ انھن جي نظرن ۾ آءٌ ئي اهو ماڻھو هئس… جنھن لاءِ هنن ڪي انتھائي عجيب ڳالھيون ٻڌيون هيون…!! هُو مون کي ڏسي وري هُن شخص کي ڏسندا رهيا…!! مون لاءِ هڪ لحاظ کان اهي شڪراني جا پل هئا… جو اهي سڀئي ماڻھو مون کان ڪو لھڻو ليکو ۽ قرض وغيرہ نہ گهرندا هئا… نہ تہ شڪراني جا ٻہ نفل پڙهي خوش ٿين ها… ۽ چون ها تہ هُو موت ۽ قبر جي اندران اُٿي واپس اچي ويو آهي… ۽ هاڻي کانئس پنھنجو قرض اوڳاڙڻ اسان لاءِ بنھہ آسان آهي…!!