App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

شڪ- پڪ

ليکڪ: بھادر ٽالپر | پڙهڻ جو وقت: 1 منٽ

مون کي بہ پنھنجي هڪ ڪھاڻيءَ تي ٻي ڪھاڻي سان هئڻ! جو شڪ ٿيو… اهو شڪ تڏهن پڪ ۾ بدليو… جڏهن هُو قاريءَ جو مون ڏانھن ميسيج پھتو… مون ٽيڏي عينڪ سان بي دليءَ مان اهو ميسيج پڙهيو… جنھن ۾ منھنجي هڪ ڪھاڻيءَ لاءِ ڏاڍا اڻ وڻندڙ لفظ هئا… لفظ پڙهندي ڄڻ پٿر منھنجي وجود مٿان ٿي وسيا… آءٌ هڪ قاري کي ڪيئن سمجهايان ها تہ هڪ ڪھاڻي ٻي ڪھاڻيءَ سان ڪجهہ بہ ڪري… پر اُن سان ڪنھن بہ قاريءَ جو ڪجهہ بہ بگڙي نہ ٿو… ۽ تہ هڪ ڪھاڻي جو ٻيءَ سان هئڻ! ڪو انساني هم جنسياتي مسئلو ڪونھي… پوءِ اهي ٻئي ڪھاڻيون ڀل تہ Lesbian ئي ڇونہ هجن…!!