تيرھون سال
ليکڪ: ڊاڪٽر فريدہ ڏاهري | پڙهڻ جو وقت: 4 منٽ
اڃان تيرھون سال پورو ڪري چوڏھين تي چڙھي هئي، اڃان مس سندس چڙهندڙ جواني مکڙي مان گلاب ٿي خوشبو پکيڙي هئي، رنگ گلابي، سھڻا نقش، نازڪ بدن جي گل خاتونءَ کي ڏسي ماڻس سڄڻِ کي اچي ڳڻتيءَ ورايو، پيءُ ڏسي پريشان ٿيو، ڀاءُ حيران هو، سندس حسن جي سُڳنڌ لوڙها، گهٽيون ٽپي ٻاهر پھتي هئي، هن کي هر ڪو ڏسڻ لاءِ آتو پئي ٿيو، گل خاتونءَ تي اٿندي ويھندي هروڀرو جو ٿڪ بجو وسڻ لڳو، سندس گهر کان نڪرڻ بند ڪيو ويو جلد کيس ننڍپڻ جي مڱيندي سوٽ اَجوءَ جيڪو کائنس ٽي سال ننڍو هو تنھن سان پرڻايو ويو، اجوءَ سان شادي ڪرائي مائٽن پنھنجون سڀ پريشانيون ڄڻ بار سمجهي تي لاهي ڇڏيون، پر کين اها خبر تہ نہ هئي تہ پکي هاڻ قيد کان آزاد هو ، گل خاتون آزاد هوا ۾ ساھہ کنيو ٻاهر جي دنيا، فطرت جا حسين نظارا، کليل آسمان ڏسي هوءَ خوشيءَ مان وڌيڪ خوبصورت ٿي پئي، هاڻ هوءَ شادي شدہ هئي. گهر کان ٻاهر نڪرڻ واري پابندي هن تان ختم ٿي وئي هئي، هوءَ ٻني مان گاھہ ڪرڻ، پاڻي ڀرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ مطلب جيڪي ڪم گهر کان ٻاهر جا هئا سي وڏي شوق سان ڪرڻ لڳي، هڪ ڀيري هن ڪپڙا ٿي ڌوتا تہ ڀر واري زمين تي ٽريڪٽر هر ٿي ڪاهيا. ٽريڪٽر جي ڊرائيور ’خان‘ اڏول ، ويڪري ڇاتي، قداور رنگ جو ڀورو، اکين، ڀروئن ۽ مڇن جو رنگ ڪارو ڇوھہ جوان، جي نظر گل خاتون تي پئي خان سندس سونھن ڏسي حيران ٿي ويو ۽ ٽريڪٽر ماڳھين ٻٻر جي وڻ سان ٿي لڳس، جيڪا حالت ڏسي گل خاتون ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳي، بس هڪڙو سلسلو شروع ٿيو تڪڻ، پوءِ ڳالھائڻ، ملڻ ۽ سوکڙيون ڏيڻ تائين اچي پھتو. ڪپڙا پئي ڌوتائين خان لوڙهي جي ڀر جهليندي اچي وٽس پھتو. پويان بيھي سڏ ڪيائينس. سندس خوبصورت وجود ڏڪي ويو. رڙ ٿي ڪيائين تہ خان جلدي وات تي کڻي هٿ رکيس، ڇڪي ٻانھن ۾ ڀريائينس، سندس دل ائين ٿي ڦٿڪي ڄڻ سندس چوليءَ مان ٻاهر ٿي نڪري، سندس ساھہ جي رفتار تيز ٿي وئي، الائي ڪھڙي ڪيفيت تاري ٿي ويس. جسم تپي ويس، رنگ ڳاڙهو ٿي ويس، ذري خوشي ٿي محسوس ڪيائين تہ ذري خوف ٿي ورايس، بس خان بہ وَل جيان ويڙهجي ويس، ان ڏينھن کان پوءِ پاڻ تي مغروري ٿيڻ لڳيس اڃان بہ وڌيڪ چمڪي پئي، هاڻ سندس خوف ختم ٿي ويو. ڏينھن، راتيون، ملاقاتيون وقت ويو گذرندو ويو، هڪ ڏينھن نبوءَ (هڪ سھڻو جوان) پنھنجي زمين تي ڪم ٿي ڪيو گل خاتون سندن زمين تي نلڪي مان پاڻي ڀريندي هئي. نبوءَ اوچتو جو هي جلوو ڏٺو تہ هوش گم ٿي ويس. گل خاتون جي مستيءَ جا ڏينھن هئا، جواني ديواني هئي عاشق مجبور ٿيا معشوق جا ماڻا وڌيا، هاڻ نبوءَ سان بہ معاشقو شروع ٿيو، اجو ويچارو انھن ڳالھين کان بي خبر هُو سڄو ڏينھن محنت ۽ مزدوريءَ ۾ پورو هوندو هو، جيڪو وقت بچندو هو هو اُٺ گاڏيءَ تي بار کڻندو هو، بخشو، گل خاتونءَ جو مامو هو، جيڪو ڪجهہه عرصي کان ٻئي پاسي ڪم لاءِ ويل هو، بخشوءَ کي گل خاتون جي ڪرتوتن جي ڪجهہه ٻاٻور پئي ۽ سندس چال چلت نہ وڻي آخرڪار سندس چانچ ڪرڻ لڳو. ڳچ وقت جي جانچ کان پوءِ هن معاملي جي پڪ ڪئي ۽ گل خاتونءَ کي تنبيھہ ڪئي، پر هوءَ جوانيءَ جي نشي ۾ گم هئي، خان ڊرائيور بخشوءَ جي زميندار رئيس ڪرم علي جو پٽ هو، ۽ نبوءَ جو چاچو گل خاتون جي پيءٌ جو زميندار هو، هڪ واري بخشوءَ جي ڪاوڙ وڌي وئي. ڪھاڙي ٺپي ٺاهي رکيائين تہ اڄ ڪارو ڪاري پورا ڪندس سندس ڪاوڙ نبوءَ تي گهڻي هئي، پر ان رات گهر ۾ خان گهڙيو هو، بخشو خان کي نبوءَ سمجهي پويان کان مٿي ۾ ڪھاڙين جا وسڪارو ڪري ڏنو ۽ هي جوان اونڌو وڃي ڪريو ، انھيءَ وچ ۾ گل خاتون گهر کان ٻاهر ڀڳي پر بخشو پھچي ويس ڌڪو ڏئي ڪرايائين پيرين پيَس مرشد جا واسطا ڏنائينس ماما مون کي نہ مار منهجي توبھہ آهي اڳتي ائين نہ ڪنديس بخشوءَ جي ڪھاڙِي خان جي رت سا رڱيل هئي، هوءَ ڏڪي رهي هئي ۽ اوچتو مٿان ڪھاڙين جو وسڪارو ٿي ويو صبح ٿي ڪاروڪاري گهر ۾ هڪ کٽ تي سمھاريا ويا پوليس آئي بخشو ڪھاڙي سوڌو پيش ٿيو.