App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

اُڃ

ليکڪ: جاويد اختر پاشا | پڙهڻ جو وقت: 14 منٽ

صبح جا ڏھہ ٿيا هئا، پر اس جي تکاڻ برداشت کان ٻاهر هئي. سرن جي بٺي تي پري پري تائين ڇانو جو ڪو نشان ئي نہ هو. مان چاهيان پيو تہ برسات ٿيڻ کان اڳ ئي گهر جي ڇت پئجي وڃي. ان کان وڌيڪ سرن جي بندوبست ڪرڻ لا ملڪ ﷲ داد جي بٺي تي پاڻ ئي آيس. ٺيڪيدار ياسين گذريل هڪ هفتي کان گم هو. منشي نواب الدين سان سرن جي چونڊ ، قيمت جي تڪرار ۽ فراهميءَ جي وقت تي بحث مباحثي ۾ سج چڙهي آيو. هوا جا گرم جهولا، کليل علائقي ۾ ساڙي رهيا هئا. مان تيز قدمن سان جلد کان جلد گاڏيءَ ۾ پھچي، ٿڌي هوا جي پناھہ وٺڻ چاهيان پيو. سرن جي تياريءَ لاءِ مٽيءَ جي کوٽائيءَ جي ڪري سڄو علائقو تمام گهڻو نشيبي ٿي ويو هو. اچڻ مھل هڪ تہ وقت تمام گهڻو نہ ٿيو هو ۽ اس بہ تيز نہ هئي. ٻيو لھوارو هئڻ ڪري ٿڪاوٽ بہ محسوس نہ ٿي. واپسيءَ تي اها ٿوري چڙهائي قراقرم جي ڪائي چوٽي محسوس ٿي رهي هئي. مان دل ئي دل ۾ منشي نواب الدين کي پِٽي رهيو هئس، جنھن فضول بحث ۾ ايتري دير ڪرائي ڇڏي هئي. سڄي چڙهائي پار ڪري مان گاڏيءَ جي ويجهو پھتو ئي هئس تہ اوچتو زناني رڙ، ڌيان پنھنجي طرف ڇڪي ورتو. غير ارادي طور ڏٺو تہ هڪ ننڍڙي ڇوڪري رستي جي ڪناري تي ڪريل پئي هئي. ڊوڙي سندس ويجهو پھتس. اٿاريومانس. ڏٺم تہ هُوءَ ٺيڪ ٺاڪ هئي. بظاهر کيس ڪو ڌڪ نہ لڳو نہ هو. شايد ڊنل هئي ۽ ڏاڍو ڪنبي رهي هئي. مون سندس مٿي تي هٿ رکيو، آٿت ڏني پر سندس برو حال هو. بس روئي پئي. ڏاڍي مشڪل سان هن ٻڌايو تہ سندس پير ٿڙي ويو هو ۽ پاڻ بہ ڪري ۽ پاڻيءَ سان ڀريل دلو بہ مٿي تان ڪري ڀڄي پيو هئس. مون ڏٺو تہ ڪجهہه قدم پريان ڀڳل دلي جا ٽڪرا، ڇوڪريءَ جي مجبوريءَ جو قصو ٻڌائي رهيا هئا.
”بابا ڏاڍو ماريندو؟“ ڇوڪريءَ روئندي ٻڌايو.
”ڇو، تون ڄاڻي واڻي تہ نہ ڀڳو آهي“ مون کيس تسلي ڏني.
”پر هُو پوءِ بہ ماريندو.“ هن ڊنل لھجي ۾ جواب ڏنو.
”ڪٿي رهندي آهين؟“ مون کانئس پڇيو.
”سامھون اسان جو گهر آهي؟“ هن اشارو ڪيو.
”هل، مان توسان گڏ هلان ٿو. تنھنجي پيءُ سان ڳالھائيندس.“
منھنجي ان چوڻ تي ڇوڪريءَ کي ڪجهہه آٿت ملي، پر خوف بہ پنھنجي جاءِ تي ڏسڻ ۾ آيو. هوءَ منھنجي اڳ اڳ هلي. ان کان سواءِ وٽس ٻيو چارو بہ نہ هو. ڇوڪريءَ جي عمر وڌ ۾ وڌ ڏھہ سال کن هئي. سنھڙي، ڪمزور، غربت جي ماريل، اگهاڙي پيرين، ميرا ڪپڙا پھريل، وار وريل. ڇوڪريءَ جي پيءُ جي معاشي حالت جي عڪاسي ڪري رهيا هئا. مون هن کان پڇيو :
”پاڻي ڪٿان ڀري ايندي آهين؟“
”گهڻو پري نالي تان“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو.
”پاڻي ڀرڻ لاءِ توسان گڏ ڪوئي ٻيو بہ هلندو آهي؟“ مون سوال ڪيو.
”امان ۽ ٻہ وڏيون ڀيڻيون هلنديون آهن. اهي مون کان ٿورو اڳ گهر هلي ويون آهن.“ هن ٻڌايو.
ايتري ۾ ڇوڪريءَ جو گهر اچي ويو. گهر ڇا هو. مٽيءَ جي ننڍي چار ديواري جي اندر هڪ ڪچو ڪوٺو هو. جنھن جي ڇت پکن جي ٺھيل هئي. چارديواريءَ جي اندر هڪ ڪنڊ ۾ گاسليٽ جو چلھو ۽ ڪجهہه ٿانو، گهر ڀاتين جي زندگيءَ جي تلخين جي نشان دهي ڪري رهيا هئا. قدمن جو آواز ٻڌي، اندران هڪ سخت آواز آيو.
”ڪير آهي؟“
”ادا! ٿورو ٻاهر تہ اچو.“ مون وراڻيو.
آواز سان ملندڙ جلندڙ هڪ مضبوط ڊگهو ڪارو شخص اندران ٻاهر آيو. ڇوڪريءَ کيس ڏسندي ئي زور زور سان روئڻ شروع ڪري ڏنو. روئڻ جو آواز ٻڌي اندران هڪ پڪي عمر جي عورت ۽ نوجوان ڇوڪريون بہ ٻاهر نڪري آيون. ڇوڪري ڊوڙي وڃي، عورت سان چنبڙي پئي.
”ڇا ٿيو آهي؟“ ان شخص رڙ ڪئي.
کيس ڏسي مان بہ ٿورو گهٻرائجي ويس. تہ نہ ڄاڻ ڇا سمجهي، پر نوعيت جي نزاڪت کي ڏسندي هڪدم مون ئي جواب ڏنو.
”ٻارڙيءَ جو رستي ۾ پير ترڪي پيو هو، پاڻ بہ ڪِري ۽ دلو بہ ڀڄي پيو اٿس. توهان کان ڊڄي رهي هئي. مان ساڻس گڏ ان ڪري آيس تہ جيئن اوهان کانئس ناراض نہ ٿيو.“
”تون ڪير آهين؟ ۽ ڇو هن جي سفارش ڪري رهيو آهيان؟“ ان ڇوڪريءَ کي قھر ڀريل نگاهن سان ڏسندي مون کان پڇيو.
”مان بہ هڪ پيءُ آهيان. منھنجي بہ هن جيتري هڪ ڌيءَ آهي. دلو هن ڄاڻي واڻي نہ ڀڳو آهي. اوهان هي پنجاھہ رپيا وٺو ۽ نئون دلو وٺجو.“
مون کيسي مان پنجاھہ رپين جو نوٽ ڪڍي ڏانھنس وڌايو. منھنجي حيرت جي حد نہ رهي جو هن بنا ڌڙڪ منھنجي هٿ مان نوٽ جهپي ورتو. ڄڻ مون کيس ڪا اوڌر ڏني هئي.
”اوهان جي بستيءَ ۾ پاڻي ناهي؟“ مون پڇيو.
”هلو ڙي توهان سڀ اندر. تماشو ڏسي رهيون آهيو.“ مون کي جواب ڏيڻ کان اڳ هن شخص قھر ڀريل نظرن سان پنھنجي زال ۽ ڌيئرن کي تڙيو ۽ پوءِ مون سان ڳالھايائين.
”جي نہ، هتي پاڻي بلڪل نہ آهي؟“
”اوهان پاڻي ڪٿان ڀريندا آهيو؟“ مون سوال ڪيو.
”هتان کان ڏيڍ ميل پري هڪ برساتي نالو آهي، اتان اسان جون عورتون پاڻي ڀري اينديون آهن.“
سندس لھجي ۾ سختي نمايان هئي. نہ ڄاڻ اهو سندس مزاج هو يا حالتن جي پيداوار. مون اس جي تپش جي باوجود ساڻس ڪجهہه گفگتو ڪئي. جنھن جو خلاصو هيءُ هو تہ هن ڪچي بستيءَ ۾ تقريباً پندرهن گهر آهن. سڀ جا سڀ غريب مزدور آهن، جيڪي شھر وڃي ڪم جي ڳولا ۾ مصروف رهندا آهن جنھن ڏينھن کين مزوري ملندي آهي ان ڏينھن سندن چلھہ ٻرندي آهي نہ تہ فاقو ڪرڻو پوندو آهي.
ان شخص جو نالو ڪريم هو. ڪم هن بہ مزوري ئي ٻڌايو. آباديءَ جو نالو هن جي ئي نالي تي ڪريم آباد هو. بقول هن جي بستيءَ جا سڀ ماڻھو سندس ئي ڳالھہ مڃيندا آهن.
مون هڪ مختلف خيال تحت ڪريم کي ساڻ ڪري بستيءَ جو چڪر هنيو. گهر ڪچا هئا. ڪنھن ڪنھن هنڌ اگهاڙا ٻار گهرن منجھان تڪڻ کان پوءِ اندر لڪي پئي ويا. گندي پاڻي جي نيڪال جو انتظام نہ هئڻ ڪري ننڍين ننڍين گهٽين ۾ گندو پاڻي هنڌ هنڌ تي بيٺل هو. گند ڪچري جا ننڍا ننڍا ڍير ماحول کي گندو ڪري رهيا هئا. شھر جي انتھائي خوبصورت ۽ جديد علائقي جي ڀر ۾ زندگيءَ جي بنيادي سھولتن کان محروم ڪجهہه غريب خاندانن جي هي گندي ۽ غليظ بستي اسان سڀني جي صاف سٿرن چھرن تي هڪ واضح سواليہ نشان هئي. مان سوچيندو رهيس ۽ اهائي سوچ ساڻ ڪري ڪريم آباد کان ٻاهر نڪري آيس.
ان سوچ مون کي جڪڙي ورتو. اهو صحيح آهي تہ ملڪ ۾ اهڙيون محروم آباديون هزارن جي تعداد ۾ آهن. محدود وسيلن سان انھن سڀني جي محرومين جو ازالو نہ ٿو ڪري سگهجي، پر شايد ڪجهہه نہ ڪجهہ تہ ڪري سگهجي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ برسات جو پھريون ڦڙو بہ بڻجي سگهجي ٿو.
مان هڪ بين الاقوامي فلاحي تنظيم جو ڪارڪن آهيان. انھن ڏينھنِ ۾ مان تنظيم جي مقامي شاخ جو نگران اعلى بہ هئس. مون پنھنجي ڪوششن جي شروعات ڪري ڏني. مان پنھنجي ساٿين سان ڳالھايو. اسان جي تنظيم جي شاخن جو ڄار ملڪ ئي نہ پر سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي. سڀئي هڪ ٻئي جي جيترو ٿي سگهندو آهي، مدد ڪندا آهيون. ننڍن وڏن فلاحي تنظيمن جي لاءِ دل کولي سھڪار ڪيو ويندو آهي ۽ قابل ذڪر ڳالھہ اها آهي تہ رنگ، مذهب، نسل ۽ سياست کان مٿڀرو ٿي ڪري اهو ڪم ڪندا آهيون.
پاڻيءَ کان سواءِ زندگيءَ جو تصور ناممڪن آهي ڪائنات جي حسن ۽ جمال ۾ رنگ پاڻيءَ جي مرهون منت آهي. بار بار منھنجي نگاهن جي آڏو ان معصوم خوفزدہ ڇوڪريءَ جي صورت اچي رهي هئي، جيڪا ميلن کان دلي کي مٿي تي رکي زندگيءَ کي سيراب رکڻ لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ڪري رهي هئي. اهڙو تصور ايندي ئي مان پنھنجي ڪوشش کي تيز ڪري ڇڏيندو هئس. ڪجهہ مھينن کان پوءِ مون کي ڪاميابيءَ جي خوشخبري ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي. منھنجي ڊڪ ڊوڙ رنگ لاتو. پھريائين تہ منھنجي مقامي ساٿين گهڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ ڪريم آباد ۾ ان جھڙين ٻين ڪيترين ئي محروم بستين جي لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي جو منصوبو تيار ڪيو. هر طرف ۽ هر طرح کان ماهراڻي راءِ حاصل ڪئي ويئي.
اندروني توڙي بيروني ملڪ تنظيم جي شاخن کي خط لکي منصوبي جي تفصيل کان واقف ڪيو ويو ۽ نيٺ اسان کي ان سلسلي ۾ تعاون حاصل ٿيڻ لڳو. ڪيترن ئي ملڪن مان گهڻا نقد عطيا وصول ٿيا ۽ اسان منصوبي تي عملي طور ڪم شروع ڪري ڏنو. مان ڪريم آباد پھتس. ڪريم سان ملاقات ڪئي. پھريائين تہ هُو سڃاڻي نہ سگهيو، پر مون جڏهن کيس ياد ڏياريو تہ هُو چپ ٿي ويو. مون کيس ٻڌايو تہ منھنجي تنظيم سندس بستيءَ ۾ پاڻيءَ جي لاءِ هٿ وارو نلڪو هڻي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويئي آهي. هُو جاءِ جي چونڊ ڪري ۽ ان جو انتظام ڪري. ڪيترين ئي ملاقاتن کان پوءِ جاءِ جي چونڊ ڪئي ويئي. اهو هنڌ ڪريم جي گهر جي بلڪل سامھون کليل ميدان ۾ هو. جتان بستيءَ جا ماڻھو آسانيءَ سان پاڻي ڀري پئي سگهيا.. مان ۽ منھنجا ساٿي شھر جي جديد سھولتن جي وچ ۾ آباد هئاسين. اسان کي اهڙن ڪمن جو تجربو نہ هو، پر خواهش هئي تہ ڏکيائون آسان ٿي وينديون. اسان آخرڪار پندرهن ڏينھن جي ڏينھن رات جي محنت کان پوءِ ڪريم آباد جي لاءِ پاڻيءَ جو انتظام ڪري ورتو. اهو ڏينھن تمام گهڻين خوشين جو ڏينھن هو. مان بلڪل نہ ٿو وساري سگهان. ائين لڳو ڄڻ اسان پاڻ صحرا جا رهندڙ آهيون ۽ اسان جي گهر جي اڱڻ ۾ پاڻيءَ جو چشمو ڦُٽي پيو آهي. هڪ ننڍڙي تقريب جو انتظام ڪيو ويو. بستيءَ جا سڀ ننڍا وڏا ان ۾ شريڪ ٿيا. مون کي ياد آهي تہ جڏهن اسان جي تنظيم جي صدر اڪرام شيخ نلڪي جي ڳن کي هيٺ مٿي ڪيو تہ پاڻيءَ جي هڪ ٿلھي ڌار زمين جي گهراين کي چيريندي اڃايل مٽيءَ تي ڪِري تہ، اسان سڀني خوشيءَ مان زبردست نعرن ۽ تاڙين سان ان جو آڌرڀاءُ ڪيو. مٺو ۽ ٿڌو پاڻي. زندگيءَ جو نشان. بستيءَ جي ماڻھن جي خوشي ڏسڻ جي لائق هئي. سندن جذبن مان احسان مندي ظاهر ٿي رهي هئي. ان جو اظھار سندن نمائندن لفظن جي ذريعي بہ ڪيو. مون پنھنجي ساٿين کي جيترو خوش ۽ مطمئن ان ڏينھن ڏٺو، شايد ان کان اڳ ڪنھن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي نہ ڏٺو هو.
هڪ هفتي کان پوءِ اطلاع مليو تہ پاڻي اوچتو بند ٿي ويو آهي. فڪرمند ۽ پريشان ٿي ويس. مان پنھنجي ٻن ساٿين سان هڪدم پھتس. ٿورڙي خرابي هئي. ٿورڙي ڊڪ ڊوڙ کان پوءِ نلڪي کي درست ڪرايو ويو.
ڪجهہه ڏينھن کان پوءِ وري اهو اطلاع مليو تہ، ڪريم آباد جون ٻارڙيون ۽ عورتون پاڻيءَ جي ڳولا ۾ وري ميلن ۾ ڀٽڪي رهيون آهن. ڇا مصيبت آهي؟ پھتس. ڏٺم وائٺم. اهوئي معمولي نقص. اهو نقص تہ هي ماڻھو پاڻ ئي حل ڪري ٿي سگهيا. خيال اُڀريو. ڳالھہ ٻولھہ ڪئي. اسان جي هڪ تمام گهڻي سرگرم ڪارڪن کين سمجهايو. هيءُ نلڪو اوهان جو آهي، اوهان جي لاءِ آهي ان کي جاري ۽ صحيح رکڻ اوهان جي ضرورت آهي. اسان بار بار انھن ننڍڙين ننڍڙين ڳالھين جي لاءِ سڄو ڪم ڪار ڇڏي ايڏو پري کان نہ ٿا اچي سگهون. ڪريم جو هڪ ئي جواب هو. اسان غريب آهيون ۽ ان جي مرمت نہ ٿا ڪرائي سگهون.
هڪ عجيب ۽ ناقابل فھم پريشاني ورائي ويئي. پنھنجي گهر جي اڱڻ ۾ پاڻيءَ جھڙي نعمت لاءِ انھن سڀني جو رويو اوپرو هو. ڪريم ئي هر دفعي اسان سان ڳالھائيندو هو. باقي ماڻھو مايوس نگاهن سان اسان جي شڪلين کي تڪيندا رهندا هئا.
هڪ ڏينھن اطلاع مليو تہ، اتان نلڪو گم ڪيو ويو آهي. وري پھتاسين. واقعي اتان ڪنھن نلڪو مڪمل طور تي پٽي اڇلائي ڇڏيو هو. نشانيءَ جي طور تي زمين جي اندر هڪ گهرو سوراخ ۽ لوهي پائيپ جا ڪجهہه ٽڪرا موجود هئا. شايد ان کي لڳرائڻ ۾ اسان جون ڪوتاهيون ۽ لاعلمي شامل هئي، جو ڪوئي نلڪي کي ٽوڙي پيسن خاطر آسانيءَ سان ڪڍي ويو هو.
ڪريم جون ڌيئر ۽ بستيءَ جون ٻيون عورتون مٿي تي پاڻيءَ جا ڀريل دلا کڻي اينديون رهيون. منھنجا ۽ منھنجي ساٿين جا جذبا، وري اڀري آيا. مظلوم عورتن جي لاچاريءَ جون تصويرون اکين ۾ کڻي واپس آياسين، پر مختلف خيالن سان هن دفعي اسان کين وڌيڪ بھتر ۽ غلطين کان پاڪ پاڻيءَ جو وسيلو مھيا ڪنداسين.
وري اجلاس ٿيا. مشوارا ڪيا ويا. فيصلو ٿيو تہ هاڻي اسان وٽ جيئن تہ ڪافي رقم آهي، ان ڪري ڪنھن وڏي ماهر اداري کان اهو ڪم ڪرايو وڃي. ملڪ جي هڪ نامور اداري جي چونڊ ڪئي ويئي. اسان کي يقين ڏياريو ويو تہ ڪريم آباد ۾ پاڻيءَ جو نظام مثالي هوندو. ڇھن مھينن جي دوران ڪنھن بہ خرابيءَ جو ذميوار اهو ادارو هوندو. اهو بہ طئي ٿيو تہ اڌ پيسا ابتدا ۾ ۽ اڌ پيسا ڪم جي مڪمل ٿيڻ جي ڇھن مھينن کان پوءِ ڏنا ويندا ۽ ان وچ ۾ منصوبو مسئلن جو شڪار ٿيو تہ، باقي ادائيگي نہ ڪئي ويندي. ان اداري جي ذميوار آفيسرن يقين ڏياريو تہ پاڻيءَ جي فراهمي بنا ڪنھن رنڊڪ جي ٽيھن سالن تائين جاري رهندي. ٺيڪو ڏنو ويو.
ٻن هفتن اندر منصوبو مڪمل ڪيو ويو. ڪريم آباد جي رهندڙن لاءِ، هاڻي اڳ کان تمام گهڻو پاڻي بھتر ۽ محفوظ نموني سان موجود هو. مان خوش هئس تہ هڪ خواب خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ٿيو.
ٽن ڏينھن کان پوءِ روح رنجائيندڙ خبر ملي تہ پاڻيءَ جو سرشتو وري خراب ٿي ويو آهي. ”ناممڪن“. جڏهن مون ان منصوبي جي اڏاوت جي سربراھہ سان ڳالھايو تہ هن جو پھريون ردعمل اهوئي هو. ”اچو هلي ڏسون ٿا.“ مون کيس پاڻ معائني جي ڪوٺ ڏني. واقعي ئي پاڻيءَ جو سسٽم خشڪ پيو هو. اداري جي سڀني ذميوار ماڻھن کي گهرايو ويو. اسان هن منصوبي جي تڪميل جي لاءِ تمام گهڻي رقم ادا ڪئي هئي ۽ اڃا اڌ رقم ڏيڻي هئي. سڀني جي جواب طلبي ٿي. سڀ چپ ۽ شڪي هئا، پر ان ڳالھہ تي سڀ متفق هئا تہ ان کان اڳ ڪڏهن بہ ائين نہ ٿيو آهي.
مرمت ڪئي ويئي. پاڻيءَ جي سسٽم کي جاري رکڻ کان پوءِ احتياط طور اداري جي طرف کان هڪ ماڻھوءَ کي اتي مقرر ڪيو ويو تہ جيئن معاملن جو جائزو وٺي سگهي. پاڻيءَ جو سسٽم تمام سولو هو ۽ هڪ ٻار بہ ان کي هلائي ٿي سگهيو. اسان بھرحال فڪرمند هئاسين تہ بار بار ائين ڇو ٿي رهيو آهي. ڪريم آباد جا بدقسمت ماڻھو ڪوششن جي باوجود پاڻي کان محروم ڇو ٿا ٿي وڃن.
چوڪيدار ٽن ڏينھن کان پوءِ اطلاع ڏنو تہ، رات جي وڳڙي ۾ ڪنھن پاڻيءَ جي سسٽم کي هڪ دفعو ٻيھر نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اهو ڪير آهي؟ ۽ ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ هيءَ تہ انتھائي بي ضرر قسم جو فلاحي منصوبو آهي. جنھن جو مقصد بستيءَ جي ماڻھن کي پاڻيءَ جھڙي نعمت ميسر ڪرڻ آهي. مظلوم ٻارڙين ۽ نادان ۽ ڪمزور عورتن کي بي پناھہ محنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي. ڀلا ڪوئي منصوبي جو برو ڇو چاهيندو؟
مون پنھنجي دوست چوڌري شير عليءَ سان ڳالھہ ڪئي، جيڪو علائقي جي معززين ۾ شامل بااثر زميندار هو. منھنجي سڄي ڳالھہ ٻڌي سندس چھري تي معنى خيز مرڪ اچي ويئي. ”چيائين ٺيڪ آهي، مان پنھنجي طريقي سان معلوم ڪندس.“
 چوڌري شير علي منھنجي سامھون ويٺو آهي. مان پنھنجي مٿي کي هٿ ڏيئي، ڪاوڙ ۾ ڀريل سوچن ۾ گم آهيان تہ، پنھنجو پاڻ کي جاهلن ۾ ڳڻايان، پنھنجي منھن تي پاڻ چماٽون هڻان، گريبان ڦاڙي ڪنھن جي عقل تي ماتم ڪريان. چوڌري شير عليءَ مون کي ٻڌايو تہ، ”ڪريم جي خيال ۾ اسان ڪنھن بين الاقوامي اداري کان سندن نالي تي گهڻي رقم حاصل ڪئي آهي. ان مان ڪجهہه حصو پاڻيءَ جي نظام تي خرچ ڪيو آهي ۽ باقي رقم پاڻ کائي ويا آهن.“ ”پر چوڌري مون کي ٻڌاءِ تہ ان مفروضي کي صحيح مڃڻ جي باوجود ڪريم آباد کي صاف شفاف ٿڌو مٺو پاڻي تہ مھيا ٿيو آهي. ان سان بستيءَ جي غريب رهاڪن کي بار بار ڇو محروم ڪيو وڃي ٿو.“ مون جذبات کان مغلوب ٿي پڇيو.
”انھن مظلوم ٻارڙين ۽ عورتن جو ڪھڙو ڏوھہ، جيڪي ميلن کان پاڻي ڀري اچڻ لاءِ تڪليف ڪري رهيون آهن.“
”اهو هنن جو زندگيءَ جو لازمي حصو آهي. هيءُ ان لاءِ ئي پيدا ٿينديون آهن ۽ مري وينديون آهن.“ چوڌري شير عليءَ جواب ڏنو.
”پر ڪريم کي ان سھولت مان فائدو وٺڻ تي ڪھڙو اعتراض آهي؟“ منھنجو دماغ ساڻو ٿي رهيو هو.
”اهو چاهي ٿو تہ سندس مطالبو پورو ڪيو وڃي تہ اهو پاڻيءَ جي سسٽم ۾ ڪائي رنڊڪ پيدا نہ ڪندو.“ چوڌريءَ طنزيہ لھجي ۾ ٻڌايو.
”هُو ڇا ٿو چاهي؟“ مون پنھنجي خون جي گردش کي نارمل رکڻ جي ڪوشش ڪندي پڇيو.
”هن جو مطالبو آهي تہ کيس ريفريجريٽر ڏنو وڃي.“ چوڌريءَ جواب ڏنو.
”چوڌري صاحب! مون کي اها ڳالھہ ٻڌائڻ کان پھريائين توهان کي، ان دغاباز ۽ مڪار انسان کي پوليس جي حوالي ڪري اچڻ گهرجي ها.“ مون رڙ ڪئي.
”تون هڪ ڀورڙو بادشاھہ آهين. سادو شھري. مون کي ايندڙ چونڊن ۾ ڪريم آباد جي ووٽن جي ضرورت آهي.“

ترجمو: نياز مسرور بدوي