App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

قلندر جي نگري ۾!

ليکڪ: يار محمد چانڊيو | پڙهڻ جو وقت: 2 منٽ

ڪراچيءَ کان سيوھڻ پھچندي بک متاثرن جي رستا روڪ ڏٺم… سڄو روڊ عورتن ۽ مردن جي ھجوم سان ڀريل ھو، چيائون پئي:
”ووٽ وٺڻ مھل اسان جي درن تي گيسيون پئي ڪيائون... ھاڻي جڏھن اسان جا ٻچا مانيءَ ڳڀي لاءِ ٻاڏائن ٿا، تڏھن گم آھن…!“
بک متاثرن وٽ آفيسر آيا ۽ ويا، ليڪن ماني جا ٽڪر ڪنھن نہ آندا!!
مون بک ستايل خاندانن جي سموري منظرن کي غور سان ڏٺو پئي، ان سمي ھڪ جوان جماڻ ڇوڪري ھجوم چيريندي ماڻھن اڳيان ھٿ ٽنگيندي مون تائين پھتي، چيائين ”راتوڪي برسات ۾ گهر ڪري پيو آ… ٻچا بک تي آھن… ماني وٺي ڏيندئو؟!“
منھنجي اکين مان ڳوڙھا تري آيا، کيسي ۾ پيل پئسا کيس ڏئي ڇڏيم، شايد ٿورا پئسا ڏسي ھن ڀڻ ڀڻ ڪئي، ڄڻ چوندي ھجي ”چشمو تہ اميرن وارو پاتو اٿئي… پر آھين… تون بہ برسات متاثر…!!“
”شيش… ڇا گهرجئي!“
اوچتو ھڪ گاڏيءَ مان ھڪ اڌڙوٽ عمر واري ھمراھ کيس پاڻ ڏانھن متوجهہ ڪيو.
”مون کي ٻچن لاء ماني وٺي ڏي!“
”ويھ گاڏي ۾…! ريسٽ ھائوس ۾ راشن آيو آ… جيڪو چوندينءَ… وٺي ٿو ڏيان توکي…!! پئسا بہ تہ راشن بہ…!“
مون ڏٺو اڌڙوٽ عمر واري مرد جي نيت قلندر جي نگريءَ ۾ رھندڙ انھن شيطانن جھڙي ھئي، جيڪي انسان جي روپ ۾ وحشي ۽ درندہ ھوندا آھن!!
ان گهڙيءَ جواڻ جماڻ ڇوڪري بہ سندس نيت پرکي کيس ڇڪي ڀونڊو ڏنو ”ھل ڪتي جا پٽ!!“
ان گهڙيءَ مون تڙ تڪڙ ۾ موبائل ڪڍي ان اڌڙوٽ عمر جي بيغرت مرد جو فوٽو ڪڍي ورتم تہ غصي گاڏڙ آواز ۾ چيائين ”تون فوٽو ڇو ٿو ڪڍين؟“
”مان روز توکي ھڪ بجو ڏيندس، ان لاءِ ٿو فوٽو ڪڍان!!“
اڌڙوٽ عمر وارو مرد ڪجهہ نہ ڪڇيو ۽ وڌيڪ ذلالت جي ڊپ کان ھن گاڏيءَ کي پوئتي موڙي ڀڄڻ جون تياريو ڪيون!!