پاڻي درياھہ ۾ ناهي !
ليکڪ: يار محمد چانڊيو | پڙهڻ جو وقت: 5 منٽ
مان پرائمري استاد آھيان!
منھنجي ڊيوٽي هڪ پٺتي پيل ڳوٺ جي اسڪول ۾ آھي، جتي پڙھائڻ لاءِ ايندي ۽ ويندي جيتوڻيڪ وڏين تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو، مگر باوجود ان جي مان ان ئي ڳوٺ جي ٻارڙن کي پڙھائڻ جو عزم ڪري ڇڏيو آھي…!! پيرين اگهاڙي ۽ ڦاٽل ڪپڙا پھري ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي علم جي روشنيءَ سان معطر ڪرڻ جو خواب ئي منھنجي منزل آھي. منھنجي ان ئي جذبي کي ڏسي سڀ ڳوٺاڻا منھنجو احترام ڪندا آھن…!!
اڄ هفتي جو پھريون ڏينھن هو، شھر کان ڳوٺ اسڪول ڏانھن ايندي مون کي لڳ، ڀڳ منو ڪلاڪ لڳي ويو هو، سنڌ جي ٻين هزارين ويران ٿيل اسڪولن جيان منھنجو اسڪول بہ ڀڙڀانگ ۽ زبون حال آھي، جنھن جي ورانڊي ۾ ٻارڙن کي پڙھائيندي، منھنجي حيرانگي تڏهن وڌي وئي، جڏهن اوچتو اسڪول کان ٿورو پرتي، ماڻھن جي هجوم کي لٺيون ۽ ڪھاڙيون کڻي وڏو هل هنگامو ڪندي ڏٺو هئم.
”ڪير آھن…؟ ڇو ٿا وڙھن…؟“ اسڪول جي هڪ شاگرد کان پڇيم تہ سھڪندي وراڻيائين: ”سائين چاچا الھيار ۽ ماما فيضل وارا آھن…!!“
”ڇا تي ٿا وڙھن ؟“
”پاڻيءَ جي واري تان!“
”وڏا ڪي ڄٽ آھن!“ دل ئي دل ۾ سوچي هنن ڏانھن وڌي ويس، سندن ڀرسان پھچي پنھنجي آواز کي بلند ڪندي چيم ”خبردار…! ڪير بہ نہ وڙھي…!! ڏاها ٿيو… پاڻيءَ جي وارا بندي تي وڙھبو آھي ڇا…؟ پاڻي، پاڻي ٿي ويندو، هڪ ٻئي جي احترام کان نہ وڃو…!!“
”ماستر…! تون ئي ڳالھيون ٻڌ، تون ئي فيصلو ڪر… !!“ ڪاڪو فيضل تڪڙيون ٻرانگهون کڻندو اچي مون تائين پھتو .
”مان ڪو چڱو مڙس يا علائقي جو نالي چڙهيو وڏيرو ڪونہ آھيان، جو اوهان جا فيصلا ۽ نبيرا ڪيان…! پر هاڻي مان اوهان کي وڙھڻ بہ ڪونہ ڏيندس… !!“
مون ڪاڪي فيضل جون ڳالھيون ٻڌيون، اڻ ٻڌيون ڪري ڪاڪي الھيار ڏانھن وڌي ويس. سندس ڀرسان پھچندي کيس چيم ”اوهان هتي پاڻيءَ جي لپ تي پاڻ ۾ لڙ لڳايو ويٺا آھيو… اصل پاڻي چورن کي اڳيان تہ اوهان چپ لڳا ويٺا آھيو… زبان تي تالا لڳل اٿو اتي…!!“
”ڇا مطلب ماستر…! ڪير آھي، اسان جي پاڻيءَ جو چور…!“
”پھريان ڦٽي ڪيو هيءُ لٺيون ۽ بانٺا… پوءِ اچو تہ ويھي ان ڳالھ تي ويچاريون ٿا...“
مون ڪاڪي فيضل ۽ الھيار جي ڌرين جي ماڻھن کي هٿ جوڙي وڌيڪ لڙ ڪرڻ کان روڪي، اسڪول وٺي اچي پنھنجي سامھون ويھاريم.
”توهان پاڻيءَ جي لپ تي ھڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙيو ۽ خون ڪيو… هوڏي پاڻي جا اصل چور سڄو سارو درياھ چورايو وڃن… !!“
مون غور ڪري ٻنھي ڌرين جي ماڻھن ڏي تڪيو، سڀئي مون کي غور سان ٻُڌي رهيا هئا!
”اوهان ڪنھن پڙهي لکئي ماڻھو کان پاڻي ۽ درياھ جي اصل ڪھاڻي تہ پڇو نه…! هو توهان کي سڀڪجهہ کولي ٻڌائيندا تہ اسان جي زمينن جي حصي جو پاڻي ڪاڏي ٿو وڃي…؟ ڪير ٿو کڻين… ؟“
”ڪير ٿو کڻين اسان جو پاڻي؟؟“
ٻنھي ڌرين جي ماڻھن کي منھنجي گفتگو ٻڌڻ ۾ دلچسپي محسوس ڪئي هيم، ان وقت موقعي جو فائدو وٺندي پنھنجي آواز کي ڳورو ڪندي وراڻيو هيم :
”ڪاڪا فيضل…! ۽ الھيار… اوهان مون کي هڪ ڳالھ جو جواب ڏيو…؟“
”ڪھڙي ڳالھ جو؟“
”توهان ڳوٺاڻن کي ڪيتري زمين آھي…؟ پنج ايڪڙ… پندرنھن ايڪڙ…! يا پنجاھ ايڪڙ…؟! پر هتي تہ لکين ايڪڙ زمين پاڻي بنان سڄي ٺوٺ ٿي رهي آھي… هتان جا سڀ هاري ھاڻي سڃا ۽ ڪنگال ٿي رهيا آھن… !!“
مون ڪجهہ گهڙين لاءِ ڳالھائي، جهٽ پل چپ ڪئي ۽ پوءِ وري ڳالھائڻ شروع ڪيو:
”منھنجا ڀائرو…! اوهان خبردار ٿيو…!! ڪي اندروني هٿ ۽ سازشون آھن، جيڪي اوهان جي حصي جو پاڻي چوري ڪري اوهان ۾ جنگيون ۽ جهيڙا ڪرائڻ گهرن ٿا…! اوهان جي دلين ۾ نفرتون وڌائي، اوهان جي قومي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ گهرن ٿا…!!“
”ھو ڪير آھن ؟ “
”درياھ جا ڌاڙيل! “
”درياھ جا ڌاڙيل؟! “
”ھا!“ وراڻيم ”اوهان پنھنجي وڏن ڀائرن کي سڃاڻو؟“
”وڏا ڀائر…! ڪھڙا وڏا ڀائر ؟؟“
”اهي جن کي وڏي صوبي جي مالڪ هجڻ ڪري، جتي ڪٿي اڪثريت حاصل آھي…! هُو هر وقت پنھنجي مرضي ۽ حڪم ٿا هلائين…!! اسان قسمت ۾ آيل انھن جا ننڍا ڀائر آھيون… هو اسان جي حقن جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ، اسان جي مٿان ئي ظلم ڪن ٿا… هنن ڪيترا سال اڳ پنھنجو درياھ وڪڻي ڇڏيو هو ۽ اڄ هنن جون بيمان نظرون اسان جي حصي جي تاريخي درياھ ”سنڌو درياھ“ ۾ کپيل آھن… هنن اسان جي درياھ مان ڪيترائي ڪئنال کوٽي، پنھنجي لکين ايڪڙ غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ شروع ڪيو آھي ۽ اسان جون زرخيز زمينون وري پاڻي سواءِ ويران ٿي رهيون آھن… اسان جي وات مان گرھ کسيندي هنن کي ڪير نہ ٿو روڪي… !!“
”ڪير آھي اهو، جيڪو اسان جي درياھ تي ڌاڙا ٿو ھڻين… ؟!“
”وڏو ڀاءُ! “
مون ڏٺو، ان سمي ڪاڪي فيضل ۽ الھيار جي ڌرين جي ماڻھن ۾ حيرانگي ڇائنجي وئي ۽ پوءِ ٻنھي ڌرين جي ماڻھن هڪ ٻئي کي پرچائي ڀاڪرن ۾ ڀريو، جهٽ رکي چيائون ”ماستر! تنھنجي وڏي مھرباني، تو اسان کي حقيقت کان آگاھ ڪيو… ھاڻي گهڻو ٿيو… هتي اسان پاڻي جي لپ، چڪي جي گهٽ، وڌ تي هڪ ٻئي جا نسل ٿا ڪھون ۽ هوڏانھن اسان جو سڄو درياھ ٿو چوري ٿئي…!! ماستر تون ڏسجانءِ، اسان جو واعدو آهي، هاڻي اسان پنھنجي نسلن جي دشمن کان پنھنجي حصي جو پاڻي ڇڪي وٺنداسين…!!“
سڀ ڳوٺاڻا اٿي هليا ويا ۽ مون اسڪول جي شاگردن کي سنڌو درياھ جي تاريخ بابت ڄاڻ ڏيڻ شروع ڪئي!!