App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

انسان ۽ شيطان

ليکڪ: ٽالسٽاءِ | پڙهڻ جو وقت: 13 منٽ

نوجوان ۽ خوبصورت نائب لئبريرين مس شھناز پڙهندڙن واري ڪمري ۾ جهاتي پائي ڏٺو، اتي ٻہ ماڻھو ويٺا هئا، مس شھناز کي ڪجهہ حيرت ٿي، ڇو تہ اها ان گهڙي تائين انھن جي موجودگيءَ کان بيخبر هئي، خبر نہ آهي اهي ڪھڙي وقت اچي اتي ويٺا هئا. ڇھہ وڄي چڪا هئا ۽ انھيءَ وقت لئبريريءَ ۾ گهڻو ڪري ويراني ڇانئجي ويندي هئي، انھن جي اُٿڻ جو ڪو ارادو ڪونہ ٿي ڏٺو.
انھن ٻنھي مان هڪ ڪراڙو هو، اهو وچولي قد ۽ معمولي مھانڊي وارو هو، انھن ئي ماڻھن مان هڪڙو، جن جي سامھون انسان جيڪڏهن هڪڙو سڄو ڪلاڪ بہ ويٺو هجي تہ بہ بعد ۾ انھن جو حليو يا ڪو واضح نشان صحيح طور تي بيان ڪري نہ سگهندو.
ٻئي جو معاملو ڪجهہ مختلف هو، اهو نوجوان بہ هو ۽ سھڻي صورت وارو پڻ، ان ڏانھن ڏسڻ سان مس شھناز جي دل جي ڌڙڪن تِکي ٿي پئي وئي، مس شھناز جي دل ان ڏانھن ڇڪندي پئي وئي، پر ان مشڪل سان پنھنجي دل کي قابو ۾ رکيو ٿي، اهو اڪثر مس شھناز کي فرمائش ڪري قانون جا ٿلھا ٿلھا ڪتاب ڪڍرائيندو هو، ۽ انھن جي پڙهڻ ۾ غرق هوندو هو. اهو لئبريريءَ ۾ باقاعدي ايندو هو، ان جو نالو ڪجهہ عجيب هو، مسٽر چرٻٽ. چيف لئبريرين مس فاطمہ کي ان نوجوان جي نالي تي ڪوئي تعجب ڪونہ هو، ڪيترا سال پھريائين انھيءَ نالي وارو ٻيو ماڻھو لئبريريءَ جو ميمبر هو، پوءِ اوچتو ئي ان اچڻ ڇڏي ڏنو هو، خبر نہ آهي ڪيڏانھن غائب ٿي ويو هو، ڪوئي اطلاع بہ ڏئي ڪونہ ويو هو.
مس شھناز پڙهندڙن واري ڪمري ۾ وڃڻ ۽ ڪتاب ٿانيڪا ڪري رکڻ جو ارادو بدلائي ڇڏيو ۽ پنھنجي ميز وٽ موٽي آئي.
مس شھناز هلي وئي تہ ڪراڙي ماڻھوءَ ڳالھہ شروع ڪئي. ان جو آواز توڙي جو آهستي هو پر اوچيءَ ڇت واري پُرسڪون ڪمري ۾ خبر نہ آهي ڇو ڪجهہ غيرمعمولي لڳي رهيو هو. سخت ۽ وڍ ڏيندڙ.
”ان کان پھريائين جو اسان پنھنجا معاملا طئي ڪريون“ ان چيو پئي ”مان ان ڳالھہ جو داد ڏيندس تہ تون وقت جي پابندي ۽ واعدي وفائيءَ جو قائل آهين.“
”اهائي عادت تہ منھنجي زندگيءَ جو سرمايو رهي آهي.“ چرٻٽ مرڪندي چيو. ان جي مُرڪ ڏاڍي دل کي وٺندڙ هئي.
ست سال پھريائين بہ اهي ٻئي ماڻھو انھيءَ ئي ميز تي آمھون سامھون ويٺا هئا، ڪراڙو ماڻھو ان وقت بہ اهڙوئي هو، جھڙو هينئر ڏسڻ ۾ ٿي آيو، پر چرٻٽ انھن ڏينھن ۾ هڪ مختلف ئي انسان هو، جيڪڏهن ست سال پھريائين ان کي ڪنھن ڏٺو هجي ها تہ اڄ ان کي ٻڌايو وڃي ها تہ اهوئي ماڻھو اهو چرٻٽ آهي تہ ان کي ڪڏهن بہ يقين نہ اچي ها.
ست سال پھريائين اصل ۾ اهو هڪ ڪراڙو ۽ بدشڪل انسان هو، مشڪل سان ئي ڪو ان سان ڳالھائيندو هو ۽ انھيءَ دوران بہ ان جي گهنج پيل منھن ڏي ڪونہ ڏسندو هو، ان وقت بہ پڙهڻ ان جي واحد مصروفيت هئي.
ان ڏينھن اهو لئبريريءَ ۾ ويٺو پڙهڻ ۾ غرق هو تہ اهوئي ڪراڙو ماڻھو جيڪو اڄ سندس سامھون ويٺو هو، هن جي ميز تي اچي جهڪيو هو.
”ڇا پيو پڙهين؟“ ان دوستاڻي نموني سان چيو، پوءِ ڪتاب جي مٿان ان جو عنوان پڙهندي پاڻ ئي چيائين ”اوھہ.... ڊاڪٽر فاسٽس جو قصو پڙهي رهيو آهين.“
چرٻٽ شرميلي انداز ۾ مُرڪيو، وڏي عرصي کان ڪنھن هن سان دوستاڻي لھجي ۾ ڪونہ ڳالھايو هو. هن هلڪي آواز ۾ چيو، ”مون جھڙو ڪراڙو ۽ بيوقوف ماڻھو اهڙائي عقل کي حيران ڪندڙ ڪتاب پڙهي ٿو سگهي، پر ائين پنھنجي ڳالھہ آهي.... مان گذريل هڪ ڪلاڪ کان هڪ لفظ بہ پڙهي ڪونہ سگهيو آهيان، مان تہ ڪتاب جي پھرئين باب ۾ ”وري نوجوان ٿيڻ“ جو نظريو پڙهي ان جي ئي باري ۾ سوچيندو پيو وڃان. ٻيھر جوان ٿيڻ ڪيئن لڳندو هوندو؟ خاص ڪري ان وقت جڏهن انسان کي ڪراڙن وارو عقل ۽ تجربو حاصل هجي. خبر نہ آهي آسڪروالڊ ۽ برناڊشا مان ڪنھن چيو هو تہ جواني نوجوانن کي ڏئي ڄڻ وڃائي ٿي ڏجي. جواني جيڪڏهن انسان کي ان وقت ملي جڏهن ان کي ڪراڙپ جو عقل ۽ تجربو حاصل ٿي ويو هجي تڏهن اها فائديمند ثابت ٿي ٿِي سگهي.“
”گهڻو ڪري برناڊشا چيو هو“. ٻئي ڪراڙي ماڻھوءَ چيو، ”مڙئي خير آهي ان سان ڪوبہ فرق نٿو پوي تہ ٻنھي مان ڪنھن چيو هو. ٻئي اڪثر هر وقت ڪجهہ نہ ڪجهہ چوندا ئي رهندا هئا. آئرش ماڻھن ۾ اهائي تہ خرابي آهي تہ اهي ڳالھيون گهڻيون ڪندا آهن.“
تمام گهڻو سوچڻ بہ منھنجي خيال ۾ گهڻيون ڳالھيون ڪرڻ وانگر ئي خراب ڪم آهي.“ چرٻٽ چيو. ”مان هاڻي اهوئي سوچي خوش ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس تہ جيڪڏهن منھنجي اها شڪل نہ رهي جيڪا آهي پر مان پنھنجي پسند جي ڪا شڪل چونڊي سگهان تہ ڪھڙو مزو رهي؟ هاڻي ڀلا هيءُ بہ ڪا شڪل آهي.“ ان ڪمزور ۽ بي طاقت آنڱرين سان پنھنجي گهنج پيل چھري ڏانھن اشارو ڪيو. ”گهڻيئ جي ڪنڊ وٽ اخبار وڪڻڻ واري ڪراڙي بہ مون ڏانھن اک کڻي ڏسڻ بہ پسند نٿي ڪري.“ ان هڪ ٿڌو ساھہ کنيو ”۽ هڪڙا اهي بہ ماڻھو هئا جن تي قلوپطره ۽ مومل جھڙيون عورتون موهت هيون.“
چرٻٽ جي لھجي مان ظاهر هو تہ اهو اهڙي قسم جون ڳالھيون ڪندي ڪجهہ هٻڪ بہ محسوس ٿو ڪري، پر شايد اهو هڪڙي عرصي کانپوءِ هٿ آيل ٻڌندڙ کي وڃائڻ بہ نٿو گهري، انھيءَ ڪري ڳالھہ کي جاري رکندي چيائين، ”تو جھڙو ماڻھو بہ اهڙو اندازو نٿو ڪري سگهي تہ هن دنيا جي گهل ۾ هڪ بي طاقت ۽ نادار ماڻھو هجڻ ڪيتري تڪليف جي ڳالھہ آهي. هڪ اهڙو ماڻھو جنھن جو هجڻ ۽ نہ هجڻ برابر هجي، ان جي سوچ جو اندازو تون بہ نٿو لڳائي سگهين. توکي اها بہ خبر نہ آهي تہ مون ڪيتري بي مزي ۽ قابلِ رحم زندگي گذاري آهي. حسين ۽ رنگين تجربن کان خالي ۽ غربت واري زندگي، دولت جي تہ خير مون کي ڪڏهن لالچ نہ رهي آهي ليڪن زندگيءَ جي رنگارنگ تجربن جو مان سدائين آرزومند رهيو آهيان، منھنجو روح اُڃايل ئي رهيو.“
چرٻٽ ساهي کڻڻ لاءِ خاموش ٿيو ۽ جلدئي ان ائين ڳالھائڻ شروع ڪيو، ڄڻ کيس انديشو هجي تہ ٻيو ماڻھو ڪا ڳالھہ نہ شروع ڪري. ”تو ڪڏهن اهڙي ڪوٺڙيءَ ۾ ويھي ڪم ڪيو آهي، جنھن ۾ ڪائي دري نہ هجي، جنھن جي ڀتين ٻاهران ڪجهہ بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندو هجي. جنھن ۾ ماحول کي خوش رکڻ لاءِ هڪڙي تصوير بہ لٽڪيل نہ هجي، ڪوٺڙي ڇا پر ڄڻ جيل جي هڪ کولي هجي، جنھن ۾ ويھي ڪري تنھن جو دنيا کان رابطو ڪٽجي ويندو هجي. اهڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ ويھي مان سالن کان خوبصورت ۽ نازڪ ڪپڙا ٺاهيندو آهيان ۽ ماڻھن لاءِ اهڙا ڀلا ۽ قيمتي سوٽ سبي رهيو آهيان، جن کي پائي اهي خوبصورت دنيا جي نعمتن مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ نڪرندا آهن. اها دنيا جنھن مون لاءِ ڪڏهن ٻانھون ڪونہ کوليون آهن. انھيءَ لاءِ مون کي اهڙا ڪتاب بيڪار ڳالھيون سُٺيون لڳنديون آهن، مان انھن ۾ پناھہ ڳوليندو آهيان.“
گهڙيءَ کن کانپوءِ ان پنھنجي هٿ ۾ جهليل ڪتاب ڪجهہ مٿي ڪندي چيو. ”جيڪڏهن مون کي اهو سڀڪجهہ ملي وڃي ها، جيڪو ڊاڪٽر فاسٽس کي ستن سالن ۾ حاصل رهيو تہ مان بہ بنا هٻڪ جي پنھنجي روح جو سودو ڪري ڇڏيان ها، روح وڪڻي ڇڏيان ها.“
ان اجنبيءَ ڏانھن انھيءَ اميد سان ڏٺو تہ اهو هن جي خيال جي مخالفت ڪندو، پر اجنبيءَ ان جي بجاءِ پنھنجي پيتيءَ کوليندي چيو. ”مون کي خبر آهي تہ تون روح وڪڻڻ لاءِ تيار آهين. انھيءَ لاءِ مان هتي نظر اچي رهيو آهيان.“
ڪا گهڙي تہ چرٻٽ جي منھن جو پنوئي لھي ويو پر اجنبيءَ کي ڄڻ ان جي تاثرات سان ڪابہ دلچسپي ڪونہ هئي، چرٻٽ وچڙندڙ آواز ۾ چيو، ”تہ ڇا تون....؟“
”نہ، مان شيطان ڪونہ آهيان.“ اجنبيءَ ان جي ڳالھہ کي ڪٽيندي چيو. ”تو ڊاڪٽر فاسٽس جي قصي ۾ پڙهيو آهي نہ تہ شيطان ان جي روح جو سودو ڪرڻ ايندو آهي ۽ روح جي بدلي ۾ ان کي ڪجهہ عرصي لاءِ جواني ۽ خوبصورتيءَ جي پيشڪش ڪندو آهي، بھرحال مان شيطان نہ آهيان.“
چرٻٽ جي منھن تي جتي اطمينان جي جهلڪ نہ آئي اتي نااُميدي بہ محسوس ٿي. اجنبيءَ ڳالھہ جاري رکي. ”تنھنجو خيال آهي تہ شيطان تو جھڙي ماڻھوءَ کي معمولي روح لاءِ وقت وڃائيندو وتندو؟ خبر نہ آهي ڪيترا اهم ماڻھو پنھنجو روح وڪڻڻ لاءِ بيقرار وتندا آهن ۽ پوءِ ان کي دوزخ بابت معاملا نڀائڻا هوندا آهن. شيطان صرف وڏن وڏن مسئلن سان سڌوسنئون واسطو رکندو آهي، مان ان جو ايجنٽ آهيان، منھنجو نالو ليجن آهي.“ ان جي آواز ۾ هڪ ئي وقت سختي بہ هئي ۽ متاثر ڪندڙ نرمي بہ.
”هي آهي تنھنجي معاهدي جو فارم. ان پيتيءَ مان باضابطہ ۽ عدالتي قسم جو فارم ڪڍندي چيو. ”ان کي پڙهڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇپائي ايتري تہ سنھڙي ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ آهي جو ان کي پڙهڻ لاءِ تنھنجي اکين تي گهڻو زور پوندو. هي ستن سالن جو معاهدو آهي، تون ان ۾ صرف خالن کي ڀري ڇڏ. مثلاً تون ڪھڙو ڏسڻ ۾ اچڻ پسند ٿو ڪرين، ڪيتري عمر جو ٿيڻ ٿو گهرين، توکي ڪيتري دولت کپي، ڪھڙين ڪھڙين عورتن کي تون حاصل ڪرڻ ٿو گهرين وغيرہ وغيرہ.
”خالي ليڪن تي اهي سڀ شيون لکندو وڃ.“ ليجن هڪ سونھري پين ان ڏانھن وڌائي جيڪا نہ ڄاڻ ڪٿان اوچتو ان جي آڱرين ۾ اچي وئي هئي.
”ڊاڪٽر فاسٽس جي قصي ۾ تہ مون پڙهيو هو تہ صحيح پنھنجي رت سان ڪرڻي پوندي آهي.“ چرٻٽ هڪ جذبات ۾ ڀريل آواز ۾ چيو. ”آڱر ۾ ڪا شيءِ چپائي رت ڪڍڻو پوندو آهي.“
”تنھنجي خيال ۾ هن پين ۾ ڇا ڀريل آهي؟“ ليجن اطمينان سان چيو، ”توکي ياد نہ آهي، اڄ صبح ڏاڙهي ٺاهيندي وقت تو ڳل تي ٿورو ٽُڪو ڏئي وڌو هو. اسان ان ئي وقت هن پين ۾ تنھنجو رت ڀري ڇڏيو هو، عين معاهدي جي وقت ڪنھن جي اڱر ۾ ڪجهہ چپائڻ غيرمھذبانہ ۽ بيڪار عمل محسوس ٿيندو آهي. هاڻي، مھرباني ڪري توهان جلدي صحيح ڪريو تہ جيئن اڳتي روانو ٿي وڃان. مان جلدبازيءَ جو مظاهرو ڪري توکي پريشانيءَ ۾ مبتلا نہ ڪرڻ نٿو گهران پر ڇا ڪريان، مون کي پنھنجو ڪوٽا پورو ڪرڻو هوندو آهي، جيڪڏهن مان پنھنجي ڪارڪردگي پوري نہ ڪندس تہ مون تي ڏنڊ پئجي ويندو.“
”پر.....“ چرٻٽ بيوسيءَ مان هيڏي هوڏي ڏٺو، ”مان ايترو جلدي فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهان، ڪجهہ وقت تہ مون کي کپي.... آخر هي منھنجي زندگيءَ جو اهم ترين فيصلو آهي، مون کي ان لاءِ ذهني طور تي تيار ٿيڻو پوندو.
”ذهني طور تي تون پھريائين تيار آهين ورنہ مان هتي نہ اچان ها.“ ليجن چيو، ”مون کي خبر آهي تہ پنھنجي گهربل نعمتن ۽ عياشين جي عيوض تون پنھنجو روح شيطان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهين.“
”دوزخ ڪھڙي جاءِ آهي؟“ چرٻٽ گهٻرائيندي پڇيو. ان کي خبر هئي تہ شيطان سان پنھنجي روح جو سودو ڪرڻ کان پوءِ ان کي لازمي طور دوزخ ۾ وڃڻو پوندو.
ليجن مضطربانہ انداز ۾ واچ ۾ ڏٺو ۽ چيو. ”جيئن پنھنجي ڪردار ۽ خواهشن جي مناسبت سان هر ماڻھوءَ جا خواب مختلف هوندا آهن. مثلاً شرابي سدائين شراب جي سمنڊ جا خواب ڏسندو آهي ۽ حسين ۽ نوجوان ڇوڪرين کي ڏسي ڪن ڪراڙن ماڻھن جي گِگ ڳڙندي رهندي آهي، انھيءَ ئي وانگر دوزخ جو ماحول بہ هر انسان کي پنھنجي اعمالن مطابق مختلف لڳندو.“
”۽ شيطان جي شخصيت ڪھڙي آهي؟“ چرٻٽ پڇيو.
”پنھنجي دل ۾ جهاتي پائي ڏس، توکي شيطان جي شڪل نظر اچي ويندي.“ ليجن جواب ڏنو پوءِ هيڏي هوڏي ڏسي ان ڪجهہ رازدارانہ لھجي ۾ چيو. ”ائين اڄڪلھہ ان تي ڊراڪولا ٿيڻ جو شوق سوار آهي. دوزخ جي اَبدي باھہ کانسواءِ باقي سڀ روشنيون وسايل رکندو آهي ۽ پرنس آف ڊارڪنيس.... اوندھہ جو شھزادو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ خبر نہ آهي ڇا ڇا ڪندو وتندو آهي، ڪجهہ ٻيو پڇڻو اٿئي؟“
چرٻٽ ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”مان توکي خبردار ڪري ڇڏيان.“ ليجن چيو، ”هڪ دفعو تو معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي تہ پوءِ ڀڄڻ جو ڪوئي رستو نہ رهندئي، گهٽ ۾ گهٽ هاڻي نہ رهندو.“
”چئبو تہ ماضيءَ ۾ فرار جو رستو نڪري ايندو هو؟“ چرٻٽ پر اشتياق لھجي ۾ پڇيو.
ليجن چپ کي ڏندن ۾ اهڙي نموني سان جهليو ڄڻ سندس بي احتياطيءَ جي ڪري هن جي واتان ڪا راز جي ڳالھہ نڪري وئي هجي پوءِ هو بي دليءَ سان ٻڌائڻ لڳو. ”شروع ۾ شيطان ڏاڍو ڀولو ڀالو، بامروت ۽ لحاظ وارو هو، انکي اندازوئي نہ هو تہ انسان ڪيترو چالاڪ ٿي سگهي ٿو، ڪيترن ئي ماڻھن ان جي شرافت مان وڏو فائدو ورتو. تڏهن کان اهو پنھنجن معاملن ۾ وڏو ڪاروباري ۽ محتاط ٿي ويو آهي، ان پنھنجن ايجنٽن جي وري نئين سر سکيا ڪئي آهي ۽ واسطيدارن ڪاغذن تي بہ نظرثاني ڪئي آهي، هاڻي اهو جنھن معاهدي تي صحيح ڪرائيندو آهي، ڦڏي جي صورت ۾ ان کي دنيا جي ڪنھن بہ عدالت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.“
”تنھنجو مطلب آهي“، چرٻٽ ڪنبندڙ آڱر سان فارم ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”هي عھدنامو انساني قانونن کي مدِنظر رکي ٺاهيو ويو آهي؟“
”ها، بشرطيڪه تون انھن قانونن کي انساني چئي سگهين.“ ليجن طنز واري لھجي ۾ چيو.
چرٻٽ قلم ڏانھن هٿ وڌايو ليڪن هڪ دفعو وري گهٻراهٽ جو شڪار ٿي ويو.
فرض ڪيو مان صحيح ڪري بہ ڇڏيان تہ ان پريشانيءَ مان چيو، ”تہ مون کي اهو يقين ڪيئن ٿيندو تہ شيطان پنھنجي واعدن کي پاڙيندو؟“
”اهو پنھنجا واعدا ضرور پاڙيندو، ڇو تہ اهو شيطان آهي، انسان نہ.“ ليجن چيو. ”هونئن، هن معاهدي ۾ اهو فقرو موجود آهي تہ جي اسان توکي تنھنجون گهربل شيون نہ ڏنيون تہ معاهدو ختم ۽ بي اثر ٿي ويندو.“
”پر ان جي ضمانت يا ثبوت ڪھڙو آهي؟“ چرٻٽ مطمئن نہ هو.
”ثبوت؟“ ليجن ڪجهہ بيزاريءَ مان چيو. ”ڇھہ کرب روح اڄ تائين ان معاهدي تي عمل درآمد کان پوءِ دنيا مان غائب ٿي ويا آهن، ڇا اهو ثبوت ڪو گهٽ آهي؟ ڇا توکي انھيءَ مان اندازو نٿو ٿئي تہ ماڻھو اسان جي عمده ڪارڪردگي کان ڪيترا مطمئن آهن؟ هاڻي جي صحيح ڪرڻي اٿئي تہ ڪر، تمام گهڻي دير ٿي وئي آهي.“
چرٻٽ کي ڏڪڻي وٺي وئي، معاهدي تي صحيح ڪرڻ پنھنجي موت کي يقيني بنائڻ هو، ليڪن اهو خطرو تہ هن کي کڻڻوئي هو.
”پھريائين تون منھنجو حليو تبديل ڪر، ان کانپوءِ مان صحيح ڪندس.“ ان فرمائش ڪئي.
”جيڪڏهن مون تنھنجو حليو تبديل ڪيو ۽ ان کانپوءِ تو صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو تہ؟“ ليجن شڪ ڪندي پڇيو.
”تڏهن تون هڪدم منھنجو روح ڪڍي وٺجان.“ چرٻٽ چيو.
ليجن مطمئن ٿيندي مُرڪيو ۽ چيائين، ”ٺيڪ آهي، ٻڌاءِ تون ڪيتري عمر وارو ٿيڻ ٿو گهرين، مان پھريائين تنھنجو اهو مطالبو پورو ٿو ڪريان، فارم تون بعد ۾ ڀرجانءِ.“
”مان ويھن سالن جو هڪڙو خوبصورت نوجوان ٿيڻ ٿو گهران.“ چرٻٽ بي ڌڙڪ چيو.
”شاعرن بابت چيو ويو آهي ”لله ڪنوز تحت العرش مفاتيحها السنةـ الشعراء“: يعني ﷲ تعاليٰ کي عرش هيٺيان خزانا آهن، جن جون ڪُنجيون آهن شاعرن جون زبانون. ائين پڻ چيو ويندو آهي تہ ”الشعراء السنة الرحمان“ يعني شاعر ﷲ تعاليٰ رحمان ۽ رحيم جون زبانون آهن. تڏهن چئبو تہ شاعر کي نھايت وڏو رتبو حاصل آهي. شاعر اهو آهي جنھن کي شعور يا احساس هجي، جنھن جي دل دنبوري جي تارن وانگر ڇھڻ سان نيرنگي نغما ڪڍي ۽ سندس تن جون تندون وحدت ۾ وڄن. جو الاهي اسرارن کي، جي عرش هيٺان سانڍيل آهن، ۽ ڪائنات جي ڪرشمن کي اهڙن عجيب ۽ لاثاني لفظن ۾ ادا ڪري، ۽ ان جي رازن جو اهڙي فطري نموني ۾ تعبير ڪري، جو عام توڙي خاص ماڻھن جو عقل چرخ کائي وڃي. شاعر اهو آهي، جنھن جي سخن مان سچ، سونھن ۽ سچائيءَ جون ٽيئي وصفون باڪمال طور بَکن. شاعر اهو آهي جنھن جي اندر مان شعر اُڌمو کائي نڪري، ۽جبل جي جهرڻي جيان اُڇلون ڏيئي مٿي اُڀري. شاعر اهو ناهي، جو هڪ هنڌ ويھي، ڪاغذ کڻي قافين جي لانڍ لکي، بحر ۽ وزن بنائي ۽ باقي حشو کي مصنوعي لفظن سان ڀري. بيشڪ، اهڙي ڪارگذاريءَ ۾ نزاڪت ۽ نفاست، صناعت ۽ مھارت آهي، پر اهڙي سخن کي سگهڙپائي سڏبو، نہ شاعر.“

مترجم: منور ٻٽ